اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پهريون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-91-8
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (619) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     36290   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ نصيحت جا نُڪتا


اها ڳالهه ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو ڪلام پنهنجي امڙ جي ٻولي سنڌيءَ ۾ چيل آهي. شاهه سائين وڏي علم ۽ فضيلت وارو انسان هو، کيس عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جي چڱي ڄاڻ هئي ۽ سندس زماني ۾ فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ جو رواج به هو. اُن دور ۾ جيڪو به فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو، ماڻهو ان کي وڏو اڪابر سمجهندا هئا ۽ وقت جا بادشاهه کيس انعام اڪرام ڏيندا هئا، پر پوءِ به شاهه لطيف پنهنجو ڪلام سنڌيءَ ۾ ڇو چيو، انهيءَ تي ڪڏهن توهان سوچيو آهي؟

پيارا ٻارو! شاهه سائينءَ پنهنجو ڪلام سنڌيءَ ۾ انهيءَ ڪري چيو، جو هُو پنهنجي پياري ٻوليءَ سان بيحد محبت ڪندو هو. هُو هڪ وطن دوست انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن، ان جي رهواسين ۽ انهن جي هرهڪ شيءِ سان پيار هو. هن سوچيو ته جيڪڏهن اسين سنڌي به پنهنجي ٻوليءَ بدران فارسيءَ يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪنداسين ته پوءِ اسان جي ٻولي شاهوڪار ڪيئن ٿيندي ۽ جيڪڏهن اسان ئي ان کي اهميت نه ڏينداسين ته پوءِ اها زنده ڪيئن رهندي؟ ماڻهن جي ساراهه ۽ انعامن اڪرامن جي پرواهه ڪرڻ بدران هن پنهنجي ٻوليءَ جي پرواهه ڪئي ۽ ان جي ڀلائيءَ جو سوچيو.

شاهه سائينءَ جي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ سان سنڌي ٻولي ايتري ته شاهوڪار ۽ سگهاري ٿي وئي، جو اڄ اسين کيس ’سنڌي ٻوليءَ جو معمار‘ يا ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ سڏيون ٿا ۽کيس تمام گهڻي عزت ۽ پيار سان ياد ڪريون ٿا. پر جن شاعرن پرائي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي، اڄ انهن کي ڪير به نٿو سڃاڻي.

شاهه سائينءَ جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس وارن جي سِڪ ۾ ڪيل شاعريءَ مان اسان کي اها نصيحت ٿي ملي ته اسان کي به گهرجي ته اسين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪريون ۽ ان جي خدمت ڪرڻ لاءِ هروقت تيار رهون ۽ پنهنجي ديس ۽ اُن ۾ رهندڙ سمورن انسانن سان سڪ ۽ محبت سان گڏجي گذاريون.

 

 

 

●●●