اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (619) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36292   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 4


سُتا اُٿي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سُهاڳُ، نِنڊُن ڪندي نه ملي.

سُتا:

اي سُتل! ننڊ ۾ سُتل، غافل

 

ايتري:

ايڏي،   گهڻي

جاڳ:

سجاڳ ٿيءُ

 

سلطاني سهاڳ:

وڏو انعام، وڏي سعادت، اعليٰ مقصد

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر ڏهر“  مان چونڊيو ويو آهي، هن بيت ۾ انسان کي اها نصيحت ڪئي وئي آهي ته اي غافل، سست ۽ ننڊون ڪندڙ انسانَ، ننڊ مان اُٿي سجاڳ ٿي، ڇو ته اها غفلت واري ننڊ تنهنجي اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ واري راهَه ۾ رڪاوٽ آهي. هيءَ دنيا عمل ڪرڻ جي جاءِ آهي ۽ زندگيءَ ۾ ڪو اعليٰ مرتبو ۽ وڏي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ رَهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.