ڪتاب جو نالو | عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الطاف جوکيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-054-8 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 319749 ڀيرا پڙهيو ويو |
4. عربي - سنڌي رسم الخط ۽ آئيويٽا جي سرڪاري مقرري
4.1. انگريزي دؤر ۾ عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ رسم الخط جي حالت
سنڌي ٻولي ۽ صورتخطيءَ ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ڪافي ترقي ڪئي؛ جنـﮬـن لاءِ ان دؤر جي عالمن ۽ شاعرن کيرون لهڻيون. حالانڪ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي حڪومت هوندي به سنڌي ٻوليءَ کي ڪا سرڪاري پٺڀرائي حاصل ٿي ڪونه سگهي. ان بعد ٽالپرن جي دؤر ۾ پڻ سرڪاري سطح تي حالت ساڳي رهي؛ ليڪن ان هوندي به سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جيڪو پاڻ ملهايو سا تاريخ ڪنـﮬـن کان ڳجهي ڪانهي. ان بعد انگريزي دؤر حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي تسليم ڪندي سرڪاري طور ڪافي ترقي ڏياري وئي.
ڄاڻايل حالت کي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هيئن لکي ٿو ته: ”انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لکاوٽ جو ڪوبه هڪ سرشتو نه هو. عربي- فارسي لکاوٽ ۾ سنڌيءَ جي آوازن لاءِ هرڪو ڪاتب پنـﮬــنجيءَ سمجهه مطابق جدا جدا حرف پيو ڪتب آڻيندو هو. ايتريقدر جو هڪ ئي ڪاتب جي لکيل قلمي نسخي ۾ هڪ ئي سنڌي آواز لاءِ علحده حرف ڪتب آندا ويندا هئا. سنڌي هندو واپاري ۽ خواجه توڙي ميمڻ، سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ’سنڌي لِپي‘ (هٽ واڻڪائي يا خواجڪي لِپي) استعمال ڪندا هئا، ان کان سواءِ سنڌ جا هندو رهواسي ديوناگري (جنـﮬـن کي شاستر ديوناگري اکر به چوندا هئا) ۽ گرمکي لِپين ۾ سنڌي ٻولي لکندا پڙهندا هئا. سبب اهو هو ته ڌرمي شاستر ديوناگري لِپيءَ ۾ لکيل هئا. نانڪ پنٿ جو سنڌ ۾ گهڻو پرچار ٿيڻ کان پوءِ سک مت جا ڌرمي گرنٿ گرمکي لِپيءَ ۾ هئڻ ڪري، انهن ٻنهي لِپين جو سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. هندستان جي ٻين گهڻن ئي پرانتن وانگر، سنڌ ۾ پڻ مسلمان حاڪمن جي دؤر ۾ سرڪاري ڪاروبار جي ٻولي فارسي هئي. پر انگريزن جي سنڌ ۾ حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ، پــﮬـرين ڏهاڪو کن سالن تائين فارسيءَ جو استعمال رهيو. عربي ٻوليءَ جو اسلام سان واسطو هئڻ ڪري، گهڻا مسلمان عربي لِپيءَ جو استعمال ڪندا هئا؛ پر، عربي ۽ فارسي ٻوليون سنڌ جي عام ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر هيون. فارسي ٻوليءَ جو سرڪاري لکپڙهه ۾ اهڙو حال هو، جو جملن ۾ اڌ کان مٿي سنڌي لفظن جو استعمال پيو ٿيندو هو.“ (جيٽلي، 1999: 90)
1845ع ۾ بمبئيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن، سنڌ ۾ ايڊيوڪيشن ايجنسيءَ جي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. ساڳئي وقت اها تحريڪ به هلي رهي هئي ته سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بڻائجي. انهيءَ تحريڪ نيٺ مادري زبان (Vernacular language) ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. انگريز عملدارن مان ڪي سنڌي ڳالهائي سگهندا هئا، پر سندن عملي مان ڪوبه ماڻهو سنڌي لکي نٿي سگهيو. ملڪ جو نظام ترجمانن (Interpreters) ذريعي هلندو هو، ۽ سرڪاري دفتر، پارسي زبان ۾ رکيو ويندو هو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلرڪ، هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنـﮬـن ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بنايو وڃي. (الانا، 1993: 94- 93)
1851ع تي سنڌ جي ڪمشنر، سر بارٽل فريئر (Sir Bartle Frere) هڪ اطلاع نامو ڪڍيو، جنـﮬـن ۾ سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪيل هئي ته هو سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. هن جي فرمان نامي ۾ ڄاڻايل هو:
• آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي.
• يورپي ۽ ٻيا پرڏيهي آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ته جيئن سنڌي ماڻهن کان پنـﮬـنجي سر حال احوال وٺي سگهن، ۽ سنڌي لکپڙهه به سمجهي نيڪال ڪن.
• سنڌي اسڪول کلن. (الانا، 1993: 93)
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته: ”پر سنڌيءَ لاءِ ڪا خاص مقرر ٿيل آئيويٽا هئي ڪانه، ته پوءِ اهي ٽيئي مرادون ڪيئن حاصل ٿين؟ انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌ جي هندن مان برهمڻ ۽ ٿورا ٻيا ديوناگري (شاستري) اکر ڪم آڻيندا هئا، جو اڳي ٻيو نمونو هو، ۽ هاڻ ڪجهه قدر ڦريل آهي. سنڌ جا ڀائيبند هندو- سنڌي يا واڻڪا اکر ڪم آڻيندا هئا، جن ۾ لاڪنائون يا ماترائون ڪونهن ۽ پنجاب جي ’لنڊا‘ يا ٻٽن اکرن وانگر آهن، ڪيترا خواجا ۽ ميمڻ واپاري به اهي اکر ڪم آڻيندا هئا- اهي اڄ تائين به پنـﮬــنجو حساب ڪتاب هندو - سنڌي اکرن ۾ رکندا آهن: هندن کان به خواجن جي لکڻ جو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو آهي، جو هو چار لاڪنائون يا ماترائون ڪم آڻين ٿا.“ (ڀيرومل، 1956: 258)
ان وقت سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ سڌاريل ماترائن (سُر) سان ديوناگري آئيويٽا لاءِ ڪاڪو ڀيرومل ڄاڻائي ٿو ته: ”سن 1890ع ڌاري ، سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب ٿورا هندو- سنڌي اسڪول کولايا، ۽ هندو- سنڌي آئيويٽا ۾ ماترائون گڏايائين _ اهو ڪم (ساهتي پرڳڻي جي) سرڳواسي راءِ بـﮬـادر ديوان ڪوڙيمل ڪيو هو ، انهيءَ نئين آئيويٽا ۾ ڪي هندو - سنڌي ڪتاب به ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.“ (ڀيرومل، 1956: 258)
سنڌ جا ٻاوا، عاملن توڙي ڀائيبندن جون زالون، بلڪه ڪيترا ڀائيبند، گرمکي اکر ڪم آڻيندا هئا، جي سکن جي ٻي پاتشاهي گرو، انگد صاحب، 1538ع ۽ 1552ع جي وچ ڌاري جوڙيا هئا. سنڌ جا مسلمان توڙي هندو ڪامورا عربيءَ ۽ پارسيءَ جي نموني سنڌي مضمون لکندا هئا، ۽ سڀڪنـﮬـن جي لکڻ جو نمونو پنـﮬـنجو پنـﮬــنجو هوندو هو. (ڀيرومل، 1956: 258- 259)
انگريزن جي صاحبيءَ جا پـﮬـريان ٿورا ورهيه، سڀ سرڪاري لکپڙهه پارسيءَ ۾ هلندي هئي، ۽ انگريزي ڄاڻندڙن کان ترجمو ڪرائي، انگريزي عملدار ڪم پيا ٽپائيندا هئا. (ڀيرومل، 1956: 259)
4.2. آئيويٽا/ رسم الخط جي تعيّن لاءِ ڪاميٽي ۽ متضاد رايا
نيٺ مڙني ڳالهين کي سامهون رکي مسٽر ايلس (B. Ellis) اسسٽنٽ ڪمشنر، جي صدارت هيٺ اٺن مقامي، ٻن يورپي ميمبرن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي، انهيءَ ڪميٽيءَ تي هيٺيان ميمبر هئا:
1. راءِ بـﮬـادر نارائڻ جڳنناٿ (جنـﮬـن جي نالي پٺيان N.J.V هاءِ اسڪول ڪراچي ڪوٺجي ٿو.)
2. خانبـﮬـادر مرزا صادق علي بيگ. (جنـﮬـن جي سڃاڻپ ٿي ڪانه سگهي آهي)*
3. ديوان پرڀداس انند رام رامچنداڻي.
4. ديوان اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي.
5. ديوان ننديرام سيوهاڻي.
6. ميان محمد حيدرآبادي.
7. قاضي غلام علي ٺٽي وارو.
8. ميان غلام حسين ٺٽي وارو.
انهيءَ ڪميٽيءَ تي ٻه انگريزي عملدار به کنيا ويا هئا.
9. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ.
10. ڪئپٽن رچرڊ برٽن.
وضاحت: مرزا صادق علي بيگ لاءِ ڪن ماهرن جو رايو آهي ته هي بزرگ شڪارپور جو هيو، جنـﮬـن لاءِ محترم تاج جوئي صاحب شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ موجود هيڊ ماسٽرن جي لسٽ مان اندازو ڪيو ته صاحب موصوف شڪارپور جو آهي، (ڏسو: سنڌي ٻولي جرنل، سيپٽمبر 2008) حالانڪ مذڪوره صاحب ساڳيو ئي آهي جيڪو مرزا قليچ بيگ جو مرڀي ڀاءُ هيو، جيڪو سنڌي مسلمانن جو پھريون شخص هيو جنـﮬـن B.A ڪري اٿندي ئي شڪارپور جو هيڊ ماستر ٿيو. اهڙو اشارو مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ پنـﮬـنجي آتم ڪٿا: ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ڄاڻائڻ موجب مرزا قليچ بيگ 1853ع ۾ ڄائو ۽ مرزا صادق علي بيگ کانئس 10 سال وڏو هيو، جڏهن ته سرڪاري طور تي آئيويٽا جي مقرري 1853ع ۾ ٿي آهي، ان صورت ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته مرزا صادق علي بيگ 10 سالن جي عمر ۾ آئيويٽا ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو هوندو! ان وضاحت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته 1853ع واري ڪاميٽيءَ ۾ مقرر ٿيل ميمبر مرزا صادق علي بيگ اڄ سوڌو چٽيءَ طرح پتو نه پئجي سگھيو آهي ته هي بزرگ ڪٿان جو هيو ۽ ڪـﮬــڙي حيثيت تحت ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو؟
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”انگريز ميمبر ان لاءِ نامزد ٿيا ته اهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنـﮬـن رسم الخط جي مقرريءَ تي هو پنـﮬـنجا مشورا ڏيئي سگهن. هن ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا رايا متضاد هئا، جنـﮬـنڪري صورتخطيءَ تي سخت بحث ٿيو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن برٽن ، جيڪي لسانيات جا ماهر هئڻ سبب مشوري ڏيڻ لاءِ ڪميٽيءَ تي کنيا ويا هئا، تن ۾ به اختلاف ٿي پيو. ڪئپٽن اسٽئڪ جو رايو هو ته سنڌيءَ لاءِ ديوناگري رسم الخط مقرر ڪيو وڃي. پنـﮬـنجي دعوى جي دليل ۾ هو پنـﮬـنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي گرامر‘ ۾ بيان ٿو ڪري ته: ’هن ڪم جي شروعات ڪرڻ وقت، اول سوچڻو پيم ته ديسي لفظ ڪـﮬـڙي خط ۾ لکان. پنـﮬـنجي انتخاب لاءِ، منـﮬـنجي نظر ۾ سنڌي خط، رومن خط، پارسي خط، گرمکي خط ۽ ديوناگري خط هئا. پارسي خط کي انهيءَ ڪري ترڪ ڪيم، جو منـﮬـنجي اڳيان ’وادن جو گرامر‘ (Wathena’s Grammar) ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب موجود هئا. پارسي خط مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي نج سنڌي آوازن لاءِ نئيون صورتون مقرر ڪرڻيون پون ها، جن جا آواز پارسي خط سنڌين لاءِ بلڪل ائين ٿيندو جيئن رومن خط، جنـﮬـن ۾ صورتن جا اضافا ڪجن ها يا تبديليون ڪن ها، جيڪي پارسيدانن کي جيڪر عجيب لڳن ها.‘
اسٽئڪ انهيءَ ڪري ديوناگري خط اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ۽ ان لاءِ هيٺيان ٻه دليل ڏنائين:
1. هن خط کان يورپي عملدار بخوبي واقف آهن.
2. هيءُ خط سنڌي زبان لاءِ بنيادي خط آهي.
اسٽئڪ ديوناگري حرفن ۾ ڪي نشان گڏي، سنڌي آوازن لاءِ صورتون به مقرر ڪيون هيون. ٻئي طرف ڪئپٽن رچرڊ برٽن زور آندو ته سنڌي زبان لاءِ عربي سنڌي خط ئي زياده موزون ٿيندو. پنـﮬـنجيءَ دعوى جي دليل ۾ هو لکي ٿو ته، ’سنڌي زبان لکڻ لاءِ ديوناگري توڙي ٻيا ڪيترائي خط ڇو نه هجن، پر اهي سڀ انهن جي موجوده صورت جي ڪري بيڪار آهن. هن انلاءِ هيٺيان سبب ڄاڻايا آهن:
(1) ديوناگري خط يقيناً عالماڻو خط آهي، انهيءَ ڪري هيءُ خط لغت، گرامر ۽ اهڙن ٻين ڪمن لاءِ بـﮬـتر ٿيندو، جيڪي غير سنڌين (Europeans) کي سنڌي زبان سيکارڻ جي مراد سان لکيا ويا هجن؛ پر ساڳئي وقت، ديوناگري خط ۾ ڪيتريون اوڻايون به آهن. گهٽ ۾ گهٽ اهڙا ويـﮬـه حرف آهن جن کي اعرابن (diacritical marks) ڏيڻ جي ضرورت ٿيندي، جيئن مختلف آوازن جي حرفن کي ڌار ڌار سمجهي سگهجي. ازان سواءِ هيءُ خط آسانيءَ سان لکي به نه سگهندا، جو هي بلڪل غير مانوس خط آهي.
(2) خداوادي (خدا آبادي) خط لاءِ ڪيل سفارش جي مخالفت ۾ برٽن صاحب دليل ڏيندي لکيو آهي ته حالانڪ هيءُ خط هندن جي با اثر حلقي ۾، يعني واپارين ۾، عام طور استعمال ٿئي ٿو، پر ان جي موجوده صورت عام فـﮬـم نه آهي.
(3) گرمکي خط لاءِ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ گرمکي خط ديوناگريءَ جو هڪ آسان نمونو آهي، پر اهو پنجابيءَ لاءِ ئي موزون آهي، پر سنڌيءَ لاءِ موزون ٿي نٿو سگهي. هن خط جي مقرر ڪرڻ لاءِ ديوناگريءَ وانگر حرفن ۾ گهڻيون ئي تبديليون آڻڻيون پونديون.
(4) برٽن، ڪميٽيءَ تي زور آندو ته عربيءَ جو نسخ رسم الخط سنڌ جي حالتن جي لحاظ کان نـﮬـايت ئي موزون ٿيندو. هن خط جي خوبي ان مان ئي ظاهر آهي ته الجيريا کان وٺي گنگا نديءَ تائين، بخارا کان سلون تائين، هيءُ خط پکڙيل آهي. صدين تائين هن خط کي آزمايو ويو آهي، ۽ ٿوري ڦير گهير سان مختلف زبانن لاءِ ڪارگر سمجهيو ويو آهي. هن خط جي خاص خوبي هيءَ به آهي جو ٿوريءَ ئي تبديليءَ سان، هندستان (برصغير هند-پاڪ) جي مورڌني (cerebrals) ، ايران جي روان (liquids) ۽ عربستان جي نڙيءَ وارن (gutturals) آوازن لاءِ عربي رسم الخط جون صورتون مقرر ڪيون ويئيون آهن. هن خط کي ايشيا جو اعلى ترين (par excellence) رسم الخط چئي سگهجي ٿو.
نسخ خط جي سفارش لاءِ ڪئپٽن برٽن، ڪميٽيءَ اڳيان وڌيڪ هيٺيان دليل پيش ڪيا:
• سنڌ جو سمورو علم ادب قديم زماني کان وٺي هن ئي رسم الخط ۾ ملي ٿو.
• سڀيئي پڙهـيل مسلمان هيءُ رسم الخط پڙهي سگهن ٿا، ۽ منجهائن اڪثر لکي به سگهن ٿا.
• جيتوڻيڪ هندو عامل هيءُ رسم الخط پڙهي نه ٿا سگهن، پر اها تسليم شده حقيقت آهي ته سنڌي عامل نستعليق خط (پارسي خط) مان چڱيءَ طرح واقف آهن، تنـﮬــنڪري هيءُ خط انهن لاءِ به مشڪل نه ٿيندو.“ (الانا، 1993: 96- 99)
”حروف تـﮬـجيءَ لاءِ صرف ٻن آفيسرن کي، جي سنڌي زبان ڄاڻندا هئا، تن کي راءِ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو، هڪ هو ڪيپٽن رچرڊ برٽن ۽ ٻيو هو ڪيپٽن جارج اسٽئڪ. ٻنهين ۾ اختلاف پيدا ٿيو، رچرڊ برٽن عربي رسم الخط جي حمايت ۾ هو ۽ اسٽئڪ هندي رسم الخط جي حق ۾ هو. ان اختلاف کي ڏسي، فريئر به نسلي ۽ قومي پـﮬـلوءَ کي اڳيان رکي پريشان رهيو. ان بعد اهو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي حڪم تي عربي حروف تـﮬـجي جي حق ۾ ڪيو ويو.“ (انگريز گورنر، 1967: 134- 138)
4.3. عربي- سنڌي آئيويٽا/ رسم الخط جي حق ۾ رچرڊ برٽن جا دليل
ڪاڪو ڀيرومل صاحب ان بحث کي هيئن لکي ٿو ته: “سر رچرڊ برٽن هڪڙيءَ ڳالهه تي، ۽ ڪئپٽن اسٽئڪ ٻيءَ ڳالهه تي ٿي بيٺو، ته سر بارٽل فريئر وڏي ويچار ۾ پئجي ويو، چي: جيڪڏهن عربي _سنڌي اکر ٺاهبا ته هندو اهي اکر سکندائي ڪين، ۽ جي هندو- سنڌي آئيويٽا چالو ڪبي، ته مسلمانن کي اها ڳالهه ڪين آئڙندي، ائين هن علمي ڳالهه کي گويا فرقيوار رنگ اچي ويو، ۽ هيءُ هڪ هندو- مسلم سوال ٿي پيو! آئيويٽا جو جيستائين فيصلو نه ٿيو، تيستائين سنڌي اسڪول به کلي نٿي سگهيا. نيٺ اهو آئيويٽا جو سوال ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ ۾ فيصلي لاءِ ويو. سن 1853ع ۾ انهيءَ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته ’سنڌي آئيويٽا لاءِ عربي صورتخطي آزمائڻ گهرجي.‘ تعليمي ڪمن لاءِ ڏهه هزار رپيا منظور ٿي آيا، تنـﮬـن کان پوءِ ڪم شروع ٿيو. نئين سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪن هندو صاحبن زور ڀريو ته ’ا‘ ۽’ع‘ ؛ ’ت‘ ۽ ’ط‘؛ ’ث‘ ، ’س‘ ۽ ’ص‘ ؛ ’ز‘ ، ’ذ‘ ، ’ض‘ ۽ ’ظ‘ ؛ ’ڪ‘ ۽ ’ق‘ ؛ ’ح‘ ۽ ’هه‘ جـﮬـڙن اچارن لاءِ ڌار ڌار اکر بدران هڪ هڪ اکر مقرر ڪري، اکرن جو تعداد گهٽائجي، سندن اها رٿ هيٺين سببن ڪري رد ٿي:
1. سنڌي ٻولي اڳي ئي عربي صورتخطيءَ ۾ لکڻ ۾ پيئي اچي، تنـﮬـنڪري عربيءَ وارا سڀ اکر قائم ڪجن؛ باقي رڳو نج سنڌي اکرن لاءِ ڪي صورتون مقرر ڪجن.
2. جيڪڏهن عربي لفظن جون صورتون مٽائي ڇڏبيون ته پوءِ لفظن جي صحيح معنى ۾ اصليت بلڪل گم ٿي ويندي. عربي ۽ فارسي حرفن کي اصلوڪي صورت ۾ قائم رکڻ ڪري اهڙو مونجهارو پيدا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته عربي ۽ پارسيءَ جون نـﮬـايت عمديون لغتون اڳي ئي موجود آهن.
3. جيڪڏهن عربي اکرن جون صورتون ڦيرائبيون، ۽ مسلمانن جا نالا، جـﮬڙوڪ ’محفوظ علي‘ بدران ’مـﮬـفوز الي‘ لکبو، ته ڪوبه مسلمان اها ڳالهه قبول نه ڪندو، ته هڪ با معنى ۽ درست نالو ڦيرائي هڪ بلڪل بي معنى ۽ غلط صورت وارو نالو ڪم آڻجي.
4. عيسوي سورهين صديءَ کان وٺي هن وقت (1853ع) تائين، سڀ سنڌي ڪتاب عربي ۽ پارسي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن. جيڪڏهن هينئر عربي حرفن جون صورتون ڦيرائبيون، ته اهو چئن صدين جو علم ادب (ساهت) مسلمانن جي آئيندي نسل لاءِ بلڪل بيڪار ٿي پوندو. (ڀيرومل، 1956: 260، 263- 264)
ان سڄي صورتحال لاءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، 29 ڊسمبر 1854ع واري ايلس واري رپورٽ جي بنياد تي ڄاڻائي ٿو ته: ”ڊئريڪٽرن جو سنڌيءَ جي لکاوٽ بابت فيصلو سال 1853ع جي شروعاتي مـﮬـينن ۾ بارٽل فريئر وٽ پـﮬـتو، هن پنـﮬـنجي اسسٽنٽ ڪمشنر بي. ايڇ. ايلس کي انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايت ڏني. ايلس پنـﮬـنجي رپورٽ، 29 ڊسمبر 1854ع تي تيار ڪري ڪمشنر کي ڏني، جا سال کن ڪمشنر جي آفيس ۾ پيئي هئي. بارٽل فريئر 24 ڊسمبر 1855ع تي اها رپورٽ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي جي ڊئريڪٽر سي. جي. ايرسڪائين کي موڪلي، جيڪا بمبئي سرڪار 1856ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. انهيءَ رپورٽ جي باريڪيءَ سان اڀياس ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس پنـﮬـنجي بالا عملدار بارٽل فريئر جي هدايت ۽ رضامنديءَ سان جيڪا عالمن جي ڪاميٽي ٺاهي، ان جولاءِ 1853ع ۾ عربي- سنڌي الف- بي جي تختي تيار ڪري ڇپائي پڌري ڪئي. ايلس اها سياڻپ ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪـﮬـڙي لِپي اپنائجي (عربي- سنڌي يا خداآبادي؟) انهيءَ سوال کي ڪاميٽيءَ جي اڳيان ايجنڊا تي رکيائين ئي ڪونه! هن لکيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ماهرن يورپي عملدارن انهيءَ سوال تي اڳيئي وستار سان بحث ڪيو هو ۽ ان بحث ۾ ٻين عملدارن جا رايا به ويچار هيٺ آندا ويا هئا. ان بحث ۾ پنج کن سال اڳيئي گذري چڪا هئا، پر ڪوبه يڪراءِ فيصلو ٿي نه سگهيو هو، انهيءَ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتاب، گرامر ۽ ڊڪشنريون وغيره ڇپائڻ جون رٿائون به پاڻيءَ ۾ پسي پيون هيون. جيڪڏهن انهيءَ سوال تي ڪاميٽيءَ ۾ وري بحث پئي شروع ٿيو، ته انهيءَ جو انت ئي ڪونه ٿيندو، فقط ڪاغذ ڪارا ٿيندا ۽ ڊگها ڊگها منٽس تيار ٿيندا ويندا. سنڌي ٻوليءَ جو ماهر رچرڊ برٽن ان وقت سنڌ ۾ حاضر ڪونه هو. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پڻ بيماريءَ جي ڪري علاج لاءِ موڪل تي لنڊن هليو ويو هو. ايلس پنـﮬـنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن ٻنهي عالمن جا ويچار اسان وٽ اڳيئي فائيلن ۾ موجود آهن، ان ڪري ان سوال تي ٻيـﮬـر بحث ڪرڻ مان ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪرندو، فقط وقت جي بربادي ٿيندي. اها ڳڻ ڳوت ڪري هن مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ اڳيان فقط سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لِپيءَ ۾ لکاوٽ جو هڪ روپ مقرر ڪرڻ جو مسئلو ايجنڊا تي رکيو.“ (جيٽلي، 1999: 97)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تحقيق موجب: ”ٻن سڄاڻ انگريز عملدارن رچرڊ برٽن ۽ بي. ايڇ. ايلس جي زوردار دليلن بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس لنڊن جي سرڪاري مراسلي Dispatch No: 46 مورخه 8 ڊسمبر 1852ع ۾ آخري طور سنڌ ۾ ’عربي- سنڌي رسم الخط‘ جي جاري رهڻ جو فيصلو ٿيو. ان بعد جولاءِ 1853ع ۾ ’نظر ثاني ڪيل الف- بي‘ کي ڪاغذ جي هڪ وڏي شيٽ تي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح 1855ع ۾ ’نظر ثاني ڪيل عربي- سنڌي، الف- بي‘ رائج ٿي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنـﮬـنجي تحقيق موجب خيال ڏيکاريندي لکي ٿو ته: ”هن کان اڳ اڪثر ائين پئي سمجهيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف- بي نئين سر ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف- بي تي نظر ثاني ڪري ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سان رائج ڪيو ويو. سنڌ جي ڪمشنر سر هينري بارٽل فريئر سنڌ ۾ تعليم بابت بي. ايڇ ايلس جي رپورٽ سان شامل سندس روانگي واري خط ۾ صاف طور ڄاڻايو آهي ته مسٽر ايلس اڳين مسلمان عالمن جي ’ايجاد ڪيل‘ حرفي صورتن کي سامهون رکي انهن مان ڪي خاص صورتن وارا حرف استعمال لاءِ چونڊيا ۽ پڻ جزوي ترميمن سان ڪي ٻيا اکر شامل ڪري الف- بي پوري ڪئي. ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل الف- بي کي ’نئين سر ايجاد ڪيل‘ الف- بي بدران صحيح طور تي ’نظر ثاني ڪيل‘ الف- بي (the alphabet revised) سڏيو آهي. سن 1853ع تائين ڪاتبن جي لکيل ڪتابن مان ظاهر آهي ته سنڌي اچارن لاءِ هيٺين صورتن وارا حرف اڳ ئي سنڌي صورتخطي ۾ رائج هئا: ٻ، ڀ، پ، ٿ، ٽ، ڄ، ڃ، چ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ڦ، ڪ، ک، گ، ڻ.“ (بلوچ، 1992: 14)
اصل ۾ ڊاڪٽر بلوچ صرف اهو ڏيکارڻ لاءِ ايلس واري آئيويٽا کي ’نظر ثاني ڪيل‘ الف- بي (the alphabet revised) ڪوٺيو آهي ته سنڌ جا پراڻا ڪاتب يا لکندڙ انهن اکرن جا روپ اڳ ئي استعمال ڪندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا ليکڪ يا ڪاتب انهن اکرن جون رسمون اڳ ئي ڪم آڻيندا هئا. حقيقت ۾ ايلس جي ڪاميٽيءَ جيڪا آئيويٽا ترتيب ڏني ان ۾ هڪ اڌ اکر جي ردوبدل بعد هاڻوڪي ’ايلس جي آئيويٽا‘ بيـﮬـاري وئي، جيڪا اصل ۾ مشن هائوس جي هارون لوهار جي طرفان هڪ اڌ اکر جي بدل سان هڪ چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي هئي، جنـﮬـن بابت بي. ايڇ ايلس جي رپورٽ ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي حڪم تي عربي حروف تـﮬـجيءَ جي حق ۾ ڪيل ان فيصلي اچڻ تي سر فريئر، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ايلس کي اهوڪم سپرد ڪيو ته عربي حروف تـﮬـجي تيار ڪرائي. عربيءَ ۾ رڳا اڻٽيـﮬـه حرف آهن (عربيءَ ۾ اصل ۾ اٺاويـﮬـه حرف آهن، باقي اکرن جي شڪل جي مٽا سٽا تحت اڻٽيـﮬـه يا ٽيـﮬـه به ٿي سگھن ٿا) ، ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لــﮬـجن ۽ انهن جي صوتي اثرات ۽ خصوصيات کي قائم رکڻ لاءِ ان گهٽتائيءَ کي ٽٻڪن جي وسيلي سان پورو ڪيو ويو. ان نئين رسم الخط نـﮬـايت تيزيءَ سان ترقي ڪئي، اهوئي ڪارڻ آهي جو پوءِ ستت ئي سنڌي ٻولي صوبي جي سرڪاري زبان قرار ڏني وئي ۽ سرڪاري دفترن مان فارسي خارج ڪئي وئي. (انگريز گورنر، 1967: 134- 138)
4.4. انگريزن پاران عربي- سنڌي آئيويٽا/ صورتخطي لازمي قرار
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ اردو مقالي ۾ انگريزن پاران مقامي ملازمن ۽ انگريزن ٻنهي لاءِ سنڌيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ صلاحيت جو امتحان لازمي قرار ڏيڻ واري حوالي سان لکي ٿو ته: ”ان سلسلي ۾ پـﮬـريون امتحان 2 نومبر 1855ع کان اڳ ٿيو، جنـﮬـن ۾ هڪ انگريز ۽ هڪ ديسي آفيسر ڪامياب ٿيا، انگريز ۽ هندو آفيسر جي هڪ اثر واري ٽولي عربي- سنڌي نسخ رسم الخط کي بدلائي ان جي جاءِ تي ’ديوناگري‘ يا ’سنڌي واڻڪا اکر‘ کي رائج ڪرڻ جي زورائتي ڪوشش ڪئي ۽ ڪتاب لکيا، مگر عربي- سنڌي رسم الخط ۾ سنڌي زبان جي تاريخي، تدريسي، علمي، ادبي ۽ تصنيفي روايتون ايتريون ته مضبوط هيون جو اهي ڪوششون آخرڪار ناڪام ٿيون ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انتظامي مجلسن جاري ٿيل سنڌي- عربي رسم الخط کي جزوي ترميمن ۽ اضافت سان رائج ڪرڻ جو فيصلو ڏيئي ڇڏيو. سنڌَ جي اسسٽنٽ ڪمشنر بي- ايڇ ايلس سنڌ جي عالمن جي جوڙيل سنڌي حرفن جي جاري ٿيل مختلف صورتن مان ڪجهه خاص صورتون چونڊي ورتيون ۽ نظرثاني کانپوءِ جولاءِ 1853ع ۾ ’سنڌي الف- بي‘ تي ٻڌل قرطاس شايع ڪري ڇڏيو، جيڪو هڪ جـﮬـڙي نموني تي تعليمي ۽ دفتري شعبن ۾ رائج ٿيو.“ (بلوچ، 96- 1995: 6- 29)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ان ڏِس ۾ لکي ٿو ته: ”1853ع جي شروعاتي دؤر ۾ ايلس پنـﮬـنجيءَ صدارت هيٺ سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي. انهن جي صلاح سان هن عربي ۽ فارسي اکرن ۾ ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪري، انهيءَ رسم الخط ۾ سنڌي الف- بي جو هڪ چارٽ تيار ڪرايو، جيڪو جولاءِ 1853ع ۾ سڀني اسڪولن ۽ سرڪاري ڪاروبار ۽ تعليم جي کيتر ۾ سنڌي ٻولي انهيءَ رسم الخط ۾ لکي وڃي. سنڌيءَ لاءِ تيار ڪيل اها معياري الف- بي اڄ تائين هلندي پيئي اچي، جيتوڻيڪ جدا جدا لفظن جي هجيئن ۽ زيرن زبرن جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.“
ڊاڪٽر مرليڌر اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: ”ايلس انهيءَ دؤر ۾ سياڻپ ڪري، انهن سنڌي هندن کي به راضي رکيو، جن گهر ڪئي ته سندن ٻارن کي ديوناگري، گرمکي يا هندو- سنڌي اکرن ۾ سنڌي ٻولي سيکاري وڃي. انهيءَ طبقي لاءِ سرڪار طرفان پرائمري سطح جا درسي ڪتاب انهن لِپين ۾ به ڇپايا ويا. پر جيئن ته سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط اختيار ڪرڻ جي حق ۾ هئي، انهيءَ ڪري ٻين لکاوٽن جو دائرو پاڻمرادو ڏينـﮬـون ڏينـﮬـن محدود ٿيندو ويو.“ (جيٽلي، 1999: 31)
مٿي ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻائڻ موجب ته: ”1855ع ۾ ’نظر ثاني ڪيل عربي- سنڌي الف- بي‘ رائج ٿي.“ مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته 1853ع ۾ مقرر ٿيل آئيويٽا جي 1855ع ۾ باقاعده لاڳو ٿيڻ ۾ ٻه سال رنڊڪ پوڻ جا ضرور ڪي سبب هوندا. هڪ ته ان آئيويٽا تي مبني ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ گـﮬـل ٿي هوندي، ٻيو ته انهن ڏينـﮬـن ۾ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارد ٿيو، جنـﮬـن مقرره آئيويٽا تي ڇوههَ ڇنڊيندي پنـﮬـنجا نرالا رايا رکي هڪ الڳ آئيويٽا ترتيب ڏني؛ جنـﮬـن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پڻ سعيو ڪيائين. ان حوالي سان ڊاڪٽر الـﮬـه رکيو ٻُٽ پنـﮬـنجي تحقيق موجب ڄاڻائي ٿو ته:
”جولاءِ 1853ع ۾ موجوده 52 اکري سنڌي الف- بي جي سڌاريل تختي تيار ڪرائي، ليٿو ۾ ڇپرائي، سڄي سنڌ ۾ ورهائي وئي .... سرڪاري خرچ سان انهيءَ رسم الخط ۾ اسڪولي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا، جن جي نگراني لائق ڏيـﮬـي منشين جي مدد سان ايلس پاڻ ڪري رهيو هو. جفاڪشي ۽ خلوص جو اهو مقام هو، جو فقط هڪ سال اندر ’باب نامي‘ کان علاوه ڇهه ٻيا ڪارائتا ۽ بنيادي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.
انهيءَ دوران ٻولين جو هڪ ٻيو عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 12 سيپٽمبر 1854ع تي ڪراچي بندر تي اچي لٿو. لسانيات جي هن ماهر کي ’چرچ مشنري سوسائٽي‘ پاران سنڌ ۾ ان لاءِ موڪليو ويو هو ته هو هتي اچي سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر، ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪارائتا ڪتاب لکي هن پوئتي پيل ٻوليءَ کي سائنسي بنياد فراهم ڪري. هن ذهين کي قدرت اهڙي ته ڏات ڏني هئي جو هو فقط چند مـﮬـينن ۾ ئي ڪنـﮬـن به ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري وٺندو هو. سنڌي ٻولي ڊاڪٽر ٽرمپ کي توڙي جو عربي، فارسي ۽ هندستاني (اردوءَ) جي ڀيٽ ۾ ڏکي لڳي، پر پوءِ به فقط ٻن مهينن اندر گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتائين؛ ايتري قدر جو نومبر 1854ع ۾ لنڊن ۾ پنـﮬـنجي هيڊ آفس عرف ’دي پيرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽيءَ‘ کي ’سنڌي الف- بي‘ بابت جامع اسڪيم تيار ڪري هڪ رپورٽ جي صورت ۾ رواني ڪيائين، جنـﮬـن ۾ ٻين اهم ڳالهين جي ذڪر سان گڏ ايلس پاران تيار ڪرايل ۽ سڌاريل سرڪاري ’سنڌي الف- بي‘ کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايائين. جڏهن اها رپورٽ ايلس جي مطالعي هيٺ آئي، تڏهن پنـﮬـنجي ساٿي جي پريت واري پورهئي تي پاڻي ڦرندو ڏسي ماٺ ٿي ڪونه ويٺو ۽ پنـﮬـنجي ڏاهپ ۽ تجربي جي بنياد تي پاڻ مٿان ٿيل تنقيد جو علمي ۽ تحقيقي جواب ڏنائين. نتيجي ۾ 8 جنوري 1855ع تي هڪ عالمانه ۽ مدلل رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر فريئر جي معرفت بمبئي سرڪار کي ڏياري موڪليائين.“ (ٻُٽ، 2004: 45- 61)
4.5. ايلس آئيويٽا/ رسم الخط بابت ڊاڪٽر ٽرمپ جي رپورٽ
ڊاڪٽر ٻُٽ صاحب اڳتي ڊاڪٽر ٽرمپ جي ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽيءَ کي موڪليل رپورٽ پڻ ڄاڻائي آهي، جنـﮬـن جي چند اهم ڳالهين کي هت ڄاڻائڻ اهم سمجهجي ٿو:
• ”ڪراچي پـﮬـچڻ شرط بنا دير جي سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس کي هٿ ۾ کنيو اٿم. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي ٻوليءَ بابت هر معاملي کي مونجهاري ۾ ڦاٿل ڏٺم. هن ملڪ ۾ رهندڙ يورپي ڪمشنر کان ويندي هيٺين سطح جي ڪاموري تائين، هرهڪ سان لـﮬـه و چڙهه ڪيم، مگر سنڌيءَ جي معاملي ۾ کين بي خبر لڌم. هڪ ئي شخص، جنـﮬـن سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي، سو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس، جنـﮬـن معاملن کي به بـﮬـتريءَ ڏانـﮬـن وٺي وڃڻ بجاءِ، پنـﮬـنجي ساده لوحي ۽ مورکائي تي ٻڌل خيالن سان الف- بي کي بد تر ئي ڪيو آهي.
• انهيءَ قسم جي ڪچري کي ٻـﮬـارڻ خاطر ’سنڌي الف- بي‘ تي هن سان گڏ شامل چوپڙي لکي اٿم، جنـﮬـن بابت اهو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي ته اها بمبئيءَ ۾ موجود مشرقي علوم جي عالمن ۽ سنڌ جي ڪمشنر وٽ ڏاڍي مڃتا ماڻي چڪي آهي. انهن بنيادن تي مسٽر ايلس پاران اسڪولن ۽ آفيسن ۾ رائج ڪيل الف- بي کي رد ڪري، مون پاران تيار ڪيل الف- بي کي ان جي جاءِ تي نافذ ڪيو ويندو. ان باري ۾ مون زور ڀريو آهي ته هندستاني الف- بي کي ٽن تبديلين سان رائج ڪيو وڃي.
1. ڇو ته ساڳئي بڻ بڻياد مان هئڻ ڪري، اها سنڌي ٻوليءَ لاءِ نـﮬـايت موزون آهي.
2. ڇو ته اها هر ڪنـﮬـن کي اچي ٿي، ايتري تائين جو ڪيترا ڏيـﮬـي ماڻهو به اها ڄاڻن ٿا.
3. ڇو ته ان ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم آسانيءَ سان ٿيندو ۽ رومن سسٽم رائج ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. مون حڪومت آَڏو هڪ درخواست پيش ڪئي آهي ته سرڪار ان رسم الخط ۾ گرامر، لغت ۽ ڪجهه اسڪولي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪري ۽ مسٽر فريئر اقرار ڪيو آهي ته وس آهر ڪوشش وٺي، ان مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڇاپخانو برپا ڪرائيندو. هن وقت اها درخواست بمبئيءَ ۾ (گورنر جي) ڪائونسل اڳيان پـﮬـچي چڪي آهي. هن وقت آءٌ جيڪي ڪتاب تيار ڪري رهيو آهيان، سي هن ريت آهن: سنڌي ريڊنگ بڪ، لغت طور نحوي ۽ اشتقاقي لفظن سان گڏ؛ هڪ لغت، سنڌي- انگريزي، جنـﮬـن ۾ هر سنڌي لفظ جو اشتقاق ڏنل هوندو؛ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر. (ٻُٽ، 2004: 45- 61)
4.6. مسٽر بئرو ايلس جي جوابي رپورٽ
ڊاڪٽر ٽرمپ وارن اعتراضن جي جواب ۾ بي. ايڇ ايلس پنـﮬـنجي ڏنل جوابي رپورٽ ۾ جيڪو ڄاڻايو آهي تنــﮬـن جو مختصر بيان هن ريت آهي:
• ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌ اندر چند هفتن ۾ سنڌين سميت، جن به ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، انهن سڀني جي محنتن تي پاڻي ڦيرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي ياداشتنامي جي ڪجهه حصي ۾ ’هندو- سنڌيءَ‘ تي بحث ٿيل آهي، مگر خود ڊاڪٽر ٽرمپ جي چواڻي ته ملڪ جي باشندن جي وڏي اڪثريت مسلمانن جي آهي، انڪري اهڙن اکرن جي ضرورت آهي، جيڪي مسلمان پڙهي سگهندا هجن. ان ڪري سندس هندو- سنڌي واري ڀاڱي کي پاسيرو ڪري رکجي ٿو.
• هاڻي سوال ٿو اڀري ته سنڌين جي استعمال لاءِ ڪتاب ڪـﮬـڙي رسم الخط ۾ ڇاپيا وڃن ۽ اهو معاملو ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ئي ’عربي رسم الخط‘ طور طئه ٿي چڪو آهي. اهو رسم الخط ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌيءَ ۾ لکڻ خاطر مسلمان ڪم آڻيندا رهيا آهن، تڏهن به ضرورت آهر بنيادي رسم الخط ۾ ڪجهه واڌارا ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌيءَ ۾ موجود اهڙن آوازن کي ظاهر ڪري سگهجي، جيڪي عربيءَ ۾ موجود ڪونهن. بلڪل ساڳيو طريقو هندستان ۾ آزمائجي چڪو آهي، جنـﮬـن صورت ۾ اتي جي ٻوليءَ تي عربي رسم الخط لاڳو ڪيو ويو آهي. هاڻ عربي دانن کي اهو مڃرائڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي آهي ته نج سامي اکرن تي اضافي ٽٻڪا ڏنا وڃن.
• تازو شايع ڪيل (سرڪاري) سنڌي الف- بي بابت ڊاڪٽر ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته ان جي قديم ڍانچي ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ڪئي وئي آهي. دراصل سچ ته اهو آهي ته ڊاڪٽر ٽرمپ پاران بيان ڪيل تبديلين کان منجهس گهڻيون گهٽ عمل ۾ آنديون ويون آهن.
• سنڌ ۾ رائج قديم رسم الخط کي ’غير منطقي‘ ۽ ’بي اصولي‘ چوڻ بلڪل بيجا ڳالهه آهي. هونئن به اهو رسم الخط ڪو نؤن ڪونهي جو انهيءَ جا اصول طئه ڪجن. جيڪڏهن انگريزي رسم الخط تي اهڙي قسم جو حملو ڪيو وڃي ته اها به پاڻ بچائي ڪانه سگهندي، ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته شروع کان ئي هڪ سوال اٿندو رهيو آهي، ته بنيادي رسم الخط ۾ ڪـﮬـڙيون تبديليون ۽ اضافا ڪيا وڃن. اهو سوال ڪڏهن به نه اٿيو آهي ته ان کي رد ڪري ان جي جاءِ تي جرمن، رومن يا ڪو ٻيو رسم الخط رائج ڪيو وڃي.
• مان ڊاڪٽر ٽرمپ جي انهيءَ خيال سان متفق آهيان ته ٻوليءَ سان اها وڏي زيادتي ٿيندي جو ’ف‘ تي وڌيڪ ٽٻڪا ٿڦي ’پ‘ جو وسرڳي آواز ٺاهيو وڃي. مان اهڙي ارهه زورائيءَ تي سندس ڏکاري موقف ۾ برابر جو شريڪ آهيان؛ مگر مان سندس انهيءَ راءِ کي بلڪل مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان ته ’ان کي مورڳو ئي مٽائي ڇڏجي.‘ جڏهن ته اهو (ٻنهي شڪلين ’ ڤ ‘ ۽ ’ڦ‘ ۾) ورهين کان سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ موجود رهندو اچي ٿو.
• هندستانيءَ کي رائج ڪرڻ اعتراض جوڳو هوندو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌي آوازن کي اچارڻ جي سگهه ۽ صلاحيت موجود ڪونهي. ان مان وڌيڪ مونجهارو پيدا ٿي پوندو، جنـﮬـن بابت خود ڊاڪٽر ٽرمپ گهڻو بيان ڪيو آهي. اهو خصوصاً انهن آوازن جي شڪلين جي حالت ۾ نمايان آهي، جيڪي ٻين جي نمائندگي ڪن ٿا؛ مثلاً: ’ٿ‘ يعني ’th‘ مورڌني آواز ’ t‘ ٿي پوندو. جيڪڏهن اها صورتحال ٻوليءَ لاءِ مونجهارو پيدا ڪندڙ ڪانهي ته پوءِ انهن لفظن جي معنى منـﮬـنجي سمجهه کان مٿي آهي.
• منـﮬـنجي خيال مطابق اکرن لکڻ جي نموني وارو هڪ الڳ بحث آهي. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته روان لکائي لاءِ نسخ موزون ڪونهي ۽ اسان کي معلوم آهي ته اها طرز تحرير گهڻو تڻو ڇپائيءَ جي ڪم تائين محدود آهي، ان ڪري بلاشبـﮬـي دفتر جي ڪم لاءِ روان سنڌي لکت يا نستعليق ئي ڪتب آندو ويندو. مختلف اکرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ طرز تحرير ساڳي ڇپائيءَ واري استعمال ڪبي. جڏهن ته هندستانيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ تحرير هڪ نموني واري هوندي آهي ته لکپڙهه لاءِ وري ٻيو ڪتب آڻبو آهي، اها صورتحال هندستانيءَ سان لاڳو آهي، جنـﮬـن جي تحرير جا ٻه نمونا موجود آهن ۽ سنڌيءَ لاءِ به بلاشڪ ساڳيو رستو موزون آهي.
• ڊاڪٽر ٽرمپ وسرڳي آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سامي رسم الخط ۾ ٽٻڪن جي استعمال تي اعتراض ڪندي چوي ٿو ته: ’رسم الخط جي نوعيت جي برخلاف اهو عمل ڍڳ ٽٻڪن کي ٿاڦڻ برابر ٿيندو.‘ انهيءَ اعتراض جي وضاحت هن ريت ٿيندي ته اهو رسم الخط جيڪو اوپرن آوازن جي نمائندگي ڪري ٿو ته ان ۾ هر حالت ۾ ڪجهه نشانين جو اضافو اڻٽر ٿي پوي ٿو. دراصل ٽٻڪن لڳائڻ وارو عمل بي ڍنگو ضرور آهي، مگر گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي وڏي مونجهاري ۾ وجهندڙ ڪونهي. مثال طور ’ڇ‘ کي ’چ‘ جو وسرڳي آواز ڪري لکڻ هندستاني صورت ’چهه‘ کان وڌيڪ موزون ۽ آسان آهي. جڏهن ته اها حقيقت آهي ته اهو اکر ٻوليءَ ۾ موجود آهي ۽ هر جاءِ تي ’ڇ‘ ئي لکيو وڃي ٿو. ان ڪري ان کي رد ڪرڻ جو مون کي ڪوبه جواز ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ٻيا وسرڳي آواز، جيڪي قديم ۽ جديد لکت ۾ عام طور ڪتب آندا وڃن ٿا، انهن جو استعمال به ساڳئي قاعدي هيٺ ٿيندو.
• مان ان ڳالهه تي ضرور حيران ٿيو آهيان ته هڪ مڃيل ۽ معروف زباندان ’ڱ‘ کي ’نڱ‘ لکڻ تي ڪيئن راضي ٿيو آهي. مون کي امڪان نظر ٿو اچي ته هو سنسڪرت آواز ’ f‘ کي به رد ڪري اڳتي ان کي ’gN ‘ لکڻ جي سفارش ڪندو. مگر سنڌين جي لهه وچڙهه کان پوءِ فرمائيندو ته ’نڱ‘ جو آواز به ’ڱ‘ لاءِ غلط آهي. اهڙيءَ ريت ’ني‘ کي ’ڃ‘ ۾ بدلائڻ واري ڊاڪٽر ٽرمپ جي راءِ جو ساڳيو ئي حال ٿيندو.
• ڊاڪٽر ٽرمپ جو اعتراض آهي ته سامي رسم الخط ۾ گُهڻن آوازن کي ٻن ٽٻڪن سان ظاهر ڪرڻ سندن اصليت جي برعڪس ٿيندو. اهو نقطو بلڪل حقيقت تي مبني آهي ته سامي اکرن کي غير سامي صورتن ۾ بدلائڻ اڍنگو عمل آهي. اهو اعتراض بجا، مگر سنڌي اکرن سان اها بي ڍنگائي ڪرڻي ئي پوندي. شايد ڊاڪٽر ٽرمپ انهيءَ حقيقت کان واقف ڪونهي ته سامي رسم الخط، جيڪو ترڪي زبان جي پڻ نمائندگي ڪري ٿو، ان ۾ ’گ‘ کي ٽي ٽٻڪا لڳائي’ ڴ‘ ڪيو ويو آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ لساني واڌارو، سڌاريل سنڌي الف- بي کان ٽيون حصو (33 سيڪڙو) وڌيڪ آهي.
• ڊاڪٽر ٽرمپ قديم ۽ جديد سڌاريل اکرن ۾ آيل تبديلين جي جيڪا ڀيٽ ڪئي آهي، ان بابت ٻه اکر چوڻ لازمي سمجهان ٿو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي سمجهڻ جي برعڪس ’ط‘ کي چئن نه بلڪ ٻن صورتن ۾ ڪتب آندو ويو آهي ۽ جتي ان جي استعمال سان ڪو فرق ظاهر نٿو ٿئي، ان کي ڏکيو يا منجهائيندڙ سمجھي رد ڪيو ويو آهي. مثال طور ’ج‘ جو ڪارج ’ح‘ کان وڌيڪ ڪونهي ۽ بنا ٽٻڪي اهو ڪنـﮬـن ٻئي اکر لاءِ ڪتب ڪونه ٿو اچي ته اضافي ٽٻڪو واقعي منجهائيندڙ ٿئي ٿو. مگر ’ط‘ نشانيءَ طور ڪتب آڻڻ سنڌين لاءِ بلڪل نئين ڳالهه آهي. الف- بي جي سڌاري دوران مان ان حقيقت کان بلڪل بي خبر هئس ته ’ٺ‘ کي عام طور ’ٽ‘ جو وسرڳي آواز ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو. گذريل آگسٽ (1854ع) ۾ پــﮬـريون دفعو مشن هائوس جي هارون لوهار پاران پڌري ڪيل رسم الخط ڏسڻ کان پوءِ اها حقيقت معلوم ٿيم . بعد ۾ ڳولا ڪندي پڪ ڪيم ته ان اکر کي سڌاريل الف- بي ۾ شامل ڪجي ها، ڇاڪاڻ ته اهو اکر اڪثر ڪري جديد سنڌي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا. انهيءَ صورتحال ۾ ’ت‘ جي استعمال جي بلڪل ضرورت ڪانه هئي. ان ڪري ان اکر کي ڪڍي ان جي جاءِ تي هارون لوهار واري ’ٺ‘ کي ئي رکيو ويو آهي.
• سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي الف- بي لاءِ هارون لوهار واري رسم الخط کي سونـﮬـون بنايو آهي. ان جي باوجود اکرن جون ڪافي صورتون منـﮬـنجي نظر مان نڪتل، ڪتابن ۾ ڏنل ڪونهن. ان سلسلي ۾ به چڱن تعليم يافته سنڌين سان لـﮬـه و چڙهه ۾ آهيان، اهي ان کان واقف ڪونهن. تنـﮬـنڪري مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته وسرڳي آواز ’ج‘ ۽ ’ڪ‘ ۽ نج سنڌي آواز’گ‘ ۽ مورڌني آوازن ’ڻ‘ مشنري سوسائٽيءَ جي اسڪولن ۾ بلڪل اڻلڀ آهن ۽ اهي عام استعمال هيٺ آيل اکرن جي صورتن کان بلڪل نرالا آهن. انهن ۾ هڪڙي صورت ته نـﮬـايت مشڪل آهي ۽ اها آهي ’ن‘ جو مورڌني آواز ۽ ان کي شروع ۽ وچ ۾ لکڻ وارو مسئلو. سنڌي ’ڱ‘ ۽ ’ک‘ واريون صورتون به کل جـﮬـڙيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته گهڻي استعمال کان پوءِ اهي عام فـﮬـم ٿي وڃن، مگر جن به سنڌين کي ڏيکاريم، تن جي شاهدي ان دعوى کي رد ڪيو آهي. هارون ’گ‘ کي قديم سنڌي اکر ڪري ڏيکاريو آهي، مگر سڌاريل الف- بي جي پڌرائيءَ کان اڳ مون ان کي ’ک‘ جي شڪل ۾ ئي ڏٺو هو. جيڪڏهن اها حقيقت ڪانهي ته پوءِ پراڻي وقت جي سنڌين وٽ ’نک‘ موجود آهي. جڏهن ته انهن ٻنهي کان ’نگ‘ وڌيڪ موزون هو.
• ’ج‘ جو وسرڳي آواز لکڻ لاءِ عام طريقو ’ج‘ ئي موجود هو ۽ ’ڄ‘ لاءِ ڪا الڳ شڪل ڪانه هئي. حالانڪ مون سنڌيءَ ۾ ان لاءِ ’ڃ‘ جي شڪل به ڏٺي آهي. جڏهن ته آخري شڪل وڌيڪ عام آهي. مون پـﮬـرين جي چونڊ ڪئي، ڇاڪاڻ ته پويون اکر ’نڃ‘ آواز لاءِ مقرر ڪيو ويو. جنـﮬـن لاءِ قديم سنڌيءَ ۾ ڪو هڪ اکر موجود ڪونهي.
• ’ڏ‘ جي صحيح شڪل جيئن هارون ڏيکاري آهي، ’ڎ‘ ئي هئڻ گهرجي. منـﮬـنجي اڳيان اها ڳالهه بيسود آهي ته انهن مان ڪنـﮬـن به هڪ شڪل جي چونڊ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ’د‘ تي انهيءَ نموني ٽن ٽٻڪن سان ٻيو ڪوبه اکر ڪونه ٿو جڙي. سڌاريل الف- بي ۾ ٽٻڪن جو انبار هيٺ مٿي ڪرڻو پيو ته جيئن ’ٽ‘ جي مورڌني آواز جون مختلف صورتون ٺـﮬـن. ٽٻڪن کي ڪـﮬـڙي نموني استعمال ڪجي، ان سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. اهڙي قسم جا متبادل طريقا ڪوبه لاڀ ڪونه ٿا پـﮬـچائين. ڊاڪٽر جي پسنديده هندستانيءَ ۾ ’ٿ‘ کي ’ت‘ يا ’ت‘ ڪري لکيو ويو آهي. جڏهن ته ’ڐ‘ يا ’ڌ‘ يا ’ڌ‘ مان ساڳيو ئي مقصد حاصل ٿئي ٿو.
• ڇا مون کي ’ز‘ ۽ ’ﮊ‘ جي صورتن بابت ڪو اعتراض هئڻ گهرجي، جن کي گذريل وقت جا سنڌي ٻنهي شڪلين ۾ لکندا رهيا آهن. پوئين طرز سڌاريل رسم الخط ۾ استعمال ڪيل ’ڙ‘ کان به وڌيڪ عام رهي آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي سنڌي لکت ۾ ٻنهي ريئُن (ر) ۾ ڪوبه فرق رکيل ڪونهي.
(مذڪوره نقطي ۾ ٻُٽ صاحب طرفان ’ ﮊ‘ جي جڳهه تي ’ڤ‘ ، ’ڙ‘ جي جڳهه تي ’ڦ‘ ڄاڻائي ۽ ٻن ريئُن (ر) جو ترجمي ۾ ذڪر نه ڪري ٿورو مونجهارو پيدا ڪيو آهي، ته آيا اهي اکر واقعي ’ڦ‘ جي گهر وارا آهن يا ’ر‘ جي گهر وارا. اهي ننڍا مونجهارا به تحقيق جي حوالي سان وڏين غلطين جي امڪان کي روڪي نه ٿا سگهن. البته، ايڊيٽر/ پروف پڙهندڙ جي لاپرواهي واري امڪان کي نه رد نه ٿو ڪري سگهجي.)
• ’ط‘ کي ٽن وسرڳي آوازن ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويو هو، جن مان هڪ ته اڳيئي بيسود ٿي چڪو هو، باقي ٻن بابت به ڪيترائي اعتراض ٿيا ۽ نيٺ انهن مان هٿ ڪڍڻا پيا؛ ڇاڪاڻ ته اهي سنڌين ۽ لسانيات جي ماهرن لاءِ بلڪل اوپرا هئا. باقي ٻن ٽن اکرن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ کي ڪتب آڻڻ ۾ ڪوبه حرج محسوس ڪونه ٿيو. اهي ٿورا اڻانگا ضرور آهن، مگر گذريل وقت جيان وسرڳي ۽ غير وسرڳي آوازن کي هم شڪل ڪري لکڻ کان ائين لکڻ بهتر سمجهيو ويو.
• مورڌني ’ڻ‘ لاءِ الڳ نشانيءَ جي اهميت کي ڊاڪٽر ٽرمپ به مڃي ٿو. ان سلسلي ۾ ’ط‘ جو استعمال ئي بـﮬـتر ٿيندو. ان سان گڏ ٽٻڪي جو استعمال بيسود ٿيندو؛ ڇاڪاڻ ته ان سان ڪنـﮬـن به مونجهاري ٿيڻ جو امڪان ڪونهي، انلاءِ ڊاڪٽر ٽرمپ جي ان بيان جو ڪو مقصد ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ته ’ط‘ ٽٻڪي کان سواءِ لاڀائتو ڪونه ٿيندو.
• ’ک‘ کي ’ڪ‘ جو وسرڳي آواز سمجهڻ ۾ مون کي ڪا دقت محسوس ڪانه ٿي ٿئي. اهو هميشھ ’ڪ‘ جو وسرڳي آواز ئي رهيو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ اهو غير وسرڳي به رهيو آهي. جيئن ته اهو ٻيئي شڪليون بغير ڪنـﮬـن امتياز جي ٻن الڳ آوازن جي نمائندگي ڪنديون هيون ته هاڻ اهو عمل ڪو ايترو شديد ڪونه ٿو لڳي ته اهي ٻيئي الڳ الڳ آوازن کي ظاهر ڪن. در اصل ’ک‘ کي ڊاڪٽر ٽرمپ جيتري مڃتا ڏني آهي، اها ان کان گهڻو ڪارائتو ڪم ڪري رهي آهي. اها قديم سنڌي لکت ۾ ’گ‘ ۽ ’ڪ‘ جي وسرڳ طور ڪتب ايندي رهي آهي. انهن ٽنهي اکرن مان ڪنـﮬـن هڪ جي حد بندي ڪرڻ هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪي سنڌي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. جڏهن ته غير سنڌي ان کي آسانيءَ سان سمجهي ڪونه سگهندا.
• جيڪڏهن ’ڍ‘ لاءِ الڳ اکر جي ضرورت ڪانهي ته اهو جلدي خود بخود متروڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي سماعت جو احترام ڪندي چئجي ٿو ته انهيءَ اکر ۽ ’ڎ‘ يا ’ڏ‘ ۾ وڏو فرق موجود آهي.
• مان پنـﮬـنجي مشاهدي جي بنياد تي گهڻو ڪجهه وڌيڪ چئي سگهان ٿو، پر جيئن ته مون ڊاڪٽر ٽرمپ پاران مسلمان سنڌي الف- بي تي ڪيل بحث جي شروعات ڪارائتين ڳالهين سان ڪئي آهي، ان ڪري وڌيڪ گفتگو کي بيسود سمجهان ٿو.
• هندستاني ڳالهين کي هيٺين حالتن ۾ ڪتب آڻي سگهجي ٿو: 1- رسم الخط ۾ صدين کان ڪابه نشاني موجود ڪونهي.
2- جتي اهي سنڌي آوازن جو پورائو ڪري سگهندا هجن.
جيڪڏهن انهن ٻنهي شرطن جو پورائو ڪونه ٿو ٿئي ته پوءِ هندستانيءَ جو استعمال بنا مقصد ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ ٿيندو. ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جي حالت ۾ هندستاني کي ڪن نون ۽ اڻ ٺـﮬـندڙ اکرن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي (جـﮬـڙوڪ: ط)، جڏهن ته ٻين اکرن جي حالت ۾ مون کي اهڙي ڪا ضرورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ته ڪو وڏي مڃتا ماڻيل قديم سنڌي اکرن کي رد ڪري ڇڏجي يا اهڙن کي هٽائي ڇڏجي، جيڪي ڪجهه وقت کان وٺي ڪتابن جي ڇپائي ۽ ٻين ڪمن ۾ بخوبي ڪتب اچي رهيا آهن.“{ 8 – جنوري 1855ع، بي. ايڇ ايلس، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ} (ٻُٽ، 2004: 45- 61)
ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته: ”ايلس صاحب گهڻيءَ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان، سنڌي ماهرن تي مشتمل ڪميٽيءَ جي مدد سان، سنڌي زبان لاءِ صورتخطي مقرر ڪئي. مٿي بيان ڪيل نج سنڌي آوازن، جن جون صورتون عربي ۽ پارسي رسم الخطن مان مخدووم ابوالحسن ورتيون هيون، سي قائم رکيائين؛ باقي رهيل نج سنڌي آوازن لاءِ عربي حرفن ۾ ڦير گهير آڻي، يا انهن کي زائد نقطا ڏيئي يا ڪي نوان نشان بنائي، سنڌيءَ لاءِ موزون صورتخطي مقرر ڪيائين. مخدوم ابوالحسن واري اڳوڻي صورتخطي، جيڪا سنڌ ۾ عام طور ڪم ٿي آندي ويئي، ايلس ان کي بنيادي صورتخطيءَ طور ڪم آڻي، انهيءَ رسم الخط جي آڌار تي ئي، هن پنـﮬـنجي صورتخطي ٺاهي. هن عربيءَ جا 28 ئي حرف، ۽ پارسيءَ جي3 حرف ان ۾ شامل ڪيا، جيئن مخدوم ابوالحسن ڪيو هو. پارسيءَ جي ٽنهي حرفن وارا آواز سنڌيءَ ۾ موجود هئا، صرف صورتون پارسي خط جون اختيار ڪيون ويون، ڇاڪاڻ جو اهي صورتون عربي رسم الخط ۾ موجود نه هيون. عربيءَ جي 28 صورتن مان ڪن جا آواز ته سنڌي زبان جا پنـﮬـنجا آواز هئا، باقي جيڪي نج عربي صورتون سنڌي رسم الخط ۾ شامل ڪيون ويون هيون، سي صرف لکت ۾ اچن ٿيون،ڇو ته اهي آواز سنڌي پڙهيل خواه اڻپڙهيل اچاري نه ٿو سگهي. باقي اهي آواز جيڪي عربي يا پارسيءَ ۾ موجود نه هئا، اهي ڪل ويـﮬـه (چند وسرگن کان سواءِ) هئا، جن لاءِ مخدوم ابوالحسن وارن سنڌي حرفن ۾ تبديليون ڪري، نوان حرف يا هڪ حرف مقرر ڪيائين، جي هن ريت آهن:
ابوالحسن واري صورت ايلس واري صورت
ب ٻ
ڀ، بهه ڀ
ٿ، تهه ٿ
ت، تر ٽ
ٽ، ٿهه ٺ
ف، پهه ڦ
ج ڄ
ج جهه
نج ڃ
چهه ڇ
ابوالحسن واري صورت ايلس واري صورت
د، دهه ڌ
ذ ڏ
د، در ڊ
ڊ ڍ
ر ڙ
ک، کهه ک
گ ڳ
گ گهه
نگ ڱ
ن ڻ
ڊاڪٽر الانا وڌيڪ لکي ٿو ته: حاصل مطلب ته ايلس، سنڌي صورتخطيءَ کي جيڪو نئون روپ ڏنو، سو اڄ ڏينـﮬـن تائين ڪم اچي ٿو پيو. هيءَ صورتخطي 52 حرفن تي مشتمل آهي. عربيءَ وارو ’ء‘ جيتوڻيڪ سنڌي صورتخطيءَ ۾ وينجن (Consonant) طور ڪم نٿو اچي.“ (الانا، 1993: 102، 103)
4.7. عربي- سنڌي آئيويٽا/ رسم الخط/ صورتخطيءَ جي واڌاري لاءِ اپاءَ
انگريزي حڪومت، سنڌ لاءِ جيڪا تعليمي پاليسي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رٿا منظور ڪئي، تنـﮬـنجو تفصيلي جائزو وٺندي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڄاڻائي ٿو ته:
(الف) سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ رسم الخط مقرر ڪيو ويو.
(ب) مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ حڪمنامو جاري ڪيو ويو.
(ج) سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻولي رائج ڪرڻ لاءِ حڪمنامو ڪڍيو ويو.
(د) سرڪاري آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ٺـﮬـرائي وئي.
(هه) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ مترجمن لاءِ انعام رکيا ويا.
(و) سنڌ ۾ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو، ۽ اسڪولن ۾ نصاب لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ لاءِ حڪمنامو ڪڍيو ويو.
(ز) تعليم کاتي ۾ ترجمي جو سيل (cell) قائم ڪيو ويو.
(ح) سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ حڪمنامو ڪڍيو ويو، ۽ ان لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي.
(ط) سنڌ ۾ ڇاپخانا قائم ڪيا ويا.
(ي) سنڌي زبان جو وياڪرڻ ۽ لغتون لکرايون ويون.
(ڪ) سرڪاري طور سنڌي اخبارون ڪڍيون ويون.
(ل) سرڪاري اشتـﮬـارناما، سرڪيولر ۽ نوٽيس وغيره سنڌي زبان ۾ به جاري ڪيا ويا.
مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ انگريز سرڪار طرفان گهڻو توجه ڏنو ويو، جنـﮬـن ڪري هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ هر ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. (الانا، 2006: 309)
ان مختصر مطالعي بعد سرڪاري طور تي جيڪا عربي- سنڌي آئيويٽا ’ايلس واري پٽيءَ‘ جي نالي سان اسان تائين پـﮬـچي سگهي آهي، تنـﮬـن بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب لکي ٿو ته: ”انهيءَ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جي سموري ڪاروائي ۽ تيار ڪيل تختي اڃان تائين مون کي هٿ اچي نه سگهي آهي؛ پر انهيءَ مطابق سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ننديرام ميراڻي سيوﮭـاڻيءَ لکي تيار ڪيو هو، اهو پھريون ڪتاب آهي جيڪو تعليم کاتي سن 1853ع ۾ عربي- سنڌي الف- بي سيکارڻ لاءِ لِٿو تي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. انهيءَ جو 1857ع وارو ڇاپو مون وٽ موجود آهي. انهيءَ ۾ مقرر ڪيل عربي- سنڌي الف- بي جي تختي هن ريت ڏنل آهي:
ايلس واري آئيويٽا /پٽي:1853ﻉ
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ
جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ
ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
(جيٽلي، 1999: 165)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جي ان عذر ته ”انهيءَ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ جي سموري ڪاروائي ۽ تيار ڪيل تختي اڃان تائين مون کي هٿ اچي نه سگهي آهي“ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ وارن اعتراضن جي جواب ۾ بي. ايڇ ايلس پنـﮬـنجي ڏنل جوابي رپورٽ ۾ جيڪو ڄاڻايو ته ”ڊاڪٽر ٽرمپ جي سمجهڻ جي برعڪس ’ط‘ کي چئن نه بلڪ ٻن صورتن ۾ ڪتب آندو ويو آهي ۽ جتي ان جي استعمال سان ڪو فرق ظاهر نٿو ٿئي، ان کي ڏکيو يا منجهائيندڙ سمجهي رد ڪيو ويو آهي. گذريل آگسٽ (1854ع) ۾ پھريون دفعو مشن هائوس جي هارون لوهار پاران پڌري ڪيل رسم الخط ڏسڻ کان پوءِ اها حقيقت معلوم ٿيم . بعد ۾ ڳولا ڪندي پڪ ڪيم ته ان اکر کي سڌاريل الف- بي ۾ شامل ڪجي ها، ڇاڪاڻ ته اهو اکر اڪثر ڪري جديد سنڌي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا. انهيءَ صورتحال ۾ ’ت‘ جي استعمال جي بلڪل ضرورت ڪانه هئي. ان ڪري ان اکر کي ڪڍي ان جي جاءِ تي هارون لوهار واري ’ٺ‘ کي ئي رکيو ويو آهي.“ مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته موجوده ايلس واري پٽي حقيقت ۾ هارون لوهار پاران سڌاريل پٽي آهي.