ڪتاب جو نالو | عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر الطاف جوکيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-054-8 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 319747 ڀيرا پڙهيو ويو |
3. آئيويٽا اصطلاح جو ڪارج
3.1. ’آئيويٽا جي ترتيب‘ جو لغت ۾استعمال
ڪنـﮬـن به لغت ۾ لفظن جي داخلي ۽ خارجي ترتيب جي وڏي اهميت هوندي آهي؛ جنـﮬـن جو تعلق لاڳاپيل آئيويٽا سان ئي ٿئي ٿو. عربي- سنڌي آئيويٽا جي ترتيب جي حوالي سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”سنڌي ڊڪشنرين ۾ الف- ب جو سلسلو جدا جدا نموني ڏنل آهي. انهيءَ ڪري ڪنـﮬـن به لفظ کي ڳولهڻ لاءِ خاص طور شاگردن کي گهڻي پريشاني ٿيندي آهي .... سنڌي عالمن کي گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي اهڙن مسئلن تي گنڀيرتا سان ويچار ڪري گهربل قاعدا ۽ شبد ڪوش تيار ڪن.“ (جيٽلي، 1999: 195)
سنڌي ٻوليءَ ۾ مستند لغت ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ڄاتي وڃي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سنڌ جي مختلف حصن جي ماڻهن جي سـﮬـڪار سان پايئه تڪميل تي پڄائي. مذڪوره لغت جو پـﮬــريون جلد 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران پڌرو ٿيو. لغت جي بنيادي تياريءَ ۽ ذاتي ڪوششن ۾ سائين جي. ايم سيد جو نالو نمايان رهيو آهي. (بلوچ، 2003: 142- 150)
’جامع سنڌي لغات‘ جي پـﮬـرئين جلد ۾ پوري لغت ۾ ڪم ايندڙ اکرن جي ترتيب/ آئيويٽا ڏنل آهي، جيڪا عام طور ڪم ايندڙ اکرن جي هم شڪل ۽ ٽٻڪن- وار سوني ترتيب واري آئيويٽا کي رد ڪري، 1853ع واري ساڳي ايلس واري آئيويٽا ۾ صرف هڪ اکر ’ڦ‘ کي ’پ‘ جي ڀر مان هٽائي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو (الانا، 2005: 211)؛ جنـﮬـن لاءِ هم شڪليءَ جو بيجا جواز ڏنو ويو. ’بيجا جواز‘ ان لاءِ ٿو چئجي جو هڪ مستعمل هم- شڪلي ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا کي رد ڪري، ايلس آئيويٽا جي صرف هڪ اکر جي ڦيرائڻ سان هم شڪليءَ وارو جواز ڏنو ويو. ان ۾ هيٺين آئيويٽا جي ترتيب رکي وئي، جيڪا اڄ سوڌو مستعمل آهي:
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي .
هن کان اڳ يا پوءِ ڪيئي لغتون سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جوڙيون ويون آهن، جن ۾ اکرن جي ترتيب مٽَ رهي آهي؛ هيٺ انتـﮬـائي مختصر، خيال خاطر، جائزو پيش ڪجي ٿو:
• 1845ع کان 1852ع جي عرصي دوران آخوند عبدالرحيم عباسي مرحوم هڪ نرالي 55 اکري آئيويٽا ترتيب ڏني، جنـﮬـن ۾ آوازن جي مخرج موجب ترتيب جو خيال رکيو ويو؛ ھن بزرگ جي لغت ’جواهر لغات سنڌي اڪيچار‘ لاءِ جوڙيل آئيويٽا جي ترتيب هن ريت آهي:
ا، ب، ٻ، بهه، پ، ڦ، ت، تهه، ٿ (ٽ)، ٿهه (ٺ)، ٿر (ٽر)، ث، ج، جھ، ڄ، ڃ، چ، چهه، ح، خ، د، ده، ڎ، ڐ (ڊ)، ڐه (ڍ)، ڐر (ڊر)، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ک (ڪ)، کهه، گ، گهه، ڰ (ڳ)، ڱ، ل، م، ن، ن (ڻ)، و، هه، لا، ء، ي.
• 1886ع ۾ جهمٽمل نارومل وسڻائيءَ ’وئتپتي ڪوش‘ ڇپرايو، جيڪو ديوناگري لِپيءَ ۾ لکيل هو، بعد ۾ 1964ع ۾ ان کي عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ مٽائي ڇاپيو ويو؛ هن لغت ۾ ديوناگريءَ واري ترتيب ڪم آندل آهي. (جهمٽمل، 1978)
• 1910ع ۾ پرمانند ميوارام صاحب ’سنڌي انگريزي لغت‘ ترتيب ڏني، هن لغت ۾ صاحب موصوف 1853ع واري ايلس آئيويٽا جي ترتيب رکي آهي. (پرمانند، 1910)
• 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب ’لغات لطيفي‘ مرتب ڪئي، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ 1853ع واري ايلس آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي. (قليچ، 1994)
• 1918ع ۾ مولوي عبدالغفور همايونيءَ طب تي ’فرهنگ همايوني‘ لکي تيار ڪئي، جنـﮬـن کي بعد ۾ نياز همايونيءَ 2004ع ۾ ترتيب ڏني، هن فرهنگ ۾ پڻ 1853ع واري ايلس آئيويٽا واري ترتيب رکي وئي. (همايوني، 2004)
• 1955ع ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ’تحقيق لغات سنڌي‘ تي اشتقاقي انداز سان لغت تيار ڪري ڇپائي، جنـﮬـن ۾ 1853ع واري ايلس آئيويٽا ڪم آندائين. (سنديلو، 1980)
• 1961ع ۾ ’شاه جو رسالو‘ علامه آءِ. آءِ قاضيءَ ترتيب ڏنو جنـﮬـن جي فرھنگ ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب ڪم آندي وئي آهي. (قاضي، 1961)
• 1976ع ۾ وزارت تعليم ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘ ڇپرائي، جنـﮬـن ۾ 1853ع واري ايلس آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي. (وزارت تعليم، 1982)
• 1984ع ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ’سچل لغات‘ کي تحقيقي انداز ۾ مرتب ڪيو، صاحب موصوف، هن لغت ۾ جيڪا ترتيب ڪم آندي آهي سا 1960ع واري بلوچ آئيويٽا تي مبني آهي. (سنديلو، 1984)
• 1991ع ۾ مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ هڪ نرالي لغت ’لغات سنڌي مخفّفات‘ ترتيب ڏني جيڪا گهڻي قدر ’لـﮬـجاتي مخفّفات‘ تي مبني آهي. مخدوم صاحب جيڪا ترتيب ڪم آندي آهي، سا 1853ع واري ايلس آئيويٽا واري آهي. (طالب المولى، 1991)
• 1992ع ۾ آفتاب ابڙي ’سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري‘ ترتيب ڏني، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا آڏو رکي وئي آهي. (ابڙو، 1992)
• 1996ع ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري صاحب جيڪو ’سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت‘ تي پورهيو ڪيو، تنـﮬـن ۾ آئيويٽا جي ترتيب جو مدار 1960ع تي مبني آهي. (قادر، 1996)
• 2002ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاه جي شاعريءَ تي مبني ’روشني‘ نالي لغت ترتيب ڏني جيڪا پڻ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب تي رچي وئي. (بلوچ، 2002)
• 2004ع ۾ ڊاڪٽر فـﮬـميده حسين هڪ ڪاميٽيءَ جي سٿ سان ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت‘ ايڊٽ ڪئي، جنـﮬـن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب رکي وئي. (فھميده، 2004)
• 2004ع ۾ ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ ’سنڌي براهوي لغت‘ ترتيب ڏني، جنـﮬـن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب رکي وئي آهي. (بروهي، 2004)
• 2004ع ۾ پروفيسر سترام داس سنگهاڻي ’سائل‘، ’سائل ڪوش‘ جي نالي سان سنڌي- سنڌي لغت جوڙي، جنـﮬـن جو ٻيو جلد سنڌ ۾، 2009ع ۾ ڇاپيو ويو، هن لغت ۾ 1853ع واري ايلس آئيويٽا جي ترتيب رکي وئي آهي. (سائل، 2009)
• 2005ع ۾ شـﮬـيد سومري ’تام‘ لفظن (ساڳئي لفظ جا مختلف استعمال) تي مبني هڪ نرالي لغت ’ٻوليءَ سندا ٻول‘ نالي ترتيب ڏني، جنـﮬـن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب ڪم آندي وئي. (شـﮬـيد، 2005)
• 2007ع ۾ محمد پناه ڦرڙي ’هندي- سنڌي لغت‘ ترجمو ڪئي، هن صاحب پڻ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جي ترتيب ڪم آندي. (ڦرڙو، 2007)
• 2007ع ۾ ڊاڪٽر مدد علي قادريءَ ’سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو‘ نالي سان هڪ مختصر لغت لکي پنـﮬـنجو نالو ڳڻايو، جنـﮬـن ۾ هن صاحب عربي آئيويٽا ’ابتث‘ ڪم آندي آهي. (قادري، 2007)
• 2008ع ۾ بدر ڌامراهي ’سنسڪرت- سنڌي لغت‘ تيار ڪري ڇپائي، هن جي ترتيب ۾ چوسڻن ۽ گهُڻن وينجنن سواءِ، هڪ- اڌ ڀُل سان، 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آيل آهي. بدر ڌامراهي صاحب گهڻي قدر اهي اکر ترتيب ۾ رکيا آهن، جيڪي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿا. (بدر، 2008)
• 2009ع ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ ’اکر اکر آرسي‘نالي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ترتيب ڏني، جنـﮬـن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي. (عزيز، 2009)
• 2009ع ۾ محمد صفر سـﮬـتي ’ماڊرن سنڌي انگلش ڊڪشنري‘ نالي سان مرتب ڪئي آهي، جنـﮬـن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ترتيب ڪم آندي وئي آهي. هيءَ ترتيب ٻين سڀني ترتيبن کان نرالي آهي. (صفر، 2009)
3.1.1. لغتن ۾ ڪم آندل ترتيب جي ڇنڊڇاڻ
مٿين ڄاڻايل مختصر جائزي مان جيڪي لغتون سامهون رکيون ويون تن جي ترتيب ۾ گهڻي قدر ٻن قسمن جون آئيويٽائون ڪم آنديون ويون آهن، جن جي ٽيبل هيٺ رکجي ٿي:
شمار ترتيب/ آئيويٽا ڪتاب
1 ديوناگري آئيويٽا وئتپتي ڪوش.
2 عربي آئيويٽا سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو.
3 اوائلي ۽ غير عام ترتيب جواهر لغات سنڌي اڪيچار.
4 1853ع واري ايلس آئيويٽا سنڌي انگريزي لغت، لغات لطيفي، فرهنگ همايوني، تحقيق لغات سنڌي، سنڌي زبان جي بنيادي لغت، لغات سنڌي مخفّفات، سائل ڪوش.
5 1960ع واري بلوچ آئيويٽا جامع سنڌي لغات، شاه جي رسالي جي فرهنگ، سچل لغات، سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري، سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت، روشني، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت، سنڌي براهوي لغت، ٻوليءَ سندا ٻول، هندي- سنڌي لغت، سنسڪرت- سنڌي لغت.
6 ڪمپيوٽرائزڊ آئيويٽا/ ترتيب ماڊرن سنڌي انگلش ڊڪشنري.
مٿي مختلف ترتيبن سان مرتب ڪيل لغتن جو ذڪر ڪرڻ جو خاص مقصد اهو ئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪافي اهڙيون لغتون آهن جن ۾ ترتيبن جو نمونو مٽ آهي؛ ان کان علاوه موجوده آئيويٽا جي ترتيب به ذهن ۾ رکڻ ايتري آسان ناهي جيتري 1935ع واري سوني ترتيب ليکي وڃي ٿي. جڏهن ته اها ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي آهي ته ڪنـﮬـن به لغت ۾ 1935ع واري هم- شڪليءَ واري ترتيب ڪم نه آئي آهي.
3.2. پـﻫـاڪن ۽ اصطلاحن/ محاورن جي ترتيب ۾ آئيويٽا جو استعمال
• 1905ع ۾ ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ پـﮬـاڪن تي مبني ڪتاب ’گل شڪر‘ ترتيب ڏنو، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ 1853ع واري ايلس آئيويٽا ڪم آندل آهي. (ڪيولرام، 1978)
• 1910ع ۾ گهنشام داس ڀڳت ’سنڌي ٻوليءَ جي سونـﮬـن‘ نالي سان اصطلاحن ۽ محاورن تي مبني هڪ لغت ترتيب ڏني، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ 1853ع واري آئيويٽا کي سامهون رکيو ويو آهي. (گهنشام داس، 1910)
• 1987ع ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي اصطلاحن ۽ محاورن جي لغت ’اصطلاحن جي اصليت‘ نالي سان ڇپرائي، جنـﮬـن ۾ ترتيب 1960ع واري رکي وئي. (سنديلو، 1993)
• 2002ع ۾ عبدالوهاب سـﮬـتي ’ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پـﮬـاڪا‘ ترتيب ڏنو، تنـﮬـن ۾ پڻ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي. (وهاب، 2002)
• 2006ع ۾ انجنيئر عبدالوهاب سـﮬـتي ’اترادي پـﮬـاڪا ۽ چوڻيون‘ نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، جنـﮬـن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي. (وهاب، 2006)
3.3. ببليوگرافي، سوانح يا مختلف اسمن جي ڪتابن ۾ ترتيب جو استعمال
• عام طور ڪنـﮬـن مقالي يا ٿيسز ۾ ڏنل ڪتابيات (Bibliography) يا ڏسڻي (Index) وغيره ۾ مروَّج آئيويٽا پٽاندر ترتيب رکي ويندي آهي. ’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ جي ڪتابيات جي ترتيب ۾ 1960ع واري آئيويٽا جي پوئواري ڪئي وئي آهي.
• 1964ع ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ جي نالي سان سوانح لکي، جنـﮬـن جي ترتيب ۾ ڪم آندل آئيويٽا لاءِ ڪابه هڪ راءِ نه ٿي رکي سگهجي. (وفائي، 1985)
• 1901ع ۾ مسٽر دلامل بولچند صاحب ’A manual of Sindhi‘ انگريز ملازمن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ جي سلسلي ۾ لکيو هو، جنـﮬـن جي منڍ ۾ عربي- سنڌي آئيويٽا جا اکر ۽ اچار ڏنل آهن. ان ڪتاب ۾ آئيويٽا جي ترتيب 1853ع واري ايلس آئيويٽا ڪم آندل آهي. (Bulchand, 2003: 1-2)
• 1906ع ۾ منشي آنندرام صاحب ڌارين کي انگريزيءَ ذريعي سنڌي سيکارڻ جي هڪ ڪوشش وٺندي ‘The Sindhi Instructor’ لکيو، جنـﮬـن ۾ پڻ 1853ع واري ايلس ترتيب ڪم آندل آهي. (Munshi, 2007: 19-21)
• 2010ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اختياري اداري، اڳ رٿيل رٿا جي سلسلي ۾ ’سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا‘ جا 3 جلد تيار ڪري ورتا آهن، هن اهم ڪم ۾ 1960ع واري ترتيب رکي وئي آهي.
3.4. آئيويٽا جي ترتيب جو شاعريءَ ۾ استعمال
شاعريءَ جي حوالي سان لوڪ ادب توڻي عروضي شاعريءَ ۾ آئيويٽا/ الف- بي جي پٽيءَ کي پڻ اهميت ڏني ويندي آهي. خاص طور ٽيـﮬـه- اکريءَ کي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ ديوان کي عَروضي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي؛ ٽيـﮬـه- اکري ۾ هر بيت جي شروعات ترتيبوار اکرن سان ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ديوان ۾ رديف جي آخري اکر (حرف روِي) کي ترتيب سان رکيو ويندو آهي.
3.4.1. ’ٽيــﻫـه اکريءَ‘ ۾ آئيويٽا جي ترتيب
مذڪوره صنف بابت ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو ڄاڻائي ٿو ته: ” ٽيـﮬـه اکريءَ کي ’سه حرفي‘ به چوندا آهن، يعني ٽيـﮬـن اکرن واري صنف. عربي ’الف- بي‘ جا جملي اکر اٺاويـﮬـه آهن: ا، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، هه، ي. ليڪن استادن، ٻارن لاءِ ’الف همزه‘ (ء) ۽ ’لام قينچي‘ (لا) وڌائي جملي ٽيـﮬـه حرف يا اکر ڪيا، جنـﮬـنڪري ’ٽيـﮬـه اکري‘ سڏجڻ ۾ آئي.
ڪي ’ٽيـﮬـه اکريون‘ اهڙيون آهن، جن ۾ ٻه اکر ’لا‘ ۽ ’ء‘ ڪونهن يعني جملي ’اٺاويـﮬـن اکرن‘ تي ٻڌل آهن. ڪن ۾ وري ’اٺاويـﮬـن اکرن‘ مان به گهٽ اکر آندل آهن. پر لوڪ ادب جي محاوري مطابق اهي سڀ ’ٽيـﮬـه اکريون‘ چئبيون. تنـﮬـنڪري ’ٽيـﮬـه اکري‘ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته اها صنف، جنـﮬـن ۾ نظم، عربي ’الف- بي‘ جي اکرن (پوءِ ٽيـﮬــه هجن يا اٺاويـﮬـه يا گهٽ) موجب نمبروار چيل هجن.“ (سنديلو، 1986: 298)
شاعريءَ جي هن صنف ۾ عربي آئيويٽا جي ترتيب هجڻ جي بنياد تي ڊاڪٽر سنديلو لکي ٿو ته: ”ٽيـﮬـه اکري جي سٽاءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ صنف، ويجهڙي زماني يعني ڪلهوڙن جي دؤر جي پيداوار آهي، ڇاڪاڻ ته فارسي ۽ عربيءَ ۾ ساڳي صنف موجود آهي. تنـﮬـنڪري ائين پيو ڀانئجي ته اسان جي استاد شاعرن، عربي ۽ فارسي ’سه حرفين‘ کان متاثر ٿي، پنـﮬـنجي رنگ ڍنگ سان ٽيـﮬـه اکريون جوڙيون. ٽيـﮬـه اکريءَ جي شروعات غالباً مخدوم عبدالله واعظ ڪئي.“
مثلاً: الف_ لڳ الله جي، ڪر داد منھنجو سرورا.
بي _ برايون عمر ڀر ڪيڙيون آهن مون بي حساب.
هن ٽيـﮬـه اکري جو نمونو اهڙو آهي، جنھن جو پـﮬـريون اکر ۽ مصرع جي لفظ جو پويون اکر ساڳيو آهي. (سنديلو، 1986: 300)
شاهه محمد ديدڙ جي ٽيھه اکريءَ جو نمونو ڏجي ٿو:
الف اڄ کــيانــــتل وڃ، ڪــانگــــل، آزي مـنھنجـــي مـــــڃ،
توکي ڪالهه رنڊايو ڪڃ، ڀيرو ڪين پرين ڏنـﮬـن ڀڃ،
اُڏي اڄ ڪــا خــبـــر آڻ، تا ٿـــئي منـﮬـنجي روح رهاڻ.
بي تـــون ٻـــڌ بــــرهه جي بات، هــــيئن لــــئج تـــون لـعلڻ لات،
روئي ڪالهه گــــذاريم رات، وائي جانـــب جي ٿــــم وات،
ڪج ڪا منـﮬـنجي وٽِ وراڻ، تا ٿئي منـﮬـنجي روح رهاڻ.
تي تون کــيانتل ٻــولـج کــلي، حال حقيقت قاصـد ڪــلي،
هيءَ جا ٻانهي تو آڻ مُلي، رويون راهه ڏسي هت رلي،
هــي چـــئج تـــون منـﮬـنجي ڪــاڻ، تا ٿــئي روح رهاڻ.
ثي تـــــون ثابـــت کٽ ثـــواب، لاهه عـــشاقن ســـر عــــذاب،
وڃـــــج شائق ڪاڻ شــــتاب، رويون اکـــــين اوتـج آب،
آڻج ساجن پنـﮬـنجي ساڻ، تا ٿئي منـﮬـنجي روح رهاڻ. (لاڳيتو ....)
(سنديلو، 1986: 310- 311)
3.4.2. ديوان ۾ آئيويٽا جي ترتيب
عَروضي شاعريءَ جي حوالي سان غزلن جي مجموعي کي ’ديوان‘ ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌي شاعرن شروعاتي دؤر ۾ عربي يا فارسي زبان ۾ ديوان جوڙيا، ليڪن انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ’پـﮬـرين صاحب ديوان شاعر‘ هجڻ جو شرف ’ آخوند گل محمد گل‘ کي حاصل ٿيو. هن بزرگ 1858ع ڌاري پنـﮬـنجي ديوان لاءِ اُن وقت جي آئيويٽا سان سـﮬـمت نه ٿيندي، پنـﮬـنجي 55 اکري آئيويٽا ترتيب ڏني، جنـﮬـن تي سندس ’ديوان گل‘ ٻَڌل آهي.
لفظ ’ديوان‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنى اٿس: شاهي درٻار، ڪچـﮬـري، دفتر، وڏو عملدار، خزاني جو ڀنڊاري، وغيرهه. پر ادبي دنيا ۾ اصطلاحاً اهو غزلن جو مجموعو جيڪو آئيويٽا/ الف- بي جي ترتيب موجب هر اکر سان ترتيبوار هڪ يا وڌيڪ غزلَ قافئي يا رديف وار جوڙيل هجن، تنـﮬــن کي ’ديوان‘ چئبو.
’ٽيـﮬـه اکري‘ ۽ ’ديوان‘ ۾ الف- بي جي ترتيب ۾ خاص فرق اهو هوندو آهي، جو ’ٽيـﮬـه اکريءَ‘ ۾ هر اکر الف- بي جي ترتيب پٽاندر اڳيان توڻي پويان ڪم آڻبو آهي؛ جڏهن ته ’ديوان‘ ۾ هر اکر موجب هڪ يا وڌيڪ غزلَ الف- بي جي ترتيب پٽاندر قافئي يا رديف جي بنهه پڇاڙيءَ ۾ ڪم آندو ويندو آهي؛ مثال لاءِ آخوند گل جو هڪ غزل ڏجي ٿو:
نير رنگ واڌو ڪڍي، منجهه جهڳ جهٻ،
عـــــشق وارو وڌ وڌي منــجهه لـــوس لــــٻ.
پاڻيءَ تي ٽـﮬــڪي تپي جيئن جيئن ڪـنو،
ٿو رجهــي تيئن کاڄ جـــيئن سانـــڀين اٻَ.
(وزارت تعليم، سنڌي نصاب، ٻارهين لاءِ، 2006)
هن غزل ۾ صرف قافيو ڪم آندو ويو آهي، انلاءِ قافئي جي آخري اکر (حرف رَوي) ’ٻ‘ تي نظر رکبي؛ يعني هي غزل ’ٻ‘ اکر تي جوڙيل آهي، ۽ اهڙي نموني ترتيبوار اکرن سان غزلن جي ترتيب رهندي آهي. آخوند گل صاحب هيٺين ترتيب ڪم آندي:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث ج ج (جهه:جيم مٿان هه) ڄ ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ ڎ (دال مٿان ث وارا ٽي ٽٻڪا) ذ ر ر (ڙهه: ر جي مٿان هه) ڙ ز ژ (فارسيءَ واري) س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گ (گهه: گ مٿان هه) ڳ ڱ ل ل (لهه: لام مٿان هه) م ن ن (نهه: ن مٿان هه) ڻ و هه ي. (مجيد، 1972: 156- 171)
(سندس آئيويٽا ۾ ’ء‘ ڪونهي،ان کان علاوه موجوده رواج ۾ آندل ’مهه ۽ ڻهه‘ جا وسرڳ اکر ڄاڻايل ڪونهن!)
’ديوان بلبل‘ 1891ع ۾ ڇپيو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1969ع ۾ ڇاپيو ويو، جنـﮬـن ۾ شمس الدين بلبل مرحوم سنڌي ٻوليءَ جا 52 اکر ڪم آندا آهن. جيڪي ترتيب جي لحاظ کان 1853ع واري آئيويٽا تي مبني آهن؛ سندس ديوان ۾ هيٺين ترتيب ڪم آيل آهي:
ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ڦ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص،ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، هه، ء، ي (بلبل، 1986)
2005ع ۾ استاد راشد مورائيءَ پنـﮬـنجن غزلن تي مبني ’ديوان راشد‘ ترتيب ڏنو؛ هن ديوان ۾ استاد راشد مورائيءَ رديف- وار 55 اکرن جي جيڪا آئيويٽا/ پٽي ڪم آندي، سا هڪ- اڌ اکرن جي واڌاري سان ساڳي ڊاڪٽر بلوچ آئيويٽا آهي؛ سندس رکيل ترتيب هن ريت آهي:
ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ڙهه، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، لهه، م، ن، نْ (نون گهُڻو)، ڻ، و، هه، ء، ي. (راشد، 2005)
2010ع ۾ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ پنـﮬـنجن غزلن تي مبني ديوان ’حديث عشق‘ ترتيب ڏنو. هن دوست جو مدار پڻ ڊاڪٽر بلوچ آئيويٽا تي آهي. البته، ان ۾ آئيويٽا موجب ’نون اظـﮬـاريءَ‘ بجاءِ ’نون گهُڻو‘ ڪم آندو اٿس. (اڪبر، 2010)
2010ع ۾ سيد گل محمد شاه ’گل‘ بخاريءَ حمديه ديوان ’عرفان شريف‘ ترتيب ڏنو، جيڪو پڻ بلوچ آئيويٽا تي انحصار ڪري ٿو. مذڪوره ديوان ۾ هن بزرگ 52 اکرن کان اضافي 15 اکر رديف وار ڪم آندا آهن. پيش لفظ ۾ صاحب موصوف لکي ٿو ته: ”الله تعالى جا لک شڪر .... هي حمديه ديوان تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو 52 اکرن ۽ 15 اضافي آوازن ۽ اچارن تي مشتمل ۽ سنڌيءَ ۾ مواد جي لحاظ کان سڀ کان وڏو حمديه ديوان آهي.“ (گل، 2010: 5)
مٿين مختصر ديوانن ڏيڻ مان مراد اها آهي ته جن بزرگن به آئيويٽا سامهون رکي آهي، تن ۾ ٿورو ڪي گهڻو تفاوت ضرور آهي.
شاعريءَ ۾ آئيويٽا جي ترتيب جي استعمال ۽ ان جي ڪارج جِي اهميت کي ڏسندي ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته موجوده آئيويٽا يا شروعاتي ترتيبيل آئيويٽا عام طالب علم يا استعمال ڪندڙن لاءِ مقبوليت کان وڌيڪ مجبوري رهي آهي.
ديوان ۾ ڪم آندل ترتيب جي ڇنڊڇاڻ
مٿين ڄاڻايل مختصر جائزي مان جيڪي ديوان سامهون رکيا ويا تن جي ترتيب ۾ گهڻي قدر ٻن قسمن جون آئيويٽائون ڪم آنديون ويون آهن، جن جي ٽيبل هيٺ رکجي ٿي:
شمار ترتيب/ آئيويٽا ڪتاب
1 1853ع واري شمس الدين بلبل.
2 1960ع واري سيد راشد مورائي، ڊاڪٽر اڪبر قريشي، گل محمد شاه.
3 نرالي ترتيب آخوند گل محمد گل.
3.5. حاصل مطلب
عام طور تي اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته سنڌي لغتن ۾ مختلف ترتيبون ڪم آنديون ويون آهن؛
لغتن ۾ اڪثريتي طور تي 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي؛
ديوان ۾ گهڻي قدر 1853ع واري ترتيب ڪم آندي وئي آهي؛ ان کان علاوه نراليون ترتيبون پڻ نوٽ ڪيون ويون آهن؛
ٽيـﮬـه اکريءَ ۾ عربي آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي؛
2009ع ۾ محمد صفر سـﮬـتي پاران ڪمپيوٽرائزڊ ترتيب سامهون آئي آهي، جيڪا ڪنـﮬـن به ليکي ۾ ڪونه ٿي اچي، ليڪن جديد دؤر موجب هڪ آساني ضرور رکي ٿي؛
جديد دؤر پٽاندر، ڪمپيوٽنگ ٽائيپوگرافيءَ ۾ عربي- سنڌي آئيويٽا جي متعيّن ترتيب جو هجڻ، وقت جي گهرجَ ٿي پئي آهي؛ جنـﮬـن تي ٻيـﮬـر نظر ثاني ڪرڻ جي راءِ رکجي ٿي.
وضاحت: سنڌي سوفٽ ويئر ’ايم. بي سنڌي‘ ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ڪوششن جو نتيجو آهي، جنـﮬـن سبب ‘Microsoft Office’ ۾، مڙني سـﮬـوليتن سان، ڄاڻايل سوفٽ ويئر ڪم ڪري رهيو آهي. وقت گذرڻ سان مختلف گهرجن سبب، ڪي گهٽتائيون سامهون اچن ٿيون. انھن گهٽتائين ۾ اکري ترتيب جو معاملو به سامهون اچي ٿو. هيءَ گهٽتائي ان وقت محسوس ڪئي وئي آهي جڏهن 2009ع ۾ محمد صفر سـﮬــتي جي مرتَّب ڪيل ’ماڊرن سنڌي انگلش ڊڪشنريءَ‘ ۾ هڪ نرالي ترتيب ڪم آندي وئي، جنھن ۾ مرتِّب، گهڻي نور نچوئڻ کان بچڻ لاءِ ‘Microsoft Office’ جي ‘Table’ ۾ ‘Sort’ وارو آئيڪون استعمال ڪندي فارسي ترتيب ڪم آندي.
ڪمپيوٽنگ ترتيب
ء ا ب پ ت ث ج جهه چ ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع ف ق گ گهه ل م ن هه و ي ٺ ٻ ٽ ٿ ڀ ڃ ڄ ڇ ڊ ڌ ڏ ڍ ڙ ڦ ک ڪ ڱ ڳ ڻ.
هن ترتيب ۾ گهڻي قدر نرالا سنڌي اکر آخر ۾ اچي وڃن ٿا. ان حالت ۾، ڪمپيوٽنگ ٽائيپوگرافيءَ جي ماهرن کي ’ايم. بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾ ترتيب جي معاملي تي ٻيـﮬـر نظر ڌرڻ لاءِ عرض رکجي ٿو.