آبِ ڪوثر

ڪتاب جو نالو آبِ ڪوثر
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

16 October 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     191954   ڀيرا پڙهيو ويو

باسمه تعاليٰ


وڏي محبت واري مصنف غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي صاحب پنهنجي دلي محبت ۽ علمي محنت جو هي تحفو جناب رسول الله صلي الله عليہ واٰلہٖ وسلم جن جي عاشقن جي سڪ ۽ سعادت وڌائڻ لاءِ پيش ڪيو آهي. حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي آندل الاهي پيغام سان سارو جڳ روشن ٿيو، وحدانيت ۾ ايمان پختو ٿيو ۽ وهم و گمان جا بت ڀڳا. ان وقت جي وڏي عرب شاعر حسّان بن ثابت رضي الله تعاليٰ عنہ پنهنجي شاعري کي حضرت جن جي صفت ۽ ساراهه لاءِ وقف ڪيو. 7 صدي ۾ اهو شرف امام بوصيري (ابو عبدالله شرف الدين محمد) کي نصيب ٿيو. جنهن حضرت جن جي شان ۾ پنهنجو قصيدو (الّکّواکَبُ اَلدّريّہ في مَدْح خيّر البَريہ) منظوم ڪيو، جيڪو ”قصيدو برده“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ايران جي وڏي عارف شاعر حافظ شيرازي حضرت ﷺ جن لاءِ پنهنجي محبت جو اظهار وڏي ادب عقيدت سان ڪيو آهي:

هزار بار بشويم دهن ز مشک و گلاب

هنوز نام تو گفتن کمال بي ادبي است

هزار ڀيرا کڻي مشڪ ۽ گلاب سان پنهنجو وات ڌوئان ته به سندءِ نالو زبان تي آڻڻ وڏي بي ادبي آهي.

سنڌ ۾ حضرت ﷺ جن جا هزارين عاشق پيدا ٿيا جن سندن ولادت ۽ سوانح جي ساراهه ۾ ايترا ته موتي پوتا جو ان دلپذير ساراهه جو نالو ئي ”مولود“ شريف ٿي ويو. سنڌ جي وڏي عالم ۽ حضرت ﷺ جن جي عاشق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، امام بوصيري رحمت الله عليہ واري واٽ ورتي ۽ عربي ۾ اٺ قصيدا چيا جن کي ”ثمانية قصائد صغار“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هاڻي هن هلندڙ دور ۾ عاشق رسول ﷺ ”مشتاق سچاروي“ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي﷥ جن جي ٻن قصيدن جو سنڌي ۽ سرائڪي ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي ۽ ان کي ”آب ڪوثر“ جو نالو ڏنو آهي. هن صاحب، مخدوم صاحب جي هر عربي بيت جي سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ صحيح ترجماني ڪئي آهي. سندس پنهنجي لکڻ موجب هُن ”عربي زبان جي لفظن، مفهوم ۽ پيغام“ جي قريب ترين ترجمي جو حق ادا ڪيو آهي.

هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ صحيح ترجمو اهو مصنف ڪري سگهي ٿو، جيڪو ٻنهي ٻولين ۾ ايتري ڄاڻ رکندڙ هجي، جيئن هو اصل متن جي نه فقط لفظن بلڪ معنوي اشارن ڪناين کي به ترجمي واري صورت ۾ ادا ڪري سگهي. خوش قسمتيءَ سان سچاروي صاحب عربي توڙي سنڌي ۽ سرائڪيِءَ ۾ اها ڄاڻ رکي ٿو، جنهن ڪري سندس ڪيل ترجمو هر لحاظ سان معياري آهي. بيشڪ مصنف جي هي محنت هر لحاظ سان هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. پاڻ صحيح لکيو اٿس ته ”هي ڪم مشڪل هو پر الله تعاليٰ جي ڪرم نوازي ۽ حضور ﷺ جن جي فيض سان ئي آسان ٿي ويو.“ سچاروي صاحب عربي متن جي معياري ترجمي کان اڳتي به وک وڌائي آهي. يعني متن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڪلي طور تي واضح ڪرڻ لاءِ جيڪا سمجھاڻي لکي اٿس سا به تعريف جوڳي آهي.

 

 

 

علامه آءِ آءِ قاضي چيئر                                            خادم العلم

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد                            ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

14 صفر 1431 هه

مطابق 30 جنوري 2010ع