اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (614) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36097   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    هن ڪتاب ۾ اسان جي سنڌ جي تمام وڏي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام مان ”سر ڏهر“، ”سر يمن ڪلياڻ“، ”سر بروو سنڌي“ ۽ ”سر سارنگ“ نالي سُرن مان بنيادي اخلاقي قدرن جي حوالي سان بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن ۾ انسانن ۾ پيار ۽ ٻڌيءَ، سچي دوستيءَ جي سڃاڻپ ۽ هڪ ٻئي سان سُٺي هلت جي سکيا ڏني وئي آهي. اُن کان سواءِ پنهنجي پياري وطن جي سک، سلامتيءَ ۽ خوشحاليءَ جي دعا سان گڏ سڄي جهان جي ماڻهن جي شاد ۽ آباد رهڻ جي دعا پڻ شامل آهي، جنهن سان شاگردن ۾ پنهنجن ديس وارن سان گڏ سموري دنيا جي انسانن سان محبت جو جذبو اجاگر ٿيندو.