اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (619) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36283   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 5


سائِينمِ! سدائين ڪرين، مٿي سِنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالَمَ سڀ آباد ڪرين!

سائينم:

منهنجا سائين، منهنجا الله سائين

 

عالم:

سارو جهان، سڄي دنيا

سُڪار:

خوشحالي، آبادي، سُک

 

آباد:

سکيو ستابو، آسودو

دلدار:

محبوب، دل گهريو دوست

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرسارنگ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه لطيفَ الله سائين کان دعا گهري آهي ته،  اي منهنجا مولا! تون پنهنجو ڪرم ڪري اسان جي وطن سنڌ کي سدائين خوشحال، شاد ۽ آباد رک. اُن سان گڏ اي منهنجا محبوب رب! تون سموريءَ دنيا کي به سُکيو ستابو ۽ آسودو رک.