ڪتاب جو نالو | عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الطاف جوکيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-054-8 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 319746 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻوليءَ جا سڪي جيان ٻه پاسا ٿين ٿا، هڪ ڳالهائجندڙ ٻولي ٻي لکجندڙ ٻولي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جا ڪيترائي لـﮬـجا (Dialects) ٿين ٿا، جنـﮬـن کي ڪٿي به روڪ ٽوڪ نه ٿي ڪري سگهجي، ليڪن لکجندڙ ٻوليءَ لاءِ ڪي ضابطا مقرر ڪيا ويندا آهن، جن تي مڙني لـﮬـجن جا ماڻهو متفق هجن ۽ اهو طريقو دنيا جي مڙني ٻولين ۽ صورتخطين جو آهي. ان صورت ۾ ڳالهائجندڙ جملن تي، ٻوليءَ جي بنيادي اصولن کان سواءِ، ڪا روڪ نه ٿي ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته جملن ۾ هر لـﮬـجي جي ماڻهوءَ جو پنـﮬـنجو اسلوب ٿئي ٿو؛ جڏهن ته ٻئي پاسي لفظن ۽ جملن جي صورتخطيءَ تي باقاعده توجه ڏنو ويندو آهي.
صورتخطيءَ جو بنياد آواز کان اکر ۽ پوءِ رسم الخط کان آئيويٽا تائين ٿئي ٿو. ڳالهائڻ هر انسان جي گڏيل فطرت ۽ ٻوليءَ جي ماهيت هن جي جذبن جي عڪاسي آهي. الله سائينءَ انسان کي ڳالهائڻ جي سگهه عطا ڪئي، گهڻو امڪان آهي ته ان سگهه جي بنياد تي پنـﮬـنجي آسپاس هوندڙ آوازن جي نقل سان پنـﮬـنجي ٻوليءَ جو بنياد وڌو ويو هوندو. اڳتي هلي کيس ٻڌڻ وارن روپن واري ٻوليءَ کي غير حاضر ماڻهن يا ايندڙ نسل تائين اکري روپن يا ڏسڻ جوڳن روپن ۾ تبديل ڪرڻ جي گهرج محسوس ٿي هوندي. ڪيترن ئي مرحلن بعد رسم الخط/ لِپيءَ جو انتخاب ڪيو ويو هوندو ۽ ان آڌار ضروري اکرن جون شڪليون جوڙيون ويون هونديون. آخرڪار ٻوليءَ کي محفوظ ڪري نسلن تائين رسائڻ لاءِ يا پنـﮬـنجي خيال خاطر باضابطه طور تي جوڙيل اکرن کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئڻ جو رواج وڌو ويو هوندو، ته جيئن ان سان هڪ مشترڪه صورتخطيءَ جو قيام ٿي سگهي.
ٻوليءَ جي حوالي سان، ٻار جو بنيادي استاد ماءُ- پيءُ ۽ گهر جو ماحول آهي؛ جتان آواز ۽ ڳالهائجندڙ ٻولي رٽي/ سکي ٿو؛ ان بعد جڏهن ڳالهائڻ ۾ پڪو پختو ٿئي ٿو ته ساڳي ٻوليءَ کي لکڻ يا پڙهڻ لاءِ کيس تعليم ڏجي ٿي، جنـﮬـن جو پـﮬـريون مرحلو رسم الخط/ لپي ۽ ’آئيويٽا‘ آهي. آئيويٽا، اکرن جي اهڙي پوئيل لڙهيءَ جو نالو آهي، جيڪا هن کي رٽرائڻ/ ياد ڪرائڻ لاءِ سيکاري ويندي آهي.
مختلف رسم الخطن جي حوالي سان آئيويٽائن جي ترتيب جو نظام نرالو آهي، ليڪن اميد اهائي ڪئي ويندي آهي ته اها اکري ترتيب اهڙي آسان هجي جيڪا بنيادي ٻار چڱيءَ ريت رٽي ۽ لکي سگهي ۽ اها هن کي پڇاڙيءَ تائين ذهن نشين رهي. ٻين آئيويٽائن جي بنسبت عربي ٻوليءَ ۾ ٽن آئيويٽائن جو تصور آهي، هڪ: ابجدي (شماري) آئيويٽا، ٻي: شمسي- قمري (مخرجي) آئيويٽا ۽ ٽي: ابتث (شڪل ۽ ٽٻڪن وار) آئيويٽا؛ ليڪن اڄ سوڌو، ابن مقله واري ابتث آئيويٽا وڌيڪ مقبول رهي آهي، ان سببان ته اها بنيادي ٻارن لاءِ آساني رکي ٿي.
عربي- سنڌي آئيويٽا بنيادي طور تي عربي رسم الخط/ لِپيءَ مان جوڙيل آهي، جيڪا مختلف مرحلا طئي ڪندي موجوده صورت ۾ بيٺي آهي. هاڻي جڏهن هر نڪتي يا اصطلاح جو سائنسي اڀياس ٿئي ٿو ته هر صاحب فڪر پنـﮬـنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو. ايلس آئيويٽا بابت اڪثر عالمن جو اهو چوَڻ ته ’ايلس آئيويٽا ۾ وسرڳ آواز اوسرڳ آوازن کان پوءِ رکيل هئا ۽ اکرن جي ترتيب مخرجن جي حوالي سان ڪيل هئي‘ بيجا ثابت ٿيو آهي. ايلس آئيويٽا ۾ ٻٽا اکر(Digraph) ’جهه ۽ گهه‘ نرالا وسرڳ آهن، اهي ئي پنـﮬـنجن اوسرڳن سان رکيل ڪو نه آهن. اهڙي سَهوَ ٻين هنڌن به نڪري سگهي ٿي. ’ف‘ ۽ ’و‘ مخرج جي لحاظ کان قريب آواز آهن، سي ئي ڇڳا پيا آهن؛ اصل حقيقت ڪا ٻي ظاهر ٿئي ٿي. انگريز دؤر ۾ جڏهن عربي- سنڌي آئيويٽا ترتيب ڏني پئي وئي، سا گهڻي قدر ’ابتث (شڪل ۽ ٽٻڪن وار) آئيويٽا‘ کي سامهون رکي ان جي شڪل جـﮬـڙا اضافي اکر، ڪنـﮬـن سلسلي سان، ان جي ڀر ۾ رکيا ويا؛ اهڙو نتيجو ’ابتث‘ ۽ ’ايلس آئيويٽا‘ جي تقابلي ڇنڊڇاڻ مان اخذ ٿيو آهي.
جنـﮬـن صورت ۾، سڪي جيان ٻوليءَ جا ٻه پاسا ٿين ٿا، هڪ: ڳالهائڻ، ٻيو: لکڻ، ان صورت ۾ ڏٺو وڃي ته آئيويٽا جو تعلق لکڻ سان ٿئي ٿو ۽ لکڻ (خطاطي) جي بنياد تي جوڙيل آئيويٽا ئي بنيادي ٻار لاءِ آسان ٿي سگهي ٿي. موجوده آئيويٽا ڪافي عالمن ۽ استادن پاران دقيق ليکي وئي آهي؛ اڄ به ڪافي اسڪولن ۾ 1935ع واري شڪل ۽ ٽٻڪن وار آئيويٽا رٽرائي ويندي آهي، جيڪا آسان سمجهي وڃي ٿي. ان صورت ۾ اهڙن معاملن تي اڀياس ڪيو ويو آهي.
اصل ۾ هي موضوع: ’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي نگرانيءَ ۽ ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ جي معاون نگرانيءَ هيٺ منـﮬـنجي پي. ايڇ. ڊي (سنڌي) جي موضوع: ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جو اڀياس‘ جو هڪ حصو آهي. پر جيئن ته منـﮬـنجو ڪم ڪافي طول وٺي ويو، ان صورت ۾ منـﮬـنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٻئي سيمينار ۾ ماهر پروفيسرن جي فيصلي مطابق مون کي ’صورتخطيءَ‘ تي پابند ڪري، موضوع جي تبديل ڪرڻ جي راءِ ڏني وئي. اهڙي ليٽر جي اجراء بعد هي پيار جو پورهيو عوامي سطح تي آندو اٿم؛ ان اميد سان ته علمي تنقيدي راين سان نوازيو ويندو، جنـﮬـن ذريعي ڪيل چُڪن جو ازالو ٿي سگهندو. حقيقت ۾ لفظ ’تنقيد‘ سان ’علمي‘ لفظ جو اضافو ڏاڍو عجيب لڳي ٿو، پر ماحول ۽ هلندڙ رواج موجب ان سان اهڙو جوڙ ڳنڍيو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته لفظ ’تنقيد‘ جو دائرو ’سياست‘ جيان اسان وٽ ڪجهه بگڙي ويو آهي. ايتريقدر جو ’تنقيد‘ تي مقالا لکندڙن ۽ پڙهائيندڙن وٽ به ’تنقيد‘ جو استعمال ڇرڪائيندڙ بڻجي ويو آهي. اصل ۾ تنقيد مان مراد ڪنـﮬـن شيءِ جو معيار جاچڻ آهي، جيڪا تحقيق جي معاملي ۾ انتـﮬـائي اهم آهي. تحقيق جو پـﮬـريون مرحلو (Evolution) لاڳاپيل موضوع هيٺ اڳ ڪيل ڪم جو معيار جاچي پوءِ اڳتي وڌبو آهي؛ پر افسوس سان چوِڻو ٿو پوي ته ڪن سببن ڪري اسان وٽ اهڙو ماحول پيدا ٿي ڪونه سگهيو آهي. بـﮬـرحال، ٻولي ۽ علمي معاملا، ڪنـﮬـن به مٿانـﮬـين ماڻهوءَ کان مٿانـﮬـان سمجهڻ، مٿانـﮬـون عمل ڀانئڻ گهرجي.
هيءَ تحقيق 2012ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ پيش ڪئي هئم، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ مان منظور ٿيڻ بعد محمد ابراهيم جوئي صاحب کي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو هو، جنهن منهنجي تحقيق جي آخري حصي جي هڪ جز تي مناسب اعتراض واريو هو. اصولي طور ان راءِ کان پوءِ مذڪوره تحقيق ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ اچڻ گهربي هئي.
ٿيو ڀلو جو، موجوده چيئرمئن سرفراز راڄڙ صاحب اهڙن رڪيل معاملن کي خودبخود اڳتي آندو ۽ لکپڙه ڪئي، جنهن جي اڻ ڌُري فيصلي ۽ اصولي منظوريءَ بعد هن ڪتاب جو منظر عام تي اچڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. مان، جناب سرفراز راڄڙ صاحب جو سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ اڻ-ڌُريو ٿي رهڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪريان ٿو ۽ سندس ٿورا مڃيان ٿو.
20 جنوري، 2016ع ڊاڪٽر الطاف جوکيو
محراب پور.