آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     192035   ڀيرا پڙهيو ويو

عرض حال


 

اَلۡحَمّدۡ لله رَبّ اۡلعَالمِيۡنَ وَالصَّلواة وَالسَّلَامُ عَلى سَيّدِ الاَنَبِياءِ وَاۡلمُرۡسَلِيۡنَ مُحّمد وّ عَلَيٰ آلِہٖ وَاَصۡحٰبِہ وَاُمّتِہ اَجۡمَعۡينَ. امابعد:-سنڌ جي جيد عالم ۽ قابل فخر فرزند حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ جن جو 1127 هجري ۾ لکيل منظوم ڪتاب ”قوةالعاشقين“ نظر مان گذريو. جنهن جي شروعات پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي شان ۾ لکيل عربي قصيدي ”اَغِثۡنِي يَارَسُول الله“ سان ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ 44 بند/اشعار موجود آهن. هرهڪ بند يا شعر حضور ﷺ جن سان بي پناهه محبت ۽ والهانا عشق و عقيدت جو ڀرپور اظهار آهي. انهيءَ عربي زبان ۾ لکيل قصيدي سان گڏ ان وقت جي رائج سنڌي ٻوليءَ ۾ الف اشباع جي قافيي تي بيتن جي صورت ۾ عشق و محبت جو داستان پڻ موجود آهي. جن کي مولودي حضرات برڪت ۽ ڀلاري وارين محفلن ۾ اڪثر پڙهندا رهن ٿا. هن ڪتاب ۾ عربي قصيدي کان علاوه حضور ﷺ جن جي 186 معجزن جو پڻ سنڌي بيتن جي صورت ۾ ذڪر ٿيل آهي. جيڪو مفتي عبدالرحمٰن صاحب ٺٽوي جي ڪوشش سان شايع ٿي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن جي مذڪوره عربي قصيدي پڙهڻ سان روح کي راحت نصيب ٿيڻ سان گڏ دل ۾ اها تمنا اڌما ڏئي اڀري آئي ته هن عربي قصيدي جو سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ منظوم ترجمي سان گڏ نثر  ۾ عربي لفظن جي معنيٰ ۽ سليس سمجھاڻي ڏئي عام انسانن جي هٿن تائين پهچائجي ته جيئن محبت جي هن بحر بي ڪنار مان اُهي به فيضياب ٿي سگهن.

خداوند ڪريم جي فضل و ڪرم سان مخدوم صاحب جن جي عربي زبان ۾ لکيل هن قصيدي تي ڪتاب لکي پورو ڪيم ته محترم مانواري مولانا عبدالرزاق مهراڻ سڪندري پاران مخدوم صاحب جن جو ٻيو عربي قصيدو ”قصيده هاشميه“ يَا سَالِکاً طُرُقَ الۡمَدِيۡنَة طَيۡبَة- بَلِّغۡ تَحِيّاَتِي اِلى سَاکِنِ الحرم (اي مديني منوره جي راهن جا راهي منهنجا سلام ۽ سنيها حضور پرنور ﷺ جن جي بارگاهه ۾ پيش ڪجانء) ملي ويو. جيڪو پڻ 30 اشعار تي مشتمل آهي. ساڳئي جذبي ۽ محبت سان هن عربي قصيدي تي به لکڻ شروع ڪيم جو هفتي کن اندر لکي پورو ڪيم. هنن ٻنهي قيصدن کي ”آب ڪوثر“ جي نالي سان موسوم ڪري عاشقان رسول ﷺ جن جي شوق مطالع جي تسڪين لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. شال خداوند ڪريم پنهنجي پياري حبيب ﷺ جن جي صدقي هن محبت ڀري ڪاوش کي قبول فرمائي، هن ۾ آبِ ڪوثر جي تاثير پيدا ڪري، اڃايل عاشقن جي روح کي راحت بخشي. هن کان اڳ مان اهڙي ڪوشش امام محمد بوصيري رحمت الله عليہ جن جي جڳ مشهور عربي قصيدي، ”قصيده برده“ جي شرح ”جام ڪوثر“ ۾ ڪري چڪو آهيان. جيڪو خداوند ڪريم جي فضل و ڪرم سان ڪافي مقبوليت ماڻي چڪو آهي.

سنڌ سڳوري ته محمد بن قاسم جي آمد وقت رسمي طور باب الاسلام سڏجڻ لڳي پر حقيقت ۾ هن کان گهڻو اڳ خود حضورﷺ جن جي فيض کان فيض ياب ٿي چڪي هئي. حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”بياض هاشمي“ ۾ لکن ٿا ته حضورﷺ جن پنهنجن پنجن اصحابي سڳورن جو وفد دين اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو هو، جيڪو نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) آيو ۽ دين اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ ۾ مشغول رهيو. ڪجهه عرصي بعد ان وفد مان ٻه اصحاب سڳورا واپس حجاز روانا ٿي ويا. مگر ٽي اصحابي سڳورا هتي ئي رهيا ۽ هتي ئي وفات ڪيائون. جن جون قبرون مبارڪ به حيدرآباد جي سڳوري زمين ۾ موجود آهن. هن مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ سڳوري کي پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي چاهت سان گڏ اصحابي سڳورن جي آمد جو شرف به نصيب آهي. حضرت محمد بن حنيفه ﷥ کان اها به روايت آهي ته حضور عليه الصلواة والسلام جن فرمايو ته مون وٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ آفريقا ۽ سنڌ جا وفد آيا، جن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. ان کان علاوه هي روايت به موجود آهي ته هڪ سنڌي ماڻهو نبي ڪريم عليہ الصلواة و السلام جن جو ٻڌي مڪي شريف پهتو. ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ بيت الله جو طواف ڪري رهيا هئا، جڏهن هي شخص ويجهو پهتو ته پاڻ ڪريمن ﷺ کين آڌرڀاءُ ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۾ فرمايو ته ”ادا اوري آ“. انهن روايتن جو سهارو وٺندي اهو چئي سگهجي ٿو ته رحمت للعالمين ﷺ جن جو سنڌ ۽ سنڌ وارن سان پيار جو ناتو رهيو آهي. تڏهن ته سنڌ جي سرزمين تي حضور عليہ الصلواة و السلام جن جي ذات گرامي سان محبت عشق ۽ ادب جو والهانو جذبو هميشه موجود رهيو آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي سپوت فرزندن دين اسلام جي اشاعت ۽ حبيب ﷺ جن سان محبت جو درس جاري رکيو آهي.

سنڌ ۾ تمام وڏا عالم فاضل ۽ اهل الله هستيون پيدا ٿيون، جن سنڌ هند حجاز ۽ عرب دنيا ۾ پنهنجي فيض جا واهڙ وهايا. جن مان علي متقي صاحب کنزالاعمال، ابومعشرَ نجَيع سنڌي جن جي سند سان ترمذي شريف ۾ ڪافي سندون موجود آهن. ابوالحسن ڪبير ٺٽوي صاحب صحاح ستہ جو حاشيه نگار، علامه رحمت الله سنڌي  جيڪو مشهور فقيہ ۽ محدث ملا علي قاري جو استاد آهي. ابو علي سنڌي جيڪو بايزيد بسطامي جو استاد آهي، علامه عبدالله پريالوي، مخدوم محمد حيات سنڌي مدينه منوره جو مشهور محدث، مسعود بن شيبہ ديبلي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم معين الدين ٺٽوي، مخدوم محمد عابد سيوستاني ۽ مخدوم عبدالواحد سيوستاني کان وٺي هلندڙ علماء فضلاء ۽ مشائخ جو هي سلسلو اڄ تائين جاري ساري آهي. هنن تمام بزرگن جو هن مختصر جائزي ۾ ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي.

حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ﷥ جن جي نسب جو سلسلو حضرت حارث بن مطلب سان ملي ٿو. ان لحاظ سان مخدوم صاحب جن عربي قريشي آهن. جيڪي اڳتي هلي سنڌ ۾ پنهور ذات سان مشهور ٿيا. سندن نسب جو سلسلو هن طرح آهي. مخدوم محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمٰن بن عبداللطيف بن عبدالرحمٰن بن خيرالدين حارثي. سندن خاندان جو اصل تعلق سيوهڻ جي علمي گهراڻي سان هو، جتان سندن والد محترم لڏي بٺوري شهر ۾ اچي آباد ٿيو، جتي سن 1104هجري ۾ هي علم جو آفتاب پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽ ورتائين. ان بعد ٺٽي ۾ مخدوم محمد سعيد جي مدرسي ۾ ڪجهه ڪتاب پڙهيائين ۽ حضرت مخدوم ضياء الدين ٺٽوي وٽان تحصيل علم جي سند ورتائون. ٺٽو شهر ان وقت عالمن ۽ مشائخن جو وڏو مرڪز هو جتي 400 کن وڏا مدرسا هئا، جن ۾ برک عالم قرآن، تفسير، حديث فقہ، اصول فقہ، صرف نحو، منطق فلسفو، تاريخ اسلام ۽ ان وقت جي رائج علوم و فنون ۾ اعليٰ تعليم ڏيندا هئا. هي مدرسا يونيورسٽيءَ جو درجو رکندا هئا. جن ۾ تعليم و تدريس سان گڏ تحقيق ۽ تصنيف جو ڪم به جاري رهندو هو. ٺٽي ۾ 1400مسجدون هيون جيڪي پنج وقت نماز سان گڏوگڏ مدرسي جو ڪم به ڏينديون هيون، جتي تعليم ۽ تدريس جو سلسلو هلندو رهندو هو. هي ڪلهوڙن جو سونهري دور هو جنهن ۾ سنڌ اندر علمي ادبي تعليمي تحقيقي چهچٽو عروج تي هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به ڪجهه وقت پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس ۾ تدريس جو سلسلو جاري رکڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ کان لڏي مستقل طور تي اچي ٺٽي شهر ۾ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. سندن علمي شهرت جي ڪري علم جي پياسن جو وڏو انگ سندن مدرسي ۾ تعليم وٺڻ لڳو. پاڻ عظيم مفتي يا قاضي القضاَّة جي حيثيت ۾ فتاوى جو ڪم به جاري رکندا رهيا. انهيءَ دوران مسجد خسرو ۾ خطابت جا فرائض به سرانجام ڏيندا رهيا. هنن سمورين  بي شمار مصروفيتن جي باوجود تحقيق ۽ تصنيف جو ڪم به هلندو رهيو. وقت بوقت منهن ڪڍندڙ فتنن ۽ شورشن سان به مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. مناظرن ۾ مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي کين شڪست سان همڪنار ڪندا رهيا. رات جو ذڪر و اذڪار ۽ مراقبي مجاهدي ۾ شب خيزي جو سلسلو به جاري رهيو، مخدوم صاحب 300 کن ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. سندن تصنيفات مان ڪجهه ڪتاب ڇپيا آهن. مگر افسوس جو سندن علمي ڪاوشن جو تصنيف شده وڏو ذخيرو، سندن نادر ڪتابن جي هڪ وڏي ڪتب خاني سميت مناسب سارسنڀال نه هئڻ سبب ضايع ٿي ويو آهي.

مخدوم صاحب هڪ وڏي عالم دين محقق مصنف ۽ مفتي اعظم هجڻ سان گڏ صاحب- دل اهل الله به هئا. سندن عقيدتمندن وٽ روايت مشهور آهي ته جڏهن پاڻ حج بيت الله تي ويا ته مدينه منوره ۾ روضي اطهر تي حاضر ٿي. پاڻ ڪريمن ﷺ جن جي حضور ۾ سلام ۽ درود پيش ڪيائون، جنهن ۾ کين ’وعليکم السلام يا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي‘ جو شرف حاصل ٿيو، جيڪو سندن عاشق رسول ﷺ ۽ زندهه دل ولي الله هجڻ جو چٽو ثبوت آهي. هيءَ به روايت ڪتابن ۾ آيل آهي ته هڪ ڀيري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي دوست مخدوم محمد معين الدين ٺٽويءَ وٽ ٺٽي شهر ۾ ساڻن گڏ ويٺل هو، ته ڪنهن مسئلي تي بحث ڪرڻ لاءِ مخدوم محمد هاشم به مخدوم معين وٽ آيو. جڏهن ڀٽائي رحمة الله عليهه جي نظر مخدوم محمد هاشم تي پئي ته ڀر ۾ ويٺل پنهنجي دوست مخدوم معين کي آهستي ڪن ۾ چيائين ته ”هن شخص (مخدوم محمد هاشم) جي پيشاني مان نور نبي ﷺ جن جي لاٽ ڏسي رهيو آهيان. هن سان بحث ۾ الجهڻ کان پاسو ڪجانءِ.“ مخدوم صاحب جي فتوائن جو ڏيهان ڏيهه چرچو هو. هڪ ماڻهو مخدوم صاحب جي شهرت ٻڌي هندستان کان ڪهي ٺٽي لڳ مڪلي تي پهتو، گهمندي ڦرندي ان هنڌ آيو جتي مخدوم صاحب جي قبر آهي. جتي کيس هڪ شخص مليو ۽ ان  ماڻهو کان ٺٽي اچڻ جي خبر پڇيائين، جنهن تي ان هندستان کان آيل ماڻهو ان شخص کي ٻڌايو ته مخدوم صاحب کان فتويٰ وٺڻ آيو آهيان، جنهن تي ان شخص سندس حقيقت ٻڌي هن کان قلم ڪاغذ وٺي کيس فتويٰ لکي ڏني. ان بعد اهو ماڻهو ٺٽي شهر ۾ مخدوم صاحب جي مدرسي پهتو. کيس خبر پئي ته مخدوم صاحب گذاري ويو آهي. پر سندس مدرسي ۾ سندس شاگرد موجود آهن، جن کي سڄو احوال ڪري اها لکيل فتويٰ ڏيکاريائين. شاگردن فتويٰ پڙهي مخدوم صاحب جا هٿ اکر سڃاتا ۽ تصديق ڪيائون ته اها فتويٰ مخدوم صاحب جي سندن هٿن مبارڪن سان لکيل آهي ۽ درست آهي. مخدوم صاحب جنهن حويلي ۾ بيمار هو. وفات به اتي ڪيائين ۽ کيس غسل جنازه به اتي ڏنو ويو. چون ٿا ته ان غسل واري هنڌ کان پنج ڇهه مهينا کن خوشبوءَ ايندي رهي.

مخدوم صاحب سن 1135 هجري مطابق 1723ع حرمين شريف جي زيارت تي ويا. جتي اتي جي مشهور عالمن حضرت شيخ عبدالقادر حنفي مڪي، شيخ عبد بن علي مصري ۽ شيخ ابوطاهر مدني جن وٽان علمي استفادو ڪري علم حديث ۾ سند حاصل ڪيائون. کين ديني علوم ۾ وڏي دسترس هئي. هو وڏا فقيہ وڏا مفسر وڏا محدث ۽ وڏا مبلغ مناظر ۽ مفتي هيا. مخدوم صاحب 1136 هجري ۾ سرزمين حجاز جي سعادت حاصل ڪرڻ کان جيئن وطن واپس وريا ته سڌو سورت بندر پهتا ۽ حضرت سعد الله جن جي خدمت ۾ پهچي کانئن قادري سلسلي ۾ بيعت ورتائون. اتي هڪ سال پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ رهي خلافت حاصل ڪري ٺٽي واپس آيا. ان کان علاوه نقشبندي، سهروردي چشتي ۽ ٻين سلسلن ۾ شيخ عبدالقادر مڪي کان فيض پرايائون. مخدوم صاحب ظاهري علوم جي درس و تدريس سان گڏ باطني فيض جا چشما پڻ جاري ڪندا رهيا. جنهن سان ڪيترائي ڀليل ڀٽڪيل انسان نه رڳو علم جي روشني سان منور ٿي ويا، پر روحاني فيض حاصل ڪري خدا جي برگزيده بندن ۾ شمار ٿي ويا. سندن شاگردن جو حلقو به تمام وسيع آهي جن مان مخدوم عبدالرحمان، مخدوم عبداللطيف (ٻئي سندس فرزند) مخدوم ابوالحسن صغير، حضرت شاهه فقير الله شڪارپوري جا نالا قابل ذڪر آهن. ظاهري ۽ باطني علمن جو هي آفتاب 6 رجب خميس جي رات سن 1174هجري ۾ 70 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني جهان  کي الوداع چئي جنت الفردوس روانو ٿيو. اِنّا لِله وَاِنۡا الَيۡہِ رَاجِعُونَ.

”خدا رحمت کند اين عاشقانِ پاک طينت را“

هن محبت ڀري ڪاوش ”آبِ ڪوثر“ ۾ منهنجي ڪوشش رهي آهي ته هر عربي شعر جو سنڌي ۽ سرائڪي زبانن اندر شاعري ۾ اهڙي طرح ترجمو ڪجي جيڪو عربي زبان جي لفظن مفهوم ۽ پيغام جي قريب ترين ترجماني ڪري سگهي. جيڪا علم عروض جي تقاضائن کي به پورو ڪري ۽ ٻولي آسان ۽ عام فهم هجڻ سان گڏ شعري رواني ۽ مٺاس به برقرار رهي. هي سڀ ذميواريون پوري طرح ادا ڪرڻ ڪافي مشڪل هجڻ جي باوجود محض الله تعاليٰ جي ڪرم نوازي ۽ حضور ﷺ جن جي فياضي سان آسان ٿي وڃن ٿيون. منهنجو ايمان آهي ته هر محبتي ثناگر ۽ ثناخوان سان نبي رحمت عالم ﷺ جن جي شفقت ۽ محبت جو اهو ساڳيو بي پناهه رشتو دائم قائم رهي ٿو. جيڪو حضرت حسان بن ثابت، حضرت ڪعب بن زهير رضي الله تعاليٰ عنہما ۽ امام بوصيري جهڙن ثنا خوانن سان رهيو آهي. هن منظوم ترجمي کان علاوه عربي زبان جي ڄاڻ نه رکندڙن جي آساني لاءِ هر شعر ۾ ڏنل نون عربي لفظن جي لفظي معنيٰ ڏيڻ بعد ان جو سليس ترجمو به ڪيو ويو آهي جيڪو عربي زبان ڄاڻندڙن لاءِ به مفيد ٿي سگهي ٿو. قصيدي کي عام فهم بنائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن هر پڙهندڙ عشق رسول ﷺ جي هن موجزن بي ڪنار بحر مان پنهنجي پنهنجي استطاعت آهر سرشار ٿي ايمان عقيدت ۽محبت جا انمول موتي ميڙي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون حاصل ڪري سگهن. پنهنجي ٻاجھاري رب رحيم کان اها دعا آهي ته شال منهنجي هن نماڻي ڪوشش کي پنهنجي بارگاهه ايزدي ۾ قبوليت جو شرف عطا ڪري حضور ﷺ جن جي ثنا گرن جي صف ۾ شمار ڪري دنيا ۽ آخرت جي آفتن ۽ عذابن کان نجات جو ذريعو بنائي. (آمين)

آخر ۾ مان سنڌ جي عظيم سپوت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ۽ حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جن جو به نهايت ٿورائتو آهيان. جن هن ڪتاب تي نظر وجهي پنهنجي قيمتي راءِ ۽ رهبري سان نوازيو آهي. مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي مانواري انتظاميه جو به دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان جن ”آب ڪوثر“ کي پنهنجي نامدار اداري پاران ڇاپرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ڏس ۾ اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ، سيڪريٽري تاج جويو ۽ فيض محمد سڪندري لکين لک مبارڪ باد جا مستحق آهن، جن سنڌي ادب ۽ زبان ۾ ”آب ڪوثر“ جو اضافو ڪري علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت سان گڏ اجردارين حاصل ڪيو آهي.

 

اَللّٰهُمَ زدۡ فزد درجَاتَهّم فِيۡ الدُنِيَا وَالۡآخِرَة

 

 

محتاج دعا

”مشتاق“ سچاروي