اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (619) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36288   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو مختصر احوال


شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم قومي شاعر آهي. سندس والد جو نالو سيد حبيب شاهه هو. سندس تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو پڻ سنڌ جي ناليوارن شاعرن مان هڪ ٿي گذريو آهي.

شاهه عبداللطيف سن 1689ع ۾ ڄائو هو. جيئن ته آخري عمر ۾ پاڻ ڀٽ شاهه تي رهائش اختيار ڪئي هئائين ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، ان ڪري کيس ”ڀٽائي“ به چيو ويندو آهي.

شاهه  عبداللطيف ڀٽائي ننڍڙي هوندي پنهنجي ڳوٺ ۾ آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، ان کانپوءِ سندس تعليم ۽ تربيت سندس مائٽن، وڏڙن ۽ بزرگن ڪئي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا سير سفر تي پڻ ويو ۽ سنڌ ۽ ان کان ٻاهر جا ڪيترائي ماڳ مڪان ڏٺائين ۽ گهڻن ئي ماڻهن سان مليو، جنهن مان پڻ تمام گهڻو علم پرايائين ۽ ڪيترن ئي لوڪ  قصن ڪهاڻين بابت معلوم ٿيس. انهن سمورين ڳالهين مٿس  تمام گهڻو اثر ڪيو  ۽ پاڻ انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيائين.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ سڏجي ٿو،  جيڪو نه صرف سنڌ ۾ بلڪ سموري دنيا جي ادب ۾ اعليٰ درجو رکي ٿو.  سندس ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۽ ڪردارن ذريعي اسان لاءِ ڪيترائي اعليٰ پيغام سمجهايل آهي. شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ زندگيءَ جي اعليٰ قدرن، پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي خدا کي سڃاڻڻ جو پيغام ڏنو آهي. هن اسان سڀني کي بنا فرق جي سمورن انسانن سان محبت ڪرڻ جو درس به ڏنو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ انسانن کي عام زندگيءَ کي سٺي نموني گذارڻ لاءِ تمام سهڻيون صلاحون ۽ سبق ڏنا آهن. اُن لاءِ هن پنهنجي ڪلام ۾ قرآن شريف، ۽ ٻين مذهبي ۽ اعليٰ اخلاق جو سبق ڏيندڙ ڪتابن ۽ زندگيءَ جي تجربن ذريعي ڪيتريون ئي سمجهاڻيون ڏنيون آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ، ماڻهن جي رهڻ سهڻ جي طور طريقن، رسمن رواجن جو به نهايت سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.

شاهه سائينءَ جي ”رسالي“ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن، توڙي  اميرن جي هلت چلت جو بيان به آهي. هن سنڌ جي عام زندگيءَ ۾ پورهيتن جي ڪيترن طبقن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي جن ۾ واڍا، لوهار، ڪنڀار، ڌنار، ڪوري ۽ ڪاتار شامل آهن، پر هو سڀني کان وڌيڪ پيار سان پنهنجي ديس ۽ ان جي غريب ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ انهن ذريعي سمورن انسانن سان هڪ جهڙي محبت ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سن 1752ع ۾  وفا ت ڪئي ۽ کيس ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو. سنڌ جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي سندس  هڪ عاليشان مقبرو اڏايو هو، جتي هر سال صفر مهيني جي 14 تاريخ تي سندس ساليانو عرس ملهايو ويندو آهي ۽ ٽن ڏينهن جو هڪ ميلو پڻ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙا اچي حاضر ٿيندا آهن. انهيءَ موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس به ڪوٺائي ويندي آهي، جنهن ۾ عالم ۽ اديب سندس رسالي جي پيغام بابت سمجهاڻيون ڏيندا آهن ۽ روزانو رات جو راڳ جي محفل ٿيندي آهي.