ڪتاب جو نالو | اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون) |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر فھميده حسين |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-91-8 |
قيمت | 30 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (619) PDF E-Pub |
انگ اکر | 9 October 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 36285 ڀيرا پڙهيو ويو |
هن ڪتاب ۾ اسان جي سنڌ جي تمام وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام مان ”سر ڏهر“، ”سر يمن ڪلياڻ“، ”سر بروو سنڌي“ ۽ ”سر سارنگ“ نالي سُرن مان بنيادي اخلاقي قدرن جي حوالي سان بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن ۾ انسانن ۾ پيار ۽ ٻڌيءَ، سچي دوستيءَ جي سڃاڻپ ۽ هڪ ٻئي سان سُٺي هلت جي سکيا ڏني وئي آهي. اُن کان سواءِ پنهنجي پياري وطن جي سک، سلامتيءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا سان گڏ سڄي جهان جي ماڻهن جي شاد ۽ آباد رهڻ جي دعا پڻ شامل آهي، جنهن سان شاگردن ۾ پنهنجن ديس وارن سان گڏ سموري دنيا جي انسانن سان محبت جو جذبو اجاگر ٿيندو.