آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192007   ڀيرا پڙهيو ويو

”آب – ڪوثر“ تي ٻه اکر


 

اسلام جي آمد کان اڳ شعر گوئي جو رواج عرب قوم ۾ تمام عروج تي هوندو هو، قدرت واري انهن صحرا نشينن کي جيڪا فصاحت ۽ بلاغت ڏني هئي، انهيءَ فن ۾ دنيا جي ٻي ڪابه قوم انهن سان همسري جي دعويٰ نه ڪري سگهندي هئي. شعر چوڻ تي انهن کي ايڏو ته ملڪو حاصل هو جو جنهن به شيءِ جو خيال دل ۾ پيدا ٿيندو هو ان کي شعر جي مالها ۾ پروئي ڇڏڻ ۾ دير نه ڪندا هئا. ليڪن انهن جو موضوع پنهنجي قبيلي جي مدح و ثنا، دشمن جي هجو، حيوانن جا اوصاف، هٿيارن جي طاقت ۽ جنگ ۾ فوت ٿيندڙن جا مرثيا هوندو هو.

اسلام جي آمد کانپوءِ حضور انور عليہ الصلواة والسلام جن جي تبليغي اثر ۽ حسن تربيت جي ڪري انهن پنهنجي موضوع جي رخ کي موڙي الله تعاليٰ جي حمد ۽ هيڪڙائي، حضور انور عليہ الصلواة واالسلام جن جي مدح سرائي، اخلاقي ۽ شرعي هدايتن مطابق مهذب شعر چوڻ شروع ڪيا. انهن شاعرن جي فهرست ته تمام ڊگهي آهي. ليڪن جن ڀلارن جا نالا تمام نمايان نظر اچن ٿا. انهن ۾ حضرت ابوطالب، حضرت علي ڪرم الله وجهہ، حضرت حسان بن ثابت ۽ حضرت ڪعب بن زهير رضي الله عنهم شاعري ۾ وڏو مقام ماڻيو. حضرت ڪعب بن زهير رضي الله عنه جن جڏهن حضور ﷺ جن جي شان ۾ هي شعر چيو ته پاڻ سڳورن کين انعام ۾ پنهنجي چادر عطا فرمائي.

اِنَّ الۡرسُولَ لَنُورُ يُسۡتَضَاءُ بِہ

مُهَندُ مِّنۡ سُيُوۡفِ اللهِ مَسۡلُوۡلَ

(قصيده بانت سعاد)

حضور اڪرم عليہ الصلوات و السلام جن نور آهن، جن جي ذريعي حق ۽ هدايت جي روشني حاصل ڪئي وڃي ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ الله تعاليٰ جي تلوارن مان هڪ بي مياڻ تلوار آهن.

حضرت حسان بن ثابت حضور جن جي شان ۾ تمام گهڻا قصيدا چيا، پاڻ هڪ شعر ۾ فرمايو اٿن ته:

مَا اِنۡ مَدَحۡتُ مُحَمّداً بِّمَقالَتِيۡ

لٰکِنۡ مَدَحۡتُ مَقَالَتِي بِمُحَمَّدٍ

(ديوان حسان)

مون پنهنجي شاعري جي ذريعي انهيءَ همه صفت موصوف هستي جي واکاڻ نه ڪئي آهي. درحقيقت انهيءَ ساراهيل ذات جي ساراهه جي ڪري منهنجي شاعري کي اهو مان ۽ مرتبو مليو آهي.

عربي ٻوليءَ جي قصيدن ۾ جيڪا شهرت ۽ مقبوليت ”قصيده بُرده“ ماڻي آهي اها مقبوليت شايد ئي ڪنهن قصيدي ماڻي هجي. عربن قصيده گوئي ۾ اهو مرتبو ماڻيو ان ڳالهه جو ته انڪار نه آهي، ڇو ته عربي انهن جي مادري زبان هئي. مادري ٻوليءَ ۾ نظم ۽ نثر ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ انهن لاءِ وڏي ڳالهه نه چئبي، اگر غير عربي (عجمي)، عربي نظم ۾ ڪمال حاصل ڪري ته يقيناً اها وڏي ڳالهه چئبي. سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي جو هن ڀلاري ڀونءِ جي هَنج ۾ ڪيترائي اهڙا عالم پيدا ٿيا جن پنهنجي مادري ٻولي سنڌي هوندي به عربي ٻولي جي نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي عرب دنيا ۾ پنهنجي شهرت ماڻي. انهن عالمن ۾ حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمت الله عليہ جهڙيءَ ريت مادري سنڌي زبان جو ماهر هو، اهڙيءَ ريت عربي جو عظيم عالم ۽ فارسي جو فهيم فاضل به هو. مخدوم صاحب جي تصنيفات ۾ گهڻي تعداد ۾ عربي ڪتاب آهن، جن جو تعداد ”اتحاف الاڪابر“ جي ڪن خطي نسخن مطابق 107 عدد ڪتاب عربيءَ جا ۽ ڪن خطي نسخن مطابق 111 عدد ڪتاب عربي جا آهن. حضرت مخدوم صاحب جن کي جهڙي ريت عربي نثر لکڻ تي ڪامل دسترس حاصل هئي اهڙي ريت عربي نظم ۾ به ٻين عالمن کان اڳڀرا نظر اچن ٿا. پاڻ ڪائنات جي ڪارڻي حضور نبي عربي ڄام ﷺ جن جي شان مبارڪ ۾ اٺ قصيدا چيا آهن. جن کي اتحاف الاڪابر ۾ ”ثمانيه قصائد صغار“ جي نالي سان بيان ڪيو اٿن. انهن مان هڪ عربي قصيدو سنڌي بيتن جي تضمين سان ”قُوۡتُ الۡعَاشِقِيۡنَ“ جي ڇاپي نسخن ۾ موجود آهي. جنهن جو مطلع هن ريت آهي:

 

رسيم يا رسول رب جا اجها عاصين

سٻاجها سڀين پرين، مرڪڻ مرسلين

سونهارا سڀين پرين، سدا سونهن سڀن

سڳورا سڀ خلق جا، منجهه ٻنهي جهانن

اي سائين سهڻا سپرين ڀلا کان ڀلن

ڀلارا ڀلين ڀتين، ضامن ضعيفن

ڪوڏايل ڪريم جا، نرمل نور اکين

ريٻارا رحيم جا ڌوا ڏيهه ڌڻين

ٻاجهائيندڙ ٻهون پرين اتي عاصين

انهيءَ قصيدي جي سمورن بندن کي حضرت مخدوم امير احمد ”بَذلُ القُوَّة“ جي مهاڳ ۾ نقل ڪيو آهي. هن قيصدي جو آخري بند هن ريت آهي:

 

      حضرت مخدوم صاحب جن کي پاڪ پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جن سان ايڏي ته محبت هوندي هئي، جو سندن قلب کي قرارئي محبوب جي ماڳ، مڪان جي ذڪر ڪرڻ سان حاصل ٿيو ٿي. هميشه اها دل ۾ اڪير اٿس ته من قادر ڪرمَ ڪري منهنجي قبر پرين پيغمبر جي پيراندي ٿئي.

پنهونءَ پيراندي، مون نماڻيءَ نصيب ٿئي.

    (شاهه عبداللطيف)

تضمين ڪيل اصل سنڌيءَ ۾ جيڪو ميٺاج ۽ مزو آهي، ان کي ته اهل زبان ۽ اهل دل ئي پروڙي سگهن ٿا. تازو ”آب ڪوثر“ نالي سان مخدوم صاحب جي ٻن قصيدن جي منظوم شرح محترم غلام حسين ”مشتاق “ سچاروي صاحب لکي آهي. سچاروي صاحب جي لکيل شرح ڇا آهي؟ يعني ائين کڻي سمجهو ته دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو آهي. عربي منظوم کي سنڌي منظوم جي لڙي ۾ پروئڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. پر سچاروي صاحب اهو حق نهايت احسن طريقي سان ادا ڪيو اهي. ان کان علاوه هن منظوم سنڌي ۽ سرائڪي ترجمي سان گڏ عربي لفظن جي معنيٰ ۽ نثر ۾ سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ طرف حضور نبي عربي عليه الصلواة و السلام جن جي مداحن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي ته ٻئي طرف سنڌي ٻولي جي به عظيم خدمت ڪئي آهي. بهتر ته ائين ٿئي ها جو هو حضرت مخدوم صاحب جي اصلي سنڌي چيل تضمين کي پهرين لکي ۽ آخر ۾ پنهنجي چيل شعر ۽ شرح کي آڻي ها، ته اصل سنڌي کي پڙهڻ ۽ پسند ڪرڻ وارن لاءِ بهترين خدمت ثابت ٿئي ها. بهرحال سچاروي صاحب جي هي خدمت قابل صد تحسين آهي. الله تعاليٰ پنهنجي پياري حبيب عليہ الصلواة والسلام جي طفيل سچاروي صاحب جي هن خدمت کي قبول فرمائي. قبر ۽ حشر ۾ محمد ڪريم ﷺ جن جي ميڙي ۾ مرڪائي (آمين) بجاهه نبي الامين ﷺ وَ آلہ و اصحابہ اجمعين.

 

دعاگو

15 صفرالمظفر 1431هه                         حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري

مطابق                                                  خطيب جامع مسجد

31 جنوري 2010ع                                              پوليس لائين، سانگهڙ، سنڌ.