عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس

ڪتاب جو نالو عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-054-8
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     319744   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٻيو


2.1. ديوناگري ترتيب تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ ديوناگري آئيويٽا ۾ الف جي آواز وارن اکرن جو طريقه ڪار نرالو آهي، يعني جيڪي سُر (vowels) ڪنـﮬـن لفظ جي مُنڍ ۾ اچن ٿا تن جي الڳ ترتيب آهي، ۽ سُر ماترائن جو وچور وري الڳ ترتيب سان ڏنل آهي: جيڪي ڪنـﮬـن لفظ جي وچ يا پڇاڙيءَ ۾ ڪم اچن ٿا. باقي وينجن اکرن جي ترتيب مخرج وار رکيل آهي، يعني شروعات [الف] جي آواز بجاءِ [ڪ] جي آواز سان ٿئي ٿي؛ ۽ انجو هر اکر زبر سان متحرڪ ڄاتو ويندو آهي؛ هر اکر جي مٿان ليڪ ٽڪر لفظ جي حد بنديءَ جو احاطو ڪندو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڄاڻائڻ موجب: ”تڪش شلا واري خطي ۾ 400 ق. م ڌاري پـﮬـريون ڀيرو هن خطي جي مقامي ٻوليءَ جي صوتيات تي پنڊت پاڻينيءَ ڪم ڪيو هو. پنڊت پاڻينيءَ هن ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مخرجن جي سٽا ۽ ترتيب کي صوتياتي نظام موجب بيان ڪيو ۽ مرڪب آوازن، سَنڌِي وغيره جي سلسلي ۾ مواد پيش ڪري ’علم صوتيات‘ جو برصغير ته خير، پر دنيا ۾ پـﮬـريون ڀيرو پايو وڌو. پاڻينيءَ واري سڌاريل ۽ سنواريل ڀاشا کي سنڌي ته چئي نه سگهبو، پر ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌي زبان جي صوتيات ۽ صوتياتي نظام تي برصغير ۾ سڀ کان اول جنــﮬـن بزرگ ڪم ڪيو هو، ۽ سنڌي مخرج وار تقسيم ڪئي، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي لِپي يعني چاليھه اکريءَ جي پٽي صوتيات جي علم جي اصولن موجب بيـﮬـاري، انهن کي ياد ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪئي.“ (الانا، 1984: 117- 135)
پروفيسر عبدالڪريم لغاري ديوناگري خط کي سامي- سبائي خط ۾ شمار ڪندي لکي ٿو ته: ”اسانکي خبر نه آهي ته سامي- سبائي خط هند ۾ ڪڏهن رائج ٿيو، پر جيئن ته اسان کي معلوم آهي ته هڪ هزار سال قبل مسيح تائين آرين کي لکڻ جي ڪابه خبر نه هئي، تڏهن خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هو لکڻ جو طريقو هڪ هزار قبل مسيح کان ڪافي پوءِ سکيا ۽ هنن سامي- سبائي خط، سبائي واپارين کان معلوم ڪيو، جنھن کي پوءِ پنــﮬـنجي ٻوليءَ لاءِ اختيار ڪري مٿس براهمي يا برهمي لِپي نالو رکيو. ان ئي خط کي پوءِ ديوناگري به سڏيو ويو. ڊاڪٽر دانيءَ جي تحقيق موجب بنيادي برهمي خط جڏهن ڪافي بدلجي چڪو هو تڏهن ان کي ۸۰۰ عيسوي ڌاري ديوناگري سڏيو ويو؛ پڻ سندس تحقيق موجب مالوا جا برهمڻ جيڪي پاڻ کي ناگر (شـﮬـري) برهمڻ سڏيندا هئا تن ان کي تڪميل تي آڻي ديوناگري سڏيو.“ (لغاري، 1976: 25)
ديوناگري آئيويٽا جي ترتيب مخرجوار هيٺين ريت رکيل آهي:
2.1.1. ديوناگري آئيويٽا جي ترتيب
نرم تارونءَ وارا آواز: ڱَ
| گههَ
Ö ڳَ
g
گَ
g کَ
K ڪَ
k
سخت تارونءَ وارا: ڃَ
جههَ
J ڄَ
j
جَ
j ڇَ
C چَ
c
مورڌني: ڻَ
x ڏَ
F
ڍَ
F ڊَ
f ٺَ
T ٽَ
T
ڏندن وارا: نَ
n ڌَ
D دَ
d ٿَ
Q تَ
q
ٻن چپن وارا: مَ
m ڀَ
B ٻَ
b
بَ
b ڦَ
P پَ
p
گـﮬـڪي وارا: هَه
H شَ
S سَ
s وَ
v
نيم سر، روان ۽ ڦڙ ڦڙ وارا: ڙَ
V لَ
l رَ
r يَ
X
مرڪب آواز: گيهَ
z ڪشَ
– ترَ
Z درَ
Ü
(هن آئيويٽا ۾ ٺيٺ سنڌي وينجنن لاءِ اکر جي قريب صورت هيٺان ننڍڙي ليڪ/ ٽٻڪو ڏئي صورتون مقرر ڪيون ويون هيون. هندي ٻولين ۾ [زَ] جو آواز ڪونهي، انلاءِ ويجهر واري دؤر ۾ ’جَ‘ واري اکر هيٺان ٽٻڪو ڏئي استعمال ۾ آندو ويندو آهي.)
ڪاڪي ڀيرومل موجب: مٿيان ڄاڻايل (مرڪب آوازن جي اکرن سواءِ) ”سنڌي ٻوليءَ جا جملي ستٽيــﮬـه اکر آهن … (البته) سنسڪرت ۾ ٽيٽيـﮬـه حرف صحيح آهن ۽ اهي سڀ ساڳيا سنڌيءَ ۾ آهن: ايترو تفاوت آهي ته سنسڪرت ۾ ’ش‘ اکر ٻن قسمن جو آهي، سنڌيءَ ۾ رڳو هڪڙو ’ش‘ اکر آهي. سنسڪرت ۾ ’ڊ‘ جي هيٺان ٽٻڪو ڏبو ته ’ڙ‘ ڪري پڙهبو؛ سنڌيءَ ۾ ’ڊ‘ ۽ ’ڙ‘ ڌار اکر آهن. انهيءَ ريت وري ساڳيا اچي ٽيٽيــﮬـه ٿين ٿا. ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ جا اچار پوءِ سرائڪي ڳالهائيندڙن جي سنگ ۾ سکياسين- اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا جملي ستٽيـﮬـه اکر آهن.“ (ڀيرومل، 1956: 262)
ديوناگري آئيويٽا ۾ سُرن (vowels) جو، صورتخطيءَ جي لحاظ کان، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ فارسي پڙهائيندڙ استاد مسٽر جان پليٽس پنـﮬـنجي لغت (A Dictionary of Urdu, classical Hindi and English) ۾، هيٺين ريت وچور ڏنو آهي:
Non- initial Initial Vowels
Devanagri Roman Persian
bd bad بَد
idn din دِن
buq but بُت
bwq bat بات
qU tú تُو
so so سو
nO nau نَو
sI sí سِي
by be بي
hY hai هَي
Devanagri Roman Persian
Ab ab اَب
es is اِس
as us اُس
Aws ás آس
åd úd اُود
Aywk ok اوڪ
AYwr aur اَور
ईख íkh اِيک
Eyk ek ايڪ
EYsw aisá اَيسا
Devanagri Roman Persian
A a اَ
e i اِ
a u اُ
Aw á آ
å ú اوُ
Ayw o او
AYw au اَو
ई í اِي
Ey e اي
EY ai اَي

(Platts, 2003: vi)
2.1.2. ديوناگريءَ ۾ لفظ جي منڍ ۾ ڪم ايندڙ سُر (ماترائون)
جان پليٽس جي مٿي ڄاڻايل ٽيبل کي آساني ءَ سان هيٺين ريت سمجهي سگهجي ٿو:
A Aw e ई a å Ey EY Awy AwY AN A:
اَهه اَن اَو او اَي اي اُو اُ اِي اِ آ اَ

مذڪوره سُر اهڙا آهن جيڪي ڪنـﮬـن لفظ جي منڍ ۾ ئي اچي سگهندا آهن. جيئن:
اَصغر Asgr = آچر Awcr =
اِڪرام e#rwm = اِيثار eíswr =
اُتم = aqm اُونو åno =
عيبُ = Eybu اَيٽُر = EYt®u
اوکو AoKo = اَوج = AOj
انگ ANg =
2.1.3. ديوناگري ۾ وچو واڙي ڪم ايندڙ سُرَ (ماترائون)

- w -y -Y o O N : i I -u -U
اوُ اُ اِي اِ اه انْ اَو او اَي اي آ اَ

ڄاڻايل سُر جون ماترائون لفظن جي وچ ۾ ئي ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن:
ڪَڪَرَ = kkr ڪارو kwro =
ڀيٽا = Bytw بَيٽbYt =
ڀولو = Bolo ڀؤBO =
رنگ = rNgu مھر mhr =
سِرَ = isr تِيرُ qIru =
جُهڙ = JuV جُهوپو JUpo =
2.1.4. ديوناگري آئيويٽا/ صورتخطيءَ جون نراليون خاصيتون
انکان علاوه ديوناگري آئيويٽا ۾ هيٺان نرالا نمونا آهن:
• شد جي صورت ۾ ٻِٽي آواز لاءِ اڪثر پـﮬـريون اکر اڌ ۽ ٻيو ثابت رکيو ويندو آهي:
مثال: ڪچّو kçco ، مَکِّ m$K ، مَتِّ mœq وغيره.
• ساڪن (جزم) صورت ۾ اکر جي اڌ صورت رکي ويندي آهي، جيئن: ننڍو (ٻيو نون ساڪن) ¬¬_ nñFo
• [ر] آواز لاءِ چار صورتون آهن:
1. متحرڪ ، 2. آميزشي متحرڪ، 3. زبر واري وينجن سان ساڪن ’ر‘، 4. زير واري وينجن سان ساڪن ’ر‘.
1. متحرڪ لاءِ سڌو سنئون ’رَ‘ ( r ) جيئن: ڀُورَلُ ______________ BUrlü
( آئيويٽا ۾ هر اکر کي زبر هجڻ سبب زبر واري آواز لاءِ خالي’ r‘ ڏيڻي پوندي آهي؛ زير يا پيش وغيره يعني متحرڪ لاءِ به اها ساڳي ’ r‘ ڪم آندي ويندي آهي.)
2. آميزشي متحرڪ ’ر‘ لاءِ اڳئين اکر هيٺان ترڇي ليڪ، جيئن: پرَڪاش _______pRkwS
(اڳئين اکر کي ساڪن رکي ايندڙ آميزشي [ر] جي آواز کي زبر ڏيڻ جي صورت ۾ هيءَ ترڇي ليڪ ڪم آندي ويندي آهي.)
3. اڳئين زبر سان، ’ر‘ ساڪن لاءِ، ايندڙ اکر مٿان ڪنڍيءَ جو نشان، جيئن: ڌَرم _______ Dmí
( پھريون اکر زبر سان هجڻ سبب ايندڙ آميزشي [ر] ساڪن آواز لاءِ ٻئي اکر مٿان ڪنڍيءَ جو نشان ڪم آندو ويندو آهي.)
4.اڳئين زير سان ساڪن ’ر‘ لاءِ اڳئين اکر هيٺان ڪنڍيءَ جو نشان، جيئن: ڪِرشن _____ ÏÀn
( اڳئين اکر کي زير هجڻ جي صورت ۾ ايندڙ آميزشي [ر] کي ساڪن بڻائڻ لاءِ هيءَ ڪنڍي اکر جي هيٺان ڏني ويندي آهي.)
ان قسم جي صورتخطيءَ کي اسان جا ڪافي عالم سمجهي ڪونه سگهيا آهن، اردو زبان جي ماهر پروفيسر سيد محمد سليم ديوناگري صورتخطيءَ تي اڻ- ڄاڻائيءَ ۾ تنقيص ڪندي لکي ٿو ته: ”ہندی خط میں ایک آواز کے لیے ایک سے زائد شکلیں پائی جاتی ہیں، مثلاً ’ر‘ کی چار شکلیں ملتی ہیں۔
pRkwS srkwr ÏÀn AwdRSí “ (سليم، 1981: 62- 63)
آنجـﮬـاني ڀيرومل آڏواڻيءَ جو خيال آهي ته: ”سنسڪرت ۾ ’ر‘ حرف ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو حرف صحيح، ٻيو حرف علت. ديوناگريءَ ۾ اهي لکبا به ٻيءَ طرح آهن. ’رنگ‘، ’رٿ‘ (گاڏي) ۽ راجا، حرف صحيح سان شروع ٿين ٿا. ’رُت‘ معنى موسوم، ’رڻ‘ معنى قرض، ’رشي‘، ’رڇ‘ (سنسڪرت = رڪش)، ۽ ٻين اهڙن سنسڪرت لفظن جي منڍ ۾ ’ر‘ حرف علت آهي، پر اسين اهو به حرف صحيح ڪري ليکيون ٿا. پالي ۽ پراڪرت ڳالهائيندڙن کي به انهيءَ تفاوت جو پتو ڪونه پيو، تنـﮬـنڪري اهو اکر نڪري ويو.
سنسڪرت ۾ ڪنـﮬـن حرف صحيح جي مٿان يا هيٺان به ’ر‘ حرف علت گڏيندا آهن. اهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ آيا آهن، ته انهن ۾ اهو اکر ڦري، هڪ نه ٻيو حرف علت ٿي پيو آهي، جـﮬـڙوڪ:
سنسڪرت سنڌي تبديل
گهرشٽ
درشٽ
ورڌ
مرتيو گٺو (گ مٿان زبر يعني اَ)
ڏٺو (ڏ هيٺان زير يعني اِ)
ٻڍو (ٻ مٿان پيش يعني اُ)
موت ’ر‘ مٽجي ’ اَ ‘ ٿي.
’ر‘ “ ’ اِ ‘ “
’ر‘ “ ’ اُ ‘ “
’ر‘ “ ’او‘ “
(ڀيرومل، 1956: 297- 298)
اصل ۾ ڪاڪو ڀيرومل ديوناگري آئيويٽا کان چڱيان واقف نه هيو، جنھن سبب مٿين راءِ رکيائين، جيڪا شايد ٻُڌ تي مبني هوندي. ’ر‘ جو سرَ ۾ تبديل ٿيڻ وارن مثالن جي بنياد تي ’ر‘ کي سرَ ۾ ڳڻي نه سگهبو، ان کي تاريخي سَنڌيءَ (assimilation) ۾ شمار ڪري سگهبو. ديوناگري صورتخطيءَ پٽاندر مٿي ڄاڻايل ’ر‘ جا چار انداز آوازن تي مبني آهن، جيڪي هن خطي جي ٻولين جي نمائندگي ڪن ٿا. هيٺئون ۽ مٿئون ٻه ڪنڍيءَ نما نشان وارا نمونا ديوناگريءَ ۾ لکجندڙ ٻولين ۾ سرَن جي نوعيت موجب لکبا آهن. ڪنھن اڳئين اکر سان ’ر‘ ساڪن ملائڻ لاءِ اگر اڳئين اکر کي زير هوندي ته ڪنڍيءَ جو نشان هيٺان ڏبو؛ پر جيڪڏهن ساڪن ’ر‘ جي لار ملائڻ لاءِ اڳئين اکر کي زبر جو آواز هوندو ته ڪنڍيءَ جو نشان مٿان لڳائبو.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ بنيادي طور ديوناگري آئيويٽا مان جوڙيل، جيڪا ٻي پٽي مذهبي طور تي ڪم آندي ويندي هئي ۽ اڄ به استعمال ۾ آندي وڃي ٿي، اها آهي: پير صدرالدين جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ’خواجڪي سنڌي پٽي‘ يا ’چاليھه اکري‘- جيڪا مخصوص اسماعيلي لڏي جا ماڻهون ڪم آڻين ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”پير صدرالدين جو ڪمال اهو آهي جو هن سنڌ ۾ رائج ’لوهاڻڪو رسم الخط‘ پنھنجن نو مسلم اسماعيلي مريدن لاءِ اختيار ڪري، ان ۾ ڪجهه فني تبديليون آڻي، عربي ٻوليءَ جي آوازن لاءِ موزون حرف ٺاهي، ان ۾ شامل ڪيا. جنـﮬـن کي ’ چاليھه اکري‘ سڏجي ٿو. پير صدرالدين نو مسلم مريدن لاءِ لوهاڻڪو رسم الخط ان ڪري چونڊيو، جو انهن جي اڪثريت لوهاڻن منجهان هئي، ۽ اهي لوهاڻڪو رسم الخط اڳ ئي استعمال ڪندا هئا.
پير صدرالدين پنــﮬـنجن ننوَن مسلمانن لاءِ نه فقط اهو رسم الخط مقرر ڪيو، پر ان ۾ گنان، دعائون، وظيفا ۽ ديني ادب کان سواءِ ان کي دنيوي تعليم، حساب، کاتا نويسي، ڪاٻاڙا، هنڊيون وغيره لکڻ سيکارڻ، طور رائج ڪيو. هن لوهاڻڪي رسم الخط ۾ هيٺيان سڌارا ۽ واڌارا آڻي، انجو نالو ’خواجڪا اکر‘ يا ’ چاليھه اکري‘ رکيو:
(1) لوهاڻڪي رسم الخط ۾ ماترائن جو رواج ڪونه هو. پير صاحب ان ۾ ماترائن جو اضافو ڪري، ان کي سکيا لائق بنايو.
(2) مرڪب (compounds) ۽ گـﮬـڪيدار (affricates) آوازن جـﮬـڙوڪ: ’در‘، ’تر‘، ’ڪش‘ ۽ ’گن‘ لاءِ لوهاڻڪي رسم الخط ۾ ڪا هڪ صورت مقرر ڪانه هئي، پر صدرالدين انهن مرڪب آوازن ۽ گـﮬـڪيدار آوازن جون نئيون صورتون ٺاهيون ۽ استعمال ڪيون.
)3( لوهاڻڪي رسم الخط ۾ عربي آوازن: ’ف، ق، ز، غ، خ، ص، ض، ط، ظ‘ لاءِ اکر ڪونه هوندا هئا، اهڙن آوازن لاءِ ’خواجڪي سنڌي رسم الخط‘ ۾ اضافو ڪري، پير صاحب نوان اکر ٺاهيا ... انهن آوازن لاءِ مخرج وار پٽي مقرر ڪيائين. ٿوري ئي عرصي اندر هن رسم الخط ۾ سون جي تعداد ۾ ڪتاب لکجي تيار ٿيا. ان رسم الخط ۾ نه فقط ديني درس و تدريس جا ڪتاب لکيا ويا، پر ادبيات، تاريخ، رياضيءَ، واپاري کاتن ۽ وڻج واپار لاءِ هنڊيون، ڪاٻاڙا ۽ فلسفي واريون ڳالهيون پڻ قلمبند ڪيون ويون. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ تائين، انهيءَ رسم الخط ۾ لکيل مواد جو وڏو ذخيرو لنڊن جي برٽش لائبريريءَ ۾ موجود آهي. ممبئي، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ آفريڪا ۾ هن رسم الخط کي ’سنڌي‘ سڏيندا آهن.“ (الانا، 2006: 142- 143)
اصل ۾ اهڙين مڙني رسم الخطن جو بنياد ديوناگري رهيو آهي، جن جي ترتيب گهڻي قدر مخرج تي رکي وئي هئي.
2.2. عربي ترتيب تي هڪ نظر
عربي ٻوليءَ ۾ آئيويٽا جي ترتيب، ٽن نمونن جي رهي آهي؛ اهي ٽئي نمونا مختلف سفر طئه ڪندا، اڄ به پنـﮬـنجي حيثيت برقرار رکندا پئي آيا آهن. هڪ: ابجد واري آئيويٽا (ملهه وار)، ٻي: شمسي- قمري آئيويٽا (مخرجوار)، ٽين: عام ابتث آئيويٽا (اکرن جي شڪل توڻي ٽٻڪن وار)
پروفيسر سيد محمد سليم خط نستعليق موجب اردو- عربي آئيويٽائن جي ٽنهي ترتيبن تي علمي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: ”حروف کی ترتیب بھی اصلاح کی طالب ہے۔ ابتدا میں حروف کی ترتیب آرامی طریقہ پر ابجد کے مطابق تھی۔ ا ب ج د ، ہ و ز، ح ط ی، ک ل م ن، س ع ف ص، ق ر ش ت، ث خ ذ، ض ظ غ۔اس ترتیب میں نہ آواز کا خیال رکھا گیا اور نہ شکلوں کا خیال رکھا گیا تھا۔ صوتی یا صورتی کوئی مناسبت اس ترتیب میں نظر نہیں آتی۔ طالب علموں کو اس ترتیب کے یاد کرنے میں سخت دشواری تھی۔ نحو اور لغت کے امام خلیل بن احمد فراہیدی نے سب سے پہلے اس بے ترتیبی کو محسوس کیا۔ اس کی جدّت پسند طبیعت نے ایک نئی ترتیب پیش کی۔ اس نے حروف کو حلق کے مخارج کے اعتبار سے درجہ بدرجہ ترتیب میں رکھا۔ یہ ترتیب حلقی تھی۔ ع ح ہ، خ غ، ق، ک ج ش ض، ص س ز، ط د ت، ظ ذ ث، ر ل ن ف، ب م ء ی و۔ بلا شبہ لسانیات کے محققین کے نزیک خلیل کا یہ کارنامہ بڑا قابل قدر ہے، لیکن طلبہ کے نقطۂ نظر سے دشواریاں بدستور باقی رہیں۔ یاد کرنے میں اب بھی سہولت پیدا نہیں ہوئی۔
عربی خط کے عظیم فن کار ابن مقلہ (۳۱۰ ھ/۹۲۳ٴ) نے طلبہ کی دشواری کو محسوس کیا اور پھر اس کا حل نکالا۔ اس نے ہم شکل حروف کو ایک جگہ جمع کرکے ایک نئی ترتیب تشکیل دی جو ابتث کہلاتی ہے۔ ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق، ک ل م ن، و ہ ء ی۔ جس طرح ابن مقلہ کے اختراع کردہ خط نسخ نے خطِ کوفی کو منسوخ کردیا۔ اسی طرح اس کی جاری کردہ ترتیب نے ترتیب ابجدی اور ترتیب حلقی کو منسوخ کردیا۔“ (سلیم، 1981: 91- 92)
مٿئين حوالي جي وضاحت توڻي روشنيءَ ۾ هيٺ عربيءَ جون مختلف آئيويٽائون خيال خاطر ڏجن ٿيون:
2.2.1. ابجد واري (ملهه وار) آئيويٽا
ا ب ج د هه و ز ح ط ي ڪ ل م ن س ع ف ص
ق ر ش ت ث خ ذ ض ظ غ
هيءَ آئيويٽا اصل ۾ آرامي نسل جي ماڻهن وٽان عربيءَ ٻوليءَ ۾ ڇهن (6) اکرن جي اضافي سان رائج ٿي؛ جيڪا شروعاتي دؤر ۾ آوازن سان گڏوگڏ انگن جي پڻ نمائندگي ڪندڙ هئي. اڄڪلهه هيءَ آئيويٽا ڪنـﮬـن به لفظ جي ملهه معلوم ڪرڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور ڪنـﮬـن وچور کي نمبر ڏيڻ (جنھن بدران ڪي اڻڄاڻائيءَ ۾ ’ا ب ت ث ج‘ وغيره ڪم آڻيندا آهن)، يا پراڻي دؤر جي ڪنـﮬـن شعر يا فقري مان ڪنـﮬـن واقعي، ڄم يا وفات جو سن، جملي اکرن جو ملهه معلوم ڪرڻ سان ڄاتي ويندي هئي/ آهي. ان کان علاوه ڪنـﮬـن ماڻهونءَ جو برج يا ستارو معلوم ڪرڻ ۽ تعويذ ڦل وغيره ڪرڻ لاءِ پڻ هن آئيويٽا کان سـﮬـارو ورتو ويندو آهي. يوناني الفا، بيٽا، گاما يا ڊيلٽا وغيره جا اکر، علامت طور حسابن ۾ ڪم آڻڻ جو تصور به ’ابجد‘ مان ئي ورتل ٿو ڀانئجي.
ابجد جي ترتيب واري قدامت بابت، اردو ٻوليءَ جو عالم ڊاڪٽر سھيل بخاري لکي ٿو ته: ”عربی حروف کی یہ ترتیب بہت قدیم معلوم ہوتی ہے کیونکہ ان میں سے کچھ جُٹ یونانی اور رومن رسم الخط میں بھی ملتے ہیں۔ رومن حروف کی موجودہ ترتیب میں ABCD (ابجد)، EFG (ہوز) KLMN (کلمن) اور QRST (قرشت) کے مجموعے عربی مجموعوں سے ملتے ہیں۔ یونانی میں الفا، بیٹا، گاما، ڈیلٹا عربی کا ابجد ہے۔ عربی کی اس ترتیب میں حروف کی قیمت بھی مقرر کردی گئی ہے … اسے حساب جمل کہتے ہیں۔ تاریخ گوئی کے فن یعنی تاریخی نام نکالنے میں اسی سے کام لیا جاتا ہے۔“ (سہیل، 1988: 23- 24)
(حرفن جي هيءَ ترتيب ڪافي پراڻي لڳي ٿي، ڇو ته انجا جوڙ يوناني ۽ رومن جوڙن سان به ملن ٿا، رومن اکرن جي موجوده ترتيب ۾ ABCD (ابجد)، EFG (هوز)، KLMN (ڪلمن) ۽ QRST (قرشت) جا مجموعا عربي جوڙن سان مشابـﮬـت رکن ٿا. يوناني الفا، بيٽا، گاما ۽ ڊيلٽا وغيره عربيءَ جو ابجد آهي. عربيءَ جي ان ترتيب ۾ اکرن جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي .... جنـﮬـن کي ’حساب ِ جمل‘ چيو ويندو آهي. تاريخ گوئيءَ جي فن يعني تاريخي نالن ڪڍڻ ۾ ان کان ئي ڪم ورتو ويندو آهي.)
2.2.2. شمسي قمري (عربيءَ جي مخرج وار) آئيويٽا
۱_ سِنيـه (ڏندن تي زبان رکڻ سان) : ت ث د ذ ط ظ ل ن.
۲_ اَسليه (زبان جي چوٽيءَ وارا) : ر ز س ش ص ض
۳ _ شَفويه (چپن وارا) : ب ف م و
۴ _ لھويه (سخت تارونءَ وارا) : ج ي
۵ _ حَلقيه (نڙيءَ وارا) : الف ح خ ع غ ق ڪ هه
مٿين مان پـﮬرين ٻن قسمن جي 14 آوازن جي اکرن کي شمسي حرف ۽ پونيَن ٽن جي 14 آوازن جي اکرن کي قمري حرف سڏيو ويندو آهي، جنـﮬـن جي ترتيب هيئن بيـﮬـندي:
قـمــري 14 اکر: ا ب ج ح خ ع غ ف ق ڪ م و هه ي.
شمسي 14 اکر : ت ث د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ل ن.
هيءَ آئيويٽا نحو ۽ لغت جي ڄاڻوءَ خليل بن احمد مخرج جي بنياد تي ترتيب ڏني هئي. مخرجوار شمسي قمري آئيويٽا/ پٽي عربي صورتخطيءَ جي اهم اصولن کي سمجهڻ پرجهڻ لاءِ پڻ اهم ڄاتي ويندي آهي. اهڙي ترتيب اسان جو عام استاد ته ڇا پر عربيءَ جا ڪافي استاد/ مُدرِس پڻ مخرج وار ترتيب سمجهائڻ بجاءِ رٽرائيندا آهن.
مرزا قليچ بيگ صاحب ان جي وضاحت ۾ لکي ٿو ته: ”انجو استعمال ائين آهي ته عربيءَ ۾ ڪنـﮬـن اسم سان ’ال‘ شروع ۾ وجهڻ سان شمسي اکرن جي حالت ۾ لام جو آواز نه ٿو نڪري ۽ قمري اکرن جي حالت ۾ نڪري ٿو. مثلاً :شَمسُ الدّين نالي ۾ شمس الڳ ۽ الدين آواز الڳ ڪڍڻ غلط آهي (بلڪه شد سببان شَمسُد دِين آواز ڪڍبو ) ۽ القلب ۾ قاف قمري اکر آهي، تنـﮬـنڪري لام جو آواز ٿيندو ۽ اهو القلب پڙهبو، جيئن ’مُفرِحَ القلوب‘ (شد نه هجڻ سببان مُفرِحَل قُلُوب پڙهبو ).“ (قليچ، 2006: 71)
صورتخطيءَ جي پڙهڻيءَ موجب انهن حرفن کي اسان جي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم ائين به آسان ڪري سمجهايو ته آسمان ۾ تارا ته موجود هوندا آهن، ليڪن شمس يعني سج جي هجڻ سبب نظر نه ٿا اچن ته اهڙن شمسي اکرن ۾ تارن جيان ’ال‘ اکرَ سمجهو ته ڏسڻ ۾ ئي نه ٿا اچن جو پڙهجن! ۽ رات جو تارا قمر يعني چنڊ سان نمايان نظر ايندا آهن، انڪري قمري اکرن اڳيان ’ال‘ تي نظر رکي پڙهبو.
2.2.3. عربيءَ جي عام (هم شڪل ۽ ٽٻڪن وار ) آئيويٽا
ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق ڪ، ل م ن، و هه ي.
هيءَ آئيويٽا مسلم دنيا جي اوڻويـﮬـين خليفي قاهر بالله بنو عباس جي وزير اعظم محمد ابن مقله، خطاطيءَ جي اصولن موجب، شڪل ۽ ٽٻڪن وار ترتيب ڏني؛ جنـﮬـن جو اهم مقصد پڙهندڙن کي اکر جي سڃاڻ ۽ لکڻ واري عمل کي آسان بڻائڻ هو. ڊاڪٽر سـﮬـيل بخاري ان بابت لکي ٿو ته: ”هن ترتيب ۾ هم شڪل اکرن کي پاڻ ۾ گڏ رکيو ويو آهي ۽ ائين ٿو لڳي ته اهي اکر، ترتيب به ائين ڏنا ويا آهن جو هڪ سادو ۽ ٻيو ٽٻڪي وارو،جيئن: ح خ _ د ذ _ ر ز _ ص ض _ ط ظ _ ع غ _ ان کان علاوه ب ت ث ۽ س ش ۾ هڪ کان وڌيڪ نقطن جو فرق آهي، پر آهن اهي به هم شڪل! عربي جي انهن مڙني اکرن مان 14 سادا يعني ٽٻڪن کانسواءِ ۽ 14 ٽٻڪن وارا گهڙيا ويا آهن.“ (سہیل، 1988: 24- 25)
ٽٻڪن سواءِ 14 اکر: ا، ح، د، ر، س، ص، ط، ع، ڪ، ل، م، و، هه، ی.
ٽٻڪن وارا 14 اکر: ب، ت، ث، ج، خ، ذ، ز، ش، ض، ظ، غ، ف، ق، ن.
ڄاڻايل شڪل ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا ابن مقله ترتيب ڏني هئي جيڪا عام شاگردن لاءِ آسان ڪري پيش ڪئي وئي، جيڪا اڄ سوڌو عام طور تي ڪم آندي وڃي ٿي.
مٿي ڄاڻايل عربي آئيويٽائن جي مختلف ترتيبن مان به اهو معلوم ٿيو ته عربي صورتخطيءَ ۾ انهن آئيويٽائن جو ڪونه ڪو ڪارج آهي. عربن رد ڪيل آئيويٽائن کي به ٻوليءَ جي ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن اصول سان سلـهـاڙي محفوظ ڪيو.
2.3. سنڌي آئيويٽا جي ترتيب تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ لاءِ مختلف وقتن ۾ مختلف آئيويٽائون ڪم آنديون ويون، جنـﮬـن ۾ ديوناگري به اهم آهي، پر گهڻي قدر عربي آئيويٽا ڏانـﮬـن گهڻو لاڙو رهيو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگريءَ کان بعد جيڪا آئيويٽا مستعمَل رهندي آئي، اها هئي عربي آئيويٽا. سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربيءَ جي آئيويٽا جي استعمال جا آثار عربي دؤر حڪومت ۾ چچ نامي ۽ البيرونيءَ جي ڪتابن ’ڪتاب الـﮬـند‘ ۽ ’الارڪند‘ مان ملن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب: ”عربي- سنڌي رسم الخط لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي خالص آوازن لاءِ ۽ سنڌي لفظن کي صحيح صورتخطيءَ ۾ لکڻ لاءِ عرب ماهرن جيڪي نوان حرف جوڙيا هئا، تن جو تفصيل هيئن ڏجي ٿو: عربي- سنڌي حروف تـﮬـجيءَ لاءِ 28 حرف عربي صورتخطيءَ وارا ڪم آندا ويا، انهن مان 16 حرف اهڙا هئا، جيڪي عربي ۽ سنڌي ٻولين جي آوازن لاءِ عام طور ڪم ايندا هئا، 12 حرف اهڙا هئا، جيڪي خالص عربي آوازن لاءِ ڪم ايندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح نج سنڌي آوازن لاءِ 23 حرف، عربي حرفن ۾ واڌارا يا تبديليون ڪري، يا انهن ۾ ٽٻڪا ڏيئي جوڙيا ويا:
عربي ۽ سنڌيءَ جي هڪجهڙن آوازن لاءِ حرف:
ا ب ت ج د ر ز س ش ل ڪ م ن و هه ۽ ي. اهي جملي 16 حرف آهن. عربن ’ڪ‘ حرف لاءِ ’ ک‘ حرف ڪم آندو.
عربيءَ جي خالص آوازن لاءِ حرف: ث ح خ ذ ص ض ط ظ ع غ ف ۽ ق. اهي جملي 12 حرف آهن.
خالص سنڌي آوازن لاءِ جوڙيل حرف:
نج سنڌي آواز عربي- سنڌي حرف نج سنڌي آواز عربي- سنڌي حرف
ٻ ب
پ ف/ ب
ڀ ب/ بهه
ٿ ف/ ت/ ث
ٽ ت/ تر
ٺ ت
ڦ ف
ڄ ج
جهه جهه
ڃ نج
چ ش/ ص
ڇ ....
ڌ دهه
ڏ د
ڊ در، د
ڍ در، د
ڙ ر
ک ک
گ گ
ڳ گ
گهه گهه
ڱ نگ/ نج
ڻ ن

اهي ڪل 23 حرف آهن، اهڙيءَ طرح سرن جي ميل کي لکيل صورت ۾ نمايان ڪرڻ لاءِ ’ء‘ استعمال ڪري، عربي- سنڌي حروف تـﮬـجيءَ لاءِ جملي 52 حرف ڪم آندا ويا، جن جي مدد سان عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪئي وئي.“ (الانا، 2006: 122- 123)
عرب عالمن سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڪم ايندڙ نرالن آوازن لاءِ، عربي آئيويٽا مان اکرن جي تعيّن ڪرڻ جي ڪوشش ورتي، جنـﮬـن بعد سنڌ جي عالمن، سنڌي ٻوليءَ جي نرالن آوازن لاءِ عربي بنيادي اکرن مان نوان اکر جوڙي پئي ڪم آندا. مختلف عالمن پاران پنـﮬـنجي پنـﮬـنجي ڍنگ جا اکر به جوڙيا ويا، جيڪي انهن عالمن جي صورتخطين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
مثال طور، ساهتي پرڳڻي جي علمي مرڪز ’الڪبير اڪيڊمي، ڪوٽڙي محمد ڪبير‘ جي گادي نشين، مخدوم غوث محمد ’گوهر‘ هڪ اوائلي بياض ’ڪلام ڪوڙلَين‘ کي موجوده پڙهڻيءَ موجب تصحيح ڪري ڇپايو ، جنـﮬـن جو سن معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ڪم آندل آئيويٽا لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته: سندس ڪلام اڳِين سنڌيءَ ۾ ٽالپورن جي دؤر يا اڳ جو آهي. جنـﮬـن لاءِ اها دعوى ڪئي وئي آهي ته ان ۾ ڪم آندل آئيويٽا ابوالحسن ٺٽويءَ جي ترتيب ڏنل کان اڳ جي آهي. ان مان يقيني طور تي ايترو اندازو ضرور ٿئي ٿو ته 1700ع ڌاري ترتيب ڏنل مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ واري عربي- سنڌي آئيويٽا سندس خود ساخته نه، بلڪه مختلف دؤر جي ڪاتبن جي لکيل صورتن جي سـﮬــيڙ آهي. ان حوالي سان ابوالحسن جو اهو ڪردار ضرور رهيو آهي ته هن ان آئيويٽا کي ترتيب ڏئي رسم الخط طور مدرسن ۾ عام ڪرڻ ۽ باقائدي پڙهائڻ ۾ خاصي ڪوشش ورتي. ’ڪلام ڪوڙلين‘ ۾ ڪم آندل اکر يا آئيويٽا مان اندازو ٿئي ٿو ته اها پنـﮬـنجي وقت جي مروّج صورت هوندي. بـﮬـرحال مخدوم غوث محمد ’گوهر‘ نوُر نچوئي هن ڪلام کي موجوده آئيويٽا موجب منظر عام تي آندو آهي، هتي قديم آئيويٽا جي اکرن جي هاڻوڪي اکرن سان ڀيٽ ڏجي ٿي.
2.3.1. ڪلام ڪوڙليَن (ٻه ڪوڙا) ۾ ڪم آندل آئيويٽا
قديم جديد قديم جديد قديم جديد قديم جديد
ا ا
ء،عا آ
ب ب
پهه ٻ
پ پ
ب ڀ
ت ت
ت ٺ
ٽ ٽ
ث ث
ٿ ٿ
ف ف
ف ڦ
گ گ گ ڳ
ڱ ڱ
ک ک
ي
د د
ذ ذ
د ڌ
د ڏ
ڊ ڊ
ڍ ڍ
ح ح
ج ج
ج ڄ
ج ڃ چ چ
چ ڇ
خ خ
ع ع
غ غ
ر ر
ز ز
ر ڙ
س س
ش ش
ص ص
ض ض
ن ڻ
ط ط ظ ظ
م م
ن ن
ل ل
هه هه
جھ جھ
گھ گھ
ک ڪ
ا ء
ه ه
لا لا
مي ۾
عاعي ۽
عاعون آءٌ
(ڪوڙل ۽ ڪوڙل ، 1995: 6، 19)
پروفيسر عبدالڪريم لغاري هڪ نقشو ترتيب ڏنو جنـﮬـن ذريعي اندازو ٿئي ٿو ته ايلس واري ڪاميٽيءَ اڳيان، اڳ ڪم آندل اکرن جون صورتون هيون جن جي بنياد تي موجوده عربي- سنڌي آئيويٽا ترتيب ڏني وئي؛ جنـﮬـن ۾ ڏيکاريل آهي ته نج سنڌي اچارن وارا حرف، پنـﮬـنجي ڪـﮬــڙيءَ صورت ۾ ڪاميٽيءَ جي اڳيان موجود هئا:
1853ع ۾ ڪاميٽيءَ اڳيان اکرن جي صورت نج سنڌي اچارن جي اکرن جي موجوده صورت
ک _گ ڳ
ک _گ گھ
ک _گ ڱ
ک
ک
ڌ ڌ
ڊ (ڊر) ڊ
ڇ ڇ
ڄ _ڃ
ڄ
ڄ _ڃ
ڃ
ڀ ڀ
ٿ ٿ
ٻ ٻ
ٺ - ٽ (ٽر) ٽ
ڤ (ڦ مٿان ث وارا ٽي ٽٻڪا)
ڦ
ر (ر مٿان ٺ وارا ٻه ٽٻڪا) ژ (ث وارا ٽٻڪا) ڙ
ڎ (ڏ مٿان ث وارا ٽي ٽٻڪا)
ڏ
ج
جھ
(نون مٿان ننڍڙي ط) ڻ
(لغاري، 1976: 73- 74)
1700ع ڌاري نسخ نموني جو سنڌي زبان لاءِ جيڪو پـﮬـريون باضابطا طور تي رسم الخط لکت جي صورت ۾ آيو سو مخدوم ابوالحسن پنـﮬـنجي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ ۾ ڪم آندو. مخدوم صاحب سنڌي آوازن لاءِ عربي فارسيءَ جي الف- بي/ آئيويٽا جي مدد سان جيڪا صورت مقرر ڪئي، سا هن ريت آهي:
2.3.2. ابوالحسن جي ترتيبيل آئيويٽا
ابوالحسن واري موجوده ابوالحسن واري موجوده ابوالحسن واري موجوده
ا ا
ب ب ۽ ٻ
ڀ، بهه ڀ
ت ت
ٿ، تهه ٿ
ت ۽ تر ٽ
ٽ ۽ ٿهه ٺ
ث ث
پ پ
ف ۽ پهه ڦ
ج ج
ج ڄ
ج جھ
نج ڃ
چ چ
چهه ڇ
خ خ
ح ح
د د
ڌهه ڌ
ڏ ڏ
د ۽ در ڊ
ڊ ڍ
ر ر
ر ڙ
ز ز
س س
ش ش
ص ص
ض ض
ط ط
ظ ظ
ع ع
غ غ
ف ف
ق ق
ڪ ڪ
ک ۽ کهه ک
گ ڳ
گھ گھ
نگ ڱ
ل ل
م م
ن ن
ن ڻ
و و
هه هه
ء ء
ي ي

(الانا، 2005: 208- 209)
2.3.3. آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ترتيبيل آئيويٽا
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي ترتيبيل آئيويٽا بعد 1845ع کان 1852ع جي عرصي دوران آخوند عبدالرحيم عباسي مرحوم هڪ نرالي 55 اکري آئيويٽا ترتيب ڏني. يقيناً عباسي مرحوم جي اڳيان مخدوم ابوالحسن جي آئيويٽا هئي، جنـﮬـن بنياد تي هن بزرگ چند نوان اکر متعيّن ڪيا. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته آخوند عبدالرحيم عباسيءَ، مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي آئيويٽا کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش ورتي. هيٺ آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ترتيبيل آئيويٽا، مخدوم ابوالحسن جي اکرن سان تقابلي نظر رکڻ لاءِ سامهون رکجي ٿي:
آخوند عبدالرحيم واري ابوالحسن واري موجوده
ا
ب
ٻ
بهه
پ
پهه
ت
تهه
ٿ
ٿهه
ٿر
ث
ج
جهه
ڄ
ڃ
چ
چهه
ح
خ
د
ده
ڎ
ڐ
ڐه
ڐر
ذ
ر
ڙ
ز
س
ش
ص
ض
ط
ظ
ع
غ
ف
ق
ک
کهه
گ
گهه
ڰ
ڱ
ل
م
ن
ن
و
هه
لا
ء
ي
ا
ب
ب
ڀ، بهه
پ
ف، پهه
ت
ٿ، تهه
ت، تر
ٽ، ٿهه
-
ث
ج
ج
ج
نج
چ
چهه
ح
خ
د
ڌهه
ڏ
د، در
ڊ
-
ذ
ر
ڙ
ز
س
ش
ص
ض
ط
ظ
ع
غ
ف
ق
ڪ
ک، کهه
گ
گھ
گ
نگ
ل
م
ن
ن
و
هه
-
ء
ي
ا
ب
ٻ
ڀ
پ
ڦ
ت
ٿ
ٽ
ٺ
ٺر
ث
ج
جھ
ڄ
ڃ
چ
ڇ
ح
خ
د
ڌ
ڏ
ڊ
ڍ
ڊر
ذ
ر
ڙ
ز
س
ش
ص
ض
ط
ظ
ع
غ
ف
ق
ڪ
ک
گ
گھ
ڳ
ڱ
ل
م
ن
ڻ
و
هه
-
ء
ي

(آخوند، 1993: مـﮬـاڳ)
آخوند عبدالرحيم وفا عباسيءَ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، ان ۾ هيٺيان نڪتا قابل توجه آهن:
1. ترتيب ۾ اکر گهڻي قدر شڪل ۽ ٽٻڪي وار رکيائين.
2. اوسرڳ سان وسرڳ ترتيب سان رکيائين.
3. وسرڳ آواز لاءِ جنسي ’ـهـ‘ جو جوڙ ملايَئين.
4. سنڌي ٻوليءَ جي مستعمل آوازن تي نظر رکي ’ر‘ جي لار وارن آوازن لاءِ اکر متعين ڪيائين.
5. گُهڻن وينجنن لاءِ مفرد اکرن جو تعين ڪيائين.
اندازو آهي ته 1845ع کان 1852ع دوران آخوند صاحب جي ترتيبيل آئيويٽا جي اکرن جو مدار گهڻي قدر اردو دکنيءَ جي اکرن تي هو؛ جنـﮬـن کي سامهون رکي هن بزرگ چند سنڌي آوازن جون نراليون شڪليون رکيون جنـﮬـن کي وري سامهون رکي بعد ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ گُهڻن آوازن لاءِ الڳ اکر مقرر ڪري، ساڳي آخوند صاحب واري آئيويٽا کي رواج ۾ آڻڻ جي سفارش ڪئي. آخوند صاحب جي آئيويٽا جو مدار اردو دکنيءَ تي هجڻ جو اندازو 1834ع تي جان شيڪسپيئر جي لکيل اردو- انگلش ڊڪشنريءَ ۽ پليٽس جي ڊڪشنريءَ مان پوي ٿو، جنـﮬـن ۾ چند اکرن سواءِ ساڳي شڪل وارا اکر اردو دکنيءَ جي حوالي سان ڏنل آهن.
سنڌ جي هڪ سابق انگريز گورنر ’سنڌي رسم الخط جي تاريخ‘ جي عنوان سان ’معارف‘ اعظم ڳڙهه، نمبر: 6- جلد: 58، 1943ع ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ملڪ ۾ خود پنـﮬـنجي هڪ مستقل زبان موجود هئي، پر ان لاءِ حروف تـﮬـجي ڪين هئا، جي هوند عام طور تي رائج ٿي سگهن. ان دؤر ۾ عام تحريري ڪم ڪار هندو منشي ڪندا هئا. هندو پنـﮬـنجي تحريرن ۾ فارسي رسم الخط ۾ فارسي ۽ سنڌي زبانن کي گڏي سڏي لکندا هيا. اهو مخلوط خط به ڳچ وقت کان رائج هو. ڪتاب ’ابوالحسن جي سنڌي‘ جنـﮬـن کي انگريزن جي اچڻ وقت ملا مسجدن ۾ پڙهائيندا هئا، سو اصل ۾ با محاوري سنڌي ٻوليءَ کي عربي حروف تـﮬـجيءَ ۾ لکڻ جي هڪ ڪوشش هئي. ان طرح واٽن جو ’گرامر آف سنڌي‘ جو به اهوئي مقصد هو. اهو ڪتاب 1866ﻉ ۾ عربي رسم الخط ۾، انهن پوليٽيڪل آفيسرن لاءِ تيار ڪرايو ويو هو، جي سنڌ جي حاڪمن جي درٻارن سان وابسته هئا. ان وقت، هندو واپارين وٽ، حساب ڪتاب جي لاءِ، هڪ قسم جو ديوناگري رسم الخط چالو هو. سنڌ جي فتح کان پوءِ جڏهن اٺ سال مس گذريا، تڏهن سر بارٽل فريئر، سنڌ جون واڳون سنڀاليون. سول حاڪمن لاءِ اهو حڪم ڪڍيو ويو ته هو سنڌي زبان ۾ امتحان پاس ڪن. مسئلو اهو پيدا ٿيو ته سرڪاري لکپڙهه ته کڻي سنڌي زبان ۾ ڪئي وڃي پر انلاءِ ڪو حروف تـﮬـجيءَ جو مقرر اصول ٺاهيو وڃي. انلاءِ صرف ٻن آفيسرن کي، جي سنڌي زبان ڄاڻندا هئا، تن کي راءِ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو، هڪ هو ڪيپٽن رچرڊ برٽن ۽ ٻيوهو ڪيپٽن جارج اسٽئڪ. ٻنهين ۾ اختلاف پيدا ٿيو، رچرڊ برٽن عربي رسم الخط جي حمايت ۾ هو ۽ اسٽئڪ هندي رسم الخط جي حق ۾ هو. ان اختلاف کي ڏسي، فريئر به نسلي ۽ قومي پـﮬـلوءَ کي اڳيان رکي پريشان رهيو. ان بعد اهو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي حڪم تي عربي حروف تـﮬـجي جي حق ۾ ڪيو ويو.
ان فيصلي اچڻ تي سر فريئر، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ايلس کي اهوڪم سپرد ڪيو ته عربي حروف تـﮬـجي تيار ڪرائي. عربيءَ ۾ رڳا اڻٽيھه حرف آهن (عربيءَ ۾ اٺاويھه حرف آهن، باقي اکرن جي شڪل جي مٽا سٽا تحت اڻٽيـﮬـه يا ٽيـﮬــه به ٿي سگهن ٿا- راقم)، ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لـﮬـجن ۽ انهن جي صوتي اثرات ۽ خصوصيات کي قائم رکڻ لاءِ ان گهٽتائيءَ کي ٽٻڪن جي وسيلي سان پورو ڪيو ويو. ان نئين رسم الخط نـﮬـايت تيزيءَ سان ترقي ڪئي، اهوئي ڪارڻ آهي جو پوءِ ستت ئي سنڌي ٻولي صوبي جي سرڪاري زبان قرار ڏني وئي ۽ سرڪاري دفترن مان فارسي خارج ڪئي وئي.
ان هوندي به هڪ غلط ۽ نامناسب ڪوشش به تسليم ڪئي وئي ته هندن جي استعمال لاءِ ڀلي هندي حروف تـﮬـجي بنايا وڃن. ان نئين ۽ غلط تحريڪ جو باني هڪ دکني برهمڻ مسٽر نارائڻ جگن ناٿ واڊيا هو، جنـﮬـن کي بمبئي سرڪار سنڌ جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري اماڻيو هو. مسٽر واڊيا سنڌ ۾ پورا 25 سال رهيو ۽ مستقل ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي مقرري نه ٿيڻ سبب ناجائز فائدو وٺندي هندو حروف تـﮬـجي تي پوري زور شور سان تجربا ڪندو رهيو. هن پنـﮬـنجن تجربن سان حروف علت (سر) جا ڪيترا وڌيڪ حرف تيار ڪرايا ۽ انهن جي مدد سان ترقي ڏيندي هڪ معياري رسم الخط ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو. ان کان پوءِ 1868ع ۾ انهن نون حرفن کي اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار کي آماده ڪيو ويو، ۽ رعايتون ۽ سـﮬـوليتون پڻ ورتيون ويون. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ڏيارام گدو مل هندو- سنڌي رسم الخط کي منسوخ ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي، ۽ اها سرڪاري سرپرستي ختم ٿيندي شرط پنـﮬـنجي موت مري وئي.“ (انگريز گورنر، 1967: 134- 138)
2.3.4. ايلس واري آئيويٽا /پٽي 1853ع

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج
ڄ جھ ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ
ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ
ف ق ڪ ک گ ڳ گھ ڱ ل م ن ڻ
و هه ء ي .

جولاءِ 1853ع ۾ ’ايلس واري ڪميٽيءَ‘ طرفان مقرر ڪيل آئيويٽا ۾ چند اکرن جي شڪل جي ردوبدل بعد موجوده جيڪا مذڪوره ’ايلس واري پٽي‘ ڪوٺي وئي؛ سا 1854ع ۾ پـﮬـريون دفعو مشن هائوس جي نالي هارون لوهار جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي هئي. جنـﮬـن ۾ هارون لوهار جي ڪجهه رد و بدل ڪيل هئي.
انگريزن جي مقرر ڪيل عربي- سنڌي آئيويٽا/ رسم الخط جيتوڻيڪ ڪافي مشھور ڪئي وئي، تڏهن به ڪيترن ئي عالمن ان ۾ خاميون محسوس ڪيون. آخوند گل محمد گل هالائي (جنـﮬـن پڻ ديوان گل ۾ 55 اکري آئيويٽا جو چارٽ ڏنو آهي؛ جيڪا هن 1858ع کان ٿورو اڳ جوڙي هوندي، ڇوته ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحقيق موجب سندس وفات 1858ع ڌاري ٿي آهي.) پڻ ان کان پوريءَ طرح مطمئن ڪونه ٿيو. (مجيد، 1972: 156-171 )
آخوند گل محمد پنـﮬـنجي ڪتاب ديوان گل ۾ آئيويٽا / پٽي سمجهائڻ لاءِ نَو باب ترتيب ڏنا آهن. باب نائين ۾ پنـﮬـنجي ديوان لاءِ نئين ٺاهيل آئيويٽا جو چارٽ ڏنو آهي، جيڪو 55 اکرن تي مشتمل آهي، جيڪو هيئن آهي:
2.3.5. آخوند گل محمد گل جي ترتيبيل آئيويٽا

ا ب ٻ پ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث ج ج (جھ:جيم مٿان هه)
ڄ ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ د (دال مٿان ث وارا ٽي ٽٻڪا) ذ ر
ر (ڙﮩـه: ر جي مٿان هه) ڙ ز ر (فارسيءَ واري) س ش ص ض
ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گ (گھ: گ مٿان هه)
ڳ ڱ ل ل (لهه: لام مٿان هه) م ن ن (نهه: ن مٿان هه) ڻ و
هه ي. (مجيد، 1972: 156-171 )
آخوند گل محمد گل جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، ان ۾ هيٺيان نڪتا
آخوند گل محمد گل جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، ان ۾ هيٺيان نڪتا قابل توجه آهن:
• سندس آئيويٽا ۾ ’ء‘ (همزو) ڪونهي، ان کان علاوه ’مهه ۽ ڻهه‘ جا وسرڳ اکر ڄاڻايل ڪونهن!
• وسرڳ اکرن جا ٻه نمونا ڏنا ويا آهن:
 ساڳيا وسرڳ اکر بحال رکيا: ڀ، ٿ، ٺ، ڇ، ڍ، ڌ، ڦ، ک = 8
 ڪي وسرڳ اکر نرالا رکيا: ج، ر، گ، ل، ن = 5
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنـﮬــنجي مقالي ’ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائيءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”علم لسان جي قديم ماهرن جو خيال هو ته هائيه اصوات ۽ علامات مثلاً : ک، گهه وغيره حقيقت ۾ مرڪب ۽ مخلوط آواز آهن، پر ويجهڙائيءَ واري دور ۾ ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ۾ ’هه‘ اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿي جو سڄو آواز هڪ ئي شڪل ۽ جهٽڪي ۾ ادا ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هي مفرد آواز آهن ۽ لسانياتي اعتبار کان انهن کي هڪ مستقل صوتيه جي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ مسئلي کي پـﮬـريائين صوتياتي علمن جي ٻي بين الاقوامي ڪانفرنس منعقده لنڊن 1925ﻉ ۾ انهيءَ نموني پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن انجي فائدي ۾ وقت بوقت پئي لکيو آهي. هينئر جديد علم لسان جي نقطهء نظر کان ٿ، ڀ، ک، گهه، جهه، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙهه مفرد پر وسرڳ وينجن آهن. ت، ب، ڪ، گ، ج، پ، ٽ، د، ڊ، م، ن، ل، ڻ ۽ ڙ انهن آوازن جا اوسرڳ آهن.( هن حوالي ۾ ميمڻ صاحب ’ڇ‘ وسرڳ ڄاڻائي نه سگهيوآهي، جنھن جو ’چ‘ اوسرڳ آهي.) اسان جي گل مرحوم جيڪا آئيويٽا تيار ڪئي آهي، ان مان معلوم ٿيندو ته: ڀ، ٿ، جهه، ڌ، ک ۽ گهه وغيرهه کانسواءِ ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، ۽ نهه لاءِ به جدا حرف مقرر ڪيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته هن صوتي نقطهء نظر کان ’هائيه اصوات‘ يعني وسرڳ وينجن کي مفرد آواز مڃيو ٿي.“ (مجيد، 1972: 156-171 )
هن بزرگ آئيويٽا/ رسم الخط جي سڌاري واڌاري لاءِ سرڪاري مقرر ڪيل آئيويٽا تي پـﮬـرين باب بنام ’پـﮨـرين واٽ‘ ۾ نڪته چيني پڻ ڪئي آهي ۽ پنـﮨـنجي آئيويٽا/ رسم الخط کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثبوت به ڏنا آهن (ان کان علاوه ’ء‘ کي الف کان الڳ نه سمجهڻ )، ان مان ثابت ٿيندو ته گل مرحوم علم لسان مان به بخوبي واقف هو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي جوڙيل آئيويٽا بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي ته: ”ڊاڪٽر ٽرمپ (جنـﮬـن 1866ﻉ ۾ لپسيا جرمنيءَ مان شاه جو رسالو شايع ڪيو) پڻ سرڪاري مقرر ڪيل صورتخطيءَ سان پوريءَ ريت اتفاق نه ڪيو. ڪن اکرن ۾ مخدوم ابوالحسن ۽ آخوند گل مرحوم جي پيروي ڪيائين جي هي آهن: ڀ = بهه ، ڃ =نج ، ڇ =چهه ، ڌ =دهه ، ڏ= ڎ (دال مٿان ث وارا ٽٻڪا) ۽ ڊ = ڐ (دال مٿان چار ٽٻڪا) ڪري لکيائين.“ (مجيد، 1972: 156-171 )
ميمڻ صاحب جيڪا ٽرمپ جي ’ڃ‘ اکر لاءِ شڪل ڏني آهي، سا غلط ڄاڻائجي وئي آهي يا پروف جي غلطي هجي؛ ٽرمپ ان لاءِ ’نڄ‘ جي شڪل ڏني هئي، جيڪا سندس رسالي مان ڀلي ڀت واضح ٿئي ٿي.
ميمڻ صاحب جيڪو خيال پيش ڪيو آهي سو، سواءِ مخدوم ابوالحسن جي هڪ اصول اپنائڻ جي، بي تڪو آهي؛ ڇوته آخوند گل مرحوم جي وسرڳن جو انداز ئي نرالو آهي ۽ ان ۾ ڪنـﮬـن به مونجهاري جو امڪان نه ٿو رهي، جيڪو ڊاڪٽر سنڌيءَ ڄاڻايو به آهي. ان مان اهو امڪان ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر ٽرمپ، آخوند گل جي آئيويٽا ڏٺي ئي ڪانه هوندي!
ارنيسٽ ٽرمپ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، ان ۾ اختلافي اکر/حرف هيئن ڄاڻايل آهن:
2.3.6. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي سنڌي گرامر ۾ ڪم آندل/ جوڙيل آئيويٽا
Survey of the different Sindhi- Arabic alphabets
Roman Characters. The Old Sindhi Alphabet The Government Alphabet The Alphabet used in this Grammar (Hindustani).
a ا ا ا
b ب ب ب
b̄ ٻ ٻ ٻ
bh ڀ ڀ بهه
t ت ت ت
th ٿ ٿ تهه
ṭ ٺ ٽ ٿ
th ٽ ٺ ٿهه
ϑ ث ث ث
p پ پ پ
ph ف
ڦ پهه
ǰ ج ج ج
ȷ̄ ڃ ڄ ڄ
ǰh ڄ جهه جهه
ń (ny) نڃ ڃ نڄ
č چ چ چ
čh ڇ ڇ چهه
h‘ ح ح ح
χ خ خ خ
d د د د
dh ڌ ڌ دهه
ḍ ڊ ڊ ڐ
ḍֿ ڎ ڏ ڎ
ḍh ڍ ڍ ڐهه
δ ذ ذ ذ
r ر ر ر
ṙ ر ڙ ڙ
z ز ز ز
s س س س
š ش ش ش
s̠ ص ص ص
ẕ ض ض ض
ṯ ط ط ط
̠δ ظ ظ ظ
э ع ع ع
γ غ غ غ
f ف ف ف
q ق ق ق
k ک، ڪ ڪ ڪ، ک
kh ک ک کهه
g ک گ گ
ḡ ک ڳ ڰ
gh گ گهه گهه
(ng) ṅ نک ڱ نگ
l ل ل ل
m ﻡ ﻡ ﻡ
n ن ن ن
ṇ ن ڻ ن
v و و و
h هه هه هه
y ي ي ي
(ٽرمپ، 2011: 331- 332)
ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، ان ۾ ’همزو‘ ڄاڻايل ڪونهي. اصل ۾ عربي آئيويٽا ۾ به جنسي ’همزي‘ جو شمار ڪونه ٿو ٿئي، جنـﮬـن صورت ۾ همزو ’الف‘ جو ٻيو روپ سمجهيو ويو آهي، ان لاءِ مبادا ڊاڪٽر ٽرمپ به اهڙو خيال رکيو هجي.
2.3.6.1. ٽرمپ واري شاه جي رسالي ۾ ڏنل آئيويٽا جا اختلافي اکر
هاڻوڪي آئيويٽا ٽرمپ واري هاڻوڪي آئيويٽا ٽرمپ واري هاڻوڪي آئيويٽا ٽرمپ واري
ڀ بهه ڌ دهه ک کهه
ٿ تهه ڏ د
ڳ گ
ٽ ٿ ڊ د
ڱ نڱ
ٺ ٿهه ڍ دهه
م مـــــه
ڃ نڄ ڦ پهه ڻ ن
ڇ چهه
ڪ ک ۾ مين
(ٽرمپ، 1985: xxx)
(واضح رهي ته ڊاڪٽر ٽرمپ جي رسالي ۾ ’ڱ‘ لاءِ ’نگ‘ جو مرڪب اکر ڪم آندل آهي، جڏهن ته اداري پاران ڄاڻايل پٽيءَ ۾ ’نڱ‘ ڄاڻائجي ويو آهي.)
ڊاڪٽر ٽرمپ جي اکرن جي ڀير ۽ ٽٻڪن جي استعمال تي آفتاب ابڙي لکيو آهي ته: ”سنڌي الف- ب ۾ اهو استعمال عبدالرحيم ڪيو، جنھن جي صحبت ۾ وري ڊاڪٽر ٽرمپ پنھنجي رسالي لاءِ ساڳيو طريقو اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ 1853ع ۾ سرڪاري طور الف- ب مقرر ٿي چُڪي هئي، پر پوءِ به ڊاڪٽر ٽرمپ پنـﮬـنجي شـﮬـر لپزگ ۾ فائونڊري مان سنڌي نوان لفظ جوڙايا. جيتوڻيڪ ان رسالي جي ڇپائيءَ لاءِ فنڊ سرڪار کيس فراهم ڪيا هئا، پر ڊاڪٽر صاحب 1866ع ۾ به انهن حڪمن جي پرواه نه ڪئي ۽ مختلف اسڪرپٽ جوڙي ان ۾ رسالو شايع ڪرايائين، جنـﮬــن تي هن کي وڌيڪ خرچ پنـﮬـنجي هڙان ڪرڻو پيو. ان لاءِ وٽس دليل اهو هو ته شاه سائينءَ جو پيغام اهڙي لپيءَ ۾ رکجي جيئن پوري هندستان جا ماڻهو پڙهي سگهن.“ (آفتاب، 2010: 51- 92)
ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيبيل آئيويٽا گهڻي قدر آخوند عبدالرحيم عباسيءَ ۽ پراڻي دکني اردو جي آئيويٽا جي نموني تي ٻڌل هئي، جنـﮬـنجو مقصد برصغير ۾ ساڳين اکرن جي صورت ڪم آڻڻ هو؛ پر جيئن ته اهي اکر سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق نه هجڻ ۽ لفظن ۾ مونجهارا پيدا ٿيڻ جي امڪان سبب ان وقت جي اختياريءَ وارن پاران ٽرمپ آئيويٽا کي تقويت ڪانه ملي. پراڻي اردو جا اختلافي اکر ڀيٽ جي خيال کان هيٺ ڏجن ٿا:
هاڻوڪا سنڌي اکر پراڻا اردو اکر هاڻوڪا سنڌي اکر پراڻا اردو اکر هاڻوڪا سنڌي اکر پراڻا اردو اکر
ڀ بهه ڇ چهه ڦ پهه
ٿ تهه ڌ دهه ڪ ک
ٽ ٿ ڊ د
ک کهه
ٺ ٿهه ڍ ده

(Shakespear, 1980: preface)
ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌ ۾ اچڻ سان يقيناً آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي آئيويٽا سامهون رکي هوندي ۽ گڏو گڏ اردو دکنيءَ واري آئيويٽا به سامهون رکي هوندي؛ ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ آخوند عباسيءَ جي آئيويٽائن ۾ گهڻي قدر هڪجھڙائپ آهي، سواءِ گُهڻن ويجنن جي!
ڊاڪٽر ٽرمپ، آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي وسرڳن لاءِ ’هه‘ اکر واري اضافي کي بحال رکڻ جي حق ۾ هو؛ ساڳيو يڪسانيت وارو اصول مخدوم ابوالحسن وارو رکندي (سواءِ ’ڻ‘ اکر جي) گُهڻن وينجنن لاءِ اهو ئي رايو رکيائين ته جيڪي گُهڻا وينجن آهن تن ۾ جنسي ’ن‘ جو اکر ملايو وڃي.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيبيل آئيويٽا جي اصولن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن مستشرق عالم ايلس واري آئيويٽا سان اختلاف رکندي پنـﮬـنجي نرالي راءِ جي صورت ۾ اڳين ٻن عالمن مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ ۽ آخوند عبدالرحيم جون آئيويٽائون سامهون رکي، ڪن گروهي آوازن لاءِ هڪ اصول اخذ ڪندي پنـﮬـنجي آئيويٽا ترتيب ڏني هوندي.
ايلس واري آئيويٽا جي اکرن جي بيھڪ تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر ٽرمپ گُهڻن آوازي اکرن لاءِ ڪِي قدر، مخدوم ابوالحسن وانگر هڪ اصول رکي، اکر متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن: ڃ = نڄ، ڱ = نگ، ڻ = ن (نون مٿان ٻيو ٽٻڪو)، ۾= مين.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي گُهڻن آوازن ۾ جنسي ’ن‘ جي اضافي بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب تنقيدي طور لکي ٿو ته: ”ٽرمپ جو ’سخت تارونءَ واري گُهڻي وينجن‘ [ڃ] ۽ ’نرم تارونءَ واري گُهڻي وينجن‘ [ڱ] جي صورت لاءِ ورتل اعتراض به ڪمزور آهي. ٽرمپ جو رايو آهي ته سخت تاورنءَ واري گُهڻي وينجن لاءِ ’ڃ‘ جي بدران ’نج‘ ۽ نرم تارونءَ واري گُهڻي وينجن لاءِ ’ڱ‘ جي بدران ’نگ‘ هئڻ گهرجن. هن جو خيال آهي ته گُهڻا آواز هميشـﮣ ’ن‘ حرف سان لکڻ گهرجن.“ (الانا، 1993: 124)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’ن‘ سان گُهڻن اکرن لکڻ مان مونجهاري پيدا ٿيڻ واري امڪان لاءِ لکي ٿو ته: ”اگر ’ڃ‘ ۽ ’ڱ‘ کي ’نج‘ ۽ ’نگ‘ جي صورتن ۾ لکيو وڃي ها ته جيڪر ڪيترين ئي لفظن جي فرق ۽ سڃاڻپ ۾ دقت پيدا ٿئي مثال طور:
ايلس واري صورتخطيءَ ۾ ٽرمپ واري صورتخطيءَ ۾
سَنج سَنج
سَڃ سَنج
پَنجَ پَنج
پَڃَ پَنج
ساڳيءَ طرح ’ڱ‘، ’نگ‘ کان زياده آسان ۽ موزون آهي، مثلاً:
ايلس واري صورتخطيءَ ۾ ٽرمپ واري صورتخطيءَ ۾
سنگُ سنگُ
سڱُ سنگُ
انگُ انگُ
اڱ انگُ “
(الانا، 1993: 124- 125)
اهوئي سبب آهي جو ٽرمپ واري اها راءِ ٻوليءَ جي وسعت جي لحاظ کان غير موزون ليکي وئي؛ ۽ ان وقت جي ڪمشنر بارٽل فريئر، ايلس واري پٽيءَ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سفارش اجائي ڄاتي.
مٿين ڊاڪٽر ٽرمپ واري پٽي/ آئيويٽا ۾ گُهڻن صوتين جي ڄاڻايل شڪلين ۽ ڊاڪٽر الانا جي ٽرمپ واري ’هڪ اصول‘ متعين ڪرڻ تي ڪيل تنقيد ۾ ٻه نظر چُڪون سامهون اچن ٿيون، جيڪي تحقيق لاءِ مونجهاري جو باعث بڻجن ٿيون:
• هڪ: ڊاڪٽر ٽرمپ واري شاهه جي رسالي ۾ ڄاڻايل آئيويٽا ۾ ’ڱ‘ لاءِ ’نڱ‘ شڪل ڏنل آهي، جڏهن ته رسالي جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته ان ۾ [ڱ] آواز لاءِ ’نگ‘ ئي ڄاڻايل آهي، جيئن الانا صاحب ڄاڻايو آهي. انلاءِ اداري ’ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز‘ جي مُعتبر ماڻهن جِي ئي لا پرواهي چئجي!
• ٻيو: ٽرمپ واري رسالي ۾ [ڃ] آواز لاءِ ’نڄ‘ اکر اداري ’ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز‘ جي ڄاڻايل پٽيءَ توڻي رسالي جي بيتن ۾ ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر الانا صاحب کان ٿيل نظر چڪ سبب ’نج‘ ڄاڻائجي ويو آهي. (ڏسو: ’سنڌي صورتخطي‘ اڳوڻو توڻي نؤن ڇاپو.) جنـﮬـن بنياد تي مٿي ڄاڻايل سندس ’ڃ‘ ۽ ’نج‘ ۾ فرق واري تنقيد کي کيس آئنده وارن ڇاپن مان رد ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ٻوليءَ جي ڪتابن/ مقالن ۾ حوالي طور پئي هلندي.
1920ع ڌاري مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ ايلس واري آئيويٽا جي ورڇ ۽ ترتيب تي پنـﮬـنجي ڪتاب ’سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ تنقيد ڪندي ديوناگري آوازي آئيويٽا سان ڀيٽي لکيو آهي ته: ”هي الف- ب عربي ٻوليءَ جي الف- ب تان ٺـﮬـيل آهي. جيڪي اکر يا آواز عربي ۽ فارسيءَ ۾ نه هئا سي نقطن وڌائڻ سان يا هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٺاهيا ويا آهن، مگر هڪدم معلوم ڪري ٿو سگهجي ته اهي ڪنـﮬـن اصول تي ٺـﮬـرايا نه ويا آهن، رڳو ڌُڪي تي وقت ٽپائڻ لاءِ ٺـﮬـرايا ويا آهن. سنسڪرت ۾، يا سنسڪرت مان نڪتل ٻولين ۾ وات مان نڪرڻ وارين جاين وارا اکر يا آواز سڀ گڏ ڏنل آهن، جيئن نڙيءَ وارا گڏ، ڏندن وارا گڏ، چپن وارا گڏ ۽ زبان وارا يا زبان جي پاسي وارا گڏ، تنـﮬـن کانسواءِ جن اکرن ۾ ’هه‘ جو آواز يا ’نون‘ جو آوازڳنڍيل يا لڪل ٿو رهي، سي به انهن اصل اکرن سان گڏ ڏنا ويا آهن، جيئن:
2.3.8. مرزا قليچ بيگ جي ترتيبيل آئيويٽا
خاص سنڌي خاص عربي
نڙيءَ وارا: ڪ ک گ گهه ڱ هه نڙيءَ وارا:
تارونءَ وارا: چ ڇ ج جهه ڃ ڄ ش ي تارونءَ وارا:
زبان يا انجي پاسي وارا: ٽ ٺ ڊ ڍ ڻ ڙ ڙهه ڏ زبان يا انجي پاسي وارا:
ڏندن وارا: ت ٿ د ڌ ن ر ش ل ڏندن وارا:
چپن وارا: پ ڦ ب ڀ م ٻ و چپن وارا:
(قليچ، 2006: 165)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ساڳئي نموني سنڌي آوازي سرشتي کي ديوناگري ترتيب سان بيـﮬـاريندي هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾، ٻين هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻا وينجن (حرف صحيح) صوتيه آهن، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سنڌيءَ ۾ چئن چوسڻن آوازن سان گڏ، عربي فارسي ٻولين جي اثر ڪري خ، غ، ز، ف جو اچارڻ پڻ صوتين جي روپ ۾ ڪيو وڃي ٿو. معياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ايڪيتاليـﮬـه حرف صحيح صوتيه (Consonant phonemes) آهن:
2.3.9. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي بيهاريل آئيويٽا
ڪ ک گ ڳ گهه ڱ
چ ڇ ج ڄ جهه ڃ
ٽ ٺ ڊ ڏ ڍ ڻ
ت ٿ د ڌ ن
پ ڦ ب ٻ ڀ م
ي ر ل و ڙ
ش س هه
خ غ ز ف

(نوٽ): پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي صوتيات‘ ۾/ مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آهي. اهي حقيقت ۾ ٻن صوتين جو ميل (Conjunct Consonants) آهن.“ (جيٽلي، 2006: ¬128- 132)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو خيال آهي ته ‘مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه‘ مفرد صوتيه نه بلڪه مرڪب صوتيه يعني ٻن صوتين جو ميل آهي. حالانڪ انهن اهڙن وسرڳ صوتين جو تصور هندي زبانن ۾ پڻ آهي، انکان علاوه اها ڳالهه بين الاقوامي طور تي پڻ طئه شده آهي ته اهي مرڪب نه پر مفرد صوتيه آهن. اهڙو اظـﮬـار ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنـﮬـنجي مقالي ’ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائيءَ‘ ۾ ڪري ٿو ته: ”علم لسان جي قديم ماهرن جو خيال هو ته هائيه اصوات ۽ علامات مثلاً : ک، گهه وغيره حقيقت ۾ مرڪب ۽ مخلوط آواز آهن، پر ويجهڙائيءَ واري دور ۾ ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ۾ ’هه‘ اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿي جو سڄو آواز هڪ ئي شڪل۽ جهٽڪي ۾ ادا ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هي مفرد آواز آهن ۽ لسانياتي اعتبار کان انهن کي هڪ مستقل صوتيه جي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ مسئلي کي پــﮬـريائين صوتياتي علمن جي ٻي بين الاقوامي ڪانفرنس منعقده لنڊن 1925ع ۾ انهيءَ نموني پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن انجي فائدي ۾ وقت بوقت پئي لکيو آهي. هينئر جديد علم لسان جي نقطهء نظر کان ٿ، ڀ، ک، گهه، جهه، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙﮫ مفرد پر وسرگ وينجن آهن. ت، ب، ڪ، گ، ج، پ، ٽ، د، ڊ، م، ن، ل، ڻ ۽ ڙ انهن آوازن جا اوسرگ آهن. (هن حوالي ۾ ميمڻ صاحب ’ڇ‘ وسرڳ ڄاڻائي نه سگهيو آهي، جنــﮬـن جو ’چ‘ اوسرڳ آهي.) اسان جي گل مرحوم جيڪا آئيويٽا تيار ڪئي آهي، ان مان معلوم ٿيندو ته: ڀ، ٿ، جهه، ڌ، ک ۽ گهه وغيرهه کانسواءِ ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، ۽ نهه لاءِ به جدا حرف مقرر ڪيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته هن صوتي نقطهء نظر کان ’هائيه اصوات‘ يعني وسرگ وينجن کي مفرد آواز مڃيو ٿي.“ (مجيد، 1972: 156-171 )
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب پنـﮬـنجي ڪتاب ’ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ‘ ۾ وڌيڪ تفصيلي لکي ٿو ته: ”ڌوَني وگيان (Phonology) جي اصولن کي ڌيان ۾ رکندي اسين جيڪڏهن معياري سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي جو اڀياس ڪنداسين ته انهيءَ ۾ ڪل ايڪونجاهه ڇيدائتا (Segmental) ڌوَني- تت يا صوتيه (Phonemes) اسان کي حاصل ٿيندا. اهي هتي چارٽ ۾ ڏجن ٿا:
(1) سُر ڌوني- تت (Vowel Phonemes) ڪل ڏهه:
اَ آ اِ ايِ اُ اوُ اي اَي او اَو
A Aw e e í a å Ey EY Awy AwY
انهن سڀني جو نڪائون اچار به ٿيندو آهي، جيئن ته: اَن، آن، اين وغيره.
اَن آن اِن ايِن اُن اوُن اين اَين اون اَون
AN AwN eN e Ní aN åN ENy EYN AwyN AwYN
(2) وينجن ڌوَني- تت (Consonant Phonemes) ڪل ايڪيتاليـﮫـه.



چپن وارا ڏندوان مورڌني سخت تارونءَ وارا نرم تارونءَ وارا نڙگهٽي

خارجي ڌماڪيدار
(Explosives) ڪٺور اوسرگي پ ت ٽ چ ڪ -
ڪٺور وسرگي ڦ ٿ ٺ ڇ ک -
ڪومل اوسرگي ب د ڊ ج گ -
ڪومل وسرگي ڀ ڌ ڍ جھ گھ -
نڪاوان (Nasals) ڪومل (گهوش) م ن ڻ ڃ ڱ -
داخلي ڌماڪيدار Implosive)) ڪومل (گهوش) ٻ - ڏ ڄ ڳ -
گهسڪيدار (Fricatives) ڪٺور (اَگهوش) ف س - ش خ هه
- ز - - غ -
پاسيرا (laterals)
ڪومل - ل - - - -
هڪ ڌڪا (Flapped) - ر ڙ - - -
نيم سر (Semi-vowels) و - - ي
نوٽ: ع، ق، ذ، ض، ظ، ط، ث، ص، ح- انهن حرفن جو اچار سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ نه آهي. انهيءَ ڪري اهي هن چارٽ ۾ شامل ڪيل نه آهن. اسين سنڌي عام طور ’ع‘ جو ’ا‘، ’ق‘ جو ’ڪ‘، ’ذ، ض، ظ‘ جو ’ز‘، ’ط‘ جو ’ت‘، ’ث، ص‘ جو ’س‘ ۽ ’ح‘ جو ’هه‘ اچار ڪندا آهيون.“ (جيٽلي، 1999: 54- 55)
ڊاڪٽر جيٽلي صاحب گُهڻن سُرن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي پٽين ۾ پڙهائڻ تمام ضروري آهن؛ البته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’اَه‘(A:) جو آواز سُر ۾ پڙهايو ويندو آهي، ڊاڪٽر صاحب ان جو ذڪر خبر ناهي ته ڇو نه ڪيو، جڏهن ته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’اظھاري هه‘ ۽ ’مختفي ه‘ واري آواز لاءِ پڻ الڳ الڳ اکر متعين ٿيل آهن ۽ ’مختفي ه‘ جي آواز وارو اکر سُر ۾ پڙهايو ويندو آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب عربي- سنڌي آئيويٽا جي 1853ع، 1935ع ۽ 1960ع واري گاڏڙ ترتيب سامهون رکندي عربي- سنڌي آئيويٽا جي ساخت تي تنقيدي نظر رکندي لکي ٿو ته: ”هاڻي اچو ته عربي سنڌي ورڻمالا جي چارٽ ۾ ڏنل سڀ حرف ڏسون جيڪي عام طور هن سلسلي ۾ ٻاراڻن ڪتابن ۾ ڏنا ويندا آهن:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ج ڄ جهه
ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش
ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گهه
ڳ ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
نوٽ: همزو /ء/ حقيقت ۾ الف جو بدليل روپ آهي، ان ڪري انهيءَ کي چارٽ ۾ نه ڏيڻ گهرجي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڌوني تتن ۽ انهن کي لکڻ لاءِ روايتي صورتخطيءَ ۾ جيڪي حرف ڏنل آهن، انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ سان اسين هيٺين نتيجن تي پھچون ٿا:
1. آوازي سرشتي ۾ سُر ڌوني- تت (صوتيه) ڏهه آهن، پر روايتي آئيويٽا ۾ فقط هڪ سُرُ ’اَ‘ ڏنل آهي.
2. سنڌي ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ ايڪونجاهه ڌوني- تت آهن ۽ عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ ٻاونجاهه حرف ڏنل آهن. پر ٻنهي سرشتن وچ ۾ تز ٺـﮬـڪاءُ (fitness) نه آهي.
3. ڪجهه سُر ڌوني- تت لکڻ لاءِ عربي- سنڌيءَ ۾ الف سان گڏ اعرابون لڳايون وڃن ٿيون: اَ، آ، اِ، اُ.“ (جيٽلي- 1999: 56)
ڄاڻايل ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي نتيجن جي ڇنڊ ڇاڻ مان جيڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون سي هيٺ ڏجن ٿيون:
1. هڪ ته، صاحب موصوف جي ڄاڻايل آئيويٽا جي ترتيب گاڏڙ ساڏڙ آهي، نه ته 1853ع واري، نه 1935ع واري ۽ نه وري 1960ع واري. بلڪه ٽنهي جو امتزاج.
1853ع واري ڏِک: ... ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ... ڪ ک گ گهه ڳ ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
1935ع واري ڏِک: ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ...
1960ع واري ڏِک: ... ف ڦ ق ...
2. ٻيو ته، ڊاڪٽر صاحب روايتي آئيويٽا ۾ فقط هڪ سُرُ ’اَ‘ جو ذڪر ڪيو آهي، جڏهن ته روايتي آئيويٽا ۾ ڪنـﮬـن به سُر جو ذڪر ڪونهي، بلڪه اهي سر الڳ سان ڏهه پٽيُن جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن.
3. ٽيو ته، آئيويٽا جي ترتيب جو ٺـﮬــڪاءُ آوازي سرشتي سان لازمي هجڻ غير ضروري آهي. مثال طور سنڌي آئيويٽا اصل ۾ عربي تان ورتل آهي ۽ گهڻي قدر ان جي اصولن جي ئي پوئواري ڪندي آئي آهي، جنـﮬـن ۾ ترتيب جا ٽي نمونا اڄ به موجود آهن، ليڪن انهن ۾ ٻارن/ سيکڙاٽن لاءِ مخرجي ترتيب کان وڌيڪ هم شڪليءَ واري ترتيب کي پسند ڪيو ويو آهي ۽ اها ئي رائج آهي. ڊاڪٽر صاحب اهڙو اظـﮬــار صرف ديوناگري آئيويٽا کي سامـهـون رکي ڪري ٿو.
2.3.10. واحدبخش شيخ جي مخرج موجب بيـﻫـاريل آئيويٽا
محترم واحد بخش شيخ صاحب 52 سنڌي اکريءَ جي ورڇ ڪندي مخرج موجب ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي:
اچارڻ جو هنڌ سنڌي حرف عربي حرف فارسي حرف
شفوي حروف (چپن مان نڪرندڙ) ب، ٻ، ڀ، ڦ، م، و ف پ
شجري حروف (کليل گول چپن مان) ج، جهه، ڇ، ش ص، ض چ
لثوي حروف (ڏندن ۽ زبان ملائڻ سان) … ث، ذ …
نطعي حروف (زبان کي مٿين ڏندن سان ملائڻ) ت، ٿ، د، ڌ ط …
اسلي حروف (زبان جي چوٽيءَ مان) س ز، ظ …
ذلقي حروف (زبان جي ڇيڙي مان) ڄ … …
لـﮬـوي حروف (تارونءَ مان ۽ تارونءَ سان زبان ملائڻ سان) ا، ٺ، ٽ، ڃ، ڊ، ڍ، ڏ، ر، ڙ، ک، ڪ، ل، ن، ڻ، هه، ي … گ
حلقي حروف (نڙيءَ مان) گهه، ڳ ح، خ، ع، غ، ق …
(شيخ، 1986: 12- 13)
واحد بخش شيخ صاحب جي ترتيبيل آئيويٽا جو ڍنگ، عربي طرز جي شمسي- قمري آئيويٽا تي رهيو آهي، جيڪو آوازن جي مخرج موجب بيھاريل آهي. حالانڪ اها ورڇ/ ترتيب موجوده حالتن مطابق عربن وٽ به عام حيثيت نه ٿي رکي؛ ليڪن هن بزرگ جيڪا پنـﮬـنجي سوچ ۽ عربي انداز سان مخرجي ورڇ ڪئي آهي، سا ساراهڻ جوڳي آهي.
2.3.11. ڪمپيوٽر موجب بيـﻫـندڙ ترتيب
هاڻوڪي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ ڪن سببن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ هيٺ ڄاڻايل ترتيب به ڪم آندي وئي آهي، جنـﮬـن کي ڪمپيوٽر ترتيب ڏئي ٿو. اهڙي ترتيب جو استعمال تازو پروفيسر محمد صفر سـﮬـتي پنـﮬـنجي ترتيبيل لغت ’ماڊرن سنڌي انگلش ڊڪشنري‘ ۾ ڪيو آهي، اها ترتيب ڪنـﮬـن لفظ جي اندر ڪم آيل آهي؛ باقي لفظن جي اڳياڙيءَ ذريعي لفظن جي ڳولا ۾ عام رواجي (1960) آئيويٽا ڪم آندي اٿس. اهڙي مٽَ جي گهرج تڏهن پيش آيس جو هن دوست ڪافي لفظ سـﮬـيڙي ڇڏيا هئا، جن کي اندروني رديف- وار ترتيب رکڻ لاءِ ڪمپيوٽر کان مدد وٺڻي پيس. اهڙو اظـﮬــار صاحب موصوف ڪندي لکي ٿو ته: ”هر اکر جي لفظن جي ترتيب ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪئي وئي آهي جيڪا عربي الفابيٽ جي اثر ڪري هن وقت استعمال هيٺ پٽيءَ کان ڪجهه مختلف آهي، جيڪا هيٺينءَ ريت آهي. انڪري ڪنـﮬـن به حرف جي اندر ڪو لفظ ڳولهڻو هجي ته هن ترتيب کي ذهن ۾ رکجي:
ء ا ب پ ت ث ج جهه چ ح خ د ذ ر ز س ش ص ض
ط ظ ع ف ق گ گهه ل م ن هه و ي ٺ ٻ ٽ ٿ ڀ
ڃ ڄ ڇ ڊ ڌ ڏ ڍ ڙ ڦ ک ڪ ڱ ڳ ڻ.“
(صفر، 2009: پنـﮬـنجي پاران)
مٿي ڏنل آئيويٽا جي ترتيب رديف وار ڪمپيوٽر ذريعي Table مان sort جي خاني ۾ ٿيندي آهي. محترم سـﮬـتي صاحب ان ترتيب لاءِ ’عربي الفابيٽ‘ جو محاورو ڪم آندو آهي؛ حالانڪ اهڙي ترتيب فارسي آئيويٽا جي اثر کان ٿي آهي؛ ڇو ته ان ۾ ’پ‘ جو اکر مذڪوره ترتيب جي شروعات ۾ ئي اچي ٿو وڃي، جڏهن ته سنڌي اکرن جي ترتيب ۾ بعد ۾ بيـﮬـي ٿو.
2.3.12. 1853ع، 1935ع ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي بيـﻫـاريل 1960ع واري آئيويٽا جو جائزو
مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي ترتيبيل آئيويٽا جي اکرن کي سامهون رکي، 1853ع ۾ جوڙيل ڪميٽيءَ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني، تنـﮬـن کي ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر بئرو ايلس پويان ’ايلس واري آئيويٽا‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان آئيويٽا جي ترتيب تي ڪي قدر مخرج جو خيال رکيو ويو هو؛ مخرج ۾ به ڪجهه خيال وسرڳن جو به رکيو ويو (جيئن: پ- ڦ)؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان مخرج وار ترتيب ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون به آهن.
1935ع ۾ ساڳي آئيويٽا جي ترتيب تي ٻيـﮬـر غور ڪيو ويو ۽ ٻارن لاءِ آساني رکڻ خاطر ان جي ترتيب اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن وار رکي وئي؛ ان جو اهم سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان دؤر ۾ آئيويٽا/ پٽي تصويرن جي بجاءِ تصورن سان پڙهائي ويندي هئي. ان ترتيب کي ڪافي عالمن/ استادن سوني ترتيب ڪوٺيو آهي. اڄ سوڌو، سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ اها ترتيب پڙهائي ويندي آهي.
1960ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ذريعي موجوده آئيويٽا جي پٽي بيھاري، عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جنـﮬـن کي سرڪاري پٺڀرائي پڻ حاصل ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل ترتيب موجب: ساڳي ايلس واري آئيويٽا ۾ صرف هڪ اکر جي ڦيرڦار ڪيل آهي.
ايلس کان و‏‏‏ٺي ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب تائين، ٿيندڙ سفر بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته : ”موجوده عربي- سنڌي الف- ب (ايلس واري) واري چارٽ ۾ ڏنل ترتيب ۾ اڳتي هلي جدا جدا ڪتابن ۾، جيڪا ڦير گهير ڪئي وئي، تنـﮬـن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
 ايلس واري آئيويٽا /پٽي:1853ع
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ
جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ
ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ
ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
1935ع ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ جيڪا ڦير گهير ڪئي وئي، تنـﮬـن کانپوءِ الف- ب جي پٽيءَ جي صورت هن ريت وڃي بيٺي:
 1935ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا / پٽي
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ
گ ڳ ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ ح ج ڄ
ڃ چ ڇ خ ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش
و ق ص ض ڻ ط ظ هه جهه گهه ڪ ء.
سال 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ’جامع سنڌي لغات‘ جلد اول ۾ الف- ب جي پٽيءَ ۾ وڌيڪ ڦير ڦار آڻي ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو؛ ان لاءِ هي دليل ڏنو ويو ته ف ۽ ڦ جي شڪل هڪجـﮬـڙي آهي، تنـﮬـنڪري ٻئي حرف هڪٻئي جي پاسي ۾ رکڻ گهرجن. اها ساڳي ترتيب پوءِ سنڌي پرائمر ۾ پڻ اختيار ڪئي وئي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع لغات سنڌيءَ سان الف- ب جي اها پٽي سر ورق طور ڏني وئي آهي؛ اها هن ريت آهي:
 1960ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا / پٽي

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج
ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ
ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع
غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل
م ن ڻ و هه ء ي
ڊاڪٽر الانا صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”هن پٽيءَ ۾ ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياتي نظام کان واقف نه هئا. دراصل ’پ‘ ۽ ’ڦ‘ صرف [پ] ۽ [ڦ] آوازن جون لکيل صورتون آهن. اهي ٻئي آواز سنڌي صوتيات ۾ هڪڙي ئي خاندان/ گروهه وارا آهن. اهي ٻئي ٻن چپن وارا ڌوڪڻا آواز آهن، ٻنهي ۾ فرق هي آهي ته ’پ‘ هلڪو اوسرگ آهي ۽ ’ڦ‘ انجو هلڪو وسرگ جوڙ آهي. ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ آوازن وچ ۾ ڪوبه لڳ لاڳاپو ڪونهي، اهي ٻئي آواز گروهن ۽ مخرج ۾ ڌار ڌار آهن. ’ف‘ ڏندن- چپ گاڏئون هلڪو گـﮬـسڪيدار وينجن آهي، انهيءَ ڪري ’ڦ‘ ۽ ’ف‘ جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هڪجـﮬــڙائي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو ايلس واري ڪاميٽيءَ ’ڦ‘ لاءِ مخدوم ابوالحسن جي الف- ب جي چارٽ ۾ مقرر ڪيل اکر ’ف‘ ۽ ’پهه‘ لاءَ هڪ ئي اکر ’ڦ‘ مقرر ڪيو.“ (الانا، 2005: 209-211)
جولاءِ 1853ع ۾ ’ايلس واري ڪميٽيءَ‘ طرفان مقرر ڪيل آئيويٽا ۾ چند اکرن جي شڪل جي ردوبدل بعد جيڪا موجوده ’ايلس واري پٽي‘ ڪوٺي وئي؛ سا 1854ع ۾ پـﮬـريون دفعو مشن هائوس جي هارون لوهار جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي هئي. جنـﮬـن سبب موجوده آئيويٽا کي ايلس به پنـﮬـنجي رپورٽ ۾ ان کي سڌاريل سنواريل (revised) ڪوٺيو، ڊاڪٽر نبي بخش صاحب غلط فـﮬـميءَ سبب ان کي اڳين عالمن جي ترتيب ڏنل سمجهندي ايلس واري پٽيءَ کي سڌاريل سنواريل ڪوٺيو. ايلس جي رپورٽ وارن لفظن کي حوالي طور ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”هن کان اڳ اڪثر ائين پئي سمجهيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف- بي نئين سر ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف- بي تي نظر ثاني ڪري ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سان رائج ڪيو ويو ... ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل الف- بي کي ’نئين سر ايجاد ڪيل‘ الف- بي بدران صحيح طور تي ’نظر ثاني ڪيل‘ الف- بي (the alphabet revised) سڏيو آهي.“ (بلوچ، 1992: 13- 14)
حقيقت بيشڪ اهائي آهي ته مخدوم ابوالحسن واري آئيويٽا ڪا نئين سر ڪونه ٺاهي وئي بلڪ رواج ۾ هلندڙ مختلف نمونن کي باضابطه ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ليڪن ڪمشنر فريئر اها ڳالهه ذهن تي رکي ’ايلس آئيويٽا‘ کي نظر ثاني ڪيل ڪونه ڪوٺيو، بلڪه هارون لوهار جي آندل سڌاري سبب ان کي ’نظر ثاني ڪيل‘ ڪوٺيو.
ان فرق کي جاچڻ لاءِ ايلس جي رپورٽ ۽ هارون لوهار جي ڏنل چارٽ کي ذهن تي رکي پٽيءَ جي اکرن جي شڪل ۽ ان جي امڪاني ترتيب پيش ڪجي ٿي:
2.3.13. ايلس واري ڪاميٽيءَ جي اکرن جي امڪاني بيـﮨـڪ ۽ ترتيب
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ت ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ
د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق
ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
مذڪوره اکر ’ت‘ جو استعمال تيرهين صدي هجري ۾ شاه عبداللطيف جي رسالي جي ڪتابت ۾ به ٿيل آهي. جيڪو ’ٺ‘ آواز لاءِ ڪم آندل آهي. (بلوچ، 1992: 107)
2.3.14. هارون لوهار جو ڏنل آئيويٽا جو چارٽ
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ
د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق
ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
مٿي ڏنل ٻه چارٽ ايلس واري رپورٽ جي بنياد تي ترتيب ڏنا ويا آهن، جنـﮬـن مان واضح طور تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ’ٺ‘ اکر جي مقرري مشن هائوس جي هارون لوهار ڪئي هئي، جنـﮬـن کي ايلس پڻ تسليم ڪندي ان ’ٺ‘ اکر سان ترتيب ڏنل آئيويٽا کي ’سڌاريل سنواريل‘ آئيويٽا ڪوٺيو. اها ڳالهه ان مان به واضح ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني هئي ان ۾ ’ڻ‘ اکر لاءِ ’ن‘ اکر متعين ڪيو هيو، جيڪو اڳيئي ’ٺ‘ جي موجودگيءَ سبب صورتخطيءَ ۾ مونجهاري جو سبب بڻجي ها! ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي اعتراضن جي جواب ۾ بمبئي سرڪار ڏانـﮬـن موڪليل ايلس واري رپورٽ ۾ اهڙي قسم جو اشارو ضرور هجي ها!
2.3.15. تصورن سان پڙهائجندڙ آئيويٽا جي ترتيب
ايلس جي پٽيءَ بعد آوازن ۽ اکرن جي ترتيب جو به مسئلو رهيو آهي. ايلس واري آئيويٽا/ پٽيءَ جي ترتيب 1935ع ڌاري ڪتابن ذريعي مٽائي وئي؛ ان وقت آئيويٽا/ پٽي گهڻي قدر تصويرن بجاءِ تصوراتي نموني پڙهائي ويندي هئي؛ انجو اهم مقصد ٻارن کي اکرن جي گهر ۽ ٽٻڪن ذريعي آوازن جي واقفيت ڏيڻ هئي. اهو قدم صوتياتي اعتبار کان ڪابه حيثيت نه پيو رکي، البته علم نفسيات جي روسي ماهر پافلوف (1849- 1936) جي conditioned reflex theory of learning جي مشروط سکيا واري نظرئي (ساجد، 1986: 237) تحت اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن جي استعمال سان تصوراتي نموني سيکاريو ويندو هو، جيئن:
• الف-- انبُ: انبُ اڀو ۽ گولائيءَ مائل هجڻ سبب کيس ڪوبه ٽٻڪي جو تصور ناهي.
• ب-- بَلا: بلا کي هڪ پڇڙيءَ سبب هڪ ٽٻڪو ڏبو.
• ٻ-- ٻڪري: ٻڪريءَکي ٻن ٿڻن سبب ٽٻڪا به ٻه ايندا.
• پ-- پلو: پلي کي ٽن ڪنڊن ڪري، ٽي ٽٻڪا ڏبا.
• ڀ-- ڀولو: ڀولي کي چار ٽنگون، ته ٽٻڪا به چار رکبا.
• ت -- تارو: اکين جا تارا به مٿي ٻه ٿيندا آهن، ان ڪري ٽٻڪا رکبا، وغيره.
مقصد ته شروعات اهڙي انداز سان ڪرائي ويندي هئي ته جيئن ٻار کي ٽٻڪن ۽ اکرن جي گهر تي پختگي ٿئي. اهڙي نموني اڳتي به اکر جي ساڳي گهر کي انجي شڪلي گروه سان رکندي، ٽٻڪن ۾ هيٺان يا مٿان ترتيب جو خيال رکندي، پــﮬـرين خالي پوءِ هڪ، ٻه، ٽي ۽ چار ڏانـﮬـن هلبو هو. ان کان علاوه اها آئيويٽا جي ترتيب قافئي ۽ وزن وار پڻ هئي، هيٺ اهڙي ترتيب رکجي ٿي:
اکرن جي گھر ۽ ٽٻڪن وار قافئي ۽ وزن وار
(ا)، ب، ٻ، پ، ڀ،
(الف)، بي، ٻي، پي، ڀي، تي، ٺي، ٽي، ثي، ٿي، في، ڦي، ڳي، ڱي، کي، يي،
ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ،
ف، ڦ،
گ، ڳ، ڱ، ک، ي،
د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، دال، ذال، ڌال، ڏال، ڊال، ڍال،
ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، حي، ڄي، ڃي، چي، ڇي، خي،
ع، غ، عين، غين،
ر، ز، ڙ، ري، زي، ڙي،
م، ن، ل ميم، نون، لام (هم وزن فاع)،
س، ش، سين، شين،
و، ق، واؤ، قاف (هم وزن فاع)،
ص، ض، صئاد، ضئاد،
ڻ، ط، ظ، ڻي (ڻوڻ)، طوئي، ظوئي،
هه، جهه، گهه، هي، جهي، گهي،
ڪ، ء ڪاف (همزه).
نوٽ: پراڻا استاد، سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ’دال‘ ۽ ’ذال‘ کان سواءِ باقي اکر ’ڌي‘، ’ڏي‘، ’ڊي‘ ۽ ’ڍي‘ جا اچار ڪري پڙهائيندا هئا.
 صورتي مشابـﻫـت ۽ تصوراتي لحاظ کان اها آئيويٽا/ الف- بي هن ريت هئي:
اکر اچار تصور
اکر اچار تصور

ا الف انب
ب بي بلا
ٻ ٻي ٻڪري
پ پي پلو
ڀ ڀي ڀولو
ت تي تارو
ٺ ٺي ٺونٺ
ٽ ٽي ٽوپي
ث ثي ثواب
ٿ ٿي ٿنڀ
ف في فانوس
ڦ ڦي ڦيٿو
گ گاف گڏه
ڳ ڳي ڳيرو
ڱ ڱي سڱ
ک کي کٽ
ي يي ياقوت
د دال دهل
ذ ذال ذرو
ڌ ڌي ڌوٻي
ڏ ڏي ڏيڏر
ڊ ڊي ڊيل
ڍ ڍي ڍڳو
ح حي حبشي
ج جيم جت
ڄ ڄي ڄڀَ
ڃ ڃي مڃ
چ چي چَتون
ڇ ڇي ڇٽي
خ خي خچر
ع عين عينڪ
غ غين غاليچو
ر ري رڇ
ز زي زنجير
ڙ ڙي ماڙي
م ميم مسُ
ن نون نٿ
ل لام لڪڻ
س سين سانُ
ش شين شينـﮬـن
و واؤ واڍو
ق قاف قلم
ص صئاد صندوق
ض ضئاد ضامن
ڻ ڻي/ ڻوڻ وڻ
ط طوئي طوطو
ظ ظوئي ظالم
هه هي هرڻي
جهه جهي جهرڪي
گهه گهي گهوڙو
ڪ ڪاف ڪتو
ء الف همزڙو

(لغاري، 1976: 95- 96)
اهي تصور اهڙا هئا جيڪي تربيتي ادارن ذريعي منتقل ٿيندا پئي آيا، ليڪن ڪن ڪن هنڌن تي اکر جي اچار سان نرالا تصور ڏئي به ٻارن کي پڙهايو ويندو هيو؛ مثلاً: تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ: مٺڙي مشين جي هڪ دوست بخت علي حاجاڻي، ستر جي ڏهاڪي ۾ پڙهيل پٽيءَ جي ترتيب هيٺين تصورن سان ٻڌائي:
اکر جو اچار تصور
الف الله
بي بلا
ٻي ٻڪري
پي پلو
ڀي ڀت
تي تارو
ٺي ٺڪر
ٽي ٽوپي
ثي ثواب
ٿي ٿالهي
في فقير
ڦي ڦيٿو
گاف گڏه
ڳي ڳيرو
ڱي سڱ
کي کٽ
ي ياقوت
دال دلو
اکر جو اچار تصور
ذال ذرو
ڌال ڌوٻي
ڏال ڏڪر
ڊرال ڊراک
ڍال ڍڳو
حي حقو
جيم جتي
ڄي ڄنگهه
ڃي مڃ
چي چتون
ڇي ڇٽي
خي خچر
عين عينڪ
غين غاليچو
ري راکو
زي زنجير
ڙي ماڙي
ميم مس
اکر جو اچار تصور
نون نڪ
لام لڪڻ
سين سُٽ
شين شيشو
واؤ واڍو
قاف قلم
صواد صندوق
ضواد ضامن
ڻوڻ وڻ
طئي طوطو
ظئي ظاهر
هه هٿ
جهي جهرڪي
گهي گهر
ڪاف ڪتو
لام ﻻ = ڪينچي
ء انجيرڙو

(بخت علي حاجاڻي کان 2010ع تي حاصل ٿيل)
1960ع ۾’جامع سنڌي لغات‘ ذريعي آئيويٽا/ پٽيءَ کي واپس ايلس واري آئيويٽا ڏانـﮬـن موٽايو ويو؛ پر صرف هڪ اکر ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو؛ ۽ اها ڳالهه ڄاڻائي وئي ته ’ڦ‘ جي شڪل ’ف‘ جـﮬـڙي آهي، انلاءِ هڪٻئي جي ڀر ۾ رکيا ٿا وڃن. پوءِ ته بـﮬـتر ائين ٿئي ها ته ’جهه‘ کي به ’گهه‘ جي ڀر ۾ رکجي ها، ڇو ته انهن جي نه رڳو شڪل ملي ٿي، پر وسرڳي اعتبار کان به انهن ۾ مٽي مائٽي آهي. جڏهن ته ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ ۾ سواءِ هم شڪليءَ جي لساني حوالي سان ڪابه ويجهڙائپ ڪانهي. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته: جڏهن هڪ اکر جي مٽا سٽا جي ترتيب جو بنياد ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ جي هم شڪلي رکيو ويو ته پوءِ 1935ع کان هلندڙ ترتيب کي ڇو رد ڪيو ويو؟ جنـﮬـن جي ترتيب نه رڳو شڪل ۽ ٽٻڪن وار هئي، بلڪه قافيه ۽ وزن وار پڻ هئي. هونئن به سکيا جي عمل ۾ عام سکندڙن لاءِ اکرن جي ترتيب شڪل ۽ ٽٻڪن وار، وڌيڪ آسان ۽ جاذب رهي آهي. پروفيسر سيد محمد سليم اهڙي نئين سِر هم شڪل عربي اکرن جي ترتيب جي اهميت تسليم ڪندي لکي ٿو ته: جـﮬـڙيءَ طرح ابن مقله جي گهڙيل خطِ نسخ، خطِ ڪوفيءَ کي منسوخ ڪيو، اهڙيءَ طرح انجي جاري ڪيل هم شڪل حرفي ترتيب، ابجدي ۽ حلقي ترتيب کي منسوخ ڪري ڇڏيو. (حوالو ڄاڻايل)
*****************