بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس

ڪتاب جو نالو بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-37-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (651) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     70661   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پنجون


لوڪ ادب جو لساني جائزو

                                                                                               

لوڪ ادب کي نج ”دهقاني ادب“ به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي، جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن به وقت انهن انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هي عوام جي احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي پونجي آهي، جا دميل ديڳ جيان لوڪ ادب جي جملي جنسن صنفن جو هڳاءُ ۽ هڳسان ڏيندي پئي رهي آهي.[1]

لوڪ ادب تاريخ جي ضخيم ڪتابن مان نه ملندو. ڇاڪاڻ ته ان جو جنم اتي نٿو ٿئي، پر ان جو سرچشمو عوام آهي، جا سينا انهن املهه ۽ اڻلڀ خزانن جا ”امين“ آهن. عوام جي زندگي سادي، تنهن ڪري سندن ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو، تنهن ڪري سندن خيال به سادا، پر انهن سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي، سا سندن ٻَڌ جو قوي دليل آهن. جيڪو به ٻول ٻوليندا، سو چٻي چٽي، وهڃائي ويچاري، ڳڻي پهي ۽ ٽلي سلي، جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوتِ مشاهده عالي پئي للڪاريندي. اهي پٺن اگهاڙا، پيرين پيادا کڙي کِهه لڳل، ليڙن لپيٽيل ساري قوت قرار ، جڏهن به سادي خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا.[2]

لوڪ ادب عوام جي زندگيءَ جو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾ سندن اٿڻي ويهڻي جو پتو پوي ٿو. هي هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن کي هر وقت سانڍڻ جي ضرورت آهي. لوڪ ادب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. يعني نظم ۽ نثر، نظم ۾ لوڪ گيت ۽ نثر ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون.[3]

1- لوڪ گيت:

”لوڪ گيت“ هر ملڪ ۽ ان جي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهي. سنڌي لوڪ گيت سنڌ جي ثقافت ۽ قوم جي عوامي ادب جو آئينو آهي، جنهن مان سندن عام زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو.[4]

لوڪ گيتن ۾ محبت ۽ وڇوڙي جي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. شادين، محفلين ۽ ميڙن ۾ لوڪ گيت جا راڳ آلاپيا ويندا آهن. خوشين کان علاوه ماحول جي ڪن اهم واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي به عام ماڻهو لوڪ گيت جوڙي آلاپيندا رهن ٿا.

سنڌ جا لوڪ گيت سڄي سنڌ ۾ عام طور مقبول ۽ مروج آهن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ هر ڳوٺ، هر وستي ۽ واهڻ ۾ موقعي جي مناسبت سان ڳايا وڃن ٿا.

سنڌ ۾ لوڪ گيتن جون اٽڪل 50 يا 55 کن صنفون مروج آهن، پر سنڌ کان ٻاهر خاص طور بلوچستان جي هن خطي ۾ اهي سڀئي صنفون مروج ڪونه ٿي سگهيون آهن، ڇوته هن علائقي ۾ ٻين ٻولين وارا قبيلا به وڏي تعداد ۾ مستقل طور رهائش پذير آهن، جن جي ٻولين جي لازمي اثرن ۽ ماحول سبب اهي سڀ صنفون مروج ٿي نه سگهيون آهن، تنهن هوندي به مطالعي دوران جيڪي ڪجهه صنفن بابت معلومات ۽ مواد هٿ اچي سگهيو آهي، تنهن جو مختصر طرح جائزو پيش ڪجي ٿو.

سهرا:

سهرن کي لاڏا به چيو وڃي ٿو. سنڌ جي وچولي ۽ لاڙ واري علائقي  ۾ سهرن کي ڳيچ ۽ ڳيو به چيو وڃي ٿو، جيڪو شادين يا خوشين جي موقعن تي اڪثر ڪري عورتون ڳائين ٿيون. سرائيڪي زبان ۾ سهرن کي ”ڳاوڻ“ چيو وڃي ٿو.[5]

سهرا لفظ جي معنيٰ آهي ”موڙ“. موڙ ڪيترن ئي قسمن جهڙوڪ: گلن، مڻڪن، موتين، لونگن، ڦوٽن ۽ زريءَ وغيره جا هوندا آهن، جيڪي گهوٽ کي سرگس ۽ نڪاح وقت ٻڌائيندا آهن ۽ ان وقت خاص ڪري ٻهراڙين ۾ عورتون راڳن ۽ گيتن جي ڌم لڳائي ڇڏينديون آهن. سهرن ڳائڻ جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجي نوعيت جو آهي. چار يا پنج سهرا ڳائيندڙ عورتون گڏجي دهل يا ڍولڪ تي سوز ڀرئي سريلي آواز سان رنگ رچائي ڇڏينديون آهن.[6] دهل نه هجي ته ٿالهه يا ٿالهي تي به لئي ڪن.[7]

سنڌ وانگر هي خطو به سهرن کان خالي نه آهي، جتي شادين مرادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي عورتون رسم ۽ محل موقعي جي مناسبت سان ڳائينديون آهن. لوڪ ادب جي هي صنف خطي جي مقبول ترين صنف ليکي وڃي ٿي، جيڪا سماٽن کان علاوه ٻين قومن ۾ به مقبول آهي.

هتي نموني طور ٻنهي محاورن جا ڪجهه سهرا لساني جائزي سان پيش ڪجن ٿا.

سهرا:

پٽ ڄمڻ جا سهرا:

(1) ٿلهه:   آيو گل خاب ۾، سانڍيو هَم ساهه ۾،

عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾.

1-                 مان ته پٽڙو کنيم، هر هر پٽڙو لوڏيم،

آيو گل خاب ۾، سانڍيو هَم ساهه ۾،

عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾.

2-                 هٿ ادل جي سونا ڳانا، ميندي جوڙ بنايو،

آيو گل خاب ۾، سانڍيو هَم ساهه ۾،

عطر گلاب ۾، چندن چوخان ۾.

3-                 الاهه پٽ ڏنا ڏنا، صدقو رسول تئون،

آيو گل خاب ۾، سانڍيو هَم ساهه ۾،

عطر گلاب ۾، چندن چوغان ۾.[8]

جغدالي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”خواب“ بدران ”خاب“ ”هُيمُ“ بدران ”هَم“ جا لفظ ڪم آندل آهن.

ٻئي بند ۾ ”مينديءَ“ بدران ”ميندي“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي. جنهن مان ”ءَ“ جو اُچار حذف ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”بڻايو“ بدران ”بنايو“ استعمال ڪيل آهي.

ٽئين بند ۾ ”تان“ بدران ”تئون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو هن خطي ۾ آن“ پڇاڙيءَ بدران ”اَئون“ پڇاڙيءَ سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان طرح جا ٻيا لفظ مثلاً: ”مان“، ”کان“، به ”مئون“ يا ”کئون“ طور جوڙي استعمال ڪيا وڃن ٿا.

(2)                اديون ماکي ميوو مليو آ درٻار مئون،

رکيل شاهه ڏنو آ، ماکي درٻار مئون.

1-                 لالڻ سائين ماکي بشڪيو آ،

مولڻ سائين ماکي بشڪيو آ.

اديون ماکي ميوو مليو آ درٻار مئون....

2-                 ماکي ٻانئين گڙائي ڏي راڻا،

مينجا الله وڌايا ئن اباڻا،

ماکي ميوو مليو آ درٻار مئون،....

3-                 الاهه هي ڏينئڙو ڏيکارو،

ماکي ننڍڙو ڏئارو،

اديون ماکي ميوو مليو آ درٻار مئون....[9]

فراڪي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”مونکي“ بدران ”ماکي“، ”مان“ بدران ”مئون“ جا لفظ ڪم آندل آهن.

پهرئين بند ۾ ”بخشيو“ بدران ”بَشڪِيو“ جو لفظ ڪم آندل آهي.

ٻئي بند ۾ ”ٻانهين“ بدران ”ٻانئين“ يعني ان جي ”هه“ بدران ”ء“ ڪم آندل آهي. ”گهرائي“ بدران ”گڙائي“ استعمال ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح ”منهنجا“ بدران ”مينجا“ ۽ ”آهن“ بدران ”ئِن“ جا لفظ استعمال ٿيل آهن.

ٽئين بند ۾ ”ڏينئڙو“ جو لفظ ”ڏينهڙو“ بدران ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ ”هه“ بدران ”ء“ استعمال ڪيل آهي. ”ڏيکاريو“ بدران ”ڏيکارو“ يعني ”ي“ حذف ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. ”ڏياريو“ بدران ”ڏئارو“ يعني ”ي“ بدران ”ء“ استعمال ڪري پوئين ”ي“ حذف ڪئي ويئي آهي.

طهر وقت چيل سهرو:

(1)                ايندئي ماما، ٻڌدئِي ڳانا، بِسم الله ڪري....

بسم الله ڪي، جينجي امڙ ٺري، بسم الله ڪري،

1-                 ايندئي ڃياڻون کڻائي ڏاجو،

وڄائي باجو بسم الله ڪري...

2-                 اباڻا جو ايندا، خوش ٿي ويهندا،

بسم الله ڪري، جيجل امڙ ٺري بسم الله ڪري....

3-                 رهه ڙي جيجل ما، من ملي موڪل،

ايندئي ماما ٻڌدئي ڳانا، بسم الله ڪري....[10]

جغدالي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”ٻڌرءِ“ بدران ”ٻڌدَئي“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي ۽ ”جنهنجي“ بدران ”جينجي“ جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان ”ن“ ۽ ”هه“ حذف ڪيل آهي.

پهرئين بند ۾ ”ڃياڻيون“ بدران ”نياڻون“ يعني ”ن“ بدران ”ڃ“ استعمال ڪئي وئي آهي ۽ ”ي“ حذف ڪري لفظ ڪم آندو ويو آهي.

ٽئين بند ۾ ”ماءُ“ بدران ”ما“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن مان ”ءُ“ جو اُچار حذف ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ”ايندءِ“ ۽ ”ٻڌندءِ“ بدران ”اينڌئي“ ۽ ”ٻڌ دئي“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ”ٻڌندءِ“ مان ”ن“ ٻه حذف ڪيل آهي.

(2)

ٿلهه:            هئن ٻَنڌو ڳانا، مِينجي ننڍڙي کي....

پيرن ٻَنڌو ڳانا، مِينجي ننڍڙي کي....

1-                 ننڍڙو ٿيو مامن وارو، پيارو ٿيو چاچن وارو،

هٿن ٻنڌو ڳانا، مِينجي ننڍڙي کي ....

2-                 ٻانئين گهڙائي ڏي، پٽ مِينجا سوئڻا،

هٿن ٻنڌو ڳانا، مِينجي ننڍڙي کي...

3-                 هٿ ادل جي سونا ڳانا، ٻڌنا توکي چاچا ماما،

هٿن ٻنڌو ڳانا، مِينجي ننڍڙي کي.....[11]

فراڪي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”ٻڌو“ بدران ”ٻنڌو“، ”منهنجي“ بدران ”مِينجي“ جا لفظ ڪم آندل آهن. يعني پهرئين لفظ ۾ ”ن“ جو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي لفظ ۾ ”ن“ ۽ ”هه“ حذف ڪري ”ي“ جو اضافو ڪيو ويو آهي.

پهرئين بند ۾ ”مُنهنجي“ بدران ساڳيو ”مِينجي“ ڪم آندو ويو آهي.

ٻئي بند ۾ ”ٻانهين“ بدران ”ٻانئين“ استعمال ڪري ان ۾ ”هه“ بدران ”ء“ جو اُچار شامل ڪيو ويو آهي. ”ٻڌندا“ بدران ”ٻڌنا“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. يعني هن لفظ مان ”د“ حذف ڪيو ويو آهي، جيئن هن محاوري ۾ اڪثر ڪري اسم حاليه جي اهڙن لفظن مان حذف ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ”سهڻا“ لفظ بدران ”سوئڻا“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ ”هه“ بدران ”ء“ شامل ڪري ”و“ جو اضافو ڪيو ويو آهي.

مڱڻي جا سهرا:

ٿلهه:            مڱڻو مِنجي پٽ جو، پنيون مرادان گهوٽ جون.

1-  دهري ادل جي سون جي،

مِنجي سوهڻي مور جي،

مڱڻو مِنجي پٽ جو، پنيون مرادان گهوٽ جون.....

2-                 نٿ بولي واري لعل ڪنوار،

سوهڻن ڳلن واري لعل ڪنوار.

مڱڻو مِنجي پٽ جو، پنيون مرادان گهوٽ جون...

3-                 راڄ سڏايم مڱڻي تي،

کاڄ ڪرايم موقعي تي،[12]

مڱڻو مِنجي پٽ جو، پنيون مرادان گهوٽ جون.....

جغدالي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”منهنجي“ بدران ”مِنجي“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن مان ”ن“ ۽ ”هه“ جا حرف حذف ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح پوريون ٿيون يا ”پڳيون“ بدران ”پُنيون“ جو لفظ ڪم آندل آهي. ”مرادان“، ”مرادون“ بدران ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ ”اون“ پڇاڙي بدران ”آن“ پڇاڙي شامل ڪيل آهي.

پهرئين بند ۾ ”سهڻي“ بدران ”سوهڻي“ جو لفظ ڪم آندل آهي. يعني ”س“ مٿان پيش جي اچار سبب ”و“ جو اچار استعمال ڪيل آهي.

ٻئي بند ۾ ساڳيءَ طرح ”سهڻن“ جي لفظ کي ”سوهڻن“ استعمال ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ”ڳٽن“ بدران“ ”ڳلن“ جو لفظ ڪم آندل آهي.

ٿلهه:            اديون ڏئو مبارخان، اديون ڏئو مبارخان،

ماکي ڏئو مبارخان، پٽن جون پنڙيون مرادان.....

1-                 چاڙي گهوٽ گهوڙي تي،

سونا سيج جوڙي تي.

لونگڙي ڪلن تي رکايان، پٽن جون پنيون مرادان....

اديون ڏئو مبارخان.....

2-                 ميندي مليرئون گهرايان،

مُنڊري لاڙئون ٺارايان،

پلپل ناچو نچايان، پٽن جون پنيون مرادان.....

اديون ڏئو مبارخان......

3-  سومر رات تنجو مڱڻو،

خوش رهنو مينجو سوئڻو،

ڪوٽي کئون عطر آنايان، پٽن جون پنيون مرادان....

اديون ڏئو مبارخان.......[13]

فراڪي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”ڏيو“ بدران ”ڏئو“، ”مبارڪون“ بدران ”مبارخان“ ۽ ”مونکي“ بدران ”ماکي“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن.

پهرئين بند ۾ ”چاڙهي“ بدران ”چاڙي“ ۽ ”ڪلهن“ بدران ”ڪلن“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. يعني ٻنهي مان ”هه“ حذف ٿيل آهي.

ٻئي بند ۾ ”ملير کان“ بدران ”مليرئون“، ”لاڙ کان“ بدران ”لاڙئون“، ”منڊي“ بدران ”منڊري“ ۽ ”ٺهرايان“ بدران ٺارايان“ جا لفظ ڪم آندل آهن،

ٽئين بند ۾ ”تنهنجو“ بدران ”تُنجو“، ”رهندو“ بدران ”رهنو“ (د حذف)، ”منهنجو“ بدران ”مينجو“، ”سهڻو“ بدران ”سوئڻو“، ”ڪوئٽه“ بدران ”ڪوٽي“ ”کان“ بدران ”کئون“ ۽ ”آڻايان“ بدران ”آنايان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ”آنايان“ ۽ ”گهرايان“ بدران ”آناوان“ ۽ ”گهراوان“ به استعمال ٿين ٿا.

ٻُڪيءَ جا سهرا:

(1)                اباڻا سڏايان ٻڪي تي، ادل جي کاڄ تي،

مدت مولا سر تي، فخر آ راڄ تي،

1-                 بينسر ادل جي گهڙايان،

لاڙئون مان گهُرايان،

اباڻا سڏايان ٻڪي تي، ادل جي کاڄ تي.....

2-                 منڊي منجي سون جي،

سکر کئون گهرايان.

اباڻا سڏايان ٻڪي تي، ادل جي کاڄ تي....[14]

جغدالي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”ٻڪيءَ“ بدران ”ٻڪي“ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان ”ءَ“ جو اچار حذف ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ”مدد“ بدران ”مدت“ ۽ ”ڪاڄ“ بدران ”کاڄ“ استعمال ٿيل آهن.

پهرئين بند ۾ ”لاڙ کان“ بدران ”لاڙئون“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ ”آن“ بدران ”اَئون“ پڇاڙي استعمال ٿيل آهي.

ٻئي بند ۾ ”منهنجي“ بدران ”مِنجي“ يا ”مُنجي“ استعمال ٿئي ٿو، ”کان“ بدران ”کئون“ جو اچار ڪم آندو وڃي ٿو.

(2)  توکي ميندي لاوان، اباڻن کي گهراوان.....

1- مينجا پٽ سوئڻا،

           توکي ڪنئار سان ملاوان،

          توکي ميندي لاوان، اباڻن کي گهراوان......

2- ٽوپي تنجي پَٽ جي،

           ڪوٽي کئون آناوان،

           توکي ميندي لاوان، اباڻن کي گهراوان....

3- منڊي تنجي سون جي،

          سکر کئون ٺاراوان،

          توکي ميندي لاوان، باڻن کي گهراوان....[15]

فراڪي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”لڳايان“ بدران ”لاوان“ ۽ ”گهرايان“ کي ”گهراوان“ طور استعمال ڪيو ويو. ڇوته هي علامت سرائيڪي زبان کان ورتل آهي، جنهن ۾ ”يان“ جي پڇاڙي ”وان“ طور ڪم آڻجي ٿي.

پهرئين بند ۾ ”منهنجا“ بدران ”مينجا“، ”سهڻا“ بدران ”سوئڻا“، ”ڪنوار“ بدران ”ڪنئار“، ”ملايان“ بدران ”ملاوان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن.

ٻئي بند ۾ ”تنهنجي“ ”بدران ”تنجي“، ”ڪوئٽه“ بدران ”ڪوٽي“، ”کان“ بدران ”کئون“ ۽ ”گهرايان “ بدران ”آناوان“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

ٽئين بند ۾ ”تُنهنجي“ بدران ”تُنجي“، ”کان“ بدران ”کئون“ ۽ ”ٺهرايان“ بدران ”ٺاراوان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ”ٺهرايان“ جي ”هه“ ۽ ”ي“ حذف ڪري ”و“ جو اضافو ڪري ”ٺاراوان“ ڪيو وڃي ٿو. اها جوڙجڪ سرائيڪي زبان جي آهي، جيئن اسان مٿي بيان ڪري چڪا آهيون.

شاديءَ جا سهرا:

ٿلهه:            آيو ڙي مَنجو، ناڙي جو نواب،[16]

بينسر جوڙائي نهري، ناڙي جو نواب....

1-                 سوهڻا آهستي آهستي، دل جا گل کلدا،

گل ڪوٺي تي کلدا، گل ماڙي تي کلدا،

آيو ڙي منجو ناڙي جو نواب،

بينسر جوڙائي نهري، ناڙي جو نواب.....

2-                 سوهئل جون اکيون، ڪجل رنگ لايو،

آهستي آهستي سوهڻا، دل جا گل کلدا،

گل ڪوٺي تي کلدا، گل ماڙي تي کلدا....

3-                 ادل جا سونا ڳانا، حسن رنگ وڌايو،

آهستي آهستي سوهڻا، دل جا گل کلدا،

گل ڪوٺي تي کلدا، گل ماڙي تي کلدا....[17]

جغدالي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”منهنجو“ بدران ”مُنجو“ لفظ استعمال ڪيل آهي.

پهرئين بند ۾ ”کلندا“ بدران ”کُلدا“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان ”ن“ جو حرف حذف ٿيل آهي.

ٻئي بند ۾ ”سوهڻن“ ”سهڻل“ بدران يعني ”و“ جو ان ۾ اضافو ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.

سهري جو لهجو ۽ جهيلار جغدالي آهي. ان کان علاوه پنهنجي علائقي ڀاڳ ناڙي جو ان ۾ ذڪر ڪري علائقي جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي.

ٿلهه:            سوئڻو ڀلي گهوڙي تي سدا چڙنو آ،

سپائي سان کڻنو آ، نوڪر واڳ و‎ٺنو آ،

1-                 سوني منڊي ٺارائي، پاڻ هيڏي اِينو آ،

سوئڻو ڀلي گهوڙي تي سدا چڙنو آ،

سپائي سان کڻنو آ ...........

2-                 مينجا جيئين لاڏل، سوب ته تنجي آ،

ٻي جي حاجت نائين سوب ته تنجي آ،

سوئڻو ڀلي گهوڙي تي سدا چڙنو آ،

سپائي ساڻ کڻنو آ.................[18]

فراڪي محاوري جي هن سهري جي ٿلهه ۾ ”سهڻو“ بدران ”سوئڻو“، ”چڙهندو“ بدران ”چڙنو“، ”کڻندو“ بدران ”کڻنو“، ”وٺندو“ بدران ”وٺنو“ ۽ ”سپاهي“ بدران ”سپائي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ”چڙهندو“، ”کڻندو“ ۽ ”وٺندو“ مان ”د“ جو حرف حذف ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. ”چڙهندو“ ۽ ”سپاهي“ لفظن مان ”هه“ جو اُچار به حذف ٿيل آهي.

پهرئين بند ۾ ”ٺهرائي“ بدران ”ٺارائي“، ”هيڏانهن“ بدران ”هيڏي“ ۽ ”ايندو“ بدران ”اِينو“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

ٻئي بند ۾ ”منهنجا“ بدران ”مِينجا“، ”سوڀ“ بدران ”سوڀ“ تنهنجي“ بدران ”تُنجي“، ”ناهين“ بدران ”نائين“ ۽ ”سهڻو“ بدران ”سوئڻو“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. انهن لفظن ۾ اڪثر وسرگ حرف اوسرگ ڪري اُچاريا وڃن ٿا.

لولي:

لولي سنڌ جي سري ۾ رهندڙ ”جتن“ ۽ ٻين پاڙيسري قبيلن جو لوڪ گيت آهي.[19] جيڪو سرائيڪي ٻوليءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿو ڏسجي. محبت ۽ مجاز لوليءَ جو بنيادي نُڪتو آهي. زالون توڙي مرد پنهنجي منهن وندر ۽ ورونهه طور يا پاڻي ڀرڻ، مال چارڻ، ٻنيءَ ۾ رونبي يا لاباري وقت، توڙي محفلن ۽ مجلسن ۾ ڳائين. محبت ۽ مجاز کان سواءِ ٻين عنوانن تي پڻ چيون وڃن ٿيون.[20]

سنڌ خطي ۾ آسانيءَ خاطر هن گيت جي مڙني روايتن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (الف) عام مشهور روايتي لوليون، جي اڪثر سرائيڪي زبان ۾ چيل آهن. (ب) واقعاتي لوليون ۽ (ج) شاعرن جون چيل لوليون جي سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل آهن.[21] پر سنڌ کان ٻاهر هن لوڪ گيت جون ايتريون روايتون ملڻ مشڪل آهن، ڇوته انهن علائقن ۾ ٻين ٻولين وارا قبيلا به رهائش پذير آهن، جن تي اثرن سبب سنڌ جي لوڪ ادب جون سڀ لوڪ صنفون مروج نه آهن. جيئن ته اتان جي سنڌي ٻولي انهن ٻولين کان گهڻي متاثر آهي. تيئن اهي صنفون به يا ته متاثر آهن يا مرڪز کان گهڻو پري هئڻ سبب مروج ئي ڪونه ٿي سگهيون آهن.

لولي سنڌ جو عام ۽ پيارو گيت آهي، جو سنڌي توڙي سرائيڪيءَ ۾ چيو ويندو آهي. لولين جي ٻَڌَ ۽ نفسِ مضمون مان معلوم ٿيندو ته لولي جو بنيادي نڪتو آهي، جذبن، امنگن ۽ احساسن جو اظهار. يقين آهي ته اهو جذبو پهريائين ان کي ٻچي لاءِ پيدا ٿيو هوندو.[22]

هر قوم ۾ مائرون پنهنجي ٻچن کي اڪثر ڪري روئڻ وقت لوليون ڏيئي سمهارينديون آهن، ڇوته ماءُ جي لولي ٻار لاءِ ننڊ آڻيندڙ ”ستي“ هوندي آهي، جنهن کان هن جا سڀ ڏک ۽ درد دفع ٿي ويندا آهن ۽ هو ننڊ جي گود ۾ آرامي ٿي ويندو آهي. لاڙ ۾ هن صنف کي ”لولي“، ”اوراڻو“، ”اولاڻو“ ۽ ”ٻولڻو“ به چيو ويندو آهي.[23]

سبيءَ جو هي خطو به لولي جي هن صنف کان خالي نه آهي، جتي ان جو نالو صرف ”لولي“ آهي. ”اوراڻو“، ”اولاڻو“ يا ”ٻولڻو“ نالا هن خطي ۾ مروج ڪونه آهن ۽ نه وري خطي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪو قسم مروج آهي.

لوليءَ ۾ مائرون اڪثر پنهنجي ننڍڙن ٻارن کي پنهنجي ٿڃ وات ۾ ڏيئي مٺڙن ٻولن سان ننڊ ڏيارڻ جون ڳالهيون پيار ۽ محبت ڀريل آواز سان الاپينديون آهن، جنهن جي سر ۽ سواد سان ننڍن ٻارن جون نه صرف تڪليفون رفع دفع ٿي وڃن ٿيون، بلڪ هو هڪدم ننڊ به پئجي ويندا آهن. جيڪڏهن ٿڃ ڇڏيل ٻار هوندو ته پوءِ ان کي پينگهي يا ڪپڙن جي ٺهيل گگوٽي ۾ وجهي لوڏن سان لوليون ڏنيون وڃن ٿيون. هت خطي ۾ مروج ٻنهي محاورن جي اهڙي قسم جي هڪ هڪ لولي لساني جائزي سميت پيش ڪجي ٿي.

 

لوليون:

لولي ڏيان مٺڙي کي،

لولي ڏيان ٻچڙي کي.

1-                 پينگهو لوڏان ٻچڙي جو،

جهولو جهُولان مٺڙي جو،

لولي ڏيان مٺڙي کي .....

2-                 منجو ٻچڙو پيارو،

اکين جو آ تارو،

لولي ڏيان مٺڙي کي.....

لولي ڏيان ٻچڙي کي.....

3-                 ننڊ ڪندو آ سارو ڏينئن،

اڄ جو آ پيارو ڏينئن،

لولي ڏيان ٻچڙي کي......[24]

جغدالي محاوري جي هي لولي ٻار کي ننڊ ڪرائڻ وقت ڏني وڃي ٿي. ان جي پهرئين بند ۾ ”لوڏيان“ بدران ”لوڏان“، ”جهوليان“ بدران ”جهُولان“ مان ”ي“ جو اُچار حذف ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.

ٻئي بند ۾ ”منهنجو“ بدران ”مُنجو“ ۽ ”آهي“ بدران ”آ“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي.

ٽئين بند ۾ ”ڏينهن“ بدران ”ڏينئن“ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان ”هه“ حذف ڪرڻ بعد ”ء“ جو اُچار شامل ڪيو ويو آهي. جغدالي محاوري ۾ به فراڪي وانگر ڪڏهن ڪڏهن ”هه“ جو اُچار حذف ڪيو وڃي ٿو.

 

(2)

لولي مِينجي ٻچڙي کي،

لولي مينجي مٺڙي کي،

گوري وَنان ٻچڙي تئون،

ساء ڏيوان مٺڙي کي،

لولي مينجي ٻچڙي کي،

لولي مينجي مٺڙي کي.....

ٻچڙو ننڊان ڪنو آ،

مٺڙو بُبا پينو آ،

لولي مينجي ٻچڙي کي،

لولي مينجي مٺڙي کي.....[25]

فراڪي محاوري جي هي لولي به ٻار کي روئڻ وقت ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي. لولي جي ٿلهه ۾ ”منهنجي“ بدران ”مينجي“ جو لفظ ڪم آندل آهي.

پهرئين بند ۾ ”گهوري“ بدران ”گوري“، ”وڃان“ بدران ”وَنان“، ”تان“ بدران ”تئون“، ”ساهه“ بدران ”ساء“ ۽ ”ڏيان“ بدران ”ڏيوان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن.

ٻئي بند ۾ ”ننڊون“ بدران ”ننڊان“، ”ڪندو“ بدران ”ڪنو“، ”آهي“ بدران ”آ“، ”پيئندو“ بدران ”پِينو“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ”ڪندو“ ۽ ”پيئندو“ مان ”د“ جو حرف حذف ڪيل آهي. جيئن محاوري ۾ اڪثر ٿئي ٿو، پر ”پيئندو“ لفظ مان ته ”د“ سان ”گڏ“ ”ء“ جو اچار به حذف ڪيو ويو آهي.

جمالو:

جمالو سنڌ جو مشهور ۽ آڳاٽو عوامي ناچ توڙي لوڪ گيت آهي. جمالو ناچ ۾ هڪڙو ڄڻو ڳائڻ جا ٻول چوندو ته ٻيا ساٿي ”هو جمالو“ جي وراڻي الاپيندا رهندا.[26] سنڌ وانگر هي گيت سبيءَ جي خطي ۾ به مروج آهي، جنهن کي مردن کان علاوه زالون به گڏجي اڪثر خوشين جي موقعي تي ڳائينديون آهن.

جمالي ۾ سونهن جي تعريف جهڙوڪ، وارن، ڏندن، چپن ۽ اکين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ان جي پڳ، جُتي، لڪڻ، منڊي ۽ ڪپڙن جي تعريف جو ذڪر به ڪيو وڃي ٿو.[27] جيتوڻيڪ جمالي جي تعريف بابت سموري سنڌ وانگر هن خطي جون مصراعون ۽ ٻول به ساڳيءَ طرح جا آهن، ان جي باوجود انهن ۾ خطي جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا واضح نشان ملن ٿا. ڇوته هي هڪ لوڪ گيت آهي، جنهن جي ڳائڻ وارا اڪثر پنهنجي ماحول جي ترجماني ڪندا رهندا آهن، جيڪو هڪ فطرتي عمل آهي.

سنڌ طرف جمالو کي چئن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو، (الف) جمالي جي جدائي (ب) جمالي جو موٽي اچڻ. (ج) جمالي جا متفرقا گڏيل ٻول ۽ (د) جمالي جو ڳيچ،[28] پر هن خطي ۾ اڪثر جمالي جي روشنيءَ بابت ڳيچ ڳايا وڃن ٿا، جن جو مختصر طور محاورن جي لحاظ سان لساني جائزو پيش ڪجي ٿو.

جمالو:

هي سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ مشهور لوڪ گيت آهي، جو ناچ سان ڳائبو آهي. سڄو گيت حسن واري جي تعريف بيان ڪري ٿو. هن ۾ ”هو جمالو“ وارا ڻي طور هر بند کان پوءِ دهرائبو آهي.[29]

سنڌي ٻوليءَ جي هن صنف کان سبيءَ جو خطو به مالامال آهي، جنهن ۾ علائقي جي ماحول جي عڪاسي به ٿيل آهي. هت نموني طور ٻنهي محاورن ۾ هن صنف تي چيل ڪجهه بند لساني جائزي سميت پيش ڪجن ٿا.

جغدالي محاورو:

منجو کٽي آيو خيرسان،

هو جمالو.

مجو لڙي آيو ڀاڳ ڏي،

هو جمالو

سوني منڊي چيچ ۾،

هو جمالو

ڳاڙهو رومال هٿ ۾،

هو جمالو

منجو جمالو جتن جو،

هو جمالو

تنجا وار گهنڍيدار الا،

هو جمالو

نيري لانڪ مزيدار الا،

هو جمالو

منجو جمالو جتن جو،

هو جمالو

ڳاڙهو رومال هٿ ۾،

هو جمالو

سائو لهڪڻ هٿ ۾،

هو جمالو

منجو جمالو جتن جو،

هو جمالو

جغدالي محاوري ۾ چيل هن جمالي مان علائقي جي زبان ۽ ثقافت جا نشان ملن ٿا. ”ڀاڳ“، ”نيري لانڪ“، ”ڳاڙهو رومال“ ۽ ”سائو لڪڻ“ علائقي جي تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿا. جمالي ۾ ”منهنجو“ بدران ”مُنجو“، ”تنهنجو“ بدران .”تنجو“ ۽ ”لڪڻ“ بدران ”لهڪڻ“ جا جغدالي لفظ استعمال ٿيل آهن.

فراڪي محاورو:

مينجو کٽي آئو خير سان،

هو جمالو

سيوي جي شهر ۾،

هو جمالو

سوني منڊي چيچ ۾،

هو جمالو

سنڌي ٽوپي مٿي تي،

هو جمالو

هو جمالو.... هئي هئي جمالو،

هو جمالو

تنجا وار گهنڍيدار الا،

هو جمالو

تنجون ڳاليون مزيدار الا،

هو جمالو

هو جمالو.... هئي هئي جمالو

هو جمالو[30]

فراڪي محاوري ۾ چيل هن جمالي جو لساني جائزو وٺبو ته معياري سنڌيءَ کان ان ۾ وڏو فرق ملي ٿو. جمالي ۾ ”منهنجو“ بدران ”مينجو“، ”آيو“ بدران ”آئو“، ”تنهنجو“ بدران ”تنجو“، ”تنهنجون“ بدران .تنجون“، ”ڳالهيون“ بدران ”ڳاليون“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. لهجو ۽ جهيلار به نمايان آهي،  جنهن کي ٻڌڻ شرط محاوري کي محسوس ڪري ٿو سگهجي.

ٻيلڻ:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلڻ“ جي صنف کي سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ شمار ڪندي لکي ٿو ته: ”ٻيلڻ“ خاص طرح اتر سنڌ ۽ اولهه طرف ڪاڇي وارن جو هڪ لوڪ گيت آهي. نظم جي نموني ۽ مضمون جي لحاظ کان ”عام روايتي لولي“ سان ملندڙ آهي. البته ٻنهي جي آلاپڻ ۾ فرق آهي. ”ٻيلڻ“ ٻن مصرعن وارن نظم آهي، جنهن جي مصرع کي لاهڻيءَ وقت ٻيو ڀيرو يا ٻيليندا يا آلاپيندا آهن، جنهن ڪري ئي غالبن هن تي ٻيلڻ نالو پيو آهي.[31]

حقيقت ۾ ”ٻيلڻ“ لوڪ نه بلڪ هڪ عام گيت آهي. اسان کي مطالعي دوران معلوم ٿيو آهي ته، ”ٻيلڻ“ ۽ ”ٻيلر“ اصل ۾ هڪ سگهڙ جو نالو آهي، جيڪو بلوچستان جي ڪڇي ضلعي ۾ ”ڇٽ“[32] شهر جي پيڇوها خاندان جو هڪ فرد هو ۽ خطي جو مشهور و مقبول عوامي شاعر ۽ فقير منش سگهڙ سڏيو ويندو هو، ڇوته هو اڪثر ڪري پنهنجي ماحول جي ترجماني ڪندي پنهنجا ٻول پاڻ ٻوليندو رهندو هو، جنهن ڪري سندس عام شاعريءَ کي به سندس ئي نالي جي نسبت سان ”ٻيلڻ“ ئي پڪاريو ويندو هو. هي نالو مشهور ٿيندي بعد ۾ سنڌ طرف شاعريءَ جي هڪ صنف جي نالي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن صنف تي به ”ٻيلڻ“ نالي پوڻ بابت پنهنجي بيان ۾ يقيني خيال جو اظهار نه ڪندي لکيو آهي ته، مصرع کي ٻيو ڀيرو الاپڻ سبب اهو نالو مقبول ٿيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب غالباً ۽ يا جا لفظ استعمال ڪري شڪ جي گنجائش پيدا ڪري ڇڏي آهي.[33]

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جن به ”ٻيلڻ“ لفظ ”ٻُليءَ“ لفظ مان نڪتل جو گمان ڄاڻايو آهي.[34]

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻيلڻ جي شاعري خطي ۾ وڏي مقبوليت رکي ٿي، پر ان صنف جو نالو صنف جي اصل خالق جي نالي جي ئي نسبت سان قائم ٿيو آهي.

ٻيلڻ نالي جي قائم ٿيڻ بابت ”ٻيلڻ“ جي هڪ سرائيڪي گيت جي هڪ بند مان به اسان کي هڪ اشارو ملي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب لوڪ گيت ۾ ڏنو آهي. مثلاً:

ٻيلڻ وِي هُڻ تيڏي ٻيلڻ ٻيئي ڳاوي،

رمزان دي مارِي سَسِڙي بارڙي چاوي.

هن نظم ۾ ”ٻيڻي“ ۽ ”دي ماري“ جا لفظ اصل ۾ مؤنث نه بلڪ مذڪر آهن، جيڪي هن پاڻ پنهنجي ڪنهن محبوب لاءِ چيا آهن، جنهن ۾ هن پنهنجو نالو وٺندي پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ سندس ٻوليون ويهي ڳائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڊاڪٽر صاحب هي به لکيو آهي ته، ”ٻيلڻ“ جو گيت صرف سرائيڪي زبان ۾ آهي، حالانڪه ٻيلڻ جا اسان کي ڪجهه سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيا نظم به مليا آهن، جن مان هڪ ۾ هن بروهين طرفان سندس سماٽن سان جنگ ۽ ڏاڍائيءَ جو هيئن ذڪر ڪيو آهي:

”بروهين باوو ڪيو سڏايئون سارو جهالاوان،

مڙني ويهي پاڻ ۾ ڪيئون قسم قرآن.“

ڇٽ علائقي بابت پنهنجي ٻولن ۾ هن شهر جي جمعي نالي هڪ ماڻهوءَ جي نادان ڌيئن کي کوهه مان پاڻي ڀرڻ جي هن طرح هدايت ڪئي آهي:

”ڇٽ سنديون ڇوڪريون پانجاري ۾ پائي،

جمعو چئي جڙن[35] کي سير وجهو ساهي،

مٿان ڇوري ڇنائي ڏيئي چوٽ چڙهه کي.“

هڪ ٻي جنگ بابت پنهنجن پيچوهن جي ڪاهلي ۽ باروزئي پٺاڻن جي ڏاڍائين جي شڪايت هن طرح ڪئي اٿس:

پهلو مندائين سان مقابلو امالڪ اڙائي،

پشيمان ٿيو جيئو ويچارو ويس ايمان ڇڏائي،

پڳدار پيچو هن جو ويئو آ ڀُوڪ وَهائي،

ڀُڻڪو ڏيئي باروزئي نڪتا ڪونه ٻڌائي،

ٻيلان[36] ڪري ٻروچ آيا ڪري ڪوڙائي،

ٻه ٽي ڏينهن عظيم خان کي وڌئون[37] منجهه رهائي،

بختيار خان موٽي آيو ڏس لهڙي لڄائي.

ڇٽ شهر جي ڀرسان پيچوها سماٽن ۾ ”ٻيلائي“ شاخ جي نالي هڪ ڳوٺ به قائم ٿيل آهي، جن مان هي سگهڙ نالي وارو شاعر ۽ بزرگ ليکجي ٿو. پاڻ هڪ اهل الله فقير هو ۽ سندس دعائيه ۽ پِٽ پاراتي واري شاعري فوري طور تي رب وٽ قبول پئجي ويندي هئي. اهوئي سبب آهي جو اڪثر علائقي جا ماڻهو کانئس دعائون گهرائيندا رهندا هئا، پر شهر ۾ علي، سفر ۽ سلمان نالي ٽن شرارتي رئيسن جي ڏاڍائين کان پوءِ تمام گهڻو تنگ ٿيل هو. علائقي ۾ سندس نالي مشهور روايتن موجب ڪجهه وقت برسات نه پوڻ ڪري ڏڪار اچي پيو، جنهن تي انهن شرارتي کانئس برسات لاءِ دعا گهرڻ لاءِ چيائون، پر پاڻ انهن کان نفرت ڪرڻ ۽ سندن غلط لهجي ۽ رويي سان دعا گهرڻ واري حڪم تي دعا گهرڻ کان انڪار ڪندا رهيا، هڪڙي ڏينهن صلاح ڪري انهن کيس ٻڌي اس تي اڇلائي ڇڏيو ۽ چيائونس ته جيستائين برسات لاءِ دعا ڪونه گهرندين اوستائين ڪونه ڇڏينداسين.

فقير انهن کان سخت نفرت ۽ جلالي طبيعت سبب دعا گهرڻ لاءِ بالڪل تيار نه هو. آخر جڏهن سمجهيائين ته هاڻ موت اچي ويجهو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي آخري دعا ۽ پٽ پاراتي وارو هيٺيون بيت چيائين.

ٻيلو ٻڏو ٻاجهه ٿي، علي ڇڏيو آن،

سفر اَئون[38] سليمان جا پرور لاٿا پَن،

تڏين[39] ٺردو[40] من، جڏين[41] رئيسن ۾ راڙو  پوي.[42]

روايتن موجب بيت چوڻ کان پوءِ ٿورئي وقت ۾ علائقي مٿان زبردست جهڙ ڇانئجي ويو ۽ سخت برسات شروع ٿي ويئي. طوفان ۽ کنوڻين جا ڪڙڪاٽ لڳي ويا ۽ اهڙو ته ڳڙو اچي پيو جو پاڻ اتي ئي ٻڏي مري ويو، رئيسن مان عليءَ اَن ۽ گهر ٻار ڇڏي اهڙو ته ڀڳو جو وري ان جو ڪو ڏس پتو ڪونه پيو. سفر ۽ سليمان ان طوفاني ڳڙي ۽ برسات ۾ جاءِ ڪرڻ سبب هيٺان اچي مري ويا ۽ رئيسن جي گهر ۾ اهڙو ته راڙو پيو جو ڳڙي ۽ مينهن باوجود پري پري جا ماڻهو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ اتي اچي پهتا. شهر ۾ اهڙي ته تباهي مچي ويئي جو هي واقعو ۽ بيت علائقي جو هڪ يادگار واقعو ۽ بيت ليکجڻ ۾ آيا ۽ هوڏانهن جن هنڌن تي برسات گهٽ پئي سا سندس بيت موجب ماڻهن لاءِ وڏي ٻاجهه جو سبب بڻجي پيئي. علائقو سرسبز ۽ آباد ٿي پيو ۽ ماڻهو سکيا ۽ ستابا ٿيا.

سندس هن بيت ۾ ”ٻيلڻ“ پاڻ کي ٻيلو چيو آهي، جيڪو شريفن ۽ چڱن لاءِ ٻاجهه ٿي هميشه لاءِ ٻڏي ويو. اسان جي خيال ۾ هن بيت سبب جيڪا مشهور ۽ يادگار تباهي آئي اها به سندس بيتن کي ”ٻيلڻ“ نالو ڏيڻ جو سبب بڻي آهي.

روايتن موجب اڄ کان اٽڪل ستر سال اڳ ”ٻيلڻ“ جي موت وارو هي مشهور واقعو رونما ٿيو. ان وقت سندس عمر اٽڪل ستر اسي سال کن هئي. سندس ڪيئي رشتيدار اڄ به ڇٽ شهر ۽ ان جي آسپاس موجود آهن.

مورو:

مورو اصل ۾ بلوچستان جي سنڌ سان ڳنڍيل ڪاڇي واري علائقي جي لوڪ شاعريءَ جي هڪ صنف آهي. سندس مقبوليت بلوچستان کان وڌي سنڌ تائين پکڙجي ويئي آهي، ان ڪري هن لوڪ گيت کي سنڌ جو هڪ لوڪ گيت سمجهيو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان بابت لکي ٿو ته: مورو اصل ۾ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو لوڪ گيت آهي، پر ان لوڪ گيت جو دائرو ڪوهستاني علائقي کان ٻاهر سنڌ، لسٻيلي، قلات ۽ مڪران تائين آهي. هڪ روايت موجب هي گيت خاص طرح جوکيا، برفت، بروهي، پالاري ۽ گڊا قوم جو ورثو آهي.[43]

هي گيت محبت ۽ مجاز، وڇوڙي ۽ بيقراري، وصال ۽ ملاقات، نياپا ۽ سنيها موڪلڻ جي موضوعن تي سمايل هوندو آهي، جيڪو اڪثر مرد توڙي زالون ڳائين ٿيون. انهيءَ ڪري هن گيت کي ”سينهڙو“ ۽ ”ليهڙو“ به چيو وڃي ٿو.[44] سنڌ ۾ هن گيت وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر بلوچستان جي سنڌ سان گڏيل ڪوهستاني علائقي ۾ به عام ملي ٿو، ان کان علاوه جغداليءَ کان فراڪي علائقن ۾ به ڪٿي ڪٿي ان جا اهڃاڻ ملن ٿا.

ڊاڪٽر سنديلي هن لاءِ بلوچستان جو هڪ لوڪ گيت هئڻ بابت هيئن لکيو آهي: ”هي لوڪ گيت ڪوهستاني علائقي ۾ مقبول آهي، خصوصاً لاسي، کوسا، جوکيا، برفت ۽ بروهي وغيره ڳائي ڪچهرين ۾ منڊل مچائيندا آهن. اهي قومون جيئن سنڌ جي مختلف حصن ۾ ويون يا سنڌ جون قومون ڪوهستان طرف واپار سانگي ويون ته اهو گيت (مورو) ٻڌي پاڻ وٽ رائج ڪيائون، تنهن ڪري هينئر سنڌ جي اولاهين حصي کان علاوه ساري سنڌ ۾ مشهور آهي.“[45]

هيٺ نموني طور جغدالي ۽ فراڪي محاورن ۾ مروج هڪ هڪ مورو پيش ڪجي ٿو:

جغدالي مورو:

مورو ناهين ٿورو، راڻل مورو ويٺي ڳاوان،

تنجي هان ٻاني، تون آن منجو جاني،

مورو ناهين ٿورو .........

1-                 هربي هربي تنجا پورچون ٿا راڻل،

مورو ناهين ٿورو.........

2-                 جبل مٿي گڊ دلبر ماکي سڏ،

مورو ناهين ٿورو .........

3-                 ناڙي جو وهي پاڻي، الا ٿيندئي ساڻي،

مورو ناهين ٿورو .........

جغدالي محاوري ۾ چيل هن موري جي ٿلهه ۾ ”ڳايان“ بدران ”ڳاوان“ لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ ”ي“ حرف بدران ”و“ حرف جو استعمال ٿيل آهي. ”تنهنجي“ بدران ”تنجي“، ”آهيان“ بدران ”هان“، ”ٻانهي“ بدران ”ٻاني“، ”آهين“ بدران ”آن“ ۽ ”منهنجو“ بدران ”مُنجو“ جا لفظ ڪم آندل آهن.

پهرئين بند ۾ ”هر هر“ بدران ”هربي هربي“، ”تنهنجا“ بدران .”تنجا“ لفظ استعمال ڪيل آهن.

ٻئي بند ۾ ”مونکي ”بدران“ ”ماکي“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. جڏهن ته ”گڊ“ اتان جي هڪ جانور جو نالو آهي، جيڪو ڦاڙهي وانگر ٿئي ٿو.

ٽئين بند ۾ ”الاهه“ بدران ”الا“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن مان ”هه“ جو حرف حذف ڪيل آهي، جيڪو مٿين علائقن ۾ اڪثر حذف ٿئي ٿو.

فراڪي مورو:

مورو نائين ٿورو، سوئڻل مورو ويٺي ڳاوان،

هل ته هلون ڪوٽي، سوئڻل مِينجو موٽي،

مورو ناهين ٿورو.........

1-                 سوئڻو اِينو ريل ۾، ڪوٽي واري ميل ۾،

مورو نائين ٿورو.........

2-                 ٽڪر مٿي مِين، سوئڻي لاتا ڏِين،

مورو نائين ٿورو.........

3-                 بولان جي ٿدي هوا، لڳي ٿي ماکي دوا،

مورو نائين ٿورو..........[46]

فراڪي محاوري جي هن موري جي ٿلهه ۾ ”ناهين“ بدران ”نائين“ ”سهڻل“ بدران ”سوئڻل“، ”ڳايان“ بدران ”ڳاوان“ ”ڪوئٽه“ بدران ”ڪوٽي“، ”منهنجو“ بدران ”مِينجو“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.

پهرئين بند ۾ ”سسڻ“ بدران ”سوئڻو“، ”ايندو“ بدران ”اِينو“ ”ڪوئٽه“ بدران ”ڪوٽي“ جا لفظ استعمال ٿيل آهن.

ٻئي بند ۾ ”مينهن“ بدران ”مِين“، ”سهڻي“ بدران ”سوئڻي“، ”ڏينهن“ بدران ”ڏِين“ جا لفظ ڪم آندل آهن.

ٽئين بند ۾ ”ٿڌي“ بدران ”ٿدي“، ”مونکي“ بدران ”ماکي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

ڏهس:

ڏهس به لوڪ ادب جي هڪ صنف آهي، جا سنڌي سگهڙ پائيءَ جو آڳاٽو ۽ نج نمونو آهي. لوڪ ادب جي اهائي هڪ صنف آهي جا مواد جي لحاظ کان بنهه ٿوري، بلڪ نهايت قيمتي آهي، جيترو لفظي ذخيرو هن صنف مان ملي ٿو، اوترو ٻي ڪنهن به صنف ۾ ملڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي، انهيءَ ڪري لغوي خيال کان هي صنف لوڪ ادب جي جملي صنفن مان پهرين صف جي مُهڙ بيهڻ جي هرطرح لائق آهي.[47]

”ڏهس“ اصل ۾ آهي ”ڏَههَ+ س“ ڏههَ سنسڪرت ”دشن“ آهي ۽ ”س“ نسبتي علامت آهي. يعني ڏهن واري (صنف). اصطلاح ۾ اها صنف جنهن ۾ هڪ اسم جا ڏهه مختلف هم معنيٰ الفاظ آندل هجن، جن سان محبوب جي ڪنهن خوبي يا وصف کي ڀيٽي سگهجي.[48] يا محبوب بابت ڪا ڳالهه چيل هجي.

سبيءَ وارو خطو به هن صنف کان خالي نه آهي، جنهن ۾ خطي جي ٻولين جو اثر گهڻو آهي. خاص طور فراڪي محاوري واري ڏهس ۾ بروهي ۽ بلوچيءَ جا لفظ گهڻا ڪم آندل معلوم ٿين ٿا، ڇوته اتي سنڌي زبان تي انهن ٻولين جو گهڻو اثر موجود آهي.

هت نموني طور جغدالي ۽ فراڪي محاوري جا ٻه بند پيش ڪجن ٿا.

جغدالي محاورو:

ڪوهه، پهاڙ، پربت، جبل ائون ڇپر ڇاڻي،

روهه، مش، ڏونگر، ٽڪر ڏاري ايندم هاڻي.

هن بيت ۾ ڪوهه، پهاڙ، پربت، جبل، ڇپر، ڇاڻي، روهه، مش، ڏونگر ۽ ٽڪر جبلن جا نالا استعمال ڪيل آهن. ”روهه ۽ ڪوهه“ بلوچي ۽ ”مش“ بروهي زبان جا لفظ آهن. ان کان علاوه ”۽“ بدران ”ائون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.

فراڪي محاورو:

اکون، اکان، نظر هنينا، واهه تنجا، عين چشم،

خن خماري، نور نماڻا، چاهه تنجا نيڻ ڇَم.

اکين بابت چيل هن بيت ۾ اکون= اکيون (سنڌي) اکان= اکيان (سرائيڪي)، نظر (سنڌي)، عين (عربي)، چشم (فارسي)، خن (بروهي)، نور ۽ نيڻ (سنڌي) ۽ ڇم (بلوچي) لفظ ڪم آندل آهن.

ان کان علاوه ”تنهنجا“ يا ”تنهنجون“ بدران ”تنجا“ ۽ ”مِٺيون“ بدران بروهي زبان جو لفظ ”هَنينا“ ڪم آندل آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن جو جوڙيندڙ بروهين جي ڳوٺن جو ويٺل هجي، جنهن کي بروهي زبان جي ڄاڻ هجي.

سينگار:

لوڪ شاعريءَ ۾ سينگار جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته محبوب جي حسن و جمال، خط و خال جا باڪمال ۽ بي مثال جو بيان اهڙي ته سهڻي نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل آهي، جو شاعرن ۽ سگهڙن جي بلند خيالي ۽ ذهني ذوق جو پورو پورو پتو پوي ٿو.[49]

سينگار جا بيت جيڪي سنڌ جي شاعرن ۾ سگهڙن ڳايا آهن، سي دراصل هندي بيتن جو تتبع آهن، پوءِ جڏهن بيت عام ٿي ويا، تڏهن شاعرن پنهنجي ماحول جي جهري نظر سان ڏسي سهڻيون سهڻيون تشبيهون تلاش ڪري پنهنجي بيتن ۾ آنديون آهن.[50]

سينگار جي شاعريءَ ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جو اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سگهڙ يا شاعر ان جي حسن جون خوبيون مختلف رنگن ۽ لفظن ۾ پيش ڪري ٿو.

سبيءَ جو خطو به هن صنف کان خالي نه آهي، جتي جي سگهڙن هن صنف تي ڪجهه ڪم ڪيو آهي. هت فراڪي ۽ جغدالي محاورن جو هڪ هڪ سينگار پيش ڪجي ٿو، جنهن جو مطالعو ڪرڻ سان محاورن تي خطي جي ٻولين جو اثر نظر اچي ٿو.

 

سيد چيزل شاهه جو سينگار:

تنهنجي سهڻي صنم سينگار،

مون کي مستان ڪيو،

ترڪش جو تکو تيغ،

لنگهي سيني ۾ پار پيو......

منهن مهتاب تي سهڻي صورت،

سوين حوران سڪن پيون زيارت،

ڪيئي ملڪ مشتاق،

درسن ديدار ڪيو.........

قرب ڪمال تي رخ نوراني،

سر لولاڪ ڇٽ شهاني،

اهڙي صورت اظهار،

جوڙي جنسار ڪيو............

”چيزل“ دم دم دود دکن ٿا،

سور سوين سر تي اچن ٿا،

ڪسي ٿي قربان،

ورهه ويران ڪيو...........[51]

جغدالي محاوري جي هن سينگار ۾ ”تير“ بدران ”تيغ“ بلوچي زبان جو لفظ استعمال ڪيل آهي. پهرئين بند ۾ ”حورون“ بدران ”حوران“ استعمال ڪيل آهي. آخري بند ۾ ”دونهون“ بدران ”دود“ بروهي زبان جو لفظ ڪم آندل آهي.

هدايت الله ترڪ:

هدايت الله 7 اپريل 1956ع تي محمد هاشم ترڪ پٺاڻ جي گهر مٺڙي تعلقي لهڙي ضلعي ڪڇي ۾ ڄائو. 1973ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ڍاڍر ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. سنڌي شاعريءَ سان گڏ ڳائيندو به آهي. بروهي، بلوچي ۽ سرائيڪيءَ ۾ به شاعري ڪري ٿو. سندس شاعري فراڪي محاوري ۾ چيل آهي.

سينگار:

مست ڪري وئين پيار ڏيئي وئين،

ڪيڙي ڪيئي گفتار او يار،

پيار تنجي ۾ قابو ٿيو آن،

ڪيڙا ڪيئي سينگار او يار.[52]

سندس سينگار جي مٿين ٻن بندن کي پڙهڻ سان سندس فراڪي جهيلار ۽ لهجي جو پتو پوي ٿو. ويهن لفظن جي مٿين ٻن بندن ۾ اٽڪل ست لفظ فراڪي محاوري جا چيل آهن.

پهرئين بند جي ٻي سٽ ۾ ”ڪهڙي“ بدران ”ڪيڙي“ ۽ ”ڪُيئه“ بدران ”ڪَيئي“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ”ڪهڙي“ جي ”هه“ حذف ڪري سرائيڪي وانگر ”ي“ استعمال ڪيل آهي.

ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”تنهنجي“ بدران ”تنجي“ ۽ ”آهيان“ بدران ”آن“ جا لفظ ڪم آندل آهن. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ”ڪهڙا“ بدران ”ڪيڙا“ ۽ ساڳيو ”ڪيُئه“ بدران ”ڪيئي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.

 

[1]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1986ع، ص 1.

[2]  ايضاً.

[3]  ايضاً، ص 2.

[4]  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 1.

[5]  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ڳيچ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1963ع، ص 11.

[6]  نظاماڻي، الهه بخش، ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1971ع، ص 59.

[7]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1986ع، ص 364.

[8]  مائي شريفان سومري ڦليجي واريءَ کان ورتل.

[9]  مائي ايمڻان سومري سبيءَ واريءَ کان ورتل.

[10]  مائي شريفان سومري ڦليجي (ضلعي ڪڇي) واريءَ کان ورتل.

[11]  مائي ايمڻان سومري سبيءَ واريءَ کان ورتل.

[12]  مائي شريفان سومري ڦليجي (ضلعي ڪڇي) واريءَ کان ورتل.

[13]  مائي ايمڻان سومري سبيءَ واري کان ورتل.

[14]  مائي شريفان سومري ڦليجي (ضلعي ڪڇي) واريءَ کان ورتل.

[15]  مائي ايمڻان سومري سبي واريءَ کان ورتل.

[16]  ”ناڙي جو نواب“ عزت ۽ احترام طور چئبو آهي.

[17]  مائي شريفان سومري ڦليجي (ضلعي ڪڇي) واريءَ کان ورتل.

[18]  مائي ايمڻان سومري سبيءَ واريءَ کان ورتل.

[19]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 116.

[20]  ايضاً، ص 116.

[21]  ايضاً، ص 116.

[22]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1986ع، ص 323.

[23]  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1977ع، ص 282.

[24]  مائي شريفان سومري ڦليجي واريءَ کان ورتل.

[25]  مائي ايمڻان سومريءَ سبيءَ واريءَ کان ورتل.

[26]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 3، ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ڪتاب، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 397.

[27]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 3، ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ڪتاب، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 397.

[28]  ايضاً، ص 4.

[29]  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1977ع، ص 44.

[30]  مائي ايمڻان سومري سبيءَ واري کان ورتل.

[31]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 221.

[32]  ڇٽ = ڇٽر ”ٽ“ حرف ”ر“ گاڏر حرف آهي.

[33]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 221.

[34]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1986ع، ص 385.

[35]  جڙن= نادانن.

[36]  ٻيلان= گڏجي

[37]  وڌئون= وڌائون.

[38]  اَئون= ۽

[39]  تڏين= تڏهن.

[40]  ٺردو= ٺَرندو.

[41]  جڏين= جڏهن.

[42]  ماستر محمد حسن قريشي ڇٽ واري کان ورتل مواد.

[43]  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”لوڪ گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 50.

[44]  ايضاً، ص 50.

[45]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 392.

[46]  مائي ايمڻا سومري سبيءَ واري کان ورتل.

[47]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 178.

[48]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 178 ۽ پڻ ڏسو سندس ”ڏهس نامو“، اسلم پبليڪيشن، لاڙڪاڻو، 1971ع، ص الف.

[49]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 129 ۽ پڻ ڏسو سندس ”سنڌ جو سينگار“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1956ع، ص 9.

[50]  سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 129 ۽ پڻ ڏسو سندس ”سنڌ جو سينگار“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1956ع، ص 9.

[51]  فتح چند ڪارڙا، ”بحرالعميق“، چيزل شاهه جو رسالو، فتح ڪلاٿ هائوس، جيڪب آباد، 1987ع، ص 175.

[52]  فنڪار عمر شاد بروهيءَ کان ورتل.