ڪتاب جو نالو | بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-37-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (651) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 September 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 70657 ڀيرا پڙهيو ويو |
بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي. خاص طور سنڌي لسانيات تي ته نه هجڻ جيترو ڪم ٿيو آهي. تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن هن ڏس ۾ ڪجهه ڪم ڪري پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ماهرن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالجبار جوڻيجو، عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا شامل آهن.
لسانيات سنڌي ادب ۾ سڀ کان ڏکيو شعبو آهي، تنهنڪري هن شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. اسان جي سنڌي ٻولي هڪ شاهوڪار ۽ گهڻ لهجاتي ٻولي آهي، جنهن ۾ 12 لهجا موجود آهن. قديم سنڌ جون سرحدون اولهه ۾ بلوچستان کان قنڌار تائين، اتر ۾ ملتان ۽ ڪشمير تائين ۽ اوڀر ۾ راجستان ۽ جيسلمير تائين، جڏهن ته ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين موجود هيون، ان ڪري سنڌي ٻولي، انهن علائقن جي ٻولين جي اثر هيٺ رهڻ سبب مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچستان جي سبيءَ واري علائقي ۾ هڪ سنڌي لهجو ڳالهائجي ٿو، جنهن کي ’فراڪي لهجو‘ چيو وڃي ٿو. ان سان گڏ هن لهجي کي ’ملڪي‘ يا ’وطني ٻولي‘ به چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪڇيءَ ۾ جدگالي/جغدالي ۽ سنڌ سان لاڳاپيل علائقي ڪوهستاني، لسٻيلي ۾ لاسي، مڪران ۾ جدگالي، اترئين علائقي ۾’ماڇڪي‘ ۽ بارکان ۾ ’کيتراني‘ نالن سان ڳالهائي وڃي ٿي، جتان جي ٻولين جي اثر سبب سنڌي مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
سنڌ يونيورسٽيءَ پاران مون کي بلوچستان جي فراڪي ۽ ٻين لهجن تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ ٿيسز لکڻ جي اجازت ملي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو منهنجو رهبر مقرر ٿيو هو، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ مون باريڪ بينيءَ ۽ گهڻ اڀياسي طريقي سان نه صرف سبيءَ جي لهجي بلڪ بلوچستان جي ٻين لهجن تي به اتان جي جاگرافيائي، تاريخي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حالتن موجب باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪيو آهي.
هن ٿيسز جي پهرئين ڀاڱي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اٿارٽيءَ جي چيئرمئن شپ واري دور ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو نالو ’سبيءَ جي ٻولي‘ رکيو ويو هو، ان وقت سنڌي ٻولي اٿارٽي نئين قائم ٿي هئي ۽ فنڊن جي کوٽ سبب ٿيسز جا ٽي ڀاڱا رهايا ويا هئا، جن کي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين مهرباني ڪري هاڻي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آهيان. اميد ته هن مقالي سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي تحقيق ۾ مدد ملندي.
مٿي ذڪر ڪيل علائقو قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهيو آهي، انهيءَ ڪري تاريخي، جاگرافيائي، تهذيبي، واپاري، علمي ۽ ادبي حوالي سان جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته هي علائقو به سنڌ آهي، ان ڪري هتي سنڌي ٻولي مختلف محاورن جي صورت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جنهن جو لسانيات جي
صرف و نحو ۽ صوتيات جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو آهي.
هن ٿيسز ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ لوڪ ادب جي مقبول ترين صنفن تي به ڪم ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ مون کي استاد محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي رهبري حاصل رهي ۽ اهو ڪم ڇهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. مقالي لکڻ ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن، شهرن، ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن، لڪن ۽ جبلن، پٽن۽ دڙن، ماڳن ۽ مڪانن، نئين ۽ ندين جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻو پيو . مقالي کي مڪمل ڪرڻ ۾ استاد محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو، جيڪي اڪثر هدايتن ۽ مشورن سان نوازيندا رهيا.
آءٌ ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو، جنهن پنهنجي خطن ذريعي منهنجي رهنمائي ڪئي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر الله داد ٻوهيي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر غلام نبي ’صابر‘ سڌايي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو به ٿورائتو آهيان.
ٿيسز لکڻ جي ڏس ۾ ملڪ محمد رمضان بلوچ براهوي، نور محمد پرواني، قاضي محمد يعقوب عليزئي، يار محمد براهوي (سبي)، وزير احمد سرڪي، مشتاق مهر (اوٻاوڙو)، جيئل اوڏ، غلام قادر بروهي (لاڙڪاڻو)، شفيع محمد بروهي (اوستا محمد)، ڊاڪٽر تاج رئيساڻي (لسٻيلو)، مظفر ڀُٽي (گوادر)، عمر شاد بروهي (ڍاڍر)، علي احمد شاد (حيدرآباد)، جوهر بروهي (ميهڙ)، عادل قلندراڻي (خضدار)، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر ۽ وحيد زهير (ڪوئيٽا) جن جو به ٿورائتو آهيان، جن ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي منهنجي مدد ڪئي. هن سلسلي ۾ فتاح عابد لاشاريءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن خطي جي سنڌي محاورن جا نقشا تيار ڪري ڏنا.
سنڌي ٻوليءَ جو شيدائي
ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي