ڪتاب جو نالو | عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الطاف جوکيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-054-8 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 319846 ڀيرا پڙهيو ويو |
هن تحقيقي ڪتاب ۾ اي.پي.اي حوالي جو طريقو ڪم آندو ويو آهي. جديد دنيا ۾ هي طريقو گھڻو ڪم آندو ويندو آهي، ليڪن اسان وٽ ان جي استعمال تي اعتراض سامهون ايندا آهن. منهنجي ٿيسز جي Evaluation تي به سنڌ مان هڪ ماهر جي غير سنجيده راءِ سامهون آئي هئي، جنهن کي مطمئن ڪرڻ ئي ڀت سان ٽڪر مترادف هيو. عام طور ڪمپوزنگ جي حوالي سان آفيس ورڊ جي ريفرنس آپشن ۾ اي.پي.اي اسٽائيل پهرين نمبر تي رکيل آهي.
منهنجي تقريباً 28 ڇپيل ريسرچ پيپرن ۾ اهو طريقو ڪم آندل آهي. هي فارميٽ لکڻ توڻي پڙهڻ واري لاءِ ڪافي آسان ۽ اجائي ڊيگهه رکندڙ ناهي. جيئن: ’ايضاً/ حوالو ساڳيو‘، وارا لفظ هر هر پيا ڪم آندا ويندا آهن. هن فارميٽ موجب ڀلي ڪتاب مان سؤ حوالا کنيل هجن ليڪن ببليوگرافيءَ ۾ صرف هڪ دفعو ڪم آندو ويندو آهي. ڏسڻ لاءِ مواد ۾ اشاري موجب ليکڪ ۽ سال کي ڏسي، ببليوگرافيءَ ۾ ان موجب صرف هڪ دفعو ڏسڻو پوندو آهي؛ بعد ۾ مواد ۾ ڏنل هر اشاري کي ئي ڏسي ڪتاب بابت ذهن جڙي ويندو آهي. هتي ان بابت مختصر اشارا ڏجن ٿا.
حوالي ڏيڻ جو طريقو: مواد جي حوالي ڏيڻ (Citation) ۾ American Psychological Association (A.P.A) يا Harvard referencing system وارو طريقو ڪم آندو ويو آهي. موجوده حالتن ۾ سائنسي توڻي سماجي علمن ۾ هي طريقو وڌيڪ ڪم آندو وڃي ٿو. هن طريقي موجب ڪنـﻫـن حوالاتي ڪتاب (Reference Book) مان حوالي ڏيڻ جا ٻه جز ٿيندا آهن: هڪ: مواد ۾ ڏنل اشارو، ٻيو: لاڳاپيل ڪتاب جو حوالو.
(نوٽ: پر جيڪڏهن ليکڪ جو اهو نالو اشاري طور مواد کان اڳ ئي ڪنهن ٻئي لاءِ ڪم آندو ويو آهي ته پوءِ Citation ۾ ليکڪ جي نالي ڏيڻ ۾ اختيار رهي ٿو، يعني نالو، ذات، تخلص وغيره).
(نوٽ: ٻنهي صورتن ۾، ساڳئي ليکڪ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪتاب يا جرنل وغيره جو سال ساڳيو رهي ٿو ته ان حالت ۾ سال سان گڏ الف- ب جو ڳنڍ ڪجي ٿو.)
آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
ابڙو، آفتاب (2000) سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا. ايڊيٽر: ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين. ڪلاچي: تحقيقي جرنل، 3 (1)، 85- 107. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
بروهي، داد محمد، ڊاڪٽر (1991) لاڙي محاوري جو لساني جائزو. مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. لاڙ جو مطالعو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
مترجَم ڪتاب جي صورت ۾ اصل ليکڪ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ مترجم جو نالو ڪتاب جي عنوان ڏيڻ کان بعد ۾ ڏنو ويو آهي، جيئن:
برٽن، رچرڊ [1971] 2010. سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون. مترجم: محمد حنيف صديقي. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1991) مقدمو: لغات سنڌي مخفّفات. مصنف: طالب المولى، محمد زمان، مخدوم. صفحو: ٿ کان و. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
فوٽ نوٽ ۾ راءِ لکندڙ ايڊيٽر جو نالو شامل ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ مضمون ۽ ان جي اصل ليکڪ جو نالو ۽ پورا صفحا ڄاڻايا ويندا آهن؛ جيئن:
جويو، تاج (2011) فوٽ نوٽ: ايڊيٽر راءِ. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ آخري ۽ آخريءَ کان اڳ وينجن جي سُر ۽ آخري وينجن جي ساڪن هئڻ جو تصور. ليکڪ: الطاف جوکيو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 4 (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
نوٽ: ببليوگرافيءَ ۾ شروعات نالن سان ۽ ترتيب آئيويٽا/الفابيٽ موجب ڪئي ويندي آهي.