ڪتاب جو نالو | عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الطاف جوکيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-054-8 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 319745 ڀيرا پڙهيو ويو |
5. عربي - سنڌي آئيويٽا جي ترتيب واري مسئلي جو اڀياس
5.1. مسئلي جو بيان
عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب باضابطا طور تي انگريزي دؤر حڪومت: 1853ع ۾ اٺ رڪني ڪاميٽيءَ طرفان، سرڪاري طور تي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن آئيويٽا کي ايلس واري آئيويٽا جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ساڳي آئيويٽا جي اکرن ۾ مشن هائوس جي هارون لوهار چند سڌارا آڻي، چارٽن ذريعي عام ڪيو؛ جنـﮬـن سبب بارٽل فريئر ان آئيويٽا کي ’سڌاريل آئيويٽا‘ (Revised alphabet) ڪوٺيو.
ڪافي عالمن ان ايلس آئيويٽا جي اکرن ۽ ترتيب تي اعتراض رکيا ۽ انهن الڳ سان اکرن جون شڪليون ۽ ترتيبون رکيون؛ ڪافي غور ويچار ۽ مباحثن بعد 1853ع واري ترتيب کي بحال رکيو ويو؛ جنـﮬـن جو بنيادي انحصار مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي ترتيب تي هو.
1935ع ڌاري سنڌ جي عالمن ۽ استادن پاران عربي ’ابتث‘ آئيويٽا کي ذهن ۾ رکي، عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب تصورن جي بنياد تي، اکر جي هم شڪل ۽ ٽٻڪن- وار تيار ڪئي وئي، جيڪا پرائمري اسڪولن ۾ عام ڪئي وئي؛ اها ترتيب اڪثريت سان مقبوليت ماڻي ورتي.
1960ع ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ جو پهريون جلد ڇاپيو ويو، جنـﮬـن جو روح روان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هيو. بلوچ صاحب پاران 1935ع واري آئيويٽا کي نظر انداز ڪري، 1853ع واري ساڳي ترتيب ۾ صرف هڪ اکر ’پ‘ جي ڀر مان ’ڦ‘ کي هٽائي، ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر الانا صاحب جي ٻڌائڻ موجب ان ڦير گهير جو سبب ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ جي هم شڪلي ڏسيو ويو. ان حوالي سان سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:
جڏهن ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي هم شڪليءَ سبب ’پ‘ جي ڀر کان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو، ته پوءَ 1935ع واري سڄي ساري هم شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا کي ڇو رد ڪيو ويو؛ يا ان کي رد ڪرڻ جي ڪـﮬـڙي گهرج پيش آئي؟
1960ع واري ڊاڪٽر بلوچ آئيويٽا جي سرڪاري مقرريءَ بعد به ڪافي اسڪولن ۾ ڪونه پڙهائي وئي. 1980ع واري ڏهاڪي تائين ضلع نوشهري فيروز جي 90 سيڪڙو اسڪولن ۾ 1935ع واري ترتيب پڙهائيندا رهيا؛ اڄ سوڌو ڀريا ۽ موري تعلقي جي ڪافي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ اها هم- شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا پڙهائي ۽ رٽرائي ٿي وڃي. ان جو اهم سبب، ٻارن کي ياد ڪرائڻ توڻي لکرائڻ جي لحاظ کان آسان آهي.
ان کان علاوه اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ته ڪراچيءَ جي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ آسان سنڌيءَ جي حوالي سان ايلس واري آئيويٽا مروج آهي، جنـﮬـن ۾ ’پ‘ سان گڏ ’ڦ‘ جو اکر پڙهايو وڃي ٿو؛ ان جي سببن ۾ هو مخرج جو سبب ڄاڻائيندا آهن- يعني ڊاڪٽر بلوچ واري آئيويٽا کي درسي اسڪولن ۾ مڪمل تائيد حاصل نه ٿي سگهي آهي.
علمي توڻي ادبي لحاظ کان آئيويٽا جي ڪافي اهميت آهي، لغتن توڻي شاعريءَ جي ترتيب ۾ ان جو ادبي ڪارج نمايان آهي؛ ان لاءِ ان جي ترتيب کي اوتري ئي اهميت ڏيڻي پوندي.
موجوده آئيويٽا جي ترتيب ڪافي عالمن/ استادن لاءِ اڻ- وڻندڙ رهي آهي، جنـﮬـن لاءِ ان مسئلي جي اکيڙ ڪرڻ ۽ ڪنـﮬـن حل تائين رسڻ ضروري ٿي پيو آهي.
5.2. تحقيق جا سوال
لفظ آئيويٽا جي معنى ۽ مفـﮬـوم جي مرڪزي لفظ ’ترتيب‘ مان ڇا مراد آهي ؟
1853ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب جو بنياد ڪـﮬـڙو رکيو ويو هو؟
1853ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا کي 1935ع واري هم شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪـﮬـڙ ي گهرج پيش آئي؟
1935ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا کي 1960ع واري آئيويٽا ۾ مٽائڻ جي ڪـﮬـڙي گهرج پيش آئي؟
1960ع واري آئيويٽا بيـﮬـارڻ جو ڪـﮬــڙو بنياد رکيو ويو؟
ڇا موجوده آئيويٽا جي ترتيب عالمن يا علم دوست ماڻهن ۾ ڪا مقبوليت ماڻي چڪي آهي؟
عربي- سنڌي آئيويٽا جي ماخذ، عر بي آئيويٽا ڪن اصولن تي مبني آهي؟
ڇا علم توڻي ادب ۾، آئيويٽا جو ڪو ڪارج آهي؟
ڇا سنڌي ٻوليءَ جي لغتن يا شاعريءَ ۾ ڪم ايندڙ آئيويٽا جي ترتيبن ۾ ڪي اختلاف آهن؟
ڇا عربي- سنڌي آئيويٽا ڪنـﮬــن اصول تي ترتيب ڏئي سگهجي ٿي؟
5.3. طريقه ڪار
عربي- سنڌي آئيويٽا سان گڏوگڏ هن خطي جي اهم ٻولين جي آئيويٽائن جو تقابلي اڀياس ڪندي، آئيويٽا جي مونجهاري بابت عالمن جا رايا سامهون رکيا ويندا، ۽ ضروري وضاحتن بعد وضاحت طلب نڪتن جي صورت ۾ نچوڙ ڪڍيو ويندو ۽ مونجهاري بابت ڪي اصولي تجويزون رکيون وينديون؛ آخر ۾ ان پوري اڀياس جو اختصار رکيو ويندو.
ان مسئلي کي ڏسڻ يا جاچڻ لاءِ ترتيبن جي هيٺين اصولن ذريعي عربي- سنڌي آئيويٽا جي ڇنڊڇاڻ (analysis) ڪئي ويندي.
مخرجي ترتيب/ گروهي ترتيب
هم شڪل ۽ ٽٻڪن وار ترتيب
5.3.1. آئيويٽا جي ترتيب بابت عالمن جا خيال ۽ رايا
26 جولاءِ، 1995ع تي اربع ڏينـﮬـن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪاميٽي روم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمن ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جي صدارت ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽيءَ پاران، جنـﮬـن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مانوارو محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پروفيسر شيخ محمد فاضل، منـﮬـنجو رهبر: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين، منـﮬـنجو محسِن: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، امداد حسيني صاحب شامل هئا، يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته هن بعد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف- بي سٽاءَ اها ئي مستند ۽ قابل عمل رهندي جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ٿيل ’جامع سنڌي لغات‘ (زير نگراني: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) ۾ استعمال ٿيل آهي، جيڪا هيٺين ريت آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ
ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض
ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ
ل م ن ڻ و هه ء ي.
(امين، 1995- 1996: 111)
عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب جو مسئلو به پنـﮬـنجي جڳـﮬـه تي آشڪار رهيو آهي، ان بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب پنـﮬـنجي ڪتاب ’ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مان سنڌي عالمن ۽ تعليمدانن جو ڌيان سنڌي ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏسبو ته الف- بي جو سلسلو هڪ جـﮬـڙو نه آهي. ساڳي ڳالهه سنڌي شبد ڪوش سان به لاڳو آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف- بي جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنـﮬـن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. عربي فارسي الف- بي ۾ حرفن جو سلسلو ساڳي ’صورت‘ وارن حرفن جي آڌار تي مقرر ڪيل آهي، جيڪو ڌوني وگيان جي اصولن مطابق نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب انهن اصولن مطابق آهي. سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن مسئلن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن.“ (جيٽلي، 1999: 195)
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي راءِ مان اها ڳالهه ضرور واضح ٿئي ٿي ته موجوده عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب پريشان ڪندڙ آهي؛ جڏهن ته عربي ۽ فارسي لاءِ ڄاڻايو اٿس ته اهي ’صورت‘ آڌار ترتيب ڏنل آهن، ڌوني وگيان (علم صوتيات) پٽاندر ناهي‘. اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب عربي آئيويٽا جي مختلف آئيويٽائن تي غور ڪونه ڪيو هوندو، جيڪي پڻ مختلف خيال کان ترتيب ڏنل آهن.
1960ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ذريعي موجوده آئيويٽا جي پٽي بيـﮬـاري عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جنـﮬـن کي سرڪاري پٺڀرائي پڻ حاصل ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل ترتيب موجب: ساڳي ايلس واري آئيويٽا ۾ صرف هڪ اکر جي ڦير ڦار ڪيل آهي.
ايلس کان وٺي ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب تائين، ٿيندڙ سفر بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته: ”موجوده عربي- سنڌي آئيويٽا/ پٽي (ايلس واري) چارٽ ۾ ڏجي ٿي، جيڪا اڳتي هلي جدا جدا ڪتابن ۾ اکرن جي ڦير گهير سان ترتيب ۾ مٽبي رهي آهي:
1853ع واري ايلس آئيويٽا: ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
1935ع ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ جيڪا ڦير گهير ڪئي وئي،تنـﮬـن کانپوءِ پٽيءَ جي صورت هن ريت وڃي بيٺي:
1935ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا: ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ گ ڳ ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش و ق ص ض ڻ ط ظ هه جهه گهه ڪ ء.
سال 1960ع ۾ .... ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو؛ انلاءِ هي دليل ڏنو ويو ته ف ۽ ڦ جي شڪل هڪجـﮬـڙي آهي، .... اها هن ريت آهي:
1960ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا: ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .“
ڊاڪٽر الانا صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”هن پٽيءَ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياتي نظام کان واقف نه هئا … انهيءَ ڪري ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هڪجـﮬـڙائي ڪانهي. ....“ (الانا، 2005: 209-211)
ڊاڪٽر الانا صاحب 1960ع جي ترتيب تي جيڪا نظر ڌري آهي، سا صوتياتي نظام تي مبني آهي، جنـﮬـن تحت ڄاڻايو اٿن ته: ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ ۾ ڪا به ويجهڙائپ ڪانهي، بلڪه ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ جي وچ ۾ ويجهڙائپ آهي؛ ان خيال آڌار ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر ۾ ئي رهڻ ڏنو ويو هجي ها! ياد رهي ته: ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ کي 1853ع واري ايلس آئيويٽا ۾ هڪٻئي ساڻ رکيو ويو هو.
پروفيسر عبدالڪريم لغاري، ’ڪاڪي ڀيرومل جو آئيويٽا جي ترتيب تي اعتراض‘ ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”مسٽر ڀيرومل جو ٻيو اعتراض، سنڌي الف- بي جي حرفن جي ترتيب تي آهي. (1) (فوٽ نوٽ: ان ئي اصول تحت ڦ کي ف جي ڀرسان رکيو ويو آهي.) حقيقت هيءَ آهي ته عربي الف- بي جا حرف ٿوري مشابـﮬـت جي لحاظ کان ترتيب ڏنل آهن ۽ سنڌي الف- بي جيئن ته عربي الف- بي تان ئي ٺـﮬـيل آهي، ان ڪري ساڳئي عربي الف- بي واري اصول کي سنڌي الف- بي لاءِ به اختيار ڪيو ويو آهي. سنڌي الف- بي جي ترتيب ۾ ڪنـﮬـن به مونجهاري يا رولي جو باعث نه ٿي بڻجي. اها ترتيب سرڪاري طرح سان اوائلي ٻاراڻن ڪتابن ۾ هن ريت هئي:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ گ ڳ ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ
ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش و ق ص ض ڻ ط ظ
هه جهه گهه ڪ ء .“ (لغاري، 1976: 95)
پروفيسر لغاري صاحب جـﮬـڙوڪر ڀيرومل جي جواب ۾ ان ڳالهه جي دلالت پيو ڪري ته سنڌي آئيويٽا، اکرن جي مشابـﮬـت (هم شڪلي) جي لحاظ کان ترتيب ڏنل آهي؛ جنـﮬـن جي شاهديءَ ۾ 1960ع واري ترتيب جو مثال ڏيندي فوٽ نوٽ ۾ اهو ڄاڻايو ته ’ان ئي اصول تحت ڦ کي ف جي ڀرسان رکيو ويو آهي.‘
ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين صاحبه پڻ موجوده آئيويٽا تي پنـﮬـنجي راءِ رکي آهي، محترمه لکي ٿي ته: ”ٻوليءَ جي حروف تـﮬـجيءَ جي ترتيب (order) کي هڪ مسئلو بنايو ويو آهي. سنڌيءَ جي عربي لکت جنـﮬـن وقت انگريزن طرفان مقرر ڪئي وئي ته ان جي هڪ سرڪاري ترتيب به مقرر ٿي هئي. ان کان اڳ به ترتيب جا مختلف نمونا رائج هئا، جيئن ابوالحسن جي سنڌي هئي. ان کان پوءِ انگريزن واري مقرر ترتيب موجب سمورا ٻاراڻا ڪتاب ۽ ڊڪشنريون ڇاپيون وينديون هيون. پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ اها ئي ترتيب آهي. ان ترتيب موجب ٻارن کي اکر سيکارڻ ۾ سـﮬـوليت خاطر الف کان پوءِ ب ۽ پوءِ نقطن جي تعداد موجب حرفن کي رکيو ويو هو، جنـﮬـن ۾ پ کي ٻ کان پوءِ رکيل هو، ڪجهه وقت کان پوءِ اها ترتيب بدلائي وئي ۽ ’ٻ‘ کان پوءِ ’ڀ کي رکيو ويو، جواز اهو ڏنو ويو ته هر اوسرگ آواز پٺيان وسرڳ آواز رکيا ويا آهن، پر اهو اصول ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ سان لاڳو ڪونه ڪيو ويو، ڇوته ’ڦ‘ جي شڪل صورت ’ف‘ سان ملندڙ هئي، ان ڪري اتي رکڻ وڌيڪ مناسب سمجهي وئي، ان صورت ۾ موجوده ترتيب نه صوتيات جي لحاظ کان درست آهي ۽ نه وري نقطن جي ترتيب سان. اهڙي قسم جون تبديليون اختيار وارين حيثيتن تي رهندڙ فرد انفرادي طور تي ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته اهڙا ڪم ماهرن تي مشتمل ڪميٽين يا پئنلن کي ڪرڻ گهرجن.“ (فـﮬـميده، 2012: 137- 138)
مختلف وقتن ۾ مختلف آئيويٽائن بابت ڊاڪٽر صاحبه جو خيال انتـﮬـائي منجهائيندڙ ۽ غير محققانه آهي. هن جو خيال آهي ته ’پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ انگريزن واري ترتيب هئي‘ ۽ ’ان ترتيب موجب ٻارن کي اکر سيکارڻ ۾ سـﮬـوليت خاطر الف کان پوءِ ب ۽ پوءِ نقطن جي تعداد موجب حرفن کي رکيو ويو هو، جنـﮬـن ۾ پ کي ٻ کان پوءِ رکيل هو، ڪجهه وقت کان پوءِ اها ترتيب بدلائي وئي ۽ ’ٻ‘ کان پوءِ ’ڀ کي رکيو ويو‘. منـﮬـنجي ذاتي تحقيقي اڀياس موجب انگريزن واري ترتيب ۾ ’ٻ‘ کان پوءِ ’ڀ‘ کي رکيو ويو هو، اهو انداز اڳ جو آهي، پوءِ جو ناهي! پوءِ ته ساڳيو اندز ۽ ساڳي آئيويٽا، هڪ اکر سواءِ، ڊاڪٽر بلوچ موٽائي هئي. پرمانند ميوارام جي ڪنـﮬـن به لغت ۾ ’ٻ‘ کان پوءِ ’پ‘ واري ترتيب ڪانهي؛ نه رڳو ايترو پر سنڌي ٻوليءَ جي ڪنـﮬـن به لغت ۾ ’ٻ‘ کان پوءِ ’پ‘ واري ترتيب ڪونه ٿي ملي. ميڊم صاحبه جي ڪيل ڳالهه ٻُڌ تي مبني آهي. ’ٻ‘ کان پوءِ ’پ‘ جي هجڻ واري ترتيب 1935ع ڌاري اختيار ڪئي وئي هئي، جيڪا 1960ع ڌاري ڊاڪٽر بلوچ پاران مٽائي، ساڳي انگريزن واري آئيويٽا مان صرف هڪ اکر ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي هم شڪلي ڄاڻائي مٽيو ويو، جيڪا بيشڪ انفرادي ۽ مخصوص ماڻهن جي راءِ جي حيثيت رکي ٿي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اهڙي راءِ تي ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين صاحبه لکي ٿي ته: ”.... بـﮬـرحال سندس اهڙي ساڳي ڪوشش الف ب جي ترتيب (order) کي بدلائڻ واري به تنقيد هيٺ آئي. فائنل پاس اڳوڻا سنڌي پرائمري استاد موجوده ترتيب کي ناقص قرار ڏين ٿا ۽ تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو. اهڙا وڏا فيصلا (major decisions) ڪا ماهرن جي ٽيم ڪري ته شايد اهڙي تنقيد کان بچي سگهجي ٿو.“ (فـﮬـميده، 2012: 119)
حقيقت اها به آهي ته لغت ڪاميٽيءَ ۾، ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ پراڻا استاد به گڏ هئا، گهڻو امڪان آهي ته انهن جي راءِ به شامل ٿي هوندي. ان کان علاوه 26 جولاءِ، 1995ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪاميٽي روم ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي چيئرمن ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جي صدارت ۾ عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ پاران موجوده آئيويٽا کي معياري قرار ڏنو ويو. ته پوءِ وري به اهي ئي سوال اڀرن ٿا ته: ڇا اها ڪاميٽي ماهرن تي مشتمل نه هئي؟ يا هن بعد، اڳتي لاءِ ماهرن جي ڪاميٽي ڪير ٺاهيندو؟ ماهرن جي چونڊ جو معيار ڪـﮬـڙو هوندو؟ حقيقت ۾ اهڙن معاملن جي اڀياس خاطر لاڳاپيل عالمن ۽ استادن تي مشتمل سيمينار ٿيڻ کپن ۽ پوءِ سيمينار جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ ڪوڪم ٿيڻ کپي. ٻي صورت ۾ علمي اڀياس جي حيثيت به ڪاميٽيءَ کان گهٽ ڪونه هوندي آهي.
ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين صاحبه اڳتي لکي ٿي ته: ”انگريزن واري ترتيب جنـﮬـن ۾ وسرڳ آواز اوسرگ آوازن کان پوءِ رکيل هئا ۽ اکرن جي ترتيب مخرجن جي حوالي سان ڪيل هئي.
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
ان کان سواءِ هيءَ ترتيب به رهي آهي، جنـﮬـن ۾ پ کي ٻ کان پوءِ رکيو ويو ۽ ان جي وسرگ آواز ڦ کي ف ۽ ق جي وچ ۾ رکيو ويو:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
جنـﮬـن کي اسي واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران هيءَ ترتيب ڏني وئي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
تازو ڇپيل جامع سنڌي لغات ۾ اها ئي ترتيب آهي. هاڻي جڏهن پراڻين ڊڪشنرين تي نظر وجهون ٿا ته انهن جي ترتيب مختلف آهي ۽ موجوده دور ۾ اها ٻي آهي، ان سان شاگردن کي مونجهارو ٿي سگهي ٿو.“ (فـﮬـميده، 2012: 138)
ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين صاحبه انگريزن واري ترتيب لاءِ لکي ٿي ته ’وسرڳ آواز اوسرگ آوازن کان پوءِ رکيل هئا ۽ اکرن جي ترتيب مخرجن جي حوالي سان ڪيل هئي‘؛ ڳالهه ڪنـﮬـن حد تي ٺيڪ به آهي، ليڪن اصولي طو ر تي ڪيل ڪم مان اهڙي پڪ ٿئي ڪونه ٿي! آئيويٽا ۾ ٻٽا اکر(Digraph) ’جهه ۽ گهه‘ نرالا وسرڳ آهن، اهي ئي پنـﮬـنجن اوسرڳن سان رکيل ڪونهن. اهڙي وائڙائپ ٻين هنڌن به نڪري سگهي ٿي. ’ف‘ ۽ ’و‘ مخرج جي لحاظ کان قريب آواز آهن، سي ئي ڇڳا پيا آهن. ان بنياد تي اهو چوَڻ ئي بيجا آهي ته ’وسرڳ آواز اوسرگ آوازن کان پوءِ رکيل هئا ۽ اکرن جي ترتيب مخرجن جي حوالي سان ڪيل هئي‘. اصل حقيقت ڏانـﮬـن اڃا به خيال نه ٿو وڃي.
ڊاڪٽر صاحبه جي ڄاڻايل وچين آئيويٽا جنـﮬـن ۾ ’ٻ‘ کان پوءِ ’پ‘ رکيل آهي، سا خود ساخته آهي، منـﮬـنجي ذاتي اڀياس موجب ڪٿي به ڪنـﮬـن اهڙي آئيويٽا ڪونه ڄاڻائي آهي. ساڳي بلوچ آئيويٽا ۾ صرف ’پ‘ کي هڪڙي هنڌان هٽائي ’ٻ‘ کان پوءِ رکيو ويو آهي. ٻيو ته بلوچ آئيويٽا 1960ع ۾ جامع سنڌي لغات جي جلد پـﮬـرئين جي سرورق تي ڏني وئي هئي ۽ ان جي سرڪاري پٺڀرائي پڻ ڪئي وئي. اسي واري ڏهاڪي واري ڳالهه بي تڪي آهي.
محترم آفتاب ابڙي به موجوده ’ف‘ ۽ ’ڦ جي ڀر ۾ هجڻ ۽ ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ جي قرابت تي راءِ رکي آهي ته: ”مڪاني ڪاميٽيءَ ’ف‘ کان پوءِ ’ڦ‘ رکي. يعني اهو ’ف‘ جو وسرڳ ٺـﮬـرايو ويو، جيڪو هڪ ٻيو غير منطقي فيصلو هو، جڏهن ته ’ڦ‘ وسرڳ آهي ’پ‘ جو.“ (ابڙو، 2010: 51- 92)
ڪـﮬـڙي مڪاني ڪاميٽيءَ ’ف‘ کي ’ڦ‘ جي ڀر ۾ رکيو ۽ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جو وسرڳ قرار ڏنو؟ هڪ اجايو وڌاءُ ۽ هٿرادو ڳالهه بڻائي وئي آهي. ڪنـﮬـن به عالم اهڙي راءِ نه رکي آهي ته مڪاني ڪاميٽيءَ يا بلوچ صاحب ’ڦ‘ کي ’ف‘ جو وسرڳ قرار ڏنو! علمي حوالي سان اهڙي راءِ گمراه ڪندڙ آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ ٻين عالمن جي ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ جي قريب هجڻ واري راءِ تي ۽ پروفيسر لغاريءَ واري دلالت تي ٻه- ٽي سوال اڀرن ٿا ته:
هڪ ته: ڇا 1853ع واري آئيويٽا (جي ترتيب) مخرج جي بنياد تي رکيل هئي، جنـﮬـن سبب الانا صاحب صوتياتي نظام کي نظر ۾ رکي راءِ جوڙي؟
ٻيو ته: ڇا ائين ته ناهي جو، 1960ع واري ترتيب بيـﮬـارڻ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکڻ وقت ڊاڪٽر بلوچ جي خيال ۾ عربي ’ابتث‘ يا 1935ع واري هم شڪلي ۽ ٽٻڪن وار آئيويٽا آڏو رهي هجي؟
جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ جي نظر ۾ اکر جي هم- شڪلي سامهـون هئي ته 1935ع واري آئيويٽا کي تقويت ڇو نه ملي؟ ڇا ان ۾ ڪي ڪوتاهيون هيون، يا اها ڪن ماهرن جي جڙيل ڪونه هئي، يا ان کي جوڙڻ وارا ڪي کاٻي ڌر يا مذهب جا ماڻهون ته ڪونه هيا؟
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترتيب بابت اهڙا سوال ۽ مسئلا رهيا آهن، جنـﮬـن تي ڪافي عالمن ۽ استادن اعتراض ورتا، نتيجا بند ڪمرن ۾ حل ڪرڻ سبب، حالت اها آهي جو ڪافي علائقن ۾ اڄ به 1935ع واري (ابتث واري انداز سان ترتيبيل) شڪل ۽ ٽٻڪن-وار پٽي پڙهائي وڃي ٿي. منـﮬـنجي ذاتي جائزي موجب ساهتي پرڳڻي جي ڪافي ٻـﮬـراڙيءَ جي اسڪولن (خاص طور ڀريا ۽ موري تعلقي) ۾ اڄ به اها ترتيب پڙهائي وڃي ٿي، ان جا ڪـﮬـڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ سڀ ڪجهه آڏو آهي! چوڻ جو مقصد ته سرڪاري مقرريءَ باوجود به استاد 1960ع واري بي تُڪي ترتيب پڙهائڻ کي پسند ڪونه ٿا ڪن.
1920ع ڌاري مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ ايلس واري پٽيِءَ/ آئيويٽا جي ورڇ ۽ ترتيب تي پنـﮬـنجي ڪتاب ’سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ تنقيد ڪندي ديوناگري مخرجي آئيويٽا سان ڀيٽي ترتيب ڏني آهي. (قليچ، 2006: 165)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ساڳئي نموني سنڌي آوازي سرشتي جي 41 اکرن کي ديوناگري ترتيب جيان بيـﮬـاريو آهي. (جيٽلي، 2006: 128- 132)
محترم واحد بخش شيخ صاحب 52 سنڌي اکريءَ جي ورڇ ڪندي، عربي شمسي- قمري آئيويٽا جيان، مخرج موجب ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. (شيخ، 1986: 12- 13) حالانڪ اها ورڇ موجوده حالتن مطابق اڻوڻندڙ ليکي وئي آهي، ليڪن هن بزرگ جيڪا پنـﮬـنجي سوچ ۽ عربي انداز سان مخرجي ورڇ ڪئي آهي، سا ساراهڻ جوڳي آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب عربي- سنڌي آئيويٽا جي 1853ع، 1935ع ۽ 1960ع واري گاڏڙ ترتيب، ٻاراڻن ڪتابن ۾ هجڻ جو ذڪر ڪندي، ڏني آهي. (جيٽلي- 1999: 56)
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گهه ڳ ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
ڄاڻايل ترتيب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جي خود ساخته آهي، جيڪا سندس خيال موجب ٻاراڻن ڪتابن ۾، عام رواجي ترتيب آهي؛ سندس ڄاڻايل ترتيب ۾ گهڻو وزن 1935ع واري ترتيب جو آهي.
1935ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب ٻار لاءِ ٻوليءَ جي مقرره مـﮬـارتن مان: پڙهڻ ۽ لکڻ موجب توڻي تصوراتي طور تي ياد ڪرڻ تمام آسان ۽ موزون هئي. پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب پنـﮬـنجي ڪتاب ۾ ’ٻولين جي لکڻ جو طريقو‘ واري باب ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو 1935ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب جو ديوناگري آئيويٽا جي ترتيب سان پيش ڪيل تقابلي جائزو پيش ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”ديوناگريءَ ۾ نڙي، چپن، تارون، ڏندن مان نڪرندڙ آواز ترتيب سان بيـﮬـاريل آهن، ائين چوڻ ٺيڪ ناهي ته ائين اچارن سکڻ ۾ سـﮬـوليت ٿئي ٿي. سنڌيءَ جا اکر انهن کان بـﮬـتر طريقي موجب بيـﮬـاريل آهن، جيڪي نظر طريقي (Sight Method) موجب آهن؛ مثلاً: ب، ٻ، پ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ- د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ- ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ وغيره. ان ڪري ٻارن کي لکاوٽ سکڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي.“ (جتوئي، 1996: 192)
پروفيسر سيد محمد سليم خط نستعليق موجب عربي- اردو آئيويٽا جي ترتيب تي تنقيد ڪندي عربي جي ترتيب لاءِ لکي ٿو ته: ”حروف کی ترتیب بھی اصلاح کی طالب ہے۔ ابتدا میں حروف کی ترتیب آرامی طریقہ پر ابجد کے مطابق تھی۔ ا ب ج د ، ہ و ز، ح ط ی، ک ل م ن، س ع ف ص، ق ر ش ت، ث خ ذ، ض ظ غ۔
اس ترتیب میں نہ آواز کا خیال رکھا گیا اور نہ شکلوں کا خیال رکھا گیا تھا۔ صوتی یا صورتی کوئی مناسبت اس ترتیب میں نظر نہیں آتی۔ طالب علموں کو اس ترتیب کے یاد کرنے میں سخت دشواری تھی۔ نحو اور لغت کے امام خلیل بن احمد فراہیدی نے سب سے پہلے اس بے ترتیبی کو محسوس کیا۔ اس کی جدّت پسند طبیعت نے ایک نئی ترتیب پیش کی۔ اس نے حروف کو حلق کے مخارج کے اعتبار سے درجہ بدرجہ ترتیب میں رکھا۔ یہ ترتیب حلقی تھی۔ ع ح ہ، خ غ، ق، ک ج ش ض، ص س ز، ط د ت، ظ ذ ث، ر ل ن ف، ب م ء ی و۔ بلا شبہ لسانیات کے محققین کے نزیک خلیل کا یہ کارنامہ بڑا قابل قدر ہے، لیکن طلبہ کے نقطۂ نظر سے دشواریاں بدستور باقی رہیں۔ یاد کرنے میں اب بھی سہولت پیدا نہیں ہوئی۔
عربی خط کے عظیم فن کار ابن مقلہ (۳۱۰ ھ/۹۲۳ٴ) نے طلبہ کی دشواری کو محسوس کیا اور پھر اس کا حل نکالا۔ اس نے ہم شکل حروف کو ایک جگہ جمع کرکے ایک نئی ترتیب ابتث کہلاتی ہے۔ ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق، ک ل م ن، و ہ ء ی۔ جس طرح ابن مقلہ کے اختراع کردہ خط نسخ نے خطِ کوفی کو منسوخ کردیا۔ اسی طرح اس کی جاری کردہ ترتیب نے ترتیب ابجدی اور ترتیب حلقی کو منسوخ کردیا۔“ (سلیم، ۱۹۸۱: ۹۱ سے ۹۲)
(حرفن جي ترتيب ۾ اصلاح جي گهرج آهي. ابتدا ۾ حرفن جي ترتيب آرامي طريقي سان ابجد موجب هئي: ’ابجد، هوز، حطي، ڪلمن، سعفص، قرشت، ثخذ، ضظغ‘. هن ترتيب ۾ نه ته آواز جو خيال رکيو ويو ۽ نه وري شڪلين جو خيال رکيو ويو. صوتي يا صورتي ڪابه مناسبت هن ترتيب ۾ نظر نه ٿي اچي. شاگردن کي ان ترتيب کي ياد ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. ان سلسلي ۾ نحو ۽ لغت جي امام خليل بن احمد فراهيدي (780ع) سڀ کان پـﮬـريائين بي ترتيبي محسوس ڪئي، انجي جدت پسند طبيعت هڪ نئين ترتيب پيش ڪئي. ان حرفن کي حلق جي مخرج مطابق درجي بدرجي ترتيب ڪيو: ع ح هه، خ غ ق، ڪ ج ش ض، ص س ز، ط د ت، ظ ذ ث، ر ل ن ف، ب م ء ي و. اها ترتيب حلقي هئي. بيشڪ لسانيات جي محققن آڏو اهو وڏو ڪارنامو قدر جي لائق هو. ليڪن شاگردن جي نقطهء نظر کان مشڪلاتون ساڳيون رهيون، ياد ڪرڻ ۾ وري به ڪا سـﮬـوليت ڪانه ٿي. عربي خط جو عظيم فنڪار ابن ِمقله (923ع) شاگردن جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي هم شڪل حرفن کي يڪجاءِ ڪري هڪ نئين ترتيب پيش ڪئي جيڪا ’ابتث‘ چورائي ٿي. اها هي آهي: ا، ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق، ڪ ل م ن، و هه ء ي. جـﮬـڙيءَ طرح ابن مقله جي گهڙيل خطِ نسخ، خطِ ڪوفيءَ کي منسوخ ڪيو، اهڙيءَ طرح انجي جاري ڪيل ترتيب، ابجدي ۽ حلقي ترتيب کي منسوخ ڪري ڇڏيو.)
5.3.2. عالمن جي راين جو نچوڙ
• 26 جولاءِ، 1995ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪاميٽي روم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمن ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جي صدارت ۾ عالمن جي هڪ ڪميٽيءَ پاران- جنـﮬـن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مانوارو محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پروفيسر شيخ محمد فاضل، منـﮬـنجو رهبر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين، منـﮬـنجو محسن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، محترم امداد حسيني صاحب شامل هئا- يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته ’هن بعد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف- بي سٽاءَ اها ئي مستند ۽ قابل عمل رهندي جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ٿيل ’جامع سنڌي لغات‘ (زير نگراني: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) ۾ استعمال ٿيل آهي.
جيڪي عالم آئيويٽا جي ترتيب لاءِ ڪا راءِ رکن ٿا تن کي هيٺينءَ ريت ڄاڻائجي ٿو:
• مرزا قليچ بيگ چواڻي: هيءَ الف- بي عربي ٻوليءَ جي الف- بي تان ٺـﮬـيل آهي .... ان جا اکر يا آواز ڪنـﮬـن اصول تي ٺـﮬـرايا نه ويا آهن، رڳو ڌُڪي تي وقت ٽپائڻ لاءِ ٺـﮬـرايا ويا آهن .... سنسڪرت ۾، يا سنسڪرت مان نڪتل ٻولين ۾ وات مان نڪرڻ وارين جاين وارا اکر يا آواز سڀ گڏ ڏنل آهن.
• پوپٽي هيراننداڻيءَ چواڻي: ديوناگريءَ ۾ نڙي، چپن، تارون، ڏندن مان نڪرندڙ آواز ترتيب سان بيـﮬـاريل آهن، ائين چوڻ ٺيڪ ناهي ته ائين اچارن سکڻ ۾ سـﮬـوليت ٿئي ٿي. سنڌيءَ جا اکر انهن کان بـﮬـتر طريقي موجب بيـﮬـاريل آهن، جيڪي نظر طريقي (Sight Method) موجب آهن؛ مثلاً: ب، ٻ، پ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ- د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ- ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ وغيره. ان ڪري ٻارن کي لکاوٽ سکڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
• ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي چواڻي: ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏسبو ته الف- بي جو سلسلو هڪ جـﮬـڙو نه آهي. ساڳي ڳالهه سنڌي شبد ڪوش سان به لاڳو آهي. سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف- بي جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. .... عربي فارسي الف- بي ۾ حرفن جو سلسلو ساڳي ’صورت‘ وارن حرفن جي آڌار تي مقرر ڪيل آهي، جيڪو ڌوني وگيان جي اصولن مطابق نه آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ورڻمالا ۾ حرفن جي ترتيب انهن اصولن مطابق آهي.
هاڻي اچو ته عربي- سنڌي ورڻمالا جي چارٽ ۾ ڏنل سڀ حرف ڏسون جيڪي عام طور هن سلسلي ۾ ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏنا ويندا آهن:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گهه ڳ ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
• ڊاڪٽر الانا چواڻي: 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ’جامع سنڌي لغات‘ جلد اول ۾ الف- بي جي پٽيءَ ۾ وڌيڪ ڦير ڦار آڻي ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو؛ انلاءِ هي دليل ڏنو ويو ته ف ۽ ڦ جي شڪل هڪجـﮬـڙي آهي، تنـﮬـنڪري ٻئي حرف هڪٻئي جي پاسي ۾ رکڻ گھرجن .... هن پٽيءَ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياتي نظام کان واقف نه هئا.
• پروفيسر عبدالڪريم لغاريءَ چواڻي: مسٽر ڀيرومل جو ٻيو اعتراض، سنڌي الف- بي جي حرفن جي ترتيب تي آهي. ان ئي اصول تحت ڦ کي ف جي ڀرسان رکيو ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته عربي الف- بي جا حرف ٿوري مشابـﮬـت جي لحاظ کان ترتيب ڏنل آهن ۽ سنڌي الف- بي جيئن ته عربي الف- بي تان ئي ٺـﮬـيل آهي، ان ڪري ساڳئي عربي الف- بي واري اصول کي سنڌي الف- بي لاءِ به اختيار ڪيو ويو آهي. سنڌي الف- بي جي ترتيب ۾ ڪنـﮬـن به مونجهاري يا رولي جو باعث نه ٿي بڻجي. اها ترتيب سرڪاري طرح سان اوائلي ٻاراڻن ڪتابن ۾ هئي.
• ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين چواڻي: ٻوليءَ جي حروف تـﮬـجيءَ جي ترتيب (order) کي هڪ مسئلو بنايو ويو آهي .... انگريزن واري مقرر ترتيب موجب سمورا ٻاراڻا ڪتاب ۽ ڊڪشنريون ڇاپيون وينديون هيون. پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ اها ئي ترتيب آهي. ان ترتيب موجب ٻارن کي اکر سيکارڻ ۾ سـﮬـوليت خاطر الف کان پوءِ ب ۽ پوءِ نقطن جي تعداد موجب حرفن کي رکيو ويو هو، جنـﮬـن ۾ پ کي ٻ کان پوءِ رکيل هو، ڪجهه وقت کان پوءِ اها ترتيب بدلائي وئي ۽ ’ٻ‘ کان پوءِ ’ڀ کي رکيو ويو، جواز اهو ڏنو ويو ته هر اوسرگ آواز پٺيان وسرڳ آواز رکيا ويا آهن، پر اهو اصول ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ سان لاڳو ڪونه ڪيو ويو، ڇوته ’ڦ‘ جي شڪل صورت ’ف‘ سان ملندڙ هئي، ان ڪري اتي رکڻ وڌيڪ مناسب سمجهي وئي، ان صورت ۾ موجوده ترتيب نه صوتيات جي لحاظ کان درست آهي ۽ نه وري نقطن جي ترتيب سان. اهڙي قسم جون تبديليون اختيار وارين حيثيتن تي رهندڙ فرد انفرادي طور تي ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته اهڙا ڪم ماهرن تي مشتمل ڪميٽين يا پئنلن کي ڪرڻ گهرجن.
• واحد بخش شيخ جي ترتيبيل آئيويٽا جو ڍنگ عربي طرز جي شمسي- قمري آئيويٽا تي آهي، جيڪا آوازن جي مخرج موجب بيـﮬـاريل آهي.
• پروفيسر سيد محمد سليمَ چواڻي: عربي- اردو آئيويٽا جي ترتيب به اصلاح جوڳي آهي، عربي ابجد جي ترتيب ابتدا ۾ آرامي طريقي سان هئي، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ نه ته آواز جو خيال رکيو ويو ۽ نه وري شڪلين جو خيال رکيو ويو. ان مشڪلات کي ڏسندي خليل بن احمد اها بي ترتيبي محسوس ڪندي ان جي آوازن کي مخرج مطابق ترتيب ڏنو؛ ليڪن شاگردن جي نقطهء نظر کان مشڪلاتون ساڳيون رهيون، عربي خط جي ابن مقله شاگردن جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي هم شڪل حرفن کي ترتيب ڏنو. جـﮬـڙيءَ طرح ابن مقله جي گهڙيل خطِ نسخ، خطِ ڪوفيءَ کي منسوخ ڪيو، اهڙيءَ طرح انجي جاري ڪيل ترتيب، ابجدي ۽ حلقي ترتيب کي منسوخ ڪري ڇڏيو.
5.3.3. وضاحت طلب نڪتا
عالمن جي خيالن ۽ راين مان جيڪي اهم وضاحت طلب نڪتا سامهون اچن ٿا سي هيٺين ريت رکجن ٿا:
5.3.3.1. لفظ ’آئيويٽا‘ جو دائرو
5.3.3.2. ترتيب جا نمونا
5.3.3.3. مقبول ترين ترتيب
5.3.3.1. لفظ آئيويٽا جو دائرو
لغت ۽ عالمن جي روشنيءَ ۾ لفظ آئيويٽا جو جيڪو مفـﮬـوم آڏو آيو آهي تنـﮬـن جي مراد جو اهم مرڪز ’ترتيب‘ تي آهي؛ يعني: ڪنـﮬـن ٻوليءَ لاءِ لکجندڙ صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جي اها ترتيب جيڪا متعلقه ٻوليءَ وارن لاءِ قبوليت جو درجو رکندي هجي.
5.3.3.2. ترتيب جا نمونا
سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ عربي- سنڌي آئيويٽا توڻي صورتخطيءَ جو بنياد عربي آئيويٽا تان ورتل آهي؛ ان کان علاوه سنڌي ٻولي ديوناگري آئيويٽا/ رسم الخط ۾ به لکبي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان عربي توڻي ديوناگري مقبول آئيويٽائون رهيون آهن؛ جن جي اهم سببن ۾ مذهب جو ڪردار اهم رهيو آهي.
ديوناگري آئيويٽا جي ترتيب آواز جي مخرج موجب رکيل آهي.
عربي آئيويٽا ۾ ترتيبن جا ٽي نمونا رهيا آهن:
5.3.3.2.1. ابجد (شماري) آئيويٽا؛
5.3.3.2.2. مخرجي (شمسي قمري اکر- وار) آئيويٽا؛
5.3.3.2.3. ابتث (شڪل ۽ ٽٻڪن- وار) آئيويٽا.
5.3.3.2.1. ابجد (شماري) آئيويٽا
پوري دنيا جي ٻولين جي مقرره صورتخطيءَ لاءِ متعين ڪيل آئيويٽائن ۾، ڪوبه اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي، جو ڪنـﮬـن هڪ ٻوليءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ آئيويٽائن جو تصور موجود هجي ۽ ساڳئي وقت انهن آئيويٽائن جو سماجي ڪارج پڻ!
عربي ٻولي اها واحد ٻولي آهي، جنـﮬـن ۾ ٽن آئيويٽائن جو تصور موجود آهي ۽ جن جو عربي ٻوليءَ جي حوالي سان الڳ الڳ سماجي ڪارج پڻ آهي؛ جنـﮬـن جو ذڪر پوئين باب ۾ ٿي چڪو آهي.
دنيا جي گولي تي اڪثريت سان ڪم ايندڙ رومن الفابيٽ/ آئيويٽا جي ترتيب جو بنياد به ابجد تان ورتل آهي، جيڪا عام طور تي انگريزيءَ ۾ ڪم آندي وڃي ٿي. رومن الفابيٽ جو بنياد وري يونانيءَ تان ورتل آهي. ابجد آئيويٽا جو شماري ڪارج ڏسي يوناني الفا بيٽا جي چند اکرن کي رياضيءَ ۾ علامتن طور پڻ ڪم آندو ويندو آهي. رومن الفابيٽ جي ترتيب، ابجد ترتيب سان تقابلي هيٺ رکجي ٿي:
ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت ثخذ ضظغ
ABCD EFG HIJ KLMN OP - - QRST UVW XYZ
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رومن الفابيٽ جو بنياد ابجد ئي آهي، صرف چند آوازن جي ردوبدل سان ترتيب ڏني وئي، جيڪا جيئن جو تيئن عام استعمال ۾ پئي اچي. دؤر جديد ۾ جڏهن ’الفابيٽ/ آئيويٽا‘ جي مراد ئي ’اکرن جي ترتيب‘ آهي، ته ان صورت ۾ رومن الفابيٽ جي ترتيب ڪـﮬـڙي کاتي ۾ آڻجي؟ پر جيئن ته عام ٿي چڪي آهي ۽ ابجد کان به مختصر آهي ان صورت ۾ ان تي غور ڪرڻ کي فضول سمجهيو ويو آهي.
سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان عربيءَ جون ٽئي آئيويٽائون سنڌي صورتخطيءَ ۾ باقاعده ڪم آنديون ويون/ وينديون آهن. هڪ: ابجد واري آئيويٽا، ٻي: شمسي قمري آئيويٽا ۽ ٽي: ابتث (شڪل ۽ ٽٻڪن- وار)
5.3.3.2.1.1. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ابجد آئيويٽا جو مختصر ڪارج
o عام طور تي ڄاڻايل نڪتن مان ڪنـﮬـن هڪ جي وڌيڪ تفصيل ۾، شمار لاءِ ڪم آندي ويندي آهي؛ محترم رحيم بخش ميمڻ جي ڪتاب ’تعليم مادري زبان‘ مان ٿورو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
”شاگردن جي پڙهڻ وقت هيٺين ڳالهين جو ڌيان رکڻ گهرجي:
1. پڙهڻي اهڙي هجي، جنـﮬـن سان مضمون جو مطلب بلڪل صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان ظاهر ٿي سگهي .... ان جو مطلب سمجهي سگهجي. ان لاءِ هيٺيان نڪتا قابل توجه آهن:
(الف) پڙهڻ وقت مضمون جي موضوع جو خيال رکجي، ته اهو ڪـﮬـڙي جذبي هيٺ ۽ ڪـﮬـڙي نوع ۾ رکيل آهي .... پڙهڻ وقت پڙهندڙ کي ڪوشش ڪري ٻڌندڙ ۾ انهن جذبن جي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي....
(ب) پڙهڻ وقت آواز پورو ڪڍجي، نه تمام جهيڻو هجي ۽ نه تمام بلند هجي.
(ج) لفظن جو تلفظ بلڪل درست هئڻ گهرجي.
(د) پڙهڻ وقت بيـﮬـڪ جي نشانين جو خيال رکجي ۽ انهن موافق وچ وچ ۾ موزون ساه کڻجي.
(هه) پڙهڻ جي رفتار به فطرتي گفتگو جي رفتار جـﮬـڙي هئڻ گهرجي، نه تمام تڪڙي هجي ۽ نه تمام ڍري هجي.“ (رحيم، 1950: 76)
o ڪنـﮬـن بزرگ جي شاعري وغيره مان ڪنـﮬـن سٽ جو ابجدي تعداد معلوم ڪري سن وفات يا ڪنـﮬـن واقعي کي ظاهر ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
o علم نجوم يا جفر جي حوالي سان ستارن ۽ برجن معلوم ڪرڻ لاءِ نالن جي اکرن جا ابجدي عدد جوڙ ڪري برج يا ستارو وغيره معلوم ڪيو ويندو آهي؛ ابجدي تعداد ذريعي ڪنـﮬـن آيت يا سورة وغيره جو تعويذ ڦل وغيره جو نقش ٺاهيو ويندو آهي يا عام طور تي جو ابجدي تعداد ’786‘ پڻ ڪم آندو ويندو آهي. (ياد رهي ته سنڌي نالن ۾ ڪم ايندڙ ٺيٺ سنڌي آوازن/ اکرن لاءِ ابجد جا قريب آوازي اکر ورتا ويندا آهن.)
5.3.3.2.2. مخرجي آئيويٽا
هن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ ديوناگري آئيويٽا ۾ اهڙو تصور موجود آهي؛ جڏهن ته موجوده دؤر مطابق سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ عربي- سنڌي آئيويٽا جي ڪا مروّج مخرجي ترتيب جي ڪا شڪل موجود ڪونهي. البته مرزا قليچ بيگ مرحوم، ڊاڪٽر جيٽلي ۽ واحد بخش شيخ صاحب جن جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا جن بزرگن پنـﮬـنجي خيال کان اهڙي ترتيب بيـﮬـارڻ جي ڪوشش ورتي هئي/ آهي. مرزا صاحب ۽ جيٽلي جيڪا شڪل بيـﮬـاري، تنـﮬـن جو انداز ديوناگريءَ وارو آهي ۽ شيخ صاحب جيڪا مخرجي ترتيب بيـﮬـاري تنـﮬـن جو انداز عربيءَ واري شمسي- قمري انداز واري آهي. پر جيئن ته اها مقبوليت ماڻي ڪانه سگهي، تنـﮬـن ڪري اها ڪنـﮬـن به ڳڻپ ۾ ڪانه ٿي اچي.
5.3.3.2.2.1. سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي مخرجي آئيويٽا جو ڪارج
سنڌي صورتخطيءَ ۾، عربي مرڪب لفظن جي استعمال سبب، عربي مخرجي (شمسي- قمري) آئيويٽا جو استعمال ڪنـﮬـن حد تي ٿئي ضرور ٿو! ان جو سبب عربي صورتخطيءَ جي تقليد آهي، ان صورت ۾ عربي مخرجي آئيويٽا جي سڃاڻ لازمي ٿي پوي ٿي؛ جيئن:
o قمري آوازن سبب ’ال‘ پڙهڻ: عبدالۡڪريم، ابوالۡقاسم، احڪم الۡحاڪمين، اشرف الۡمخلوقات، اصحاب الۡجنت، ام الۡمؤمنين، باب الۡاسلام، بيان الۡعارفين، حِجَّة الۡوداع، رب الۡعالمين، صراط الۡمستقيم، قيد الۡماءِ، بحرالۡڪاهل، يوم الۡحساب وغيره.
o شمسي آوازن سبب ’ال‘ نه پڙهڻ: تارڪ الدّنيا، سيد الشّـﮬـداء، سيدة النّساء، صحت النّساءِ، عوام النّاس، فارغ التّحصيل، مُفِيد الصُّبيان، اصحاب النّار، السّلام عليڪم، عبداللّطيف، عبدالسّلام وغيره.
5.3.3.2.3. ابتث (مقبول ترين) آئيويٽا
سنڌي آئيويٽا توڻي رسم الخط جو بنياد جيئن ته سڌو سنئون عربي آئيويٽا جي خط نسخ تان ورتل آهي، ان صورت ۾ ان جي اصولن کي باضابطه طور تي جاچيو ڪونه ويو آهي. عربي- سنڌي آئيويٽا/ ايلس آئيويٽا مٿين ٻن آئيويٽائن کان هٽي ڪري، بنيادي طور تي ’ابتث‘ تان ورتل آهي؛ هيٺ اهڙي ڀيٽ ڏيکارجي ٿي:
عربيءَ جي ابتث (شڪل ۽ ٽٻڪن وار ) آئيويٽا
ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض،
ط ظ، ع غ، ف ق ڪ، ل م ن، و هه ي.
عربي- سنڌي (ايلس واري) آئيويٽا
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
5.3.3.3. عر بي ۽ سنڌي آئيويٽا جي تقابلي ڀيٽ
صورت عربي (ابن مقله واري) آئيويٽا سنڌي (ايلس واري) آئيويٽا
ا ۽ ٮ ا ب ت ث ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ڦ
ح ج ح خ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ
د د ذ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ
ر ر ز ر ڙ ز
س س ش س ش
ص ص ض ص ض
ط ط ظ ط ظ
ع ع غ ع غ
ڡ ڪ/ ک ف ق ڪ/ ک ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ
ل م ں ل م ن ل م ن ڻ
و هه ﯼ و هه ﯼ و هه ء ي
عربي ’ابتث‘ آئيويٽا ۽ ايلس آئيويٽا جي تقابل مان اندازو ٿئي ٿو ته ايلس آئيويٽا ترتيب ڏيڻ وقت ابتث آئيويٽا کي سامهون رکي، سنڌي اضافي اکرن کي متعلقه عربي اکرن جي وچ ۾ ٽنبيو ويو؛ جنهن جو اندازو، ڏنل تقابل مان بخوبي ٿئي ٿو.
5.3.3.4. تقابل مان حاصل امڪاني نڪتا
ايلس آئيويٽا جي تعين لاءِ ابن مقله جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار آئيويٽا سامهون رکي وئي هوندي؛
اکرن کي ٽٻڪن وار ترتيب رکڻ جي ڪوشش ورتي وئي هوندي، جيئن: هيٺان- ٻ، ڀ- ڊ، ڍ، مٿان: ٿ، ٽ، ٺ، د، ڌ، ڏ وغيره
اکرن کي گهر- وار/ شڪل- وار به رکيو ويو، جيئن: ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ؛ ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ؛ د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ؛ ر، ڙ، ز؛ س، ش؛ ص، ض؛ ط، ظ؛ ع، غ؛ ک، گ، ڳ، گهه، ڱ؛ ن، ڻ؛ ء، ي.
اَوسرڳ- وسرڳ آوازن جي ترتيب جو به خيال رکيو ويو، جيئن:ت- ٿ، ٽ- ٺ، پ- ڦ، چ- ڇ، د- ڌ، ڊ- ڍ، ڪ- ک.
ساڳئي وقت ڪن اَوسرڳ- وسرڳ جو خيال نه به رکيو ويو، جيئن: ب- ڀ، ج- جهه، گ- گهه.
ان کان علاوه آئيويٽا جي ترتيب ۾ همزي جي آخر ۾ هجڻ مان به اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهڙي اکر جي ترتيب ۾ اکر جي هم- شڪليءَ جو خيال رکيو ويو هوندو. هونئن به همزي جو استعمال عام طور تي عجمي آئيويٽائن جي آخر ۾ ئي ملي ٿو. جيڪڏهن آواز جي بنياد تي رکڻ جو رواج رهيو هجي ته پوءِ يقيناً الف جي ڀر ۾ ئي سونـﮬـين ٿو. اهڙيون شڪايتون عام طور ٿينديون رهيون آهن، اهڙي شڪايت شان الحق حقّي جي هن حوالي مان به ملي ٿي: ”ایک زیادتی تو ہمزہ کے ساتھ یہ ہوئی کہ اگرچہ یہ الف ہی کا ہم آواز اور ہم نام ہے، لیکن اسے حروف تہجی کے آخر میں صرف ’ی‘ ، ’ے‘ سے پہلے جگہ دی گئی ہے، حالانکہ وہ پکار پکار کے کہہ رہا ہے کہ میں دراصل حرف صحیح الف ہی ہوں۔ جو کام وہ کرتا ہے، وہ میں بھی کرتا ہوں۔“ (حقّی، 1996: 161)
مٿي ڄاڻايل همزي بابت ويچارگي مان اهو ئي خيال اڀري ٿو ته هن اکر کي عربي آئيويٽا ته ڪا اهميت ڪانه ڏني، البته عجمي آئيويٽائن ۾ جڳـﮬـه ڏني وئي آهي؛ سا به اڪثر آخر ۾! ظاهر آهي ته ان جو اهم سبب، همزي اکر جي (ي سان) هم شڪلي آهي.
مٿي ڄاڻائي چڪا آهيون ته عربيءَ جون ٽي آئيويٽائون اڄ سوڌو عربيءَ ۾ مستعمَل آهن؛ پڪو امڪان آهي ته عربي- سنڌي آئيويٽا ترتيب ڏيڻ وقت، ماهرن جي نظر، ’ابجد‘ ۽ ’مخرجي‘ آئيويٽا کي ڇڏي ڪري، عربيءَ جي ’ابتث‘ واري ترتيب تي هوندي! ليڪن ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته اُن وقت ڪنـﮬـن به عالم جي اڳيان ’ابتث‘ جي ترتيب جا ڪارڻ ۽ اصول يقيناً سامهون نه آيا هوندا، جنـﮬـن سبب عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب ۾ ’ابتث‘ واري ترتيب رکندي به ان جا اصول ڪونه اپنايا ويا؛ البته، جتي ممڪن ٿي سگهيو، اتي مخرج جو پڻ خيال رکيو ويو.
’ڦ‘ واحد اهڙو اکر محسوس ٿئي ٿو جيڪو هم شڪلي گروه ۾ نه ٿو اچي، جنـﮬـن سببان ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان کي 1960ع ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ ذريعي کڻي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو _ سو به ’ف‘ کان اڳ نه پر پوءِ رکيو.
ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻائڻ موجب: ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان عمل مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ جي نظر اکر جي هم شڪليءَ تي هئي.
1935ع ۾ ڪتابن ذريعي ايلس واري آئيويٽا کي ’ابتث‘ واري ڪارڻ ۽ اصول پٽاندر شاگردن جي ياد ڪرڻ ۽ لکڻ واري سـﮬـوليت کي نظر ۾ رکي، اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن- وار ترتيب رکي وئي، جيڪا تصويرن بجاءِ تصورن جي بنياد تي هئي. مذڪوره آئيويٽا شاگردن، استادن توڻي چند عالمن ۾ يڪسان طور تي مقبوليت جو درجو ماڻي ورتو. ايتريقدر جو 80 واري ڏهاڪي تائين پرائمري اسڪولن ۾ باقاعده پڙهائي ۽ رٽرائي وئي. اڄ سوڌو ڪن اسڪولن ۾ مذڪوره آئيويٽا پڙهائي وڃي ٿي.
5.3.3.5. ڪنـﮬـن آئيويٽا/ ترتيب جي مقبوليت جو ڪارڻ
ڪنـﮬـن آئيويٽا جي مقبوليت جي ڪارڻن مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون:
o هڪ، آئيويٽا جو مختصر هجڻ؛
o ٻيو، آئيويٽا جي آسان ترتيب.
5.3.3.5.1. آئيويٽا جو مختصر هجڻ
موجوده حالت ۾ برصغير ۾ مستعمل آئيويٽائن مان انتـﮬـائي مختصر آئيويٽا جو اعزاز انگريزي آئيويٽا/ الفابيٽ کي آهي، جنـﮬـن ۾ 26 اکر آهن. ان کان اڳ اهو اعزاز آرامي ابجد کي حاصل هيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي ابجد ۾ ڪل 22 اکر (ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت) هئا، جن ۾ عربن پنـﮬـنجي گهرج آهر 6 اکرن (ثخذ ضظغ) جو اضافو ڪري 28 اکرن جو مجموعو بڻائي ڇڏيو. عالمن جي راءِ مطابق انگريزي آئيويٽا/ رومن رسم الخط جو بنياد به آرامي ابجد مان آهي.
عام طور اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته پوري دنيا ۾ رومن ۽ عربي رسم الخط جي مقبوليت جو ڪارڻ سندن ترتيب ۾ موجود اکرن جو اختصار آهي. جيڪڏهن اختصار ڏٺو وڃي ته بنيادي آرامي ابجد ۾ اکرن جي ترتيب انتـﮬـائي مختصر هئي، ته پوءِ ڪـﮬـڙي ضرورت پئي جو عربن ان ۾ اضافو ڪيو؟
جيئن عربن پنـﮬـنجن مخصوص آوازن سان آرامي ابجد ۾ اضافو ڪيو، تيئن فارسيءَ وارن ان ۾ پنـﮬـنجن آوازن آهر اکرن جو اضافو ڪيو، اهڙيءَ ريت اردوءَ وارن ان ۾ پنـﮬـنجن آوازن کي اکرن جي صورت ۾ اضافو ڪيو. ساڳئي نموني سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا/ رسم الخط ۾ عربي فارسيءَ سميت پنـﮬـنجن آوازن لاءِ پڻ الڳ اکرن جو اضافو ڪيو؛ عربي آواز وارن اکرن کي صرف صورتخطيءَ جي معاملن کي منـﮬـن ڏيڻ لاءِ بحال رکيو ويو، ائين آئيويٽا/ رسم الخط جو وزن وڌي ويو، ايتريقدر جو سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ اڄ سوڌو سڌارن واڌارن جي ضرورت آهي.
موجوده حالتن ۾ عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ ڪنـﮬـن اکر يا صورتخطيءَ ۾ واڌاري کي بيجا بار ڀانيو وڃي ٿو؛ پر حقيقت ۾ ڪنـﮬـن سڌاري ۽ واڌاري سان سنڌي صورتخطيءَ جي معاملن ۾ درستگي (accuracy) واري معيار کي وڌيڪ بـﮬـتر بڻائي سگهجي ٿو.
موجوده انگريزي آئيويٽا ۾ اکرن جي مختصر هجڻ سبب ان جي صورتخطي ڪافي پيچيده ۽ منجهائيندڙ آهي؛ جيستائين ڪو انگريزي لفظ ٻڌو يا ٻڌايو نه ويو هوندو، درست اچار ڪڍڻ ئي مسئلو آهي!
ان حوالي سان ڊاڪٽر چندر جي ڏاسواڻي لکي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ مثالي لِپي اها چئبي آهي، جنـﮬـن ۾ ٻوليءَ جي خاص اچارن لاءِ خاص نشانيون هجن. ڪابه لِپي جنـﮬـن ۾ هڪ آواز لاءِ هڪ کان وڌيڪ نشانيون هجن يا وري هڪ نشاني هڪ کان وڌيڪ آوازن لاءِ هجي ته اهڙي ضعيف ۽ ناڪافي سمجهبي آهي.“ (ڏاسواڻي، 2009: 60- 76)
ڊاڪٽر ڏاسواڻيءَ جي حوالي ۾ ٻه نڪتا سامهون اچن ٿا، هڪ: هڪ آواز لاءِ هڪ کان وڌيڪ نشانيون هجڻ؛ ٻيو: هڪ نشاني، هڪ کان وڌيڪ آوازن لاءِ هجڻ. ڊاڪٽر صاحب جو پـﮬـريون اشارو يقيناً عربي رسم الخط ڏانـﮬـن آهي، جڏهن ته ٻيو نڪتو غالباً انگريزي رسم الخط ڏانـﮬـن هوندو.
پـﮬـرين نڪتي آهر، خود ديوناگريءَ ۾ هڪ آواز ’ش‘ لاءِ ٻه اکر ملن ٿا، جنـﮬـن جي اڄ تائين ڪنـﮬـن عالم تز تشريح ڪانه ڪئي آهي. عربي آوازن/ اکرن جو سنڌي آئيويٽا ۾ رکڻ جو سبب لفظن جي وسعت آهي. جڏهن ته ٻئي نڪتي وارو اشارو سڌو سنئون انگريزي آئيويٽا ڏانـﮬـن ٿو وڃي، جنـﮬـن ۾ هڪ آواز لاءِ ڪافي اکرن کان ڪم ورتو ويندو آهي. پنـﮬـنجي جڳـﮬـه تي اها به هڪ حقيقت آهي ته انگريزي صورتخطيءَ ۾ هڪ آواز لاءِ مختلف اکرن کان ڪم وٺڻ جو اهم سبب، ڪنـﮬـن ٻي ٻوليءَ جي لفظ کي انگريزي صورتخطيءَ ۾ ساڳي صورت سان پنـﮬـنجو ڪرڻ هوندو آهي؛ مثلاً:
English orthographic allographs for [k]
key, cat, back, bouquet, chemistry, mecca, Pinocchio, dekko, walk, khan, lacquer, biscuit, lough, sgraffito, qat
انگريزي صورتخطيءَ بابت ساڳي شڪايت ڊاڪٽر سـﮬـيل بخاري هن ريت ڪري ٿو: ”رومن رسم الخط میں اگرچہ کل ۲۶ حروف ہیں لیکن انگریزی میں آوازیں چھبیس سے زیادہ ہیں۔اس کا ایک ایک حرف کئی کئی آوازیں دیتا ہے مثلاً ۔۔۔ایک آواز ش کے لیے شپ (Ship پانی کا جہاز)، مشین (Machine کل)، اسٹیشن (Station مقام) اور پریشر (Pressure دباؤ) وغیرہ میں کئی کئی حروف کے مجموعوں ایس ایچ (Sh)، سی ایچ (Ch)، ٹی آئی (ti) اور ڈبل ایس (ss) وغیرہ سے کام لیا جاتا ہے۔۔۔ اس رسم الخط میں سُروں کے لیے علامتوں کی جگہ صرف پانچ حروف مقرر ہیں لیکن حال یہ ہے کہ ایک ایک حرف کئی کئی سُروں کا کام دیتا ہے اور ایک ایک سُر کے لیے کئی کئی حرف آتے ہیں۔“ (سہیل، 1988: 21- 22)
انگريزي صورتخطيءَ جي حوالي سان ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر فرمان فتحپوري هن انداز سان پيش ڪئي آهي ته: ”آوازوں کا سب سے خراب نظام انگریزی میں ہے اور جب تک ہر لفظ کے ہجے (Spelling) پوری طرح رٹی ہوئی نہ ہو کوئی شخص انگریزی لکھ ہی نہیں سکتا اس کے باوجود انگریزی برابر ترقی کرتی جا رہی ہے۔“ (فرمان، 1998: 70)
صورتخطيءَ جي خيال کان، ان ڳنڀير حالت ۾ انگريزيءَ جي آئيويٽا جي مختصر هجڻ جو ڪو فائدو ڪونهي؛ جڏهن ته عربي رسم الخط جي مزاج ۾ آوازن جي درستگيءَ (accuracy) وارو تصور موجود هوندو آهي. ان خيال کان ڪنـﮬـن آئيويٽا جي مختصر هجڻ جو جواز ڪو وزن ڪونه ٿو رکي. ان نڪتي تي غور ڪرڻ بعد ڪنـﮬـن آئيويٽا جي مختصر هجڻ کي مقبوليت جو ڪارڻ ڪوٺڻ غير علمي راءِ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
5.3.3.5.2. آئيويٽا جي آسان ترتيب
عربي- سنڌي آئيويٽا توڻي رسم الخط جو بنياد عربي آئيويٽا ۽ رسم الخط تان ورتل آهي. عربي آئيويٽائن مان جيڪا وڌيڪ مقبول ۽ عام ٿي سگهي آهي، سا ’ابتث‘ واري ترتيب آهي، جيڪا ابن مقله شاگردن جي ڏکيائين کي سامهون رکي جوڙي هئي. ابن مقله جيئن ته خطاطي ۽ خوشخطيءَ جو ماهر هيو، تنـﮬـن ڪافي خط ايجاد ڪيا جن ۾ ’خط نسخ‘ ڪافي مقبوليت ماڻي چڪو. سندس ’ابتث‘ واري ترتيب گهڻي قدر خطاطيءَ جي اصولن تي مبني هئي.
’ابتث‘ واري ترتيب جي مقبوليت لاءِ پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته: ”عربي خط جي عظيم فنڪار ابن ِمقله (923ع) شاگردن جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي هم شڪل حرفن کي يڪجاءِ ڪري هڪ نئين ترتيب پيش ڪئي جيڪا ’ابتث‘ چورائي ٿي. جـﮬـڙيءَ طرح ابن مقله جي گهڙيل خطِ نسخ، خطِ ڪوفيءَ کي منسوخ ڪيو، اهڙيءَ طرح انجي جاري ڪيل ترتيب، ابجدي ۽ حلقي ترتيب کي منسوخ ڪري ڇڏيو.“ (ترجمو: حوالو مٿي ڄاڻايل)
پروفيسر سيد محمد سليم صاحب جي ڄاڻائڻ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪنـﮬـن به آئيويٽا جي مقرريءَ يا تعيّن جو بنياد شاگردن جي سـﮬـوليت آهي. عربيءَ جي ٽن آئيويٽائن مان جيڪا هن وقت عام رواجي مستعمل آهي سا ’ابتث‘ ئي آهي، جنـﮬـن جو بنياد، خطاطيءَ جا اصول آهن. بنيادي شاگرد، ڪابه آئيويٽا، خطاطيءَ جي بنياد تي آسانيءَ سان ذهن نشين (Decode) ڪري ٿو وڃي.
************