اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (619) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36293   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 2


نِمي کَمي نِهارِ تون، ڏَمر ڏولائو،

ٿئي ساڃائو، جي اُڀئين اِنهيءَ پير تي.

نمي:

نِوڙِي، جُهڪي، عاجزيءَ سان

 

ڏولائو:

ڏک، تڪليف، مونجهارو

کَمي:

صبر سان، برداشت سان

 

ساڃائو:

ساڃاهه، سمجهه

ڏمر:

ڪاوڙ، غصو، چڙ، ڏاڍ

 

اُڀئين:

تون بيهين

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ  جي رسالي جي ”سر يمن ڪلياڻ“ مان ورتل آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب اسان کي سمجهايو آهي ته انسان کي ٻين ماڻهن سان نوڙت ۽ نياز سان هلت رکڻ گهرجي ۽ اجائي چڙ ۽ ڪاوڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انهيءَ سان تڪليف ۽ مونجهارو پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ نصيحت تي عمل ڪبو ته مونجهارو ختم ٿيندو ۽ ڳالهه سمجهه ۾ ايندي.

 

 

  • ●●