ڪتاب جو نالو | بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-37-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (651) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 September 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 70654 ڀيرا پڙهيو ويو |
تعارف: بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، وڻج، واپار ۽ تاريخ توڙي جاگرافيءَ جو گهرو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي خطو قديم زماني کان سنڌ جي تسلط هيٺ رهيو آهي، جو قديم سنڌ جون حدون بلوچستان کان به اڳتي قنڌار تائين هونديون هيون، جتان جا حاڪم سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا.
هن علائقي تي راجا دسترٿ جي زماني ۾ سيرا خاندان جي حڪومت هئي، جنهن مان ”سيوي“ نالي هڪ راجڪماري سبيءَ تي حڪومت ڪندي هئي، جنهن جي نالي پٺيان شهر جو نالو ”سيوي“ مشهور ٿيو،[1] جيڪو هزارين سال گذرڻ جي باوجود اڄ تائين قائم آهي.
مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”سبيءَ جو قديمي نالو اُتي جي رهندڙ قوم اڳئين زماني ۾ ”سيوس“ جي لقب سان ملقب هئي، جتان جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو ڪاڪا راج هو، جيڪو بعد ۾ ”سيوي“ مشهور ٿيو.“[2]
قنڌار تي به هڪ هندو گورنر گندار نالي مقرر هو، جنهن جي نالي پٺيان ”گندار“[3] مان ڦري ”قنڌار“ مشهور ٿيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
لالا هيتورام لکي ٿو ته: ”سيوا“ نالي هڪ مشهور راجا هن ملڪ جو حاڪم هو. سيوي شهر به ان آباد ڪيو هو، ان ڪري ان تي ”سيوي“ نالو مشهور ٿيو.[4] ڀيرومل گندار کي شڪارپور وارن درهيو آرين مان ڄاڻايو آهي، [5] جيڪي قديم سنڌي هئا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”رگ ويد واري زماني ۾ آنو آريا لوڪن جو اولاد شوي آريا لوڪ هاڻوڪي شارڪوٽ ۾ رهندا هئا، جو اصل ۾ سندن نالي پٺيان شِوپور (شوي/ سبي) سڏبو هو ۽ پوءِ سڄو پنجاب، ايران جو ڪجهه ڀاڱو ۽ سڄي سنڌ هٿ ڪيائون، جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. ايران وارو پاسو جيڪو شو آسٿان سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار بگڙي سبستان ۽ سيستان ٿيو. سنڌ ۾ اهي آريا لوڪ جنهن هنڌ پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، سو هنڌ به سندن نالي پٺيان شوِستان ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ بگڙي سيوستان ۽ سيوهڻ ٿيو ۽ هاڻ عام طور سيوهڻ ٿو سڏجي. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سيوهڻ نالو قديم آهي ۽ الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين شهرن کان گهڻو آڳاٽو آهي، جيئن ميجر جنرل ڪنگارام پنهنجي جوڙيل قديم هندستان جي جاگرافيءَ ۾ ڄاڻايو آهي.[6]
راجه ڌنراشٽر جي راڻي گنڌاري، جيڪا ڪورن جي ماءُ هئي، سا گنڌارا پرڳڻي جي راجڪماري هئي. مٿيون حڪومتون ويدڪ زماني کان پوءِ جي زماني ۾ ٿي گذريون آهن. ”ڪڇيءَ“ جو نالو رامچندر جي پٽ ”ڪس“ ڪري پيو. مهاڀارت ۽ رامائڻ جي زماني ۾ سنڌ تي سورج ونسي راجائن جي حڪومت هئي.[7]
انهن راجائن جيڪي شهر تعمير ڪرايا، تن مان ڪي اڄ تائين موجود آهن، جهڙوڪ: شبي راجا جي سبي (سيوي)، باغ نالي ”ڀاڳناڙي“ وغيره.[8] سيوا خاندان تي اهو نالو هڪ ديوتا ”مش وارا“ تان پيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”پهاڙن وارو ديوتا“. اهو نالو ”مش وارو“ کان بگڙندي ”مشوا“، ”شيوا“ ۽ ”سيوا“ ۾ تبديل ٿيو آهي.[9]
آغا نصير خان احمد زئي لکي ٿو ته: ”سبيءَ جو شهر اٽڪل ٽي هزار سال قديم آهي،[10] جنهن جا حاڪم سيوا خاندان جا هندو هئا“.[11]
ڀيرومل آڏواڻي ٻئي هنڌ لکي ٿو: هن وقت جيڪي پٺاڻ آهن، سي اصل ۾ آريا هئا ۽ انهن جو نالو ئي پڪٿ آرين تان پيل آهي، وقتي طور تي شايد ائين به هجي ته سري جي رهاڪن مان ڪي هندو سري رامچندر جي ڀاءُ ڀرت مان هجن. ڀرت جو پٽ تڪش هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ گندار طرف سندس نالي پٺيان تڪش سلا سڏبو هو. اتي هڪ يونيورسٽي به هئي ۽ ماڻهن جا اچار صفا چٽا هئا. اڄ به سڄي سري ۾ ماڻهن جا اُچار صفا چٽا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته سندن ڪيترين ئي آڪهين تي نالا قلات جي شهرن جا رکيل آهن“.[12]
تڪش سلا بابت ڊاڪٽر سيف الرحمان ڊار لکي ٿو ته: ”هن شهر تي هي نالو چوٿين صدي قبل از مسيح جي زماني ۾ راجا ڀرت جي پٽ تڪش (جنهن هن شهر کي اچي وسايو) جي نالي سان قائم ٿيو ۽ تڪش کان پوءِ ”ٽڪس سلا“ مشهور ٿي ويو“.[13]
عطا محمد گشڪوري لکي ٿو ته: ”سبيءَ جو شهر بلوچستان جو قديم ترين شهر آهي، جيڪو برٽش گورنمينٽ ۾ ”سيوي“ مان ڦري سبي مشهور ٿيو“.[14]
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”نيچرل ميوزم آف نيويارڪ جي هڪ جماعت بلوچستان ۾ ضلعي لسٻيلي ۽ مڪران جي دور دراز علائقن جو دورو ڪيو هو. هن ٽولي جي راءِ موجب سامونڊي ساحل تائين ڪناري جي لڳ ڀڳ جيڪي به وسنديون ملن ٿيون، اهي هڙپا تهذيب جون علمبردار آهن ۽ آثارن توڙي شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته بلوچستان جي ساحلي علائقي تي قديم زماني کان واديءِ سنڌ جي ماڻهن جو قبضو هو.[15]
قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا. پرو، آنو، درهيو، يدو ۽ ترسو. ”آنو“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريا“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شورڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“ ايران ۾ ”شبستان“ يا سيستان ۽ سنڌ ۾ ”سيوستان“، موجوده سيوهڻ، آباد ڪيا.[16]
ڪڇيءَ جو قديم نالو نڌايا بڌا هو، جنهن جو دارالحڪومت قندابيل يا قندائيل جيڪو موجوده ڪڇيءَ ۾ گنداواه سڏجي ٿو. هتان جي باشندن کي جت سڏيو وڃي ٿو، جيڪي اڄ به آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت جا مالڪ آهن.[17]
نڌا يا بڌا خاندان هن خطي جي ميدان تي حاوي هو، جنهن ۾ اولهه توڙي اوڀر جا پهاڙ شامل آهن ۽ اهي ڪي قدر سنڌ تي به حاوي هئا. نڌن کي صحرا نشينن سان به مشابهت ڏني وڃي ٿي، جيڪي ڪاٺين ۽ گاهه جي گهرن ۾ رهندا هئا. هن خطي ۾ گنداواه، ڀاڳ، ڍاڍر، لهڙي، شورڻ جهل ۽ فتحپور جا شهر اچي وڃن ٿا.[18]
سن 1975ع ۾ ضلعو ڪڇي قلات ڊويزن کان جدا ڪري سبيءَ سان شامل ڪرڻ بعد اُن کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو، جنهن ۾ سبي، ڪڇي، نصيرآباد ۽ مري بگٽي ايجنسيءَ جا ضلعا قائم ڪيا ويا. سن 1977ع ۾ مري ۽ بگٽيءَ کي جدا جدا ضلعن جي حيثيت ڏني وئي. سن 1986ع ۾ ڪڇي ضلعي جا ڪجهه علائقا نصيرآباد سان ملائي، ان کي ڊويزن جي حيثيت ڏني وئي ۽ تمبو، جعفرآباد ۽ ڪڇي ضلعا قائم ڪيا ويا.
ٻوليون:
صوبي ۾ صرف اٺ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن ۾ بلوچي، پشتو، بروهڪي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي شامل آهن. اڳوڻي گورنر ۽ قلات جي خان احمد يار خان جي لکت موجب: ”بلوچستان صوبي ۾ ٻه ٻوليائي قبيلا جام آهن.“[19] پر حقيقت ان جي خلاف آهي، ڇوته هتان جو هرهڪ قبيلو ٻن بدران گهٽ ۾ گهٽ چار ٻوليون ڳالهائي سگهي ٿو. اولهه بلوچستان جا ماڻهو پشتو، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليون ڳالهائي سگهن ٿا. جڏهن ته اوڀر بلوچستان جا ماڻهو سنڌي، سرائيڪي، براهوي، بلوچي ۽ اردو ڳالهائي سگهن ٿا، جڏهن ته وچئين بلوچستان جا ماڻهو اٺ ئي ٻوليون ڳالهائي يا سمجهي سگهن ٿا، ڇوته ان خطي ۾ مجموعي طرح اهي سڀئي ٻوليون ڳالهائڻ وارا قبيلا ٿورا گهڻا آباد آهن. اهوئي سبب آهي جو بلوچستان خطي جي مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارن جو سيڪڙو معلوم ڪرڻ تمام مشڪل بلڪه ناممڪن آهي. ان ڪري سينسس رپورٽون اڪثر صحيح نه ٿي سگهيون آهن، جنهن جو اندازو هيٺ ڏنل ٻن اهڙين رپورٽن مان لڳائي سگهجي ٿو.
1941ع واري آدم شماريءَ موجب مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جو ضلعي وار سيڪڙو
ضلعو / رياست |
براهوي |
بلوچي |
پشتو |
سنڌي |
پنجابي |
اردو |
فارسي |
سبي |
92ء 2 |
67ء 64 |
96ء 21 |
12ء 3 |
85ء 4 |
16ء 2 |
24 |
لورالائي |
52ء1 |
12ء 8 |
8ء 61 |
98ء 1 |
39ء26 |
61ء0 |
34ء0 |
ڪوئيٽا |
78ء7 |
25ء2 |
5ء61 |
49ء0 |
2ء17 |
9ء5 |
75ء3 |
قلات |
40ء39 |
77ء31 |
79ء1 |
74ء24 |
92ء00 |
28ء00 |
6ء1 |
لسٻيلو |
86ء7 |
69ء23 |
70ء.00 |
58ء66 |
85ء00 |
21ء00 |
3ء00 |
چاغي |
17ء31 |
27ء60 |
12ء2 |
33ء00 |
1ء2 |
76ء0 |
32ء3 |
خاران |
19 |
81 |
- |
33 |
- |
- |
- |
مڪران |
- |
- |
- |
- |
- |
- |
- |
زوب[20] |
- |
- |
- |
- |
- |
- |
- |
هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر هينري فيلڊ 1955ع ۾ پنهنجي مضمون West Pakistan Anthropological survey ۾ ڌار ڌار ٻولين جي في سيڪڙي جي باري ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، اهي هن ريت آهن:[21]
ضلعو/رياست |
براهوي |
بلوچي |
پشتو |
سنڌي |
پنجابي |
اردو |
فارسي |
قلات |
51 |
19 |
- |
29 |
- |
- |
- |
خاران |
- |
18 |
- |
19 |
- |
- |
- |
لسٻيلو |
1 |
19 |
- |
80 |
- |
- |
- |
مڪران |
- |
100 |
- |
- |
- |
- |
- |
چاغي |
33 |
60 |
3 |
1 |
- |
1 |
- |
لورالائي |
1 |
8 |
62 |
- |
28 |
2 |
- |
ڪوئيٽا |
7 |
2 |
60 |
- |
18 |
7 |
4 |
سبي |
7 |
54 |
12 |
20 |
5 |
2 |
- |
زوب |
- |
- |
96 |
- |
3 |
1 |
- |
ڄاڻايل ٻنهي چارٽن ۾ سرائيڪي ٻوليءَ جو نانءُ نشان به ڪونه آهي، جڏهن ته سرائيڪي ٻولي بلوچستان صوبي جي سڀ کان وڏي ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ کي به تمام گهٽ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا بلوچستان صوبي جي اڌ آبادي چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهي ٿي؛ ڇوته صوبي جي اڪثريتي آبادي صوبي جي زرعي علائقن ۾ آباد آهي، جيڪا سنڌ سان ملحق ميداني علائقن ۾ آباد آهي.
بلوچستان جا مٿيان علائقا اڪثر پهاڙي ۽ غيرآباد آهن، جڏهن ته هيٺيان ۽ ميداني علائقا اڪثر زرعي طور آباد علائقا آهن. سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا به انهيءَ علائقي ۾ آباد آهن، جيڪو بار کان مڪران تائين شمار ڪيو وڃي ٿو.
سبي ۽ ڪڇي علائقي ۾ به سڀ کان وڌيڪ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، ڇوته هن خطي ۾ سماٽ قومن جي اڪثريت آباد آهي.[22] بلوچستان گزيٽيئر جي انگن اکرن موجب هن خطي جي آبادي ٻن طبقن ۾ آهي. يعني بلوچ ۽ سماٽ. ٻيو طبقو آهي هندن ۽ سيدن جو، جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. بلوچ ۽ بروهي اقليت ۾ آهن. 1901ع جي آدمشماريءَ جي لحاظ کان ڪڇي ضلعي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 50190 آهي، جڏهن ته باقي قومن جو انگ 21517 آهي.[23] لسٻيلي جي آباديءَ ۾ 1901ع موجب 29166 سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. جڏهن ته 19124 ماڻهو باقي ٻوليون ڳالهائيندڙ هئا، جن ۾ بلوچي، براهوي ۽ فارسي ڳالهائيندڙ شامل هئا.[24] قومن جي لحاظ سان علائقي جي مجموعي آباديءَ ۾ 25 فيصد آبادي سماٽ قومن جي آهي.[25] سنڌ جو پاڙيسري جابلو ۽ صحرائي علائقو، بلوچستان جو دراصل ايراني مٿانهين پٽ جو حصو آهي ۽ پنجاب ۽ سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اتي سياري ۾ سخت سردي ۽ برف باري ٿئي ٿي ۽ تيز سرد هوائون لڳن ٿيون، جنهن سبب اتان جا بروهي ۽ بلوچ گرم ميدانن جي رهاڪن کان سگهارا آهن، جو هر سال سياري ۾ جبلن جي مٿانهين پوٺن کان هيٺ لهي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وارد ٿين ٿا ۽ اونهاري جي شروعات ۾ خراسان ڏانهن موٽي وڃن ٿا.[26]
ميدان:
سنڌ جا قديم آثار ڏيکارين ٿا ته قديم زماني کان هي ملڪ تهذيب ۽ تمدن جو هندورو هو. جيئن نيل وادي تهذيب جي ملڪه هئي. مصر جي ترقيءَ جو سبب هن ريت هو ته سندس اولهه کان لبيا جو صحرا، اوڀر کان لبيا جو رڻ پٽ ۽ اتر کان سينائي صحرا اٿس؛ تيئن سنڌ جي جنت نشان واديءَ جي اڀرندي کان ٿر جو صحرا، الهندي کان بلوچستان جي جبلن جون قطارون قلعي وانگر هن ملڪ جي پاسباني ڪري رهيون آهن. اتر سنڌ کان ڪڇيءَ جو ٽڪنڊو ميدان دشت بيدار شروع ٿئي ٿو، جتي ڪوهن تائين رڃ لڳي پئي آهي ۽ پاڻيءَ جو نالو نشان ڪونهي. هن ميدان کان ٻه درا يا لَڪَ ”بُولان“ ۽ ”مولهه“ شروع ٿين ٿا. جتان وچ ايشيا ۽ ايران جي مٿانهين پٽن ڏانهن رستا وڃن ٿا. مگر درن جا پيچرا خطرناڪ هئڻ ڪري جن فاتحن اولهندي ۽ اتر کان هندستان تي ڪاهون ڪيون، تن خيبر لڪَ جو رستو اختيار ڪيو[27]. بولان وارو ميدان سنڌ کي افغانستان سان ملائي ٿو، سندس ڏکڻ ۾ ڪڇيءَ جو ميدان آهي.[28] سبي ۽ ڪڇيءَ واري ميدان کي دشت بيدار سڏبو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”پٽ“ چئبو آهي. گڊو بئراج جي شروع ٿيڻ کان پوءِ هتان هڪ واهه ”پٽ فيڊر“ ڪڍيو ويو. هاڻي هن ميدان جو ڪجهه حصو آباد ٿي رهيو آهي. هن کان اڳ بيگاري واه واري شاخ (نورواه) ذريعي بلوچستان جي علائقي جهٽ پٽ کي به سيراب ڪيو وڃي ٿو.[29] ڀاڳ، شورڻ، ڪوٽڙي، ڍاڍر، گنداواه، فتح پور ۽ اوسته محمد خطي جا اهم شهر آهن.
قومون:
خطي ۾ بروهين، بلوچن ۽ پٺاڻن کان علاوه لکن جي تعداد ۾ سماٽ قومون به صدين کان آباد آهن. اهوئي سبب آهي جو بلوچي، بروهي ۽ پشتو ٻولين کان علاوه سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليون به اڪثريت ۾ ڳالهايون پيون وڃن. سنڌ صوبي سان سنئون سڌو لاڳاپو رکڻ ۽ لکن جي تعداد ۾ سماٽ قومن جي آباديءَ سبب سنڌي ٻولي خطي جي اڪثريتي ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي. خطي جي بروهين، بلوچن ۽ پٺاڻن هتان جو ماحول پنهنجو بڻايو آهي.[30] هي غير سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به پنهنجي مادري زبان وانگر استعمال ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ سان گڏ هو سرائيڪي ٻولي به ڳالهائين ٿا. سرائيڪيءَ بابت نور علي ضامن حسيني لکي ٿو: ”هيءَ ٻولي ضلعي قلات ۽ سبيءَ ۾ ٻيو نمبر آهي. اهڙيءَ طرح ڍاڍر جو ميداني علائقو ڪڇيءَ جي نالي سڏجي ٿو ۽ ضلعي سبي جي نصيرآباد سب ڊويزن (هاڻ ڊويزن آهي) جي جهل مگسي ۽ روجهاڻ ۾ مگسي، جمالي، خاڪواڻي، رئيساڻي ۽ ٻيا قبيلا سنڌي زبان ڳالهائيندا آهن“.[31]
قاضي محمد يعقوب عليزئي لکي ٿو ته: ”بلوچستان جا پٺاڻ، بلوچ ۽ بروهي جيڪي هن خطي ۾ رهن ٿا، سنڌي ڳالهائيندا آهن، ڇو ته سنڌي ٻولي جيڪب آباد کان مچ تائين ۽ جيوڻي گوادر کان بارکان تائين ڳالهائي وڃي ٿي ۽ علائقي جي اڪثريتي ٻولي آهي“.[32]
پنهنجون مادري زبانون ڇڏي سنڌي زبان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ طور ڳالهائڻ وارين قومن ۾ پٺاڻ، بروهي ۽ بلوچ قبيلن جا ڪيترائي پاڙا هن خطي ۾ موجود آهن. مثلاً: پٺاڻن ۾ باوزئي، دهپال، دروئي، باغون، لائون، ڪڙڪ، صافي، سوڍي، پيرائي، مزدي، نوداڻي، عليزئي، مرغزائي، سيلاچي ۽ خجڪ، بلوچن ۾ رند، لاشاري، لغاري، مرهٽا، ڇلگري، موندراڻي، چانڊيا، ڪپراڻي، گولا، گشڪوري، ڪورائي، مغيري، جمالي، دستي ۽ مگسي اچي وڃن ٿا، جڏهن ته بروهين ۾ لانگو ۽ رئيساڻي قبيلن جا ڪيترائي خاندان سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻولي طور استعمال ڪن ٿا.
حقيقت ۾ بلوچ به بروهين وانگر قديم سنڌي آهن. انهن کي سنڌين کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”سنڌي ۽ بلوچن کي ٻه جدا جدا قومون سمجهڻ نه گهرجي. فرق صرف ايترو آهي جو بلوچ عرب ۽ ايراني گڏيل قوم آهي. سماٽ ۽ بلوچن ۾ فرق فقط اهو آهي. انگريز مؤرخن، انگريز قوم جي گناهن کي لڪائڻ لاءِ بلوچن کي سنڌين کان ڌار قوم ڪري ڏيکاريو آهي. حقيقت ۾ بلوچ هڪ جنگجو سنڌي قوم آهي، جا پنهنجي هن فطرتي طبيعت ڪري هر وقت سنڌ ۾ بااختيار حيثيت سان زندگي گذاري ٿي.[33]
آثار قديمه:
دنيا جون سڀ تهذيبون درياهن جي ماٿرين ۾ پيدا ٿيون ۽ وڌيون ويجهيون. نيل نديءَ جي ماٿري جي تهذيب يا دجله ۽ فرات ماٿرين جي تهذيب يا ڏاکڻي ايران جي قارون درياهه جي تهذيب؛ اهي سڀ درياهي ماٿرين جون تهذيبون آهن. سنڌو تمدن به سنڌو درياهه جي ماٿريءَ جي تهذيب آهي.
سنڌ جي تاريخ تهذيب ۽ تمدن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان ذات جي اوسر تهذيبي ۽ تمدني ترقيءَ جي شروعات سڀ کان اڳ هن خطي کان ٿي. هن خطي کان ئي انساني تهذيب جي روشني پوري دنيا ۾ پکڙجي وئي. هي تهذيب دجله، فرات، بابل ۽ نيل تهذيبن کان اڳ جي تهذيب آهي[34]. هن عظيم خطي جي رهواسين قديم زماني کان هزارين بلڪ لکين ميلن تائين پنهنجي عظمت جو سڪو ڄمائي، پنهنجي تهذيب جي روشنيءَ سان پوري دنيا کي روشن ڪيو.
ڪجهه سال اڳ علم الآثار جا ماهر، جيڪي گهڻي وقت کان مصر ۽ ايران جي جائزي وٺڻ ۾ مصروف هئا، انهيءَ حقيقت کي نه ٿي مڃيائون ته ڪو مهراڻ جي ماٿري ۾ به هڪ سڌريل ۽ سنواريل زندگيءَ جا اهڃاڻ دفن ٿي سگهن ٿا. هند ۽ سنڌ جي قديم تاريخ، پراڻ، ڪتبن، سڪندراعظم جي حملن جو احوال ٻاهرين سياحن جهڙوڪ فاهيان ۽ دوانگ سانگ وغيره جي سفرنامن ۽ مقدس ويدن جي مبهم تشبيهن ۽ استعارن سان ڀريل آکاڻين جي آڌار تي جوڙي ويندي هئي. تنهنڪري اسان کي فقط اهائي خبر هئي ته آرين کان اڳ هتي هڪ وحشي ۽ اڻ سڌريل قوم آباد هئي.[35]
سن 1925ع تائين، موهن جي دڙي ۽ هڙپا ۾ جيڪا کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي وئي. ان مان جيڪي نتيجا حاصل ڪيا ويا، انهن کي سر جان مارشل ٽن جلدن ۾ شايع ڪرايو، جن مان پهرين ٻن جلدن ۾ دريافت ڪيل باقيات تي ڀرپور تبصرو ڪيو ويو ۽ ٽئين جلد ۾ باقيات جون تصويرون ۽ چرٻا ڏنل هئا.[36] سن 1927ع کان 1931ع تائين مسٽر اي جي ايڇ مشڪي، موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي ۽ پنهنجي تحقيق کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪرايو.[37]
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو سنڌ جي اولهه وارن علائقن سان لاڳو ملڪن جي تهذيب سان تعلق هجڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇوته سميري ۽ بابلي تهذيبن جا دؤر مقرر ٿي چڪا آهن. جن جي تاريخ جو تعين ڪري سگهجي ٿو. بلوچستان انهن ايراضين جي وچ ۾ واقع هئڻ سبب انهن تهذيبن جي گويا هڪ ڳانڍاپي جي حيثيت رکي ٿو، انهيءَ ڪري ئي هتي ڪافي ڪم ڪيو ويو آهي.[38]
اتر ڏکڻ بلوچستان جي پهاڙي علائقن ۾ سر آريوال اسٽائين ۽ هارگيوز سن 25-1926ع ۾ ”نال“ (خضدار لڳ) وٽ هڪ اهم قبرستان دريافت ڪيو.[39] اهڙيءَ طرح هن سن 26-1927ع جي وچ ڌاري گهڻيون مکيه جايون ڳولي لڌيون جن ۾ ستگاجن دور شاهي تمپ، ماهي نندر، ڊبرڪوٽ، پيرائوگندئي، مغل گندئي، شور ۽ جنگل قابل ذڪر آهن.[40] بلوچستان جي اڪثر علائقن مان تاريخ کان اڳ جي زماني جي آباديءَ جا آثار مليا آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ (ڌات) پٿرن جي زماني جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان دور جي ماڻهن جي تمدن ۽ تهذيب واديءِ سنڌ جي ماڻهن جي تمدن ۽ تهذيب سان ملندڙ جلندڙ آهي. هي آباديون وادين ۽ پهاڙين جي دامن ۾ هونديون هيون.[41]
گذريل ڪجهه سالن جي کوٽائيءَ جي نتيجي ۾ سنڌوماٿريءَ جي قديم رهواسين جو ڪافي بي مثل ورثو دريافت ٿيو آهي. ان ورثي جي روشنيءَ ۾ ان قديم تهذيب جون ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون ظاهر ٿيون آهن. خاص طرح سندن اڏاوت جي فن جا ڪيترائي اهڙا پهلو اسان کي معلوم ٿيا آهن، جن تي غور ڪرڻ بعد اسين چئي سگهون ٿا ته اهي ماڻهو اڏاوت جي ڪم ۾ وڏي قابليت رکندا هئا.
بلوچستان جي قديم آثارن ۽ اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا رهواسي اڄ کان 9 هزار سال اڳ به خوشحال ۽ مهذب زندگي گذاريندا هئا، جن ۾ شهريت جو شعور پڻ هو. موهن جو دڙو ۽ مهرڳڙهه جا آثار انهيءَ حقيقت جا واضح شاهد آهن. سبيءَ جو هي خطو به قديم زماني کان سنڌي تهذيب جو هڪ عظيم مثال آهي، جنهن پوري دنيا ۾ اسان کي مٿانهون مَان بخشيو آهي. هيٺ خطي جي ڪجهه قديم آثارن جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن جي مطالعي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي خطو قديم زماني کان سنڌ جو هڪ اهم حصو رهيو آهي، جنهن جي عظمت پوري دنيا ۾ موهن جي دڙي جي اهميت کان به وڌيڪ اهميت جي حامل آهي.
مهر ڳڙهه:
برصغير جي آثار قديمه جو جڏهن به ذڪر اچي ٿو ته هرهڪ جا خيال موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيب ڏانهن وڃن ٿا، پر مهرڳڙهه جي رونمائيءَ تي حيرت جي انتها ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ 7 هزار سال ق. م جون پراچين وستيون ملن ٿيون،[42] جن ۾ ڪنهن به تهذيب جي پروان چڙهڻ جا سڀ لوازمات موجود آهن. کائڻ پيئڻ جون شيون، معدنيات ۽ ٻين سڀني ضرورتن جي کوٽ ڪانه هئي.[43]
ڪجهه سال اڳ اهو سمجهيو ويندو هو ته موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي سلطنت جي رقبو چاليهه هزار چورس ميل هو، پر هاڻ ڀارت جي مڌيه پرديش ۾ انهيءَ تمدن جو هڪ ڳوٺ دريافت ٿيڻ سان هي نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اها سلطنت گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي سلطنت جنهن جو بنياد قديم سنڌ جي سپوتن رکيو هو، ڪنهن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي ترقي يافته تهذيب هئي.[44]
ڪجهه سالن تائين اهو سمجهيو ويندو هو ته اسرائيل ۾ ”چيري چُو“ دنيا جو قديم ترين ڳوٺ هو، مگر هاڻ هي ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪوئيٽا (سبيءَ) جي ويجهو واقع مهرڳڙهه مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺ جو همعصر هو. يعني ان جو بنياد اڄ کان 9 هزار سال اڳ رکيو ويو هو ۽ مهرڳڙهه جي تمدن ارتقائي منزلون طئي ڪندي، موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تمدن جي صورت اختيار ڪئي آهي.[45]
5 هزار سال ق. م هڪ عظيم انقلاب رونما ٿيو. هتان جي ماڻهن ڪنڀارڪي چڪيءَ تي برتن جوڙڻ شروع ڪيا. ٽامي کي پگهاري ان مان هٿيار ٺاهڻ جو فن شروع ڪيو. برتنن تي خوبصورت شڪليون ۽ نقش اُڪاريا ۽ فن ظروف سازيءَ ۾ چار هزار سال ق. م ۾ هڪ مثال قائم ڪيو.[46]
مهرڳڙهه جي کوٽائي جاري آهي. ڌرتي ماتا مان نوان نوان انڪشاف نروار ٿي رهياآهن. اميد ته سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن بابت اڃا به وڌيڪ اهم انڪشاف ٿيندا.
جهڏير جا دڙا:
نصيرآباد جي جهٽ پٽ تعلقي جي ڳوٺ جهڏير ڀرسان واقع آهن، جيڪي اٽڪل ٻه هزار سال ق. م واري وقت جا چيا وڃن ٿا.[47] آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جو رايو آهي ته هي دڙا سنڌ يا هڙپا تهذيب سان تعلق رکن ٿا.
قديم شهرن مان هڪ شهر ڇڏيرڻ جي نالي سان مشهور هو، جيڪو آسماني آفتن ۽ انساني هٿ چراند سبب اڄ فقط دڙن جي صورت ۾ پنهنجي ماضيءَ کي پوريو، اسان لاءِ عبرت جو سامان بڻيو بيٺو آهي. اهو قديم شهر هڪ مکيه ۽ پراڻي شاهراهه تي واقع هو، جنهن رستي تان قافلا روس ۽ افغانستان کان بولان لڪ لنگهي ڪڇي ۽ سنڌ ۾ وارد ٿيندا هئا.[48] ياد رهي ته محترم تاج صحرائي لفظ ڇڏيرڻ استعمال ڪيو آهي، جيڪو درست نه آهي. اصل ۾ اهو لفظ ”جهڏير“ آهي.
هن دڙي جي باقاعده کوٽائي ڪونه ٿي آهي، البته ڪجهه مٽيءَ جا برتن ۽ ٺڪريون هٿ آيون آهن. ٿانون جي مٽي سٺي نموني ۽ چڱيءَ طرح ڳوهيل آهي. ساڳي وقت ٿانوَ به سٺي نموني پڪل آهن. ان کان سواءِ پڪل مٽيءَ مان ٺهيل جانورن جا بوتا، چوڙيون، مڻيا، گايلا، ڪيڪ نما ٽڪنڊا، ٽڪرا مخروطي مهرا، چڌا ۽ ٻاراڻين ڍڳي گاڏين جا ننڍا ڍانچا به حاصل ٿيا آهن.[49] انهن دڙن جي کوٽائيءَ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ قديم سنڌي تهذيب ۽ تمدن جا ڪيترائي راز ملڻ جي اُميد آهي.
پيرڪ جو دمب:
قديم شاهراهه جيڪا روس ۽ افغانستان کان ايندي، بولان لڪ کان لنگهي ڪڇي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي، ان شاهراهه تي پيرڪ جو شهر به آباد هو.[50] هي قديم شهر سبي شهر کان اٽڪل 6 ميل اوڀر طرف ريلوي اسٽيشن ”پيرڪ“ جي ڀرسان واقع آهي. هن شهر جي کوٽائي ڪا نه ٿي آهي.
سيوي جو قديم شهر:
جيڪڏهن اسان سنڌو، فرات ۽ دجله جي قديم ماٿرين جي پراڻين تهذيبن جو مطالعو ڪريون ته اسان کي بخوبي معلوم ٿيندو ته ڪي پراڻيون شاهراهون انهن ٻنهي سڀيتائن کي ڳنڍيندڙ ۽ ملائيندڙ هيون. انهن شاهراهن تي جيڪي پراڻا شهر آباد هئا، انهن مان فقط ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ زنده آهن. باقي ٻيا سڀ زماني جي دست درازين ۽ قدرتي خردبرد سبب تباهه و برباد ٿي کنڊرن جي صورت ۾ رهجي ويا آهن. ار. سوسا، نينوا، تهران، بابل، همدان، ڪرمان، اصفهان، قنڌار، سبي، موهن جو دڙو، سيوهڻ ۽ نيرون ڪوٽ وغيره، انهن شاهراهن تي وسندڙ ۽ آباد شهر هئا، جتان قافلن جا قافلا گذرندا هئا. اهي قافلا بولان لڪ اُڪري سيوي، جهڏير جي دڙي وٽان لنگهي شڪارپور کان ٿيندا موهن جي دڙي تائين پهچندا هئا.[51]
سيوي جو قديم شهر آرين تعمير ڪرايو هو. يونانين مٿس سڊمانيا نالو رکيو.[52] سندس قديم نالو ”سيوس“ هو. انهيءَ کان اڳ ”ڪاڪا راجا“ چوندا هئس، جيڪو بعد ۾ ڦري ”سيوي“ ٿيو آهي.[53]
عجائبات:
عجائبات علائقن جي اهميت جو اهم سبب هوندا آهن. ڪي عجائبات تاريخي حيثيت جا حامل هوندا آهن ته ڪي وري روحاني يا طبعي اهميت جا حامل هوندا آهن. دنيا جي مشهور ۽ مقبول ستن عجوبن جي موجودگيءَ سبب انهن ملڪن پوري دنيا ۾ وڏي اهميت حاصل ڪئي آهي، جتي پوري دنيا جا سياح سير ڪرڻ سان گڏ معلومات به حاصل ڪن ٿا.
بلوچستان جو خطو به اهڙي قسم جي عجائبات کان خالي نه آهي، تنهن ڪري وڏي اهميت رکي ٿو، پر سرڪار طرفان اهڙين اهم عجيب و غريب جاين توڙي شين جي ڪابه سارسنڀال ڪونه ٿي ڪئي وڃي. اهوئي سبب آهي جو اهي عجائبات اهڙي مقبوليت حاصل ڪري ڪونه سگهيا آهن، جهڙي انهن جي حيثيت آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙين عجيب و غريب جاين ۽ شين جي حفاظت ۽ مقبوليت لاءِ حڪومت طرفان عوام جي آمد و رفت لاءِ سهوليتون مهيا ڪيون وڃن. انهن تي سيمينار ۽ ميلا ڪرائڻ گهرجن ته جيئن علائقي جي اهڙين تهذيبي، تمدني، تاريخي ۽ روحاني عجائبات کي وڌيڪ مقبوليت ڏياري سگهجي. هيٺ ڪجهه اهڙن عجائبات جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.
ڪهيري جي ماڙي:
هي عجوبو سبيءَ شهر جي اتر ۾ هڪ گنبذ وانگر نظر اچي ٿو.[54] ان ۾ لڪل خزاني جي لالچ ۾ ڪيئي ماڻهو ان طرف وڃن ٿا، پر کين اتي ڪابه شيءِ هٿ ڪونه ٿي اچي ۽ قبو به نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿو. سنڌي زبان ۾ ان کي ”ماروکير“ چوندا آهن.[55]
هڪ ڀيري سلطان محمود بکريءَ ٽي هزار ماڻهو گڏ ڪري کين هٿ هٿ ۾ ڏياري ان ٽڪرين ڏانهن ويو، پر اتي کيس ڪابه شيءِ نظر نه آئي ۽ قبي جو ڪوبه نشان نه هو. چون ٿا ته آڳاٽي ماڻهن جو طلسم رکيل آهي. جنهن ۾ خزانو محفوظ رهي ٿو. ڪنهن ڏينهن درويش اتي وڃي پهتو، ان کي ڪا شيءِ هٿ آئي هئي، تنهن کان پوءِ ڪيئي ماڻهو انهيءَ آسري تي اوڏانهن ويا، پر سکڻين هٿن موٽي آيا.[56]
هڪ روايت موجب قديم زماني ۾ پهاڙي جي آسپاس هڪ ڌنار پنهنجا ڍور چاريندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڳئون ان قبي طرفان روزانه سندس ڌڻ ۾ اچي شامل ٿيڻ لڳي ۽ شام جو واپس هلي ويندي هئي. پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ ڌنار معاوضو وٺڻ جي خيال سان ڳئون جي پٺيان لڳو ويو، قبي جي ٻاهران هڪ بزرگ مليس جنهن کان معاوضو گهريائين. بزرگ قبي ۾ اندر موجود خزاني مان پنهنجون ٻئي مٺيون ڀري کڻڻ جو اشارو ڪندي چيو ته هي راز ڪنهن کي ٻڌائيندين ته نقصان ٿيندو. ايتري ۾ بزرگ گم ٿي ويو. هن ڏٺو ته هاڻ ڪوبه ڪونهي، سو جهولي ڀري ٻاهر نڪتو. ٻاهر نڪرڻ سان سندس اکين جي روشني ختم ٿي ويئي. بزرگ جو آواز آيس تو لالچ ڪئي آهي، ان ڪري انڌو ٿيو آهين. هاڻ صرف ٻه مٺيون کڻي باقي خزانو اتي رک ۽ هليو وڃ. ڌنار ائين ڪيو ۽ واپس موٽي اچي اهو راز ماڻهن کي ٻڌايو. ان ڏينهن کان پوءِ هرڪو ماڻهو ان طرف وڃي ٿو، پر اتي ڪجهه به نظر ڪونه ٿو اچي.
ڪيهر جي ماڙيءَ کي ”کيرماڙي“، ”ڪهير راءِ جي ماڙي“ به چيو وڃي ٿو، پر اهو روايتن موجب ”ڪهيري ماڙي“ درست چيو وڃي ٿو. اهو بزرگ ڪهيري خاندان جو ڪو فرد هو، جنهن سبب ڪهيري جي ماڙي نالو مشهور ٿيو اٿس.
لوهي پڃرو:
گنداواه ضلعي ڪڇيءَ جي اولهه طرف جي پهاڙي تي هڪ هنڌ لوهي پڃرو ٽنگيل آهي، جنهن ۾ ڪا شيءِ رکيل نظر اچي ٿي، اڪثر ماڻهن وڃي اتي ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو پڃرو اتان پري ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن مٿين پاسي کان ڪو اتي وڃي ٿو ۽ رسن سان لڙڪي لهي ٿو ته به اهو پڃرو پري ٿي وڃي ٿو.
يوسف ميرڪ نمڪين ان بابت لکي ٿو ته: ”ڪنهن جو به هٿ ان پڃري تائين پهچي ڪونه ٿو سگهي، جيڪڏهن ٽڪري جي مٿان ماڻهو کي واڍ تي هيٺ لاهي اماڻجي ٿو ته اهو پڃرو ويتر پرانهون ٿي وڃي ٿو. وري جي هيٺان ڪو ماڻهو وڃي ٿو ته سندس ڀڄڻ جي ڀيڻي ناهي. ڇاڪاڻ ته ٽڪري جي چوٽي لسي ۽ هيڪاندي آهي، تنهن ڪري زمين ان کان پري پوي ٿي.[57]
روايتن موجب ڪو طلسم ان ۾ رکيل آهي، جنهن سبب ڪوبه ان تائين پهچي ڪونه ٿو سگهي.
جبل مهر:
کير ٿر جبل جي ڪوهستان علائقي ۾ هڪ نهايت وڏو جبل آهي، انهي جبل جي هڪ وڏي پٿر مان الله جي قدرت سان هڪ صفي جهڙي جاءِ ٺهي پيئي آهي، جنهن مان پاڻيءَ جو قطرو قطرو ٽمي ٿو ۽ هيٺان هڪ ننڍڙي حوض ۾ گڏ ٿئي ٿو. اٽڪل ڏيڍ مشڪ پاڻي ان ۾ جمع ٿئي ٿو. اهو ڪڏهن به وڌي يا گهٽي ڪونه ٿو. هڪ وڏي راڄ جي ماڻهن ۽ چوپاين جي پيچ انهيءَ تي مقرر آهي. پاڻي اصل ڪٿان ٿو اچي، تنهن جي ڪابه خبر نه آهي.[58]
انهيءَ صفي جي هڪ پاسي هڪ ديڳ لڙڪي رهي آهي. مشهور ائين آهي ته اها جنن جي تيار ڪيل آهي ۽ ڪن ماڻهن جي اعتقاد موجب، انهيءَ ۾ خزانو آهي، پر جيئن ته ڪنهن به انسان جي ڪوشش جو هٿ اتي پهچي ڪونه ٿو سگهي، تنهن ڪري حقيقت جو پتو ڪونه پيو آهي.
لاهوت:
پٻ جبل هڪ عجيب جڳهه آهي، جبل جي اندر هڪ قدرتي صفي ۾ دري ٺهي پئي آهي، جنهن ۾ پٿر جا ٻه ڪڙا ٺهيل آهن. فقيرن انهيءَ ۾ رسا ٻڌي ڇڏيا آهن، جن کي وٺي هو اندر ويندا آهن. اندر هڪ گهر وانگيان آهي، جنهن جي ڇت سموري ڳئون جي ٿڻن جهڙي شڪل جي آهي. مشهور آهي ته اڳئين زماني ۾ سڀني ٿڻن مان کير ٽمندو هو. هاڻي ڪن ٿورن مان پاڻيءَ جو ٽيپو ٽيپو ٽمي ٿو. سڀ ڪنهن ٿَڻَ جي هيٺان زمين واري پٿر ۾ چڍا ٺهي پيا آهن. اهي چڍا هميشه پاڻيءَ سان ڀريل رهن ٿا، نه گهٽجن ٿا نه وڌن ٿا.
گهر ۾ هڪ غار آهي، جنهن ۾ رستو آهي، جنهن جي ڪا انتها ڪانهي. چون ٿا ته انهيءَ رستي کان اڍائي ڏينهن ۾ حجاز جي سرزمين تي پهچي سگهجي ٿو. ڪن ست ڏينهن چيو آهي. آڳاٽي سمي فقيرن انهيءَ رستي جو سير ڪيو هو.[59]
لاهوت دراصل هڪ گلاس جي شڪل جي نهايت تنگ ۽ اونهي کڏ آهي. ان ۾ لهڻ ڄڻ ڪنهن آتش فشاني کڏ ۾ لهڻ جي برابر آهي. ٻئي هٿ پٿرن ۾ سوگها ڪري تمام مشڪل سان ترڪندي ترڪندي قدم کڻي لهڻو پوي ٿو. ڪٿي ڪٿي لوهه جون ڏاڪڻيون لڳل آهن. ٿوري به غفلت انسان کي سوين فوٽ هيٺ کاهي ۾ ڪيرائي سگهي ٿي. ماڻهو خوف کي مٽائڻ لاءِ جيئي شاه جيلاني جا نعرا هڻندا ويندا آهن. نعرن جي گونج دلين ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿي. هڪڙي هنڌ پهاڙيءَ جي چوٽيءَ کان بڙ جي وڻ جي ڏاڙهي جهڙيون پٿريليون پاڙون ڇڄ وانگر مٿان هيٺ لڙڪيل آهن. برسات جو پاڻي لڳاتار وهي انهن جو رنگ اڇو ڪري ڇڏيو آهي. زائرين جو چوڻ آهي ته، مولاعلي عليه السلام جڏهن هن جڳهه تي تشريف آندي هئي، تڏهن لاهوت تي کير جي برسات ٿي هئي. لاهوتي ان سفيدي کي کرڙي تبرڪ طور پاڻ وٽ رکن ٿا ۽ بيمارن کي علاج طور کارائين ٿا.[60]
نوح جي ڪشتي:
لاهوت ۽ بلاول شاه جي وچ ۾ هڪ ڪشتي نما جبل آهي، جنهن کي نوح جي ڪشتي چيو وڃي ٿو. بعض ماڻهو ان کي پنجتن پاڪ جي ڪشتي به چون. ان جي چوٽيءَ تي مهريءَ جي دال جي داڻي جهڙي رنگ ۽ سائيز جيترا ٽڪرا پيل آهن، جنهن کي ”نوراني دال“ چيو وڃي ٿو. ماڻهو تبرڪ طور پاڻ سان ڪجهه داڻا کڻي ويندا آهن.[61]
ماءُ جو پيٽ:
هي لاهوت ۾ هڪ جڳهه تي سوڙهي سرنگهه جو نالو آهي، جتان حرامي ۽ حلاليءَ جي پرک ٿئي ٿي. حلالي ان مان ٿلهي هئڻ جي باوجود آسانيءَ سان لنگهي وڃي ٿو. جڏهن ته حرامي ماڻهو سنهڙو هئڻ جي باوجود ان مان لنگهي ڪونه ٿو سگهي.[62]
ڪپهه جا وڻ:
تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڪنهن زماني ۾ ڇٽ ڦليجي وارو علائقو ڦٽين جي لحاظ کان وڏي اهميت رکندو هو، جتي ڦٽين جا ٻوٽا وڻن جيڏا هوندا هئا. يوسف ميرڪ ان سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”سبيءَ جي آس پاس ڇٽ ۽ ڪور واري زمين ۾ وؤنڻن جا ٻوٽا ٻير جي وڻن جيڏا ٿين ٿا. ماڻهو انهن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيندا آهن. ڪپهه جي چونڊي کان اڳ انهن وڻن تي موجود سپن کي ڇاپڙڪون هڻي ٽڙائي پکڙائي پوءِ پنهنجي ڪرت ۾ لڳي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي سپ سنگهي وٺي ته ڏنگ واري جاءِ تي پاڪي سان چڪ ڏيئي ڪنهن ماڻهوءَ کان رت چؤسرايو ويندو آهي. ٻي حالت ۾ ڏنگيل ماڻهو اڦٽ مري وڃي ٿو.[63] اڄڪلهه ڦٽيون ڪونه ٿين، پر نانگن جي گهڻائي موجود آهي.
[1] Balochistan Through the Ages (Gazetter) 1901 AD, P. 159
۽ پڻ ڏسو مترجم انور رومان جو ”بلوچستان ڪي قبائل“ حصو ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986، ص 118 ۽ ڏسو نذير احمد شاه جو مقالو ماهوار زينه ڪوئيٽا، جنوري-فيبروري 1989ع، ص 39.
[2] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 331.
[3] آڏواڻي، ڀيرومل، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1972ع، ص27.
[4] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، ص 1973ع، ص 15- 368.
[5] آڏواڻي، ڀيرومل، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1972ع، ص100.
[6] ايضاً، ص 113- 114
[7] وي اي سٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، آڪسفورڊ، 1914ع، ص 97.
[8] رحيم داد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 32.
[9] ميرگل خان نصير، ”بلوچستان ڪي ڪهاني شاعرون کي زباني“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1976ع، ص 2.
[10] آغا نصير خان احمد زئي، مقالو، ”سيوي“ ماهوار اولس، ڪوئيٽا، اپريل 1958ع، ص 25.
[11] ايضاً، ص 26.
[12] آڏواڻي ڀيرومل، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 100-102.
[13] سيف الرحمان ڊار، ڊاڪٽر، ”ٽيڪسيلا“، پنجاب ادبي بورڊ، لاهور، 1977ع، ص 12.
[14] گشڪوري عطامحمد، ”سيوي“ ميگزين ڊگري ڪاليج، سبي، 76-1975ع، ص 1.
[15] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 89.
[16] چنه، محبوب علي، پروفيسر، ”سنڌ جا قديم تخت گاهه“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، جون،- جولاءِ، 1970ع، ص 59.
[17] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“ (گزيٽيئر)، ترجمو، بينظير انٽر پرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 214.
[18] ايضاً، ص 216.
[19] مير احمد يارخان بلوچ، ”انسائيڊ بلوچستان“ (ائن آٽوبايوگرافي)، رايل بوڪ ڪمپني، ڪراچي، 1975ع، ص 62.
[20] سينسس رپورٽ آف پاڪستان 1961ع پاپوليشن باءِ مڌرٽنگ واليوم، 4-16، ٽيبل 12.
[21] سيد نورعلي ضامن، ”معارف سرائيڪي“، مصطفيٰ شاه اڪيڊمي، احمدپور شرقيه 1972ع، ص41-42.
[22] انور رومان، پروفيسر، مترجم، ”بلوچستان ڪي قبائل“ گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، حصه اول، 87-1986ع، ص 221.
[23] ايضاً
[24] ايضاً 387-391.
[25] ايضاً، حصو ٻيو، ص 138.
[26] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 24.
[27] ايضاً، ص 5.
[28] حڪيم گلاب خان مهجور، سنگت سلسلي جو ڪتاب ”غازي“، بروهي پبليڪيشن، فريدآباد، ضلعو دادو، 1981ع، ص 10.
[29] ”امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا“، بلوچستان سيريز ڇاپو ٻيو، ص 1976ع، ص 147.
[30] ڊسٽرڪٽ سينسس رپورٽ سبي 1961ع، ص 1-14.
[31] سيد نور علي ضامن حسيني، ”معارف سرائيڪي“، احمد پور شرڪيه مصطفيٰ شاهه اڪيڊمي، 1973ع، ص 43.
[32] قاضي محمد يعقوب عليزئي، ”بلوچستان ۾ سنڌي زبان و ادب“، هفته روز ”ايلم“ مستونگ، 3 آڪٽوبر، 1987ع، ص 2.
[33] رحيم داد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 58.
[34] بروهي، داد محمد خادم، ”قديم تاريخي عمارات و نوادرات“، ”جيڪب آباد قديم ۽ جديد“، اردو حصو، ميگزين سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1984ع، ص 5.
[35] محمد ادريس صديقي، ”سنڌو ماٿري سڀيتا“، مترجم، شمس سرڪي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979ع، ص 16.
[36] مارشل، سر جان، ”موهن جو دڙو انڊس سولائيزيشن“، لنڊن واليوم، 1-3، 1931ع.
[37] اي جي ايڇ مشڪي، ”فردر ايگزڪيوئيشنز ايٽ ميس جو دڙو“، دهلي 1938ع، واليوم 2.
[38] صديقي محمد ادريس، ”سنڌوماٿر جي سڀيتا“، مترجم شمس سرڪي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979ع، ص 20-21.
[39] هارگيوز ايڇ ايگزڪيوئيشنز ان بلوچستان“، ايم- اي ايس آءِ نمبر 35، دهلي 1927ع.
[40] اسٽيسن سر. اي، ”ائن انٽروڊڪشن ٽوئر ان وزيرستان ائنڊ نارٿ بلوچستان“، ايم. اي. ايس آءِ نمبر 37، دهلي، 1929ع.
[41] چوڌري عبدالستار، ”يه بلوچستان هي“، هفتيوار صحافت لاهور بلوچستان، 16 فيبروري کان
3 مارچ، 1978ع، ص 21-22.
[42] تاج صحرائي، ”جيڪب آباد جي شناخت: ڇڏيرڻ جا دڙا“، مخزن سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1988ع، ص 5.
[43] عثمان حسن، رٽائرڊ برگيڊيئر، ”مهرڳڙهه، پاڪستان آثار قديم ڪا ايڪ نيا باب“، ماهوار زينه ڪوئيٽا، جنوري- فيبروري، 1989ع، ص 37.
[44] جمناداس اختر، ”قديم سنڌ اور اسڪي روابط“، روزانه جنگ ڪراچي، مڊويڪ ميگزين، 12آگسٽ، 1987ع، ص 10.
[45] ايضاً.
[46] عبدالعزيز فاروق، ”وادي بولان ۾ سات هزار ق . م ڪي آثار ڪي دريافت“ هفته روزه ”ايلم“ مستونگ، بلوچستان نواب شهيد رئيساني نمبر 26 ڊسمبر، 1987ع، ص 33.
[47] تاج صحرائي، ”جيڪب آباد جي شناخت: ڇڏيرڻ جا دڙا“، سنڌ هارس ائنڊ ڪيٽل شو مخزن، جيڪب آباد، 1988ع، ص 15.
[48] تاج صحرائي، ”جيڪب آباد جي شناخت: ڇڏيرڻ جا دڙا“، حقيقت جو هار مخزن، سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، 1988ع ، ص 13.
[49] ايضاً، ص 5.
[50] ايضاً، ص 13.
[51] تاج صحرائي، ”شڪارپور هڪ تهذيب جو مرڪز“، مخزن شڪارپور ماضي ۽ حال جشن شڪارپور، پبليڪيشن شڪارپور، 1984ع، ص 84.
[52] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 73.
[53] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 20.
[54] سعيدالدين طارق، ”سبي تاريخ ڪي آئيني ۾“، سيوي مخزن ڊگري ڪاليج، سبي، 84-1983ع، ص 66.
[55] مير محمد معصوم بکري، تاريخ معصومي، مترجم مخدوم امير محمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1985ع، ص 168.
[56] ميرعلي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، سنڌي ترجمو، مخدوم اميراحمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 332.
[57] يوسف ميرڪ نمڪين، ”تاريخ مظهرشاه جهاني“، مترجم، نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979ع، ص 129.
[58] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، مترجم: مخدوم امير احمد، 1957ع، ص 632.
[59] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، مترجم: مخدوم اميراحمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 33-634.
[60] عبدالغفور درشن، ”لاهوت لامڪان“، لوڪ ورثه اسلام آباد، 1985ع، ص 40.
[61] ايضاً، ص 38.
[62] ايضاً ص 42.
[63] يوسف ميرڪ نمڪين، ”تاريخ مظهرشاهجهاني“، مترجم: نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979ع، ص 29-128.