ڪتاب جو نالو | بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-37-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (651) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 September 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 70656 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي قومون: اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هي خطو قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهندو آيو آهي. قديم آرين جي سنڌ ۾ آمد ۽ جنگ ٿيڻ سبب ڪيترائي سنڌي خاندان پنهنجا اصلي ماڳ ڇڏي بلوچستان ۾ وڃي لڪيا ۽ پوءِ هميشه لاءِ اتان جا ٿي ويا ۽ هن خطي کي پنهنجو مسڪن بڻائي ويٺا. جتي هو نه صرف سنڌي ٻولي ۽ رسم و رواج بلڪ تهذيب ۽ تمدن کي به فروغ ڏيندا رهيا.
يوري گنڪوفسڪي لکي ٿو: ”آريه لوڪن جي سنڌ ۾ آمد ۽ جنگ سبب هتان جي مقامي ماڻهن جي ڪجهه حصي ڀڄي وڃي ڪوهستان بلوچستان ۽ جهنگلن ۾ پناهه ورتي ۽ ڪجهه حصو سندن اطاعت قبول ڪري اتي ئي رهي پيو.“[1]
هنگلاج ديويءَ جو مندر به بلوچستان جي مڪران واري ايراضيءَ ۾ آهي، جتي هزارين هندو ياتري قديم زماني کان ايندا رهيا آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي هنن ئي علائقن ۾ آباد ٿيندا رهيا. هندن کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي سماٽ قومون قديم زماني کان لڏپلاڻ ذريعي هن خطي طرف آباد ٿينديون رهيون، جن ۾ سما ۽ جت سرفهرست آهن، جن بلوچستان جي سنڌي اڪثريت وارن علائقن تي حڪومتون به ڪيون.
سما: هي قوم اصل ۾ سنڌ جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪا نه صرف سنڌ بلڪ بلوچستان جي لسٻيلي تي حڪومت به ڪري چڪي آهي. بلوچستان ۾ هي قوم پاڻ کي ڄام سڏائي ٿي. اڄ به اتي سندن سرداري قائم آهي. سندن سردار ڄام غلام قادر خان هو، جيڪو صوبي بلوچستان جو ٻه ڀيرا وزيراعليٰ به رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو: سمن جي آڪهين جي حاڪمن لسٻيلي تي حڪومت ڪئي، انهن ۾ هڪ شاخ رونجها آهي. هن شاخ اٺين صدي هجريءَ (چوڏهين صدي عيسوي) ڌاري ان وقت جي لسٻيلي کي اچي وسايو. جڏهن نه فقط سنڌ تي پر بلوچستان ۾ سبيءَ تائين سندن حڪومت هئي. اهي سما جيڪي لسٻيلي ۾ اچي ويٺا، تن اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ ٽي سؤ سال حڪومت ڪيائون.[2]
بلوچستان جو ڪڇي گنداواهه يا ڪڇي ساڳيا آهن. هي علائقو هڪڙو ميدان آهي، جتان مولا ۽ بولان شروع ٿين ٿا. هتان جي سنڌي قومن ۾ ٻيون ڪيتريون ئي قومون اچي وڃن ٿيون، جيڪي صدين کان هن خطي ۾ آباد آهن ۽ پاڻ کي سما، سماٽ يا ابڙا قوم سڏائين ٿيون .[3] خطي ۾ ان کي ڄاموٽ، جدگال ۽ جغدال به سڏجي ٿو. سماٽ يعني سنڌي سما قوم جنهن جو سنڌ ۽ ڪڇ ملڪ سان گهڻو تعلق رهيو آهي. لسٻيلي جا ڄام به سما آهن. ان کان علاوه جيڪي قومون انهن مان جدا جدا نالن سان ڦٽيون ۽ مشهور ٿيون انهن ۾ مکيه هي آهن: ڇٽا، گنجا، برفت، خدراڻي، ڄاموٽ، بنديجا، برا، اڳاريا، رونجها، پاٻڙا، واهرا، شاهڪ ۽ موندرا وغيره.[4]
برهمڻ دؤر ۾ سنڌ اندر لهاڻا، ڄاٽ، سهتا، ڪرد، لاگا ۽ سما وغيره قومون آباد هيون. لهاڻا، لاکا ۽ سما ان وقت ڪن علائقن جا نالا به هئا. سماٽ قوم جا چڱا مڙس اڪثر ڄام جي لقب سان ۽ سنڌ جي قديم قوم ۽ حڪمران گهراڻي سما سان واسطو رکن ٿا. چچ جي زماني کان وٺي سنڌ ۾ هن قوم جو اثر ۽ اقتدار ملي ٿو. لوهاڻي پرڳڻي ۾ جنهن جي گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آباد هو. سما قوم وڏي تعداد ۾ آباد هئي.[5] سماٽ خطي جي قديم ترين قوم آهي. گمان غالب آهي ته انهن ۾ ڪجهه هندن جو اولاد به هجي جيڪو بعد ۾ اسلام جي فتوحات کان پوءِ مسلمان ٿيو هجي.[6] سمن جي قديم رئيسن جو لقب ”ڄام“ آهي.[7]
سمن بابت مختلف رايا آهن، ڪي چون ٿا ته سما هندو راجپوت هئا. ڪي چون ٿا ته سما سام جي اولاد آهن. ڪن جو لکڻ آهي ته سام حضرت نوح جو پٽ هو، جنهن کي چار پٽ ٻڌ، سنگها، مهر ۽ ڀاڳرت هئا. ٻڌ کي سورهن پٽ هئا، جن جا نالا آهن: باڊهه، سورهه، سهته ۽ ٻيا جن کي گهڻو اولاد هو، جن مان سمن جون جدا جدا شاخون نڪتيون، جيڪي انهن پٺيان ذاتيون سڏجن ٿيون. مثال طور؛ پرهياڙ، ڪوريجا، ناهيان، چاوڙا، ڀٽي، اوڍر، لاکير، لاکا، سميجا، اڌا، اڌيجا، مهر، ساند، لنجا، ڏاهر، ڪورائي، راڌڻ، ڪاڪي پوٽا، اڍا، ابڙا، ابڙيجا، رڪن، راهما، هنگورجا، هاليپوٽا، هالا، ساهڙ، نهڙا، جکرا، ڪاهيا، پلي ۽ سوڍر وغيره.[8]
محمود غزنويءَ جي ڪاهه وقت سيوهڻ ۽ ڀاڳناڙيءَ ۾ چنن (سمن) جي حڪومت هئي. مگر حڪومت وڃائڻ کان پوءِ هو پنهنجي اباڻي ڪرت زمينداريءَ کي لڳي ويا.[9] بلوچستان طرف سما قبيلي جا جيڪي ڪٽنب رهن ٿا سي آهن: برفت جا پاڙا، ڄاموٽ، شاهڪ، برهه، دودا، ماندرا، رونجها، مونڌره، بنديجا، ڇٽا، کهاوڙ، حسناڻي، برفت مودئي شاخ حملاڻي ۽ ساسولي[10] لسٻيلي جا اڳيان ڄام رونجها ۽ هاڻوڪا عالياڻي ڄاموٽ سما نسل مان آهن ۽ نهڙيا، برفت ۽ جوکيا سما آهن. ٿاڻي وارن ملڪن جون مائٽيون خان آف قلات ۽ لسٻيلي جي گهراڻن ۽ جوکين سان پئي رهيون آهن. باقي ٿرپارڪر جي نهڙين سان سواءِ اڳوڻي ڏاڏاڻي تعلق جي، پوءِ ڪوبه تعلق نه رهيو اٿن.[11]
جدگال: هي اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو جت آهن، پنجين صدي عيسويءَ ۾ بلوچستان اچڻ کان پوءِ هي قوم ٻين سان گڏجي ”گڏيا“ يا ”گڊا“ سڏجڻ لڳي. راءِ ديوراج جي زماني ۾ هي قوم سنڌ جي فوج ۾ شامل هئي. عربن جي ڪاهن وقت ميد ۽ جت هن خطي ۾ گهڻي تعداد ۾ آباد هئا. ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا. جڏهن ته جت (جدگال) ڪڇي، لسٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هئا. هارون مڪراني عرب جو اولاد آهن. هارون محمد بن ابان جو پٽ هو، جو محمد بن قاسم جي وقت ۾ مڪران جو حاڪم هو.[12] هي مڪران جي قديم باشندن مان ڄاموٽ جو جت قبيلو آهي.[13]
جت هڪ وڏي قوم آهي، جا سنڌ، پنجاب، ستلج ۽ گنگا تائين ۽ ٻئي پاسي قنڌار ڪابل ۽ هرات تائين پکڙيل آهي. هن قوم جون گهٽ ۾ گهٽ چاليهه شاخون آهن، جن ۾ ابڙا، هائوڙا، ڪلهوڙا، کوکر، ماڇي، منجهو، پلال، پاساريا، تونيا ۽ وڌيرا شامل آهن. ڪلهوڙا پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا ۽ تونيا ترڪ نسل مان سڏائين ٿا.[14]
بلوچستان جي هن خطي جي سماٽ قومن ۾ جت قوم جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي. ”انوط“ قبيلي کي عرف عام ۾ جت، ڄٽ ۽ جاٽ چيو وڃي ٿو. بلوچستان ۽ سنڌ جو سماٽ قبيلو جاٽ قبيلي جي هڪ شاخ آهي.[15] جهنگلن ۾ رهڻ سبب عام طور کين ”ڄٽ“ چيو وڃي ٿو.[16]
جاٽ لفظ عام ماڻهن جي زبان تي ڦرندي گهرندي ”جت“ ٿي پيو آهي. انهيءَ قوم جا ماڻهو اڃا به سنڌ ڪڇ ۽ گجرات ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ گهڻو ڪري ساڳيو ڌنڌو ڪن ٿا. يعني لاڏو ۽ سواريءَ جي اٺن تي ڀاڙا کڻي پيٽ گذر ڪن ٿا. ريلوي ۽ گاڏين اچڻ کان پوءِ اهي ماڻهو گهڻو ڪري کيتي مزوري وغيره ڌنڌو ڪرڻ لڳا آهن. مسلمانن ۾ ”ميرجت“ ان قوم جو سڌريل نالو آهي. هندن ۾ ان قوم وارا ماڻهو ”جٽيا“ سڏجن ٿا ۽ کلن رنڱڻ ۽ جتين ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿا.[17] جت هاڻي گهڻو ڪري لاڙ ۽ ڪڇ گجرات ۾ آباد آهن ۽ سندن وڏا راڄ آهن.
سومرا: هي قوم سنڌ جي قديم قومن مان آهي. اٽڪل 3 سؤ سال سنڌ تي حڪومت ڪيائون. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته هي اصل ۾ عرب آهن ۽ ڪي لکن ٿا ته هي سُورج ونشي راجپوت نسل مان آهن. جڏهن ته ڪن جو خيال آهي ته هي اصل ۾ سوميري قوم آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ سامي چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ هڪ شاخ آهي. سومرن جي لباس، اٿ ويهه ۽ نالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل ۾ اهي سمن وانگيان راجپوت نسل مان آهن.
سومرن بابت مولائي شيدائي لکي ٿو: سومرا اصل ۾ هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا، ته به منجهن ڪيتريون ئي اصلوڪيون رسمون موجود هيون. مثلاً: چنيسر جو ليلا سان چکيا تي چڙهڻ، مينڌري جو مومل سان گڏ باهه ۾ سڙڻ ۽ شادين مرادين ۾ شراب پيئڻ وغيره[18]. ان کان علاوه هٿن ۽ پيرن جي ننهن پاڙان ڪڍرائڻ، ڪپڙو هڪ ڀيرو ميرو ٿيڻ تي ٻيهر نه پائڻ اصل ۾ هندن جا رواج آهن.[19]
سامرهه جو اصل نالو سرمن راءِ هو، جو گهڻي استعمال ڪندي پوءِ سامرهه بڻجي ويو. سرمن راءِ هڪڙي ڇانوڻي هئي جا خليفي معتصم بالله عباسي بغداد کان نوي ميلن جي مفاصلي تي دجله جي هڪڙي شاخ قاتون تي 220 هه ۾ تعمير ڪرائي. اُن ۾ ترڪي لشڪر ويهاري بغداد بدران انهيءَ کي تختگاهه مقرر ڪيو. يورپي مؤرخن سومرن کي نو مسلم راجپوت ڏيکاريو آهي.[20] ايبٽ به سومرن کي راجپوت لکي ٿو. سندس بيان موجب سنڌ کان سواءِ ڪڇ، گجرات ۽ سورت تائين سندن حڪومتون هيون.[21] مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: هي سامره جا رهاڪو عربن سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ سومرن جا وڏا عرب آهن.[22]
ڪلهوڙا: اصل ۾ هي سنڌي قوم آهي. پيري مريديءَ طاقت جي زور تي حڪمران ٿيا. ڪلهوڙا دؤر ۾ سبي وارو خطو سندن حڪومت سنڌ ۾ شامل هو.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو: ميان يارمحمد ڪلهوڙو ( 1112 هه/ 1700ع کان 1131 هه/ 1718ع) هن خاندان جو سڀ کان پهريون حاڪم درويش پيري فقيريءَ سان گڏ پنهنجي فوجي طاقت وڌائي بکر جي مغل گورنر سان مقابلو ڪري، اترين سنڌ وارو حصو قبضي ۾ ڪري باقاعدي سنڌ اندر ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو آغاز ڪيو. سندس حڪومت جون سرحدون سيوي کان وٺي ڪڇ تائين هيون.[23]
دنيا جو پهريون سنڌيالاجسٽ ۽ ائنٿراپالاجسٽ رچرڊ برٽن لکي ٿو ته، ڪلهوڙا سنڌي چنا قوم جي نسب مان آهن. سياسي اوج تي رهڻ بعد هنن هروڀرو پاڻ کي مٿانهون سمجهي پنهنجو شجرو آقاءِ نامدار حضرت محمد صلعم جن جي چاچي حضرت عباس رضه سان ملائيندي پاڻ کي عباسي سڏايو. هوڏانهن انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ برصغير جي آدمشماريءَ ۾ هنن کي ڄاموٽ ڄاڻايو ويو آهي.[24] مرزا قليچ بيگ ڪلهوڙن کي حضرت عباس جي اولاد مان سڏيو آهي.[25] مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ڪلهوڙا اصل ۾ قديم سنڌ جي دؤر ۾ مڪران بلوچستان کان سنڌ طرف آيا.[26]
سنڌ جا ڪلهوڙا اصل ۾ راجپوت نسل جا راٺوڙ آهن، پوءِ مسلمان ٿيا ۽ رئيس سڏبا آهن.[27]
ڪهيري: ڪهيري اصل ۾ سماٽ آهن، پر کين بلوچن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.[28] اصل ۾ هي شهميريه جي اولاد مان آهن، جنهن 32 سال مڪي ۽ مديني ۾ رهي ڪيئي حج ڪيا. هو ڪهيرين جو وڏو عالم ۽ بزرگ ۽ پهلوان هو ۽ ڪهير نالي هڪ وڻ کي گهوڙي وانگر چڙهي هلايو هئائين، تنهن ڪري سندن نالو ”ڪهيري“ مشهور ٿيو. ماڻهو ان ڪرشمي سبب هن قوم کي سيدن جيترو مان ڏيندا آهن.
ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر ان بزرگ جو نالو حضرت ولي نعمت الله شاهه ڄاڻايو آهي.[29] هي قبيلو پاڻ ستن اوليائن جي اولاد هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. ان ڪري عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا.[30]
ڊاڪٽر عطامحمد حامي مرحوم لکي ٿو ته: هن خاندان کي خيرپور جي ميرن وٽ وڏي اهميت هوندي هئي ۽ هي پاڻ کي عمر قتال جو اولاد سڏائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ڪهيري نعمت شاهه سان گڏجي مڪران مان هجرت ڪري بلوچستان جي علائقي ڪڇي ۾ آيا هئا، جتان کين بگٽين تڙي ڪڍيو ۽ پوءِ هو بهاولپور وڃي آباد ٿيا. خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان جو مشهور سپھ سالار گولو شاهه ڪهيري بهاولپور مان آيو هو. مير صاحب کيس ڪوٽ ڏيجيءَ کان اتر طرف چئن ميلن تي هڪ ٽنڊو ٻڌرائي ڏنو هو.[31]
تاريخ معصوميءَ ۾ ميرمعصوم لکي ٿو، ڇٽ§ (ڇٽر) مڪان ۾ هڪڙا ماڻهو جن کي سادات ڪهيري سڏيندا آهن، اهو مٿن نالو ان ڪري پيو آهي جو ڪهير هڪ وڻ جو نالو آهي ۽ سندن وڏي انهيءَ تي سوار ٿي ڇمڪي هڻي ان کي گهوڙي وانگيان هلايو هو. اهڙيءَ طرح هي ڳالهه عام جي زبانن تي مشهور ٿي.[32]
ڪهيري پاڻ کي ڪٿي سيد ته ڪٿي شيخ به سڏائيندا آهن.[33] ڪڇي ضلعو اصل ۾ ڪهيرين جو ڳڙهه آهي، جتي وڏي تعداد ۾ آباد آهن. سندن زبان سنڌي آهي، ڇٽ، طاهر ڪوٽ، ڦليجي ۽ ڪنري علائقن ۾ سندن گهڻي آبادي موجود آهي. جهالاوان نال ۽ وڍ طرف به رهن ٿا.[34] سنڌ ۾ وري لاڙ ۾ گهڻا رهن ٿا.
سيد: سيد هن خطي ۾ صدين کان آباد آهن. سندن مادري زبان سنڌي آهي. سماٽ قوم ليکجن ٿا. ڍاڍر، گنداواهه ۽ فتح پور شريف ۾ سندن ڪيترائي خاندان آباد آهن، جنهن علائقي ۾ رهن ٿا، ان علائقي جي ٻولي ۽ ثقافت کي اپنائن ٿا. فتح پور شريف وارن سيدن مان سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ۽ معروف شاعر سيد رکيل شاهه ۽ سندن فرزند سيد چيزل شاهه سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٻنهي جا ترتيبوار ”بحرالعشق“ ۽ ”بحرالعميق“ نالن سان ديوان شايع ٿيل آهن. هرسال مارچ مهيني جي پهرين اڌ ۾ سيد رکيل شاهه جي عرس جي موقعي تي زبردست ادبي ۽ ثقافتي محفلون لڳنديون آهن.
سندن نسل بابت مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: حضرت محمد صلعم جن جي نياڻي بي بي فاطمة الزهرا ۽ حضرت علي عليه السلام جي اولاد کي سيد يا سادات سڏيو وڃي ٿو.[35] بلوچستان جي مٿين علائقن جا سيد اتان جون ٻوليون ڳالهائين ۽ اتان جي رسم و رواج تي عمل ڪن ٿا.
اوڏ: اصل ۾ سنڌ جا قديم باشندا آهن ۽ دراوڙن ۾ شمار ٿين ٿا.[36] ڏکڻ هندستان کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، بعد ۾ بلوچستان طرف به پکڙجي ويا. ڪاڪي ڀيرومل جي چوڻ موجب هو دراوڙن جي ڪل مان آهن. ڏکڻ هندستان جا رهواسي مارواڙ کان ٿيندا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. مارواڙي جهڙي ٻولي ڳالهائين ٿا. اصل ۾ هندو آهن، پر مسلمانن جهڙي شڪل شبيهه اٿن. ڪپڙا به اهڙائي پائين ٿا. گهڻو ڪري ڀتين جي اوساريءَ جو ڪم ڪندا آهن.[37] جيئل اوڏ سندن 19 ذاتن جي شاخن جو ذڪر ڪيو آهي.[38] مرزا قليچ بيگ موجب هي اصل ۾ مارواڙ جا هندو ماڻهو آهن ۽ انهيءَ پاسي جي گڏيل ٻولي ڳالهائين ٿا.[39] هن وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهندڙ ڪيترائي اوڏ مسلمان به آهن.
ميد: ميدن بابت چيو وڃي ٿو ته، هي سنڌ جا باشندا آهن ۽ جهازران قوم مان آهن. سندن ذڪر مهاڀارت يعني 1400 ق. م کان شروع ٿئي ٿو. ميد انڊو يورپين قوم هئي، جنهن مهاڀارت کان اڳ ايراني مٿانهين پٽ جي اتر اولهندي حصي تي ميديا (Media) جي سلطنت جو بنياد وڌو هو.[40]
سنڌ ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ جهاڳڻ لڳا ۽ بحري ڦورو ٿي پيا. سندن موجودگيءَ ۾ سنڌ ۾ گهڻا انقلاب ايندا رهيا. انهن مان ڪي تاريخي اهميت رکن ٿا. ان ڏس ۾ هڪ رايو اهو به آهي ته اهي ميربحر هئا؟ جن سرانديپ جي جهازن کي ديبل وٽ ڦري مسلم بيوه عورتن ۽ يتيم ٻارن کي قيد ڪيو هو.[41]
هي قوم ويدڪ زماني کان سنڌو درياهه جي ڪپ تي رهندي هئي ۽ ڦرلٽ تي گذارو هوندو هو. جهاز رانيءَ جي فن کان واقف هئي[42] ۽ ڪڇي گنداواه خطي مان لڏي مڪران وڃي ويٺي.[43] جتي هو ايراني نار کان وٺي ملبار تائين جهاز راني ڪندا هئا. ميدن ۾ چل مارزئي شاخ پاڻ کي لاسي سڏائي ٿي، جيڪا لسٻيلي ۾ رهندي آهي ۽ گزبر شاخ پاڻ کي بلوچ سڏائي ٿي ۽ ارماڙي پاڻ کي افغان سڏائين ٿا.[44]
سنڌ جي هن قديم قوم[45] کي هن خطي جي سخي تنگاهي جي درگاهه تي گهڻو اعتماد آهي. گوادر جي هڪ ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته، سندن اصل وطن ڪڇي آهي. جتي سنڌ کان آيا.[46]
ميربحر، ماڇي ۽ سولنگي ميدن جون شاخون آهن.[47] مڪران خطي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آباد آهي.[48]
ميدن جون گهڻيون رسمون ۽ رواج آفريڪا جي ماڻهن جهڙا آهن، پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ته رسمن جي ادائگيءَ وقت هو جيڪي گيت يا راڳ ڳائيندا آهن. اهي سڀ سنڌي ٻوليءَ ۾ هوندا آهن. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مڪران ۾ گهڻو وقت رهڻ ڪري سندن رسمن تي مڪران جي رسمن جو اثر پئجي ويو آهي.[49]
پنهور: هي اصل ۾ سماٽ آهن، جيڪي عربستان کان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ هت رهي سماٽ سڏائين ٿا. ابو خليل موجب هي اصل ۾ عرب نسل مان آهن. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اصل ۾ پنهور قوم مان آهي. پنهور عرب نسل جو هڪ قبيلو آهي، جيڪو سنڌ فتح ٿيڻ بعد سنڌ لڏي اچي آباد ٿيو.[50] مير علي شيرقانع ٺٽوي هنن کي رائدن ولد ڪاڪي جي اولاد مان لکيو آهي.[51]
ڪلهوڙن جي دؤرِ حڪومت دوران فتح پور، سيوي ۽ گنداواهه علائقي جا سردار بڻيا.[52] ان ڪري هن خطي ۾ سندن آبادي گهڻي آهي.
لانگاهه: هي اصل ۾ سماٽ آهن. سنڌي سان گڏ سرائيڪي به ڳالهائين. سنڌ جي قديم دؤر ۾ ملتان ۾ هن قوم جي وڏي اڪثريت آباد هئي. ڪجهه وقت ملتان تي حڪومت به ڪيائون. سندن خاندان مان ملتان جو حاڪم شاهه حسين لانگاهه (1470ع) هو.[53] 1524ع ۾ محمود خان لانگاهه جي سرڪردگيءَ ۾ اُچ وٽ شاهه بيگ ارغون سان جنگ ڪيائون.[54] هن قوم ۾ هي خاصيت آهي ته هي قوم جتي به وڃي آباد ٿئي ٿي، تمام جلد اتان جي ٻولي ۽ ثقافت کي پنهنجو ڪري ڇڏي ٿي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۽ بلوچستان جي بلوچ، بروهي، پٺاڻ ۽ پنجابي قومن جي شاخ سڏائي ٿي.
چنا: سنڌ ۾ چنا ايوڌيا جي سورج ونسي ڪل مان هئا، جي ڪوهستان کان سواءِ ڪڇي ۽ سيوي تائين حڪومت ڪندا هئا. راٺوڙن جي لسٻيلي، لاڙ ۽ ٿر تي حڪومت هئي. اهي سنڌ جي هنگلاج جي بتخاني جي ديوي جا پوڄاري هئا. ان ڪري پاڻ کي هنگلاج چنديه ڪمبوج سڏائيندا هئا.[55] ڪنڀر به پاڻ کي چنا سڏائين ٿا. ائنٿالاجيءَ جي باري ۾ ٿيل تحقيق اهو به ٻڌائي ٿي ته چنا اصل ۾ سمن جي شاخ آهي.
قريشي: قريش قبيلي جي عربن کي قريش چوندا آهن. حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن پاڻ به قريش هئا. انهي قبيلي جا ماڻهو عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ ۾ آيا، انهن مان گهڻا سيد سڏائيندا آهن.[56]
کهاوڙ: هي سرائي آهن ۽ ڪلهوڙن جا مريد هئا. انهن مان گهڻا ڪلهوڙن جا امير ۽ لشڪر جا سپهه سالار به هئا.[57] سنڌي کان سواءِ سرائيڪي به ڳالهائين ٿا. شهدادڪوٽ ۾ سندن گهڻي آبادي آهي.
ڀٽي: اصل ۾ راجپوت آهن.[58] سومرن جي دؤر ۾ سنڌ کان بلوچستان طرف آيا. مولائي شيدائي موجب اروڙ جي راجپوت خاندان مان آهن.[59] ناڙي علائقي جا گهلو به پاڻ کي ڀٽي سڏائين ٿا.
ابڙا: ابڙا اصل ۾ راجپوت آهن. سلطان علاؤالدين خلجيءَ جي زماني ۾ ڪڇ کان کنڊيڪا پرڳڻي کان نڪري سنڌ ۽ ڪڇيءَ تائين پهتا.[60] جديد تحقيق موجب ابڙا سماٽ جا ماڻهو آهن ۽ سماٽ ۾ سندن حيثيت وڏي ڀاءُ واري آهي.
ٿهيم: اصل ۾ عرب نسل جا آهن. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد بني تميم جو خاندان هت آيو، جن جي اولاد کي هاڻي ٿهيم سڏيو وڃي ٿو.[61] علائقي جا ڪاسائي به پاڻ کي ٿهيم سڏائين ٿا. سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالهائين ٿا.
منگي: منگي حقيقت ۾ مٿين تميمن جي اولاد جي هڪ شاخ آهي.[62] حجامڪو ڪم ڪندا آهن، ان ڪري منگين کي هرڪو حجم سڏي ٿو.
ڀٽ: هي گاڏر هندو آهن. يعني هنن جي وڏي ڏاڏي جو پيءُ کتري ۽ ماءُ ويش هئي. ڳائڻ وڄائڻ تي سندن گذارو آهي. وڏو گوشت به کائيندا آهن.[63] بعد ۾ مسلمان ٿيا ۽ اڄڪلهه هن خطي ۾ هارپ ۽ مزوري ڪندا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ ڀٽ سماٽ جو شجرو پاڻ وٽ رکن ٿا.
چاچڙ: اصل ۾ هندو هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا. سمن جي هڪ شاخ مان آهن. مال پالڻ جو ڪم ڪندا آهن.[64] راهڪي پوکي به ڪن ٿا. سنڌي سان گڏ سرائيڪي به ڳالهائين.
شيخ: سندن وڏي ڏاڏي شيخ ”ڪڙي“ جي نالي پٺيان ”ڪڙيائي“ سڏجڻ لڳا. سندن وڏو بزرگ بغداد مان آيو. لاکڙا سندن خاص سڪونت گاهه آهي، پر پوءِ ڪي جدا جدا جاين تي وڃي ويٺا. هي لسٻيلي جو فاقيرو گهراڻو آهي. شيخ حمر وڏو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد ”شيخ حمراڻي“[65] آهن. لانگاهن وانگر جنهن قوم جي ڀر ۾ رهن، ان جي ٻولي ۽ ثقافت کي جلد پنهنجو ڪري اتان جا ٿي وڃن. هونئن عام طور تي جيڪو ماڻهو هندو ڌرم مٽائي مسلمان ٿيندو آهي، انهيءَ کي به شيخ چيو ويندو آهي. قوي گمان آهي ته شيخن جون ذاتيون گهڻيون آهن. شيخ قبيلي کي مخلوط قبيلو به سمجهيو وڃي ٿو. لسٻيلي جي علائقي ۾ شيخن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي.[66] عام طور شيخن کي اڌ سيد به چيو وڃي ٿو، ڇوته هو پنهنجو اصلي مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪن ٿا.
انڙ: اصل ۾ سماٽ آهن، سندن مادري زبان سنڌي آهي. هن خطي ۾ سنڌ کان آيا آهن. هينري پاٽينجر پنهنجي سفرنامي ۾ هنن کي بلوچن جي هڪ شاخ ڄاڻايو آهي، جيڪو درست نه آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کين پٻن جو اولاد ڄاڻايو آهي، جيڪي پٻ جبل جي آسپاس رهندا هئا.[67] لسٻيلي کان علاوه هن خطي ۾ به ڪافي تعداد ۾ آباد آهن، ٿر ۾ به گهڻائيءَ ۾ رهن ٿا.[68]
ملڪ: هي سماٽ آهن. سنڌ جي ميرپور ماٿيلي، ڪشمور، جاتي ۽ ميرپورساڪري طرف تمام گهڻا رهن ٿا. سنڌ مان قديم زمان کان بلوچستان طرف اچي رهيا آهن. خاص طور لسٻيلي ۾ گهڻا رهن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کين راڌي جي اولاد لکيو آهي. راڄ ملڪ ۽ جاتيءَ وارا جت قبيلن جا سردار آهن.[69]
ڪوريجا: سنڌ جا هي سماٽ پهريائين لسٻيلي ۾ پهتا، جتي ڪجهه وقت تائين حڪومت به ڪيائون، پوءِ ٻين علائقن ڏانهن پکڙجي ويا. هي اصل ۾ ڪوهستان علائقي جا ڪونئريجا ڄام هئا، جن لسٻيلي ۾ وڃي حڪومت قائم ڪئي. 1742ع کان 1956ع تائين لسٻيلي ۾ سندن حڪومت رهي ۽ منجهائن حڪمران ٿيا.[70] علي شير قانع کين ڀرت جي اولاد ڄاڻايو آهي.[71]
سنگر: اصل ۾ سماٽ آهن. سنڌ جي جوکين سان تعلق رکن ٿا. لسٻيلي کان ايراني ساحل تائين گهڻا رهن ٿا. 15 صدي عيسويءَ ۾ سنڌ کان قلات طرف هجرت ڪيائون. بعد ۾ مشهور بروهي - جدگال جنگ سبب مڪران طرف لڏي ويا.[72] ڪڇي طرف به ٿوري انداز ۾ آباد آهن.
رئيس: سماٽ آهن ۽ لسٻيلي جي ڄامن جا رشتيدار سڏائين، مڪران طرف گهڻي انداز ۾ رهن ٿا. عرب مصنفن کين جت يا جدگال هجڻ جو گمان ڪيو آهي.[73] ڪڇي ۽ سبيءَ جي آسپاس به رهن ٿا.
لوهڙي: عام طور مڱڻهار سمجهيا وڃن ٿا. مڪران جي خطي ۾ گهڻا رهن ٿا. پاڻ کي سرمست چوائين. سندن پيشو شادين مرادين تي دهل ۽ ساز وڄائڻ کان علاوه حجامت، ڊکاڻڪو ڪم ۽ دستڪاري پڻ آهي. سنڌيءَ کان علاوه ٻيون ڪيئي ٻوليون ڄاڻين، جن ۾ سرائيڪي، بلوچي، بروهي ۽ اردو شامل آهن. مخفي طرح ڳالهائڻ وقت ٻولين کي الٽو ڪري ڳالهائڻ جا وڏا ماهر آهن. مثلاً ”چار“ کي ”راچ“[74] ڪارو کي ”راڪو“ وغيره. هي جنهن علائقي ۾ رهن، اتان جي ٻولي ۽ ثقافت کي جلد پنهنجو ڪن. بروهي ۽ بلوچي زبان ۾ لوڙي لنگهن کي چيو وڃي ٿو، ان ڪري لوهڙي مان لوڙي نالو مشهور اٿن. ڪڇيءَ طرف به گهڻا رهن ٿا.
خواجه يا لوٽيا: مڪران جي ساحلي علائقن ۾ گهڻا رهن ٿا. اصل ۾ هندوستان جي صوبي بمبئيءَ کان هن خطي ۾ آيا. آغا خان جي مذهب جا پيروڪار آهن.[75]
نومڙيا: اصل ۾ غير مسلم سنڌي آهن. نومڙيا نومردي پاڻ ۾ نو ڀائر هئا. هي پنهنجي وڏي ڀاءُ ايسپ خان سان راجپوتانا کان نڪري مڪران جي هڪڙي بلوچ سردار وٽ اچي مهمان ٿيا. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان بلوچ سردار ايسپ خان جي بيعزتي ڪئي، جنهن تان ٻين ڀائرن ڪاوڙ ۾ اچي سردار کي قتل ڪري، حب باران ۽ ميله وارين زمينن تي قبضو ڄمائي سنڌي زالون شادي ڪري اتي بيٺڪون جوڙي ويٺا،[76] بعد ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ڏانهن پکڙندا رهيا. نومڙي ۽ نون ڀائرن جي ڪري نومڙيا نالو مشهور ٿيو اٿن.
صابرا: هي اصل ۾ سومرن جي هڪ شاخ آهي. ساراوان، جهالاوان، ڪوهياري ۽ باغبان طرف پڻ رهن ٿا.[77] سندن وڏا سومرن جي دؤر حڪومت ۾ بلوچستان ۾ سڀ کان اڳ لسٻيلي ۾ داخل ٿيا. هن وقت تعداد تمام ٿورو اٿن.
نوحاڻي: نوڌيا يا نوڌ به سڏائين، جيڪي قديم نڌا سلطنت جي باقيات آهن.[78] سندن ڪجهه خاندان ايران ۽ مڪران طرف به رهن ٿا. جتي پاڻ کي نوري سڏائين ٿا. گهڻا نوحاڻي ٽالپرن جي فوج ۾ به شامل رهيا.
چانگ: سماٽ قبيلو آهي. سنڌ کان لڏي اچي بلوچستان ۾ آباد ٿيو. ڪوهستان جي علائقي ۾ حڪومت به ڪيائون. سندن مک حاڪم بارڻ نالي چانگ هو، جنهن جي نالي هڪ علائقو بارن سڏجڻ ۾ اچي ٿو.[79] ڪڇيءَ طرف گهڻا رهن ٿا.
جوکيا: لوئر سنڌ جي ذات آهي، جيڪا نومسلم راجپوت آهي. هي بلوچ ڪنفيڊريسي جا معاون ۽ مددگار هئا. ڪلمتين ۽ بلقتن سان جنگ لڳڻ سبب هو لسٻيلي کي ڇڏي حب ۽ ملير جي وچ واري پرڳڻي ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا.[80] بعد ۾ بلوچستان جي ٻين علائقن ڏانهن به پکڙجي ويا. شاهيزئيءَ مينگلن لسٻيلي جي بلفتن ۽ مڪران جي ڳچڪين سان سندن مائٽي آهي.[81] ان جي باوجود هنن خطي ۾ پنهنجي ٻولي ڪونه ڇڏي. تازي تحقيق موجب جوکيا سماٽن مان آهن.
جکرا: اصل ۾ سماٽ آهن. مادري زبان سنڌي اٿن. سبي ۽ ڪڇي علائقي ۾ گهڻي انداز ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ کين پاٻڙن جي اولاد مان لکيو آهي، جيڪي ’بارڻ‘ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جا حاڪم ۽ سردار رهيا.[82] سخت جنگجو قوم آهي. سندن اولاد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هاڻ پاڻ کي جکراڻي سڏائين ٿا.
هاڙها: اصل ۾ سماٽ آهن. بلوچستان، بلوچن سان رهڻ سبب سندن سردارن کي سردار مڃڻ سبب پاڻ کي بلوچ سڏائين، پر بلوچي ڳالهائي ڪونه سگهن. ٿي سگهي ٿو ته هي اصل ۾ لسٻيلي جي هاڙهي جبل جي علائقي جا هجن، ان ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب کين ’بارڻ‘ جي حملاڻي سرداريءَ جي قبيلي ۾ ڄاڻايو آهي.[83]
پنهڻ: اصل ۾ پنجاب کان هن خطي ۾ آيل آهن. گهرن ۾ سنڌي ڳالهائين زراعت ۽ مزدوري ڪن ٿا. بلوچ سردارن کي سردار مڃڻ سبب بلوچ سڏائين ٿا.
غلام بولڪ: سماٽ آهن. رند بلوچن کي سردار مڃڻ سبب بلوچ سڏائين ٿا. گهرن ۾ سنڌي ڳالهائين ٿا.
مهر: هي خاندان ايران مان نڪري بلوچستان کان ٿيندو پوري سنڌ ۽ هندستان طرف پکڙجي ويو. پنجين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ گپتا خاندان کي شڪست ڏيئي اتر ڪاٺياواڙ تي قبضو ڪيائون. اڃا تائين اتي به آباد آهي.[84] مرزا قليچ بيگ هنن کي نؤمسلم قرار ڏنو آهي.[85] سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جتان بلوچستان طرف آيا. مير علي شير قانع کين لاکي جي اولاد لکيو آهي.[86] دلير قوم آهي. سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائين ٿا. تازي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته اهي اصل ۾ سماٽ آهن. سماٽ جي معنيٰ آهي سمن جو اولاد.
کوکر: اصل ۾ پنجاب کان آيل آهن.[87] سنڌ کان بلوچستان طرف ويل آهن. سنڌي سان گڏ سرائيڪي به گهرن ۾ ڳالهائين ٿا.
سولنگي: هي قوم حڪمران رهي آهي، جنهن مالوا شوراسٽر (گجرات) ۽ ڪوڪن تي صدين تائين حڪومت ڪئي. سنڌ ۾ ماڻڪ سندن رياست هئي. گجرات ۽ ڪوڪن ٻئي سمنڊ جي ڪناري تي آهن، تنهنڪري سولنگي ماهيگيري جي فن جا ماهر هئا. حڪومت وڃائڻ کان پوءِ مڇيءَ جي شڪار جو ڌنڌو اختيار ڪيائون. ان ڪري ماڇي سڏجڻ ۾ آيا. ساحل مڪران ۾ گهڻي انداز ۾ رهن ٿا.[88] رائيچند موجب ڀيلن ۽ شڪارين مان مسلمان ٿيندڙن کي ٿر ۾ ماڇي چيو وڃي ٿو.[89] سنڌ ۾ هيءَ ذات گهڻو ڪري ڪڇي ۾ رهي ٿي. هي هڪ جنگجو ذات آهي. کين سنڌ ۾ ڏڦير به چيو ويندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ڏڦو هڻڻ وارا. نيزي کي سنڌيءَ ۾ ڏڦو چيو ويندو آهي.
مڱڻهار: اصل ۾ فقير قوم آهي. شادين مرادين تي ڳائڻ وڄائڻ جو ڌنڌو ڪن ٿا. هرهڪ قوم ۾ رهن ٿا ۽ اتان جي ٻولي ۽ ثقافت قبول ڪن ٿا.
ڪيهر: هي اصل ۾ سنڌ جا راجپوت آهن. سمن جي دؤر ۾ سنڌ کان هن خطي ۾ اچي آباد ٿيا.[90]
ٻٻر: بلوچستان جي سماٽ قوم آهي. سنڌي ۽ سرائيڪي زبان ڳالهائين. هارپ ۽ مزوريءَ تي گذران ڪن ٿا، پر گزيٽيئر ۾ کين گورڪن قوم سڏيو ويو آهي.[91]
سڌايا: ابو ايراني جي قوم آهي، جيڪو اصل ۾ عرب هو. سندس ڪجهه خاندان لڏ پلاڻ ڪري افغانستان ويا. جتان هو احمد شاهه ابداليءَ سان گڏجي هت آيا. هن خطي ۾ رهي خوشحال ٿيا. اهو احوال ٻڌي ابو ايرانيءَ جو باقي خاندان به جڏهن هت آيو ته هتان جن انهن کي خوش آمديد ڪندي ”سدا آيا“ چيو، جنهن مان علائقي جي محاورن جي فرق سبب اها ذات ”سڌايا“ سڏجڻ لڳي.[92]
خطي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ذاتين کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي سماٽ قومون صدين کان آباد آهن، جن ۾ ڪورار، ڏيٿا، سامت، مهيسر، سرڪي، هڏکري، ڪتريا، موٽيا، سوهو، سريا، چنجڻي، ڪٽبار، ميهه، ڇورا، پيچوها، پيرزادا، شيرازي، پُڙ، لبهي، ڪکل، گورمي، گجر، ايري، رندڙا، ڌِڪڙ، پٻڙ، انصاري، شاپوت، سپر، گهانگهرا، واڄا، گهوٽيا، ڇڄڙا، پسيا، نادڙا، هامبي، رڏ، دهپال، موچي، پلال، پاسارا، پنهيار، بوهڙ، ريٽي، نائچ، سيانچ، سهاڳ، ڪوري، ميڪڻ، ويسر، ڏڱر، شيدي، ڏيئا، ڪانگهيا، ڌرپالي، ڀنگر، سانگي، ابڙا، دايا، چکڙا، ڀيا، ڏندور، ڪيهر، سٻايا، ڀنڊ ۽ گگرا شامل آهن.
رسم و رواج:
سبيءَ جو خطو جيئن ته مختلف قومن جو ڳڙهه رهيو آهي، جن ۾ هندو ۽ سماٽن کان علاوه بروهي، بلوچ ۽ پٺاڻ ذاتيون به شامل آهن، تنهن ڪري ظاهر آهي ته خطي جي رسم و رواج ۽ سنڌ جي رسم و رواجن ۾ ڪجهه فرق ضرور هوندو. تنهن هوندي به سماٽن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڪثريت ۾ هئڻ سبب خطي ۾ سنڌين جا رواج غالب نظر اچن ٿا، پر اهي مختلف قومن جي رسمن کان متاثر ضرور آهن. هي خطو جيئن ته قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهندو آيو آهي، ان ڪري هتان جون غير سنڌي قومون به سماٽن جا ڪجهه رسم و رواج پسند ڪندي، ان تي عمل ڪن ٿيون. طوالت کان بچندي هيٺ مختصر طور خطي جي مکيه رسمن تي مختصر روشني وجهون ٿا.
خوراڪ: هندو برهمڻ شش ڳئون جي گوشت کان سواءِ ٻيو سڀ گوشت کائيندا آهن، پوءِ ڀل اهو مسلمانن جو پاليل ڇونه هجي. تنهن کان سواءِ چم جي پخالن ۾ پاڻي به پيئندا آهن.[93]
گوشت، کير، مکڻ، جوئر، مٽر، چانور، ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهري، چڻا، ٻيون داليون ۽ ڀاڄيون خطي وارن جي عام خوراڪ آهي.[94] گوشت، کير ۽ مکڻ لاءِ چوپايو مال ۽ ڪڪڙيون ڌارين. ان کان علاوه مڇين ۽ پکين جي شڪار تي به گذارو ڪن.
هيٺين علائقن ۾ سنڌ وانگر ٻاڪرو گوشت واپرايو وڃي ٿو، جڏهن ته مٿين علائقن ۾ ريڍو مال وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. مانيءَ کي خمير ڪرڻ بعد پچايو وڃي ٿو. سڪل گوشت (لاندي) به استعمال ڪجي ٿو.[95] بروهي ۽ بلوچي زبانن توڙي سنڌيءَ ۾ ان کي ”خديت“ ۽ ”ٻٽاد“ چئجي ٿو.[96] مڪران علائقي ۾ مڇي کي به سڪائڻ بعد پيهي ماني بچائي کائن ٿا.[97]
خطي ۾ ٻه ڀيرا عام طور ماني کائجي ٿي، پر ڪٿي ڪٿي ٽي ڀيرا کائين ٿا. مٿين علائقن ۾ ته چار ڀيرا به ماني کائجي ٿي. چوٿون ڀيرو ٽپهريءَ جو آهي، جنهن ۾ منجهند جي بچيل ماني چانهه سان کائين ٿا.[98]
قديم سنڌ جي زمين اوج کي رسيل هئي. ماڻهن جو کاڌو ڪڻڪ ۽ جَوَ کان علاوه کجور به هئي. کجور جون ککڙيون کوٽائيءَ ڪندي تمام وڏي تعداد ۾ مليون آهن. هتان جي کجور جو اصل وطن ايراني نارا آهي، جيڪو سنڌ کي ويجهو آهي. اڳي ماڻهو ڳئون، ٻڪري، سور ۽ پاليل پکين جو گوشت کائيندا هئا. دريائي جانورن مان ڪڇون، مانگرمڇ، ڪميون، ٻيون سڪل ۽ تازيون مڇيون به کائيندا هئا، جنهن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته، واديءِ سنڌ جا رهاڪو گوشت کائيندا هئا، بلوچستان جا مڪراني اڄ به مڇين ۽ کجور تي گذران ڪن ٿا.[99] اهڙيءَ طرح مڪران ۽ سنڌ کجور جا مرڪز هئا.[100]
ماني پچائڻ لاءِ توي جو استعمال تمام گهٽ ٿئي. گهرن ۾ تنور جوڙيا وڃن ٿا. توي بدران ٿوٻي تي ماني پچائي وڃي ٿي.[101] ڍوڍو، کير، مکڻ، لسي، سائي ڀاڄي، ساڳ ۽ پليءَ کي نعمت سمجهيو وڃي ٿو. ٻهراڙيءَ ۾ ان شين جو استعمال جام ٿئي ٿو.
منت باسڻ: خطي ۾ منت يا باس باسڻ جو رواج قديم زماني کان جاري آهي. پيرن تي مرد توڙي عورتون شادي، اولاد يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ اڪثر منت باسڻ لاءِ وڃن ٿيون. پيرن جي نالي رڍ، ٻڪري يا ٻيو ڪو جانور خيرات ڪرڻ لاءِ باسيو وڃي ٿو. ٻارن جي جهنڊ منت طور ڇڏي وڃي ٿي.[102] جڏهن اها مراد پوري ٿئي ٿي ته ان ٻار جي جهنڊ ان پير تي وڏي ڌام ڌوم سان لاٿي وڃي ٿي. منت باسڻ کي خطي ۾ سک باسڻ به چيو وڃي ٿو.
ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ زالون ٻارن جي جهنڊ پيرن تي وڃي لهرائينديون هيون.[103] هي رسم اڄ تائين موجود آهي.
مغلن جي ڏينهن ۾ جڏهن ڪو ڀاتي بيمار ٿيندو هو ته پيرن کان دعائون گهرندا هئا ۽ تعويذ ۽ ڌاڳن تي کين اعتبار هو. اها رسم هن وقت به منجهن موجود آهي. ايتري قدر جو بيمار ماڻهن کي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن ڏانهن کڻي وڃڻ بدران پيرن ڏي کڻي ويندا آهن. نذر نياز جون منتون باسيندا آهن.[104]
خطي ۾ تربتن جي درن تي ماڻهن جي وارن جون چڳون نظر اينديون آهن، جيڪي پنهنجي مرادون حاصل ڪرڻ بعد لاهي اتي ٽنگين ٿا.[105] درگاهن کان پري وارا مناسب وقت تي جهنڊ لاهي ڪنهن موقعي سان پيرن تي وڃڻ وقت اتي وڃي خيرات ڪرڻ بعد ٽنگي اچن ٿا. اتي رکيل خاڪ يا مٽيءَ جا ٽڪرا ”خڙدي“ طور متبرڪ سمجهي کائين ٿا، ته جيئن پير جي دعا سان رب راضي رهي.[106]
پيرن تي پڙ وجهڻ به عام رواج آهي. خيرات طور چندو اتي رکيل پيتين ۾ وجهڻ به عام رواج آهي. اتي رهندڙ ڪي موالي مجاور طور اهو پئسو ۽ ڪپڙا پنهنجي نشي پتي ۽ خرچ پکي ۾ کپائين ٿا. خيراتن ۾ ڍور، ڍڳا، رڍون ۽ ٻڪريون به اتي جيئريون ئي ڏيو ڇڏين.
اهڙن مزارن تي مال گهڻو ڪٺو وڃي ٿو. وڏيون وڏيون خيراتون ڪيون وڃن ٿيون، ان ڪري مزارن تي هر وقت ميلي جهڙو سمان لڳو پيو هوندو آهي. پيري مريدي ۽ قبر پرستيءَ جي هن رواج گهڻي ڀاڱي ماڻهن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.[107]
ڪي ماڻهو شادي يا رشتي لاءِ باس باسيندا آهن، پوءِ جڏهن سندن اها مراد پوري ٿيندي آهي، تڏهن رات جو ڄڃ ان مزار تي وڃي منت واري خيرات ڪندي آهي ۽ ڌمال هڻندي آهي.[108] خيراتون ٿينديون آهن ۽ پڙ وجهبا آهن.
ڪي ماڻهو ”سرور“ جي ڍولڪ وڄرائين ”سخي سرور“ ديرا غازي خان ۽ ٻروچ قومن جو مرشد ۽ اولياءُ آهي، تنهنڪري ٻروچ قومون پنهنجي گهرن ۾ سرور هڻائينديون آهن. ٻيون قومون جيڪي ”سرور“ ٿيون هڻائين تن کي ڪابه خبر ڪانهي ته سرور ڇا آهي. فقط سرور جي گهور گهوٽيتيون پاڻ وٽ رکنديون آهن. اها گهور ٻئي ڪنهن مڱڻهار يا ڳائڻي کي ڏيڻي ڪانهي، تنهن ڪري ”سرور“ کي چهٽي پيون آهن. سرور واري رات خاص سرور جو سهرو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ سرور جي مهربانين ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.[109]
طلاق: سياهڪاري، جهڳڙي يا ٻي ڪنهن مجبوريءَ سبب طلاق ڏني وڃي ٿي. طلاق ڏيڻ وقت مڙس زال ڏي ٽي ننڍڙا ڀتر اڇلائي، ٽي دفعا طلاق طلاق طلاق چوي ٿو.[110] بعد ۾ ان عورت کي سندس والدين ٻي جاءِ تي شادي ڪرائي سگهن ٿا.[111] عورت، ثابت نه هئڻ جي صورت ۾ به طلاق ڏجي ٿي.[112] سياهڪاريءَ جي بنياد تي طلاق ورتل عورت پنهنجي آشنا سان شادي ڪونه ٿي ڪري سگهي. شادي ڪرڻ جي صورت ۾ اڳئين مڙس جي اولاد ۽ ملڪيت کان لاتعلق قرار ڏني وڃي ٿي.[113]
مزاج پرسي: ڪنهن رشتيدار جي بيمار ٿيڻ يا ڪنهن حادثي وغيره ۾ زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ مائٽ ان جي مزاج پرسي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مائٽن کان علاوه دوست، عزيز ۽ پاڙي وارا به حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.[114]
بيمار جيڪڏهن غريب هوندو ته ان جي مدد ڪئي وڃي ٿي، ان جي صحتيابيءَ لاءِ دعائون ۽ خيراتون ڪيون وڃن ٿيون.
هٿيار پنهوار:
خطي ۾ قديم زماني کان هٿيار رکڻ لاءِ ڪابه روڪ ٽوڪ ڪونه هئي، ان ڪري اڪثر ماڻهو پنهنجا هٿيار پاڻ ٺاهي، پنهنجو بچاءُ ڪندا هئا. شروع شروع ۾ تلوارون تيار ڪندا هئا. بعد ۾ بندوقن جو رواج ٿيو ته اهي به ٺاهڻ شروع ڪيائون. ڪوهستاني تلوارن علائقي ۾ مشهور آهن. حالو چالو تلوار کي شڪيلو چون.[115] تلوارن کان علاوه ڪهاڙيون ۽ ڀالا بعد ۾ بندوقون ۽ انهن لاءِ بارود به تيار ڪري پنهنجو دفاع پاڻ ڪن. شڪار لاءِ به اهي ئي هٿيار ڪم آڻين. ان ڪري وڏا توبچي ٿين ٿا.[116] سرهه، گڊ ۽ هرڻ سندن اهم شڪار آهن.[117]
ترارن سان گڏ ڍالون به ٺاهين. اڄڪلهه پابندين باوجود ڪيترن وٽ پراڻي قسم جون ترارون ۽ ڍالون موجود آهن.[118]
جانور پالڻ: خطي ۾ جانور پالڻ جو رواج قديم زماني کان مروج آهي، جنهن زماني ۾ هندستان، ايران ۽ يورپ وارا آريا لوڪ ميرو پربت طرف گڏ رهندا هئا. ان وقت کان هي رسم منجهن موجود آهي. هن لاءِ هي ثابتي آهي ته ڳئون لاءِ هڪڙو ئي لفظ اٿن. سنسڪرت ۾ ’گو‘ معنيٰ گانءِ. ان جو انگريزي اُچار آهي ڪو (Cow) ۽ پارسي ۾ ’گاو‘. جيئن راجستاني ٻوليءَ جو لفظ ”گوسائين“ لفظ جي اصل معنيٰ آهي ”گاين جو مالڪ“ پوءِ معنيٰ ٿيس ”سائين، ڌڻي يا حڪم“. تيئن رشيا جي ٻوليءَ ۾ گوسپوڌار (Gospodar) ۽ گوسپو دين (Gospodin) لفظن جي آهي. هن لفظ جي سنسڪرت لفظ ”گو“ بجنسي ڪم آيل آهي.[119]
ڳائي مال کان علاوه هر قسم جا جانور ۽ ڪڪڙيون پاليون وڃن ٿيون. سرڪار طرفان به ڀلي جانورن لاءِ فارم کوليا ويا آهن، ته جيئن ماڻهن جو هي شوق پورو ڪري سگهجي. اوسته محمد ڀرسان خان پور ڳوٺ ۾ ڀاڳناڙي ڪيٽل فارم نالي هڪ وڏو فارم موجود آهي، جتان هي اعليٰ نسل پوري ملڪ ۾ سپلائي ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو ڪڪڙ وڙهائڻ جا به شوقين آهن.[120] ان ڪري ڪڪڙيون تمام گهڻيون پاليون وڃن ٿيون.
فيصلا: خطي ۾ اڪثر فيصلا جرڳي ذريعي ڪيا وڃن ٿا. جرڳي جا ميمبر ۽ چيئرمين حڪومت طرفان مقرر ڪيل هوندا آهن. هي رواج بروهي، بلوچ ۽ پٺاڻن کان حاصل ڪيل آهي، جو پوري بلوچستان ۾ رائج آهي.[121] فيصلا قرآن پاڪ تي ساک وٺي ڪيا وڃن ٿا.
رهائش: ڳوٺن ۾ اڪثر ڪچيون گمب جون ٺهيل جايون استعمال ڪجن ٿيون. ڇت لاءِ پترون، ٽوئا ۽ تڏا استعمال ڪجن ٿا. ڀتين ۽ ڇتين کي بُهه جو ليپو ڏنو وڃي ٿو.[122] ٻٻر، ٻير ٽاري ۽ لئي جا شهتير ۽ پٽيون استعمال ڪجن ٿيون. تمام غريب مَنَهن ۾ گذارو ڪن ۽ ٻاهران لوڙهو ڏيئي ڇڏين.
سرندي وارا پڪيون جايون ٺهرائين، ٻاهران وڏيون ڀتيون يا ڪوٽ ڏيارين ٿا. مهمانن لاءِ الڳ لانڍيون ٺهرايون وڃن ٿيون ۽ جانورن لاءِ الڳ ڇانڊڻ تيار ڪجن ٿا.[123] هندو شهرن جي وچ ۾ جايون ٺهرائي رهن. سبي، ڍاڍر، ڀاڳ، گنداواهه ۽ اوسته محمد علائقي جا وڏا شهر ليکجن ٿا، جتي اڪثر پڪيون جايون آهن.
سياهه ڪاري: زال کي ٻئي ڪنهن غيرمرد سان برو فعل ڪندي پڪڙڻ تي ٻنهي کي قتل ڪيو وڃي ٿو. فورٽ سنڊيمن طرف ڪاري مرد کي پڪڙي سڄو پير يا نڪ ڪپيو وڃي ٿو.[124] ڪيترن ئي علائقن ۾ ماري نه سگهڻ جي صورت ۾ ڪاري عورت کي طلاق ڏيئي ڪاري مرد کان ان جو عيوضو وصول ڪيو وڃي ٿو.[125] سنزه خيل، سوغڙن ۽ مندوخيل پٺاڻن ۾ ڪاري عورت جي عيوض چار عورتون وصول ڪجن ٿيون. ڪجهه خاندانن ۾ ڪارو پنهنجي زال ڏيئي ڪاري حاصل ڪري ٿو.[126]
پرڻي جون رسمون:
خطي ۾ سنڌين جي اڪثريت سبب پرڻي جون رسمون سنڌ جي رسمن جهڙيون ئي آهن. البته ڪٿي ڪٿي بلوچن، بروهين ۽ پٺاڻن جي رسمن جو اثر نظر اچي ٿو، ڇو ته باهمي ميل ميلاپ ۽ اٿ ويهه جو هڪٻئي تي اثر ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.
سڱ ڪرڻ: سنڌ وانگر هن خطي ۾ به اڪثر ڪري ٻار ڄمڻ کان اڳ يا پوءِ ٻه ڀائر، سوٽ، ماسات، ماروٽ يا ڦڦاٽ پاڻ ۾ ويهي رشتو طئه ڪن ٿا. ڪي ڏهن ٻارهن سالن جي عمر کي پهچڻ کان پوءِ رشتا ڪن ٿا، جنهن کي مقامي محاوري ۾ ”سڱ ڪرڻ“ چئبو آهي.
اڪثر رشتا، بدي يعني ڏي وٺ[127] جي بنياد تي ڪجن ٿا. هن طريقي کي مقامي ٻوليءَ ۾ عيوض چيو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ”ٽياڪڙ“ ۾ به سڱ ٿين ٿا، جنهن کي ”ٽيوڙ“ چيو وڃي ٿو. عيوض ۽ ٽيوڙ جي بنياد کان علاوه نياڻين جي قيمت به وصول ڪئي وڃي ٿي.[128] جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ڦلن مُٺ“ چيو وڃي ٿو. هي رواج قديم زماني کان هلندو پيو اچي، جنهن ۾ گهوٽيتا زر، زمين، هاٿي ۽ گهوڙا به وٺندا هئا.[129] ان رقم کي مقامي محاوري ۾ ”لب“ چيو وڃي ٿو.[130] پٺاڻن ۾ ان کي ”ولور“ چيو وڃي ٿو. خطي ۾ هي رواج پٺاڻن کان ورتو ويو آهي، جيڪي وڏي واڪ ڏيڻ وارن کي نياڻيون ڏيئي ڇڏين ٿا.
رنڙ ۽ ڪراڙين عورتن جون نوجوانن سان ۽ نوجوان نياڻين جون ڪراڙن يا اڌيڙ عمر وارن سان به شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. هي رواج به قديم زماني کان جاري آهي. مثلن رامچندر سان شادي وقت سيتا جي عمر 6 سال هئي.[131]
سڱ گهرڻ: عام طور شادين لاءِ مرد جي عمر 20 سال ۽ عورت جي 16 سال سمجهي وڃي ٿي.[132] سڱ گهرڻ لاءِ گهوٽيتا اڳواٽ ڏنل وقت تي ڪنوار جي گهر وڃن ٿا.[133] ڪنوار جي پيءُ ماءُ کي ڪنهن مخفي جاءِ ۾ ويهاري سڱ جي گهر ڪئي وڃي ٿي.[134] سڱ قبول ٿيڻ تي رشتي جي يقيني ڪاميابيءَ لاءِ ان وقت دعا گهري وڃي ٿي، جنهن کي ”دُعاءِ خير“ چيو وڃي ٿو.
پوتي وجهڻ: ٻنهي ڌرين طرفان مقرر وقت تي گهوٽيتا رات جي ماني بعد ڪنوار کي پوتي وجهن ٿا. ان موقعي تي ڪنوار ڪوٺيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گهنڊ ڪري ويهي ٿي. گهوٽيتن پاران مٺائي ورهائي وڃي ٿي. ڪنوار کي منڊي پارائي وڃي ٿي[135] ۽ خرچي ڏني وڃي ٿي. هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون وڃن ٿيون.[136]
پوتي وجهڻ جي موقعي تي ڪٿي ڪٿي دهلن تي ناچ ۽ جهومر ڪئي وڃي ٿي.[137] پٺاڻن ۾ ڪنوار جي ماءُ، گهوٽ جي پيءُ کي هڪ سئي ڏئي ٿي، جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو پيل هوندو آهي. بعد ۾ بندوقن جا فائر ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.[138] مٿين علائقن ۾ ڪنوار جو پيءُ گهوٽ جي پيءُ کي تحفي طور رومال ڏئي ٿو ۽ ڪنوار کي گهوٽيتا چانديءَ جو زيور ڏين ٿا، جنهن کي ”زرنگئي“ چئجي ٿو.[139] ڪنوار ننڍي هجي ته گهوٽيتن کي جوان ٿيڻ تائين ڪپڙا ۽ جوتا ڏيڻا پون ٿا.[140]
ڪي پٺاڻ خاندان پوتي وجهڻ وقت ئي نڪاح پڙهائي ڇڏين ٿا، جنهن کي ”پشه خلاصول“ يعني پير آزاد ڪرڻ چئبو آهي.[141]
مڱڻو: ڪوئيٽا ۾ مڱڻيءَ کي ”ڪوڙده“ ۽ خاران ۾ ”هڏ فروشي“ يعني هڏ ڀڃڻ چيو وڃي ٿو.[142] تاريخ مقرر ڪرڻ بعد گهوٽيتن جي ڄڃ معرفت ڪنواريتن کي سونيون واليون، منڊي، ڦلي ۽ سرندي آهر ٻيو زيور ڏنو وڃي ٿو.[143] ان وقت سهرا ۽ گهور به ٿئي ٿي. ڪنواريتن طرفان گهوٽ کي اجرڪ ۽ نوٽن جو هار ڏجي ٿو ۽ ميندي لڳائي وڃي ٿي. ڪٿي ڪٿي خيرات به ڪئي وڃي ٿي. پٺاڻن ۾ مڱڻيءَ کان پوءِ ٻنهي کي ملڻ جلڻ جي اجازت هوندي آهي.[144]
ونواهه: شاديءَ کان اڳ ڪنوار کي 3، 5، 7، يا 15 ڏينهن لاءِ ونواهه ۾ ويهاريو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن ساٺُ کي ”وناهه“ چئجي ٿو، ڇو ته ”کنو“، ”ونو“ يا ”ونهه“ گهوٽ کي چيو ويندو آهي. اصل لفظ ونهه وهانءُ هو، جيڪو بدلجي ”وناهه“ يا ”ونواهه“ ٿيو آهي.[145]
ونواهه لاءِ ڪنوار کي گهوٽيتن طرفان کائڻ لاءِ سچو گيهه، اٽو، ڏونگي، مصري، بادام، صفائي ۽ سينگار لاءِ روڪ پئسا، صابڻ، ڪيسو ڦل، ڪپ ڪچون زردي، مٺو تيل ۽ ميندي ڏني وڃي ٿي.[146] سمن جي دؤر ۾ ان موقعي تي زالون ڪنوار کي وهنجاري سندس وار گرم کير سان ڌوئي نرم ڪنديون هيون ۽ منهن تي چانورن جو اٽو سفيديءَ سان ملائي مکيو ويندو هو، اکو ٻڌيو ويندو هو.[147] شب عروسيءَ جي پوشاڪ ۾ گلن ۽ ٻوٽن واري قبا پهرائجي، جنهن کي ٻانهون ڪونه ٿين.[148]
سنڌ وانگر ونواهه واري ڏينهن کان شاديءَ واري رات تائين روزانو گهوٽيتن وٽ رات جو گهر ۾ ڳائڻ وڄائڻ ٿئي ٿو.[149] هندن ۾ ان موقعي تي ڏانڊيو ۽ ڏونڪا وڄايا وڃن ٿا.
ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهارڻ لاءِ ست عورتون سندس ڳتيون کولي ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌي ڪوٺي (ڪمري) جي ڪنڊ ۾ پڙڇ لڳائي ويهارين. بروهين ۾ ڳاڙهو پردو لڳايو وڃي ٿو. هن ساٺ کي مقامي محاورن ۾ ”ٻُڪي وجهڻ“ چئجي ٿو.
ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهارڻ کان اڳ گهوٽ کي ٻانهن تي ڳاڙهو ڳانو ٻڌجي، جنهن ۾ ستن قسمن جو اَن جنڊ ۾ ڏارو ڪري وڌو وڃي ٿو. ڪنوار جي هٿ ۾ چاقو ڏنو وڃي ٿو.[150]
جاڳو: شاديءَ کان هڪ رات اڳ گهوٽيتا جاڳو ڪندا آهن، جنهن ۾ ڪنوار کي ميندي لڳائي وڃي ٿي، جيڪا ڄڃ سان اول پنهنجي ڪنهن ويجهي مائٽ جي گهر رکي وڃي ٿي. ان ۾ 15-20 ويهه موم بتيون ٻاري لڳايون وڃن ٿيون. اها ميندي ڄڃ سان ڪا ناچو عورت ناچ[151] ڪندي کڻي هلندي آهي. بچيل ميندي گهوٽ جي ڀيڻ يا پڦيءَ طرفان لِڪ ڇُپ ۾ گهوٽ کي هنئي وڃي ٿي، جنهن کي ”ڳُجهي ميندي“ چئبو آهي.
ڳجهي ميندي ان ڪري هَنئي وڃي ٿي ته جيئن گهوٽ سان دشمني ڪندي ڪو تعويذ يا سنئوڻ وغيره نه ڪري سگهي، ڇو ته بلوچستان جي مٿين علائقن ۾ خاص طور جاڳي واري رات گهوٽ کي تعويذن ذريعي ٻڌو وڃي ٿو، جنهن سبب هو نڪاح ٿيل زال سان شاديءَ واري رات مڙس ٿي ڪونه سگهندو آهي.[152] ڪي مڙس ته سالن تائين ٻڌل رهندا آهن. هي سماجي برائي بلوچستان جي پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌين ۾ بروهين ۾ اڄ به موجود آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوان ڳنڍجڻ وارا خاندان هميشه لاءِ جدا ٿي هڪٻئي جا دشمن ٿي پون ٿا.[153] هاڻ هيٺين علائقن ۾ به هي مرض پکڙجي رهيو آهي.
ٻَڌڻ وارا ان ميندي مٿان تعويذ پڙهائن ٿا. ان کان علاوه نڪاح وقت به تعويذ ڪرايو وڃي ٿو ۽ گهوٽيتن طرفان ڪُٺل جانورن جا آنڊا چورائي انهن کي ابتو ڪندي ڪجهه پڙهي هي عمل پورو ڪن ٿا. هي عمل ڪندڙ ماڻهن کان وڏيون وڏيون رقمون وصول ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ان عمل کي ٽوڙڻ لاءِ گهوٽيتن کي ڪنهن وڏي ملان وٽ وڃڻو پوي ٿو.[154]
ڪاڄ: شاديءَ واري ڏينهن گهوٽيتن طرفان ڪاڄ ڪيو وڃي ٿو.[155] پنهنجن دوستن، عزيزن ۽ برادريءَ وارن کي ڪانڍ ڏيئي گهرايو وڃي ٿو. هي ماني اڪثر منجهند جي وقت ڪئي وڃي ٿي. وڏن شهرن ۾ اڄڪلهه رات جو به ڪئي وڃي ٿي. ڪاڄ جي دعوت ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. پهرين قسم ۾ دعوتي پاڻ ماني کائي وڃن ٿا. جڏهن ته ٻئي قسم ۾ هو گهر وارن لاءِ به ماني کڻي وڃن ٿا. هن قسم جي دعوت کي مقامي محاوري ۾ ”برادري دعوت“ چئجي ٿو. ٻنهي قسمن جي دعوت کائڻ وارا ”پهت“[156] ڏين ٿا. بروهي زبان ۾ ان کي ”بِجار“ چيو وڃي ٿو، جيڪا پئسن کان علاوه جانور ۽ اناج جي صورت ۾ به ڏني وڃي ٿي.[157] ڪي چندي جي صورت ۾ وصول ڪندا آهن.[158]
ڏٺو ويو آهي ته اڄڪلهه عام ماڻهن مختلف حربا استعمال ڪندي هن رسم کي ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته غريب ماڻهو ان رسم کي پهچي نه سگهڻ سبب، پنهنجون نياڻيون جلد اٿاري ڪونه ٿا سگهن، جيڪڏهن ان تي عمل ٿا ڪن ته قرضائي ٿي پريشان ٿين ٿا.
مٿين علائقن ۾ گهوٽيتن کي ڪنواريتن جي مانيءَ لاءِ اڳواٽ رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي.[159] ڪاڄ جو رواج هندن ۾ به موجود آهي.[160] ڪافي عرصو اڳ سنڌ جي هندن ۾ اهو به رواج ڪونه هو، پر اڄڪلهه هو ايترا ته اڳتي وڌي ويا آهن جو نياڻين جي شادين تي به ڪاڄ ڪري (پهت) وصول ڪن ٿا. ڪوهستان جي علائقي ۾ ٽي ڏينهن ڪاڄ ڪيو وڃي ٿو،[161] جتي گهوٽيتن کان پوءِ ڪنواريتا به ڪاڄ ڪن ٿا.
پڙو: شاديءَ واري شام جو گهوٽيتا پنهنجي طرفان گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڏيڻ وارو ڏاج کڻي ڄڃ جي صورت ۾ ڪنواريتن وٽ اچن ٿا، جيڪو ڌمال بعد سڀني کي ڏيکاريو وڃي ٿو.
ان موقعي تي آندل ميندي گهوٽ جي ڀيڻ يا پڦي ڪنوار کي لڳائي ٿي. ان وقت ”ويل گهور“ ڪئي وڃي ٿي.[162] ان سموري عمل کي مڪاني محاورن ۾ ”پڙو“ چئبو آهي. گهوٽيتن جي ڄڃ جي واپسيءَ تي گهوٽ کي ڪنواريتن طرفان ميندي لڳائي وڃي ٿي. ان موقعي تي کانئس ڀوڳ شوڳ ذريعي خرچي وصول ڪئي وڃي ٿي. سندس مقرر ”آنهر“[163] کي تمام گهڻو تنگ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪپڙا ڦاڙيا وڃن ٿا، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”پڙ ڄڃ“ چيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ هن مرد کي ٿوري وقت لاءِ ”آنهر“ چيو وڃي ٿو. هن مرد جي حيثيت ان وقت اهڙي سپاهيءَ جي آهي، جيڪو محافظ دستي جيان سپهه سالار جي اڳيان هوندو آهي[164]. سندس هٿ ۾ چاقو يا اهڙو ڪو ٻيو هٿيار به هوندو آهي. بروهين ۾ ان کي ”وزير“ چيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنوارو هئڻ لازمي آهي.[165]
نڪاح: شاديءَ واري رات ماني کائڻ بعد نڪاح پڙهائڻ لاءِ گهوٽيتا ٻيهر ڪنواريتن جي گهر اچن ٿا، جن ۾ مرد وڌيڪ هوندا آهن. ان موقعي تي گهوٽ کي سينگاري آندو وڃي ٿو. کيتراڻِن ۾ گهوٽ کي ڳاڙهي سٿڻ پارائي آندو وڃي ٿو.[166]
نڪاح کان اڳ ڪنوار کان سندس وارث[167] لاءِ پڇيو وڃي ٿو. نڪاح پڙهڻ کان اڳ آخوند (ملان) گهوٽ کان ڪنوار لاءِ حق مهر[168] مقرر ڪرڻ جي گُهر ڪندو آهي.[169] اقرار بعد ٻه معزز ماڻهو شاهد ۽ انهن مٿان هڪ وڪيل مقرر ڪري ڪنوار کان گهوٽ جي زال ٿيڻ جي قبوليت جو اقرار وٺڻ لاءِ اندر موڪلجن ٿا، جيڪي ٽي ڀيرا اقرار وٺي ٻاهر ويٺل منتظرين کي احوال ڏين ٿا.
اهڙيءَ طرح ڌم پيءُ ۽ حقي پيءُ جي اجازت سان نڪاح پڙهايو وڃي ٿو. بعد ۾ رشتي جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون وڃن ٿيون. مٺائي ورهائي وڃي ٿي ۽ گهوٽ کي هار وڌا وڃن ٿا.
لانوَ وجهڻ: خطي جي مڪاني محاورن ۾ لانو وجهڻ کي ”لانوان“ چئبو آهي. جڏهن ته بروهي ۽ بلوچي ٻولين ۾ ”سرميل“ چئجي ٿو.[170] لانو وجهڻ کان ڪجهه وقت اڳ ٻنهي ڌرين جون عورتون توڙي مرد جُهمر جي زبردست ڌمال لڳائين ٿا. هي سلسلو رات جو هڪ ٻين وڳي تائين جاري رهي ٿو.
رات جي پوئين پهر گهوٽ کي ڪنوار جي ڪوٺيءَ جي در وٽ آڻڻ وقت ڪنوار جون ڀينرون دروازو بند ڪن ٿيون. مٽيءَ سان ڀريل دليءَ جو ڍڪڻ ٻاهران رکيو وڃي ٿو، جيڪو کانئس ڀڃرائڻ مان ان جي بهادريءَ جو پتو پوي ٿو.[171] ڍڪڻ ڀڃڻ وقت گهوٽ تي ڀوڳ وچان پاڻي هاريو وڃي ٿو ۽ ڪجهه خرچي وصول ڪرڻ بعد اندر اجازت ڏجي ٿي. ڄڃ سهرا چوندي ان جي ڪڍ هوندي آهي. ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ شرط گهوٽ ڪنوار کي کڻي ٻئي جاءِ تي ويهاري پاڻ ان جي جاءِ تي ويهي ٿو. ان کان پوءِ هيٺيان ساٺ ڪجن ٿا:
ان وقت گهوٽ وٽ چاقو به ساڻ هوندو آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شهزادا هٿيار به زيب تن ڪندا هئا.[176]
سنڌ ۾: 1. کير پيارڻ، 2. منڌي يا مانڌاڻي جو ساٺ، 3. ڊامڻ لٺڙيون (ڇمڪڻيون) يا وڃڻي جو ساٺ، 4. سونگي باسونگيءَ جو ساٺ، 5. مُٺ کولڻ جو ساٺ، 6. ترمئڻ جو ساٺ، 7. ڦل چونڊائڻ جو ساٺ به ڪيا وڃن ٿا.[177] سنڌ ۾ ”جميمڻ“ به ٻڌو ويندو آهي، جيڪا هڪ قسم جي شاعريءَ واري ڳجهارت هوندي آهي.
بعد ۾ سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڪنوار جي ماءُ اچي ڪپڙي جو هڪ ٽڪر گهوٽ کي امانت طور ڏئي ٿي.[178] هي ڪپڙو ڪنوار جي ثابت هئڻ بابت صبح جو رت سان ڳاڙهو سڀني کي ڏيکاريو وڃي ٿو.
بروهين ۾ ته اهو ڪپڙو ٽي ڏينهن منهَه تي جهنڊي وانگر ٽنگي ڇڏجي ٿو.[179]
جيڪڏهن اڇو ڪپڙو ثابتيءَ طور ڳاڙهو ڪونه ڏيکاريو ويو ته ڪي غيرتمند ٿڏي تي ڪنوار کي اڦٽ ماري ڇڏين.[180] ان ڪري ڪنواريتا توڙي گهوٽيتا اڪثر پنهنجن نياڻين تي ڪرڙي نظر رکن.[181] ثابتي نه ملڻ تي ڪي سماٽ طلاق به ڏيئي ڇڏين. وڏن شهرن ۾ تعليم يافته طبقي ۾ ان قسم جو رواج تمام گهٽ آهي.[182]
صبح جو گهوٽ ۽ ڪنوار کي وڏي ڌام ڌوم سان ڄڃ جي صورت ۾ گهوٽ جي چاچي، مامي يا اهڙي ڪنهن ٻئي ويجهي عزيز جي گهر آندو وڃي ٿو. هڪ ويلو اتي مهمان ٿيڻ بعد گهوٽ جي گهر کين آندو وڃي ٿو.
ٿوڻي ڇڏائڻ: گهوٽ جي گهر داخل ٿيڻ شرط ڪنوار جي ماءُ ڪنوار کي گهر جي ڪنهن ٿوڻي يا ٿنڀي سان بيهاري ڇڏي ٿي ۽ گهوٽ يا ان جي پيءُ کان تحفو حاصل ڪرڻ بعد اتان پري ٿئي ٿي.[183]
ستاوڙو: ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪنواريتا ٻنهي کي پنهنجي گهر آڻين ٿا. ستن ڏينهن تائين ڪنوار جا ويجها عزيز سندن دعوتون ڪن ٿا.[184] ان عرصي ۾ گهوٽ جي ماءُ به ساڻن گڏ هوندي آهي. ڪنوار کي ان موقعي تي خرچيون ڏنيون وڃن ٿيون.[185]
رخصتي: خطي ۾ رخصتي تمام سادي نموني ٿئي ٿي. سنڌ ۾ ان ساٺ کي نکيٽي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪنوار کي مائٽن مان وٺي ڪنهن پنهنجائپ يا لاڳاپيدار جي گهر ۾ رهائي، اتان پنج ساٺ جن ۾ کير پيارڻ، پسارڻ جو ساٺ، منڌيءَ جو ساٺ، وڃڻي جو ساٺ، جن سونگيءَ جو ساٺ ۽ ترمئڻ جو ساٺ ڪري پوءِ گهر آندو وڃي ٿو.[186]
گهران موڪلائڻ وقت ڪنوار توڙي ان جا وارث روڄ راڙو ڪن ٿا.[187] ان وقت اهو روئڻ نياڻيءَ کي عزت ۽ مان سان پنهنجي گهر رخصت ڪرڻ جو مظهر پڻ هوندو آهي.
واسڻ: گهوٽ جي گهر ۾ ڪنوار جي سس ٿوري کنڊ باهه ۾ وجهي ٻنهي کي ان جو واس ڏيندي آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت سان کير کنڊ ٿي هلڻ هوندو آهي. بعد ۾ سهرس ڪنوار کي مانڌاڻي ۽ چاڏي هٿ ۾ ڏيئي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي. اهو ان خيال سان ته جيئن هي گهر وارا مال وند ۽ خوشحال ٿين.
نالو بدلائڻ: لاڙ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جو نالو پاڻ ۾ ملائي استعمال ڪيو وڃي ٿو.[188] جڏهن ته هن خطي ۾ ڪنوار جو اصلي نالو بدلائي پيار منجهان ٻيو ڪو نالو پڪاريو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪنوار به پنهنجي گهوٽ جو نالو بدلائي ٻئي ڪنهن نالي سان سڏي ٿي. جهڙوڪ: سائين، ڀوتار ۽ صاحب وغيره. سنڌ ۾ اڪثر زال ۽ مُڙس هڪ ٻئي کي نالي وٺڻ جي بدران ”اڙي“ ڪري سڏيندا آهن.
ٻار ڄمڻ: پُٽ ڄمڻ تي خوشيون ۽ خيراتون ڪيون وڃن ٿيون ۽ بندوقن جا فائر ڪيا وڃن ٿا.[189] پهريون ٻار ڪنوار پنهنجي والدين جي گهر ڄڻي ٿي، جنهن تي سمورو خرچ وغيره سندن والدين ڪن ٿا، پر خوشين ۾ سڀ شامل ٿين ٿا.
ڇَٺي: ٻار جي ڇٺيءَ جو ساٺ ڇهين ڏينهن تي ڪنوار جي والدين جي گهر ۾ ئي ٿئي ٿو. هن خوشين جي موقعي تي گهوٽيتا به شامل رهن ٿا ۽ پنهنجي ٻار جو نالو هو پاڻ رکن ٿا. ان موقعي تي ڪنواريتن طرف ٻار لاءِ سرنديءَ آهر سون جو تعويذ يا منڊي ڏني وڃي ٿي. ڪي چانديءَ جو پکيئڙو ڏين ٿا، جيڪو سوَڻ طور سندن ڳچيءَ ۾ ٻڌل هوندو آهي.
سماٽ توڙي بلوچن جا نالا قديم زماني جي طرز تي هوندا آهن. مثلن، طوطي، نيلئي، سَمَنڊ وغيره.[190] عورتن ۾ اڪثر نالا بِيبي، خاتون، ناز يا بانو سان شروع يا ختم ٿين ٿا. سنڌ وانگر ڊگهن نالن کي مختصر ڪيو وڃي ٿو. مثلاً: درمحمد ”درو“، پيرمحمد ”پيرو“ وغيره. سماٽ اڪثر سنڌي قسم جا نالا رکن. مثلاً: سونهارو، پنهون، صدورو، الهرکيو، بختاور وغيره.[191] انهيءَ کان علاوه کنگهار، سنگهار، توڳاچي ۽ تماچي وغيره.
سُنت: پٽ جي سُنت[192] ڪرڻ وقت به وڏي پيماني تي تقريبات منعقد ڪيون وڃن ٿيون. جن ۾ جاڳو، ٻُڪي ۽ ڪاڄ شامل آهن. ناناڻن توڙي ڏاڏاڻن طرفان ٻار لاءِ ڏاج، ڪنڍيون ۽ سوکڙيون پيش ڪيون وڃن ٿيون.
منت باسيل درگاهه تي گلن ۽ پئسن جي ورکا ڪئي وڃي ٿي. علائقي جي مقرر حجام[193] کان سنت ڪرائي وڃي ٿي ۽ مقرر لنگها ۽ شرناين وارا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا.
بروهين ۾ لنگها دهل وڄائڻ ۽ ڳائڻ سان گڏ مختلف قسمن جا ناچ به ڪن ٿا، جن ۾ دهل هڪ ڄنگهه جي هيٺان، ڪلهي، مٿي ۽ چيلهه تي رکي ڊانس ڪرڻ شامل آهي. سندس هي ناچ ڏسڻ وٽان آهي، جنهن لاءِ ڳوٺ وارن کي عام دعوت هوندي آهي، جيڪي ان ۾ شريڪ ٿي لطف اندوز ٿيندي لنگهن کي گهور ذريعي خوش ڪن ٿا.
ونگ ڪپڻ: ٻار ٿورو گهمڻ جهڙو ٿيندو ته ”ونگ“[194] ڪپڻ جي رسم پوري ڪبي. ان ۾ ٻار جي ٻنهي پيرن کي هڪ ڌاڳو ٻڌو وڃي ٿو، پوءِ ٻار جو مامو ان ڌاڳي کي وچ کان ڪتري يا ڪپي ٻار کي کڻي ٿورو ڀڄي ٿو. اهو ساٺ اُن ڪري ڪجي ٿو ته جيئن ٻار جلد گهمي سگهي. هن موقعي تي به دهل وڄايا وڃن ٿا ۽ ويجهن عزيزن کي روٽ کارايا وڃن ٿا. عورتون خوشيءَ جا سهرا چون ٿيون.
مرڻي جون رسمون:
خطي جي مڪاني محاورن ۾ موت، بيماري يا ڪنهن حادثي کي غمي چيو وڃي ٿو. غميءَ وقت پنهنجا مٽ، مائٽ، عزيز، دوست ۽ برادريءَ وارا همدرديءَ طور متاثرين جي مدد ۽ دلجوئيءَ لاءِ اچن ٿا. سندن غم ۾ برابر جا شريڪ ٿي همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا.
موتي وقت مرد توڙي عورتون ڪارا ۽ ميرا ڪپڙا پائين.[195] هيٺ مرڻي جي ڪجهه رسمن تي روشني وجهجي ٿي:
وفات: ڪنهن ماڻهو جي وفات وقت سندس مٽ، مائٽ، عزيز، دوست، سنگت، ساٿي، مرد توڙي عورتون گهر اچي ڀيڙو ٿين. مرد ٻاهر ۽ عورتون اندر ويهاريون وڃن ٿيون. گهر اندر عورتون روڄ راڙو ڪن ۽ پار ڪڍي روئن ٿيون.
سماٽن ۾ ٽي ڏينهن تعزيت جو سلسلو هلندو آهي، جڏهن ته بلوچن بروهين ۾ 3 کان 7 ڏينهن تائين هلي ٿو. ان دوران عورتن طرفان مٿي اگهاڙي پوتيون چيلهه سان ٻڌي هر صبح روڄ راڙو ڪيو وڃي ٿو.[196] مرد پٽڪا ۽ ٽوپيون لاهي رکن ٿا.[197]
سوڳوار خاندان لاءِ 3 ڏينهن سندن مائٽ مانيءَ جو انتظام ڪن ٿا. بروهين ۽ بلوچن ۾ به اهو رواج آهي.[198] ان رسم کي ”لنگڙي“[199] چيو وڃي ٿو ۽ اها رسم سنڌ ۾ به موجود آهي.
ڪفن دفن: فوتيءَ کي دفن ڪرڻ جي بندوبست لاءِ هڪدم ويجهن عزيزن، دوستن ۽ پاڙي وارن کي اطلاع ڪيو وڃي ٿو، جيئن وقت سر اچي هو به شريڪ ٿي سگهن. ڪجهه علائقن ۾ هندن وانگر پڙهو به گهمايو وڃي ٿو.
غسل، فاتحه خواني ۽ جنازي نماز لاءِ ملان گهرايو وڃي ٿو.[200] ڪفن لاءِ 16 وال هرک جو ڪپڙو ڪپهه، عطر، گلاب جو عرق، مٽيءَ جا ٻه دلا، صابڻ، ٻه ڪؤنرا ۽ ٻيو سامان آندو وڃي ٿو.[201]
غسل وقت عورتون بلند آواز سان گريه وزاري ڪن ٿيون.[202] جنازي کي قرآن بخشايو وڃي ٿو ۽ ان تي لونگيون، اجرڪون ۽ پوتيون وڌيون وڃن ٿيون. قبر اتر طرف کوٽي وڃي ٿي.[203] ڪي سامي تيار ڪن ته ڪي تختا رکي مٿان مٽي وجهن، ڪي وڻ جون ٽاريون وجهي مٿان مٽي وجهن ٿا.[204]
قبرستان ڏانهن جنازي کي کٽ تي کڻي وڃن. ڪٿي ڪٿي جنازي لاءِ خاص تختن جي ٺهيل ڏولي استعمال ڪئي وڃي ٿي. قبرستان وڃڻ لاءِ هڪڙو رستو ۽ واپس اچڻ لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪجي ٿو.
مڪران جا ميد لاش کي دروازن کان نه لنگهائين بلڪ تڏن جي ٺهيل پردي (ديوار) کي ٽوڙي کڻي وڃن ٿا.[205] ان کان علاوه هن خطي جي رسم وانگر ڀتر يا ڪچي سِر تي ڪلمو مبارڪ لکي قبر ۾ ميت جي منهن وٽ رکيو وڃي ٿو.[206]
عذرخواهي: ميت دفن ڪرڻ بعد گهر پهچي ملان طرفان مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وڃي ٿي، جنهن ۾ سڀ آيل ماڻهو شامل ٿين ٿا. دعا بعد مرحوم جي پيءُ ماءُ يا ڪنهن وڏي کي ”حڪم خدا جو“ چيو وڃي ٿو. جنهن جي جواب ۾ ”هو قبول آهي“ چوي ٿو. عذر خواهي ڪندڙ بعد ۾ عذر طور مرحوم جي وارثن کي خيرات لاءِ ڪجهه رقم به ڏين ٿا.[207] ته جيئن هو مرحوم جي مغفرت لاءِ خيرات وغيره ڪري سگهي.
سوڳوار خاندان کي جيستائين ان جا دوست عزيز ۽ مائٽ عذرخواهي ڪونه ڪن. اوستائين هو انهن جي ڪنهن به خوشيءَ يا غميءَ ۾ شريڪ ڪونه ٿين، ڇوته عذرخواهي نه ڪرڻ وڏو عيب بلڪ زيادتي سمجهي وڃي ٿي. ان ڪري ڪيئي برادريون، مٽيون ۽ مائيٽيون ختم ٿيو وڃن.
سوڳوار خاندان ان مهيني ڪابه خوشي ڪونه ڪن ۽ نه وري ڪو نئون ڪپڙو پائين.[208] ڪي ته پورو سال ان حالت ۾ رهن ٿا. ايتري تائين جو عيدن تي به هو خوشيون ڪونه ڪن.
ٻوليءَ جي وصف:
ڪنهن به زبان يا ٻوليءَ جي وصف جدا جدا علمن ذريعي جدا جدا نموني ڪري سگهجي ٿي. لسانيات جي لحاظ کان ٻوليءَ جي تعريف هن ريت ٿيل آهي:
”زبان خودڪارانه طور تي اختيار ڪيل آوازي علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي تي اثر ڇڏين ٿا ۽ تعلق پيدا ڪن ٿا.[209]
ٻوليءَ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ اسين مشهور آمريڪي لسانيات جي ماهرن بلاخ ۽ ٽرئگر جو هيٺيون خيال ذهن ۾ رکنداسين.
”زبان پاڻ مرادو قبول ڪيل آوازي علامتن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا.“[210]
عام طور تي ٻولي معنيٰ آهي، هڪ ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ تائين پنهنجي اندروني احوال کي پهچائڻ جو ذريعو، ان ڪري لسانيات جي ماهرن آڏو ٻوليءَ جي تعريف پڻ سماجي گروهن سان رابطي رکڻ جو ذريعو آهي.
ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ اسين انساني سماج جي ٻوليءَ ۽ حيواني ٻوليءَ ۾ واضح فرق محسوس ڪري سگهون ٿا، جيئن ته جانور به ٻولي ڳالهائين ٿا، پر اهي ٻوليون صرف سندن تنوارون يا ٻاڪارون هونديون آهن ۽ هڪ ٻئي قسم جا جانور يا پکي هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ٿا، پر انساني سماج ۾ مختلف خطن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
ٻولي جيئن ته هڪ سماج جي ريتن رسمن، تهذيب ۽ تمدن جي ترجمان پڻ ٿئي ٿي، ان ڪري ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ مذڪوره شين جو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. اهڙيءَ ريت ئي ڪنهن به ٻوليءَ جي قدامت ۽ ساخت کي معلوم ڪري سگهبو آهي.
رولف لنٽن ان سلسلي ۾ لکي ٿو:
“What the anthropologist calls culture, the mass of behaviour that human beings, in any society learn from their elders and pass on to the younger generation”[211]
ان ڪري ڪنهن به قومي تهذيب يا ثقافتي ورثي کي سمجهڻ لاءِ مادي شين يا غير مادي شين جو اڀياس ۽ انهن جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو وٺڻ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي.
نيلسن فرنيس لکي ٿو: ”ٻولي رواج ۽ روايت جو ٻيو نالو آهي“.[212] هو وڌيڪ لکي ٿو، ٻوليءَ ۾ آواز ته گهڻا ٿين ٿا، پر انهن جي جوڙجڪ خاصي مونجهاري واري آهي. انهن ٿورن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو ماڻهو سوين بلڪ هزارين لفظ ٺاهي سگهي ٿو. هن بنيادي ٻوليءَ کي تمام وڏو ۽ گهڻ پٽاڻو مانڊاڻ (complex) چئي سگهجي ٿو.[213]
انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا موجب، ”وڏو مطلب وٺجي ته ٻولي انسانن جي وچ ۾ هڪ اظهار جو ذريعو آهي، پر جي ٻوليءَ جو سڌريل پهلو ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته ٻولي سڌي سنئين هڪ انساني خصوصيت آهي، اها خصوصيت انسان جي امتيازي خصوصيت آهي.“[214]
زبان مان نه صرف قوم جي ثقافت جو پتو پوندو آهي، مگر ان جو ماضي به معلوم ٿيندو آهي. سندس تاريخي دورن جا آثار ۽ اهڃاڻ سندس ٻوليءَ ۾ سانڍيل هوندا آهن. مثلاً: سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان صاف ظاهر آهي ته اسان سنڌي ويدڪ، آرين، ايرانين، يونانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن جا غلام رهيا آهيون. اسان جو تعلق سميرين، سٿين، راجپوتن، پٺاڻن ۽ بلوچن سان رهيو آهي. ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي تاريخن ۾ ٽنبي سگهجن ٿيون، مگر ٻولي قوم جي سچي تاريخ جا اهڃاڻ ٻڌائي ٿي سگهي. انهيءَ بنا تي سر جان مارشل لکيو آهي ته تاريخون درست ڪرڻ گهرجن.[215]
وليم لابوف ٻوليءَ جي وصف بابت لکي ٿو:
“Language is a form of Social behaviour”.[216]
پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي لکي ٿو:
”زبان يا ٻوليءَ بابت هيئن به چئي سگهجي ٿو ته اها انسان جي انهي بامعنيٰ آوازن جو اظهار آهي، جي سندس منهن مان نڪرن ٿا ۽ جن جي ٻڌڻ سان سندس سماج جا ٻيا ماڻهو ان مان مطلب ڪڍي سگهن ٿا.“[217]
اهوئي سبب آهي جو انسان ذات کي حيوان ناطق سڏيو ويو آهي، ناطق جي معنيٰ آهي ڳالهائيندڙ يا گفتگو ڪندڙ. ان گفتگو ذريعي پنهنجي مطلب کي ٻئي جي سمجهه ۾ آڻيندڙ انسان ذات کان علاوه ٻيا به ڪي حيوان آهن، جيڪي انساني ٻولي سکي سگهن ٿا. جهڙوڪ: طوطو ۽ مينا. مگر منجهن اها اهليت ناهي جو ڪنهن ڳالهه يا شيءِ بابت انسان سان گفتگو ڪري سگهن.[218]
ييسپرسن چئي ٿو ته:
”هڪ قوم جي ٻولي عادتن جي هڪ تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي ان قوم جا فرد هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جا عادي ٿي وڃن ٿا.“[219]
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:
”اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي مدد سان توهان معلوم ڪريو ٿا ته توهان جو ڊاڪٽر، توهان جو استاد، توهان جو بزرگ توهان جو مرشد ۽ پڻ توهان جو دشمن توهان کي ڇا ٿو چوي، توهان جو ريڊيو ۽ ٽي. وي سيٽ توهان سان ڳالهائي ٿو، توهان جيڪا فلم ڏسو ٿا، تنهن جو هيرو ۽ ولين توهان سان ڳالهائين ٿا.“[220]
هر ٻوليءَ جي هي خاصيت آهي ته هڪ جاندار شيءَ وانگر پيئي گهٽي، وڌي ۽ تبديل ٿئي، جنهن ۾ اندروني اسبابن کي ايڏو دخل ناهي، جيڏو بيروني سببن کي آهي. انهن مان وڏي ۾ وڏو سبب سماجي انقلاب آهي. ٻوليءَ جو نمونو بلڪل ائين آهي، جيئن شطرنج جي راند.[221]
قومن يا سماجي گروهن جي ثقافت ابتدائي مرحلي تي ٿي سگهي ٿي. مگر اهڙي حالت سندن زبان جي ناهي. دنيا جي زبانن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته، سٽاء جي لحاظ کان ٻوليون ثقافت جي مختلف مرحلن تي به ساڳيون پئي رهيون آهن. ٻولين مرندي گهڙيءَ تائين پنهنجي بنيادي سٽاءَ کي نه بدليو آهي. اهي قومون جيڪي تهذيب جي بنهه پهرين پد تي پهتل آهن، تن جون ٻوليون صوتيات توڙي گرامر جي لحاظ کان ترقي ڪيل قومن جي ٻوليءَ کان گهٽ منظم ۽ گهٽ پيچيديون نه آهن.[222]
پيئرسن سمٿ تان نقل ڪندي پوٽر لکي ٿو:
”انساني ٻولي عوامي پيداوار آهي. اها نه عالمن جي پيداوار آهي ۽ نه استادن جي. عالم ۽ استاد نه رڳو ٻوليءَ کي شاهوڪار بنائين ٿا، پر ٻوليءَ کي سينگاري ٺاهي، ادبي ٻوليءَ جي حسن جو گل بنائين ٿا، پر ٻوليءَ جون اهم ترين مکڙيون انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿين ٿيون، جيڪا پنهنجو پاڻ اڀري ۽ وڌي آهي ۽ ان جون پاڙون زمين ۾ آهن، جيڪا ڪنهن به هڪ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اهائي زمين آهي، جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي ۽ غذا وٺڻ گهرجي، ٻي حالت ۾ تاريخ جي سفر ۾ اها به انهن ٻولين جيان مري ويندي، جيڪي پنهنجي عام رواجي حالت کان ڇڄي ڌار ٿين ٿيون.“[223]
هڪ ٻي راءِ هيٺ نقل ڪجي ٿي:
”انسان زمين تي انهيءَ مخلوق جو نالو آهي، جيڪا زبان جي مالڪ نه آهي پر خود ٻولي آهي.“[224]
الفريڊ ڪوهن لکي ٿو:
”سوال رڳو اهو نه آهي ته ٻولي اسان کي ٻين جي تجربن مان ڪجهه وٺي ڏي ٿي. سوال اهو به نه آهي اسان پنهنجو تجربو رڳو ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين پهچايون ٿا. برابر تجربي جي منتقليءَ ۾ به ٻولي وڏو ڪم ڪيو آهي، پر ٻوليءَ جو اڃا به وڏو ڪم اهو آهي ته ٻولي پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ وڏو تجربو ۽ علم سمايو ويٺي آهي. رڳو هڪ اهو خزانو هٿ ڪرڻ ئي انسان لاءِ ايترو فائدي وارو آهي جو ڄڻ اسان ڪو وڏو علم پرايو آهي.“[225]
جيئن زبان ڪنهن سماجي گروهه ۾ ئي زندهه رهي سگهي ٿي ۽ اهو سماجي گروهه زبان لاءِ تمام ضروري آهي. تيئن زبان به ڪنهن سماجي گروهه لاءِ لازمي شيءِ آهي. ڇوته ڪوبه سماجي گروهه زبان کان سواءِ ترقي ڪري ڪونه ٿو سگهي؛ ان ڪري هرهڪ سماج پنهنجي سڀني معاشي سرگرمين ۾ زبان وسيلي ئي اڳتي وڌي سگهي ٿو.
دنيا جون اڪثر قومون پنهنجن پنهنجن ٻولين جي لحاظ کان هڪٻئي کان جداگانه حيثيت رکن ٿيون ۽ ڪي قومون ته ٻولين جي نالن سان قائم آهن ۽ انهن ئي نالن سان پنهنجو الڳ سماجي گروهه جوڙي نامدار ٿين ٿيون، پر ڪن ملڪن ۾ ته اتان جي مختلف ٻولين ڳالهائڻ واريون ننڍيون قومون به پنهنجي ٻولين جي نالن سان سڏجن ٿيون، جيڪي سواءِ ڪنهن متڀيد ۽ جهيڙي جهڳڙي جي هڪٻئي سان گڏجي هڪ سماجي گروهه ۾ رهن ٿيون.“[226]
مثلاً: ايران ملڪ جي صوبي بلوچستان ۾ نه صرف فارسي ڳالهائيندڙ موجود آهن، بلڪ بلوچي، بروهي ۽ پشتو زبان ڳالهائڻ وارا به موجود آهن. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن کان سواءِ سرائيڪي، اردو، بروهي، بلوچي ۽ پشتو زبان ڳالهائڻ وارا به موجود آهن، جيڪي هڪ ئي سماجي گروهه جي حيثيت رکن ٿا.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو:
”ڪنهن قوم ۽ ملڪ جي مادري ٻولي، ان قوم لاءِ آرسيءَ سمان آهي، جنهن ۾ ان قوم جي سماجي زندگي ۽ سڀيتا جو اولڙو ۽ عڪس نظر ايندو آهي، ٻولي ملڪ جي ماڻهن جو اهڙو هٿيار ۽ ذريعو هوندي آهي، جنهن سان قوم جو هر فرد پنهنجن احساسن، امنگن توڙي لاڙن ۽ ضرورتن کي بيان ڪري سگهي ٿو.“[227]
ٻوليءَ جي وصف بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:
”زبان خيالن جي اظهار جو وسيلو آهي.“[228]
پر ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
”جديد لسانيات جا ماهر ان وصف کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.“[229]
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هن سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”ڳالهائڻ کان سواءِ اشارن ۽ رمزن، مهميزن ۽ ميڇن سان به اظهار ٿي سگهي ٿو.“[230]
ٻوليءَ جي عمل جو به هڪ مقصد ٿئي ٿو. اهو مقصد آهي ته هڪ انسان پاڻ جهڙين ٻين انسانن سان ذهني طور لاڳاپي ۽ لهه وچڙ ۾ اچي، پر انسان کي هروڀرو ايئن سمجهڻ نه گهرجي ته ٻولي هڪ ذهني وسيلو آهي، جنهن سان خيال منتقل ڪري سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ وارن جي گفتگوءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن وٽ ڳالهائڻ جو مقصد هروڀرو خيال ڏيڻ نه آهي، جنهن جو مطلب هي ٿيو ته هو هروڀرو ڪا معنيٰ منتقل ڪرڻ نٿا چاهين؛ بلڪ خود هيءَ غير مقصديت واري عملي چرپر به ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجي ٿي.[231]
ٻولي خاص انساني عمل آهي ۽ اهو خيالن، جذبن ۽ خواهشن جي اظهار جو هڪ غير جبلتي طريقو آهي، پنهنجي انهيءَ ڪم جي لاءِ ٻولي اهڃاڻن جي هڪ خودساخت سرشتي کان مدد وٺي ٿي، جنهن شيءِ کي اسان ٻولي ٿا چئون، سا ته اهڃاڻن جو هڪ وڏو هٿرادو ۽ خود ساخته سرشتو آهي.[232]
هڪڙي لحاظ کان ٻولي آداب ۽ شعبي جيان هڪ سرشتي جو نالو آهي. ٻولي انساني ڪارڪردگيءَ جو تمام اهم حصو آهي، جيڪو روايت ۽ ڪلچر تحت رهي ٿو.[233]
حقيقت ۾ انساني اظهار جو ذريعو صرف زبان نه بلڪ هٿ، پير، مٿو، اکيون به ذريعي جي حيثيت رکن ٿيون، جن وسيلي انسان پنهنجي خيالن جو مڪمل طور اظهار ڪري سگهي ٿو. گونگا ۽ ٻوڙا پنهنجن هٿن پيرن، توڙي مٿي ۽ اکين جي مدد سان به پنهنجي دل جو راز ٻين تائين پهچائين ٿا ۽ انهن عضون کي زبان بدران استعمال ڪن ٿا.
ان سلسلي ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي لسانيات جي ڪتابن جي حوالي سان مختلف ماهرن جا هيٺيان ست نظريه پيش ڪيا آهن:
انهن نظرين جي وضاحت ڪندي هو لکي ٿو ته: انسان منڍ ۾ حيوانن جي آوازن ۾ نقل ڪرڻ سکيو هوندو. هن آوازن ۾ ڪتي جي ”ڀئون ڀئون“ ٻليءَ جي ”ميائون ميائون“ ۽ ڪانءَ جي ”ڪانءَ ڪان“ جا آواز سکيو هوندو. اهڙيءَ طرح ٻين نظرين مان انسان خوشي ۽ غم جي موقعي تي؛ هو، ها، هي. سڏ ڪرڻ لاءِ گهنڊ جو آواز وڄائڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ وقت گونگن وانگر هٿن، پيرن، مٿي ۽ اکين سان اشارا ڪرڻ، سر ۽ ڳائڻ جهڙي ڊگهي آواز ڪڍڻ ۽ باهمي ميل جول ذريعي رڙيون يا سڏ ڪري آواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ذريعي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هوندو.[235]
ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان اهم سوال هي آهي ته ٻولي هڪدم هڪ ئي دفعي سان وجود ۾ آئي يا بتدريج آهستي آهستي، جاين جي تبديلي يا ڦيرن گهيرن سان سڌرندي موجوده صورت اختيار ڪئي.
هن سلسلي ۾ ايرڪ لينيبرگ جو رايو آهي ته: ٻوليءَ واري قوت، انسان ذات کي هڪ خاص ڏات طور عطا ٿي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪوبه دماغي طور اپاهج انسان (vata rate human being) ٻولي سکي ڪونه سگهندو يا جيڪڏهن اهڙن ماڻهن مان ڪو ڀڳل ٽٽل ٻولي ڳالهائي سگهندو هوندو ته صوتي صرفي لحاظ کان هو سؤ في صد صحيح نه ڳالهائي سگهندو. لينيبرگ جو خيال آهي ته: ٻوليءَ جو وجود انسان ذات جي وجود سان شروع ٿيو آهي. هت اهو عرض به ڪري ڇڏجي ته دماغي طور ماڻهو اپاهج تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن سندس تنتي سرشتو ڪم ڇڏي ڏيندو آهي. جيڪڏهن دماغ جون تنتون زبان کان ڪٽيل هونديون ته اهو ماڻهو گونگو ٿي ويندو آهي. البته اڄڪلهه دماغ جي تنتن جي آپريشن ذريعي تنتون زبان سان ڳنڍيون وينديون آهن ته اهو ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي.
هن نظريي تي غور ڪبو ته اهو اسان کي سڀني نظرين کان وڌيڪ صحيح ۽ وزندار لڳي ٿو، ڇوته انسان ذات جي شروعات حضرت آدم عليه السلام کان ٿي آهي، جنهن سان قدرتي طرح پيدا ڪندي ئي ڳالهائڻ جي ڏات عطا ڪئي ويئي ۽ رب پاڪ طرفان ساڻس گفتگو ڪندي ڪڻڪ جي وڻ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. (ڏسو قرآن شريف).
بهرحال اشارن سان ڳالهه ڪرڻ ۽ جسماني حرڪتن سان ڪو مفهوم ادا ڪرڻ ڪنهن وقت لسانيات جي علم ابلاغ جي حدن کان ٻاهر هئا. اڄڪلهه جسماني ٻولي (باڊي لئنگئيج، مٽيا لئنگئيج ۽ پئرا لئنگئيج جا مطالعا نفسيات، لسانيت، علم ابلاغ جي حدن اندر اچي ويا آهن.“[236] انهيءَ کان علاوه چهري جا تاثرات به ڳالهائيندا آهن، جنهن کي Facial expressions چيو ويندو آهي. اهو به هڪ ٻوليءَ جو قسم آهي.
مٿين بحث مان معلوم ٿيو ته انساني زبان اڪيلي سر خيالن جي اظهار لاءِ ڪافي نه آهي، بلڪ ان کي وڌيڪ واضح ۽ چٽو سمجهائڻ لاءِ جسم جي ٻين عضون کان به مدد وٺڻي پوي ٿي.
هن دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ هر انسان پنهنجي سماج جو هڪ جزو هوندو آهي ۽ انهيءَ سماج ۾ هو ٻين انسانن سان پنهنجي زبان جي ذريعي لڳ لاڳاپو رکي ٿو. ان سان هو پنهنجا سماجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇوته زبان کان سواءِ ڪنهن به انساني معاشري کي سمجهڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي. زبان ذريعي ئي هڪ انسان جي پڇڻ تي ٻئي انسان جي وراڻي ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو زبان کي تهذيب ۽ ثقافت جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو.
لسانيات جي ماهر بلوم فيلڊ لکيو آهي: ”هرڪا قوم زبان جي عمل سان ٿي بڻجي.“[237]
سر ايڊورڊ لکي ٿو:
”ٻولي انسان جو محض غير جبلتي يعني سکيل يا حاصل ڪيل طريقو آهي، جنهن سان انسان اهڃاڻن جي وسيلي خيال جذبا ۽ خواهشون ٻين تائين پهچائي ٿو.[238]
شيلي لکي ٿو:
”ٻوليءَ جي وصف هيئن به آهي ته اها عادتن جو هڪ سيٽ آهي، جيڪو هر ماڻهو ٻالجتيءَ ۾ ئي پنهنجي ٻوليءَ جي قوميت مان سکي ٿو. عادتن جو اهو سيٽ ڪِن. خاص آوازن جي پيدا ڪرڻ مان ٺهي ٿو. انهن خاص آوازن کي فونيم (Phonems) ٿو چئجي. اهي فونيم وري ٻوليءَ جي ٻين سرشتن مورفيم (morpheme) جي صورت وٺن ٿا.“[239]
جيئن ڪابه زبان هڪ قومي ثقافت جو اهم جزو آهي، بلڪ بڻ بنياد آهي، تيئن انهيءَ ثقافت جو آئينو پڻ آهي. سندس لفظن جو ذخيرو ۽ انهن جي استعمال جو طريقو ٻڌائيندا آهن ته سندس ڳالهائيندڙن جي قومي ثقافت ڇا آهي. منجهن ڪهڙا علوم ۽ فنون رائج آهن. سندن ريتون رسمون ۽ قائدا قانون ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيتري قدر پنهنجا لفظ ۽ ٻين کان اڌارا ورتل آهن؟ سندن دلي ۽ ذهني ڪيفيت ڪهڙي آهي؟ مطلب ته ڪنهن قوم جو ثقافتي سرمايو سندن زبان مان ظاهر ٿيندو آهي.[240]
ان ڪري ڪنهن انساني معاشري جي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ ان جي زبان جو مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇوته قومن جا طور طريقا ۽ اٿڻي ويهڻي انهن جي زبانن مان ئي معلوم ڪري ٿي سگهجي.
زبانن مان قومن جي نه صرف ثقافت جو پتو پوي ٿو، بلڪ انهن جي ماضي ۽ حال جو احوال به ملي سگهندو آهي. زبانن ۾ قومن جي تاريخي دؤرن ۽ تهذيب و تمدن جا آثار نظر ايندا آهن. زبان جي معرفت ئي قومون دنيا ۾ ترقي ڪري ٿيون سگهن. جيستائين ڪنهن قوم جي زبان ترقي ڪونه ٿي ڪري، ايستائين اها قوم ترقي يافته سڏجي ڪونه ٿي سگهي.
زبان کان سواءِ قلم جي نوڪ مان نڪتل لفظ به ٻوليءَ ۾ شمار ٿين ٿا ۽ ڪيترا وات مان نڪتل آواز ٻوليءَ جو حصو ٿي ڪونه ٿا سگهن.
ٻوليءَ جي وصف بابت ماڻهن جي عملي کوجنائن کان وڌيڪ اهم ته ماڻهن جو اهو رڪارڊ آهي، جيڪو ماڻهن جي خيالن، نظرين ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقن جو آهي. ڪابه تاريخ اهڙي دلچسپ ۽ اهم نه آهي جهڙي انسان جي روح جي انهيءَ تاريخ کي هڪ وٿ value ۽ هڪ مقصد آهي ۽ اها تاريخ انسان کي لفظن جي اڀياس مان ملي ٿي، جنهن جو مقصد آهي، انهيءَ تاريخ کي سمجهائڻ ۽ ان کي ڪنهن واضح پس منظر ۾ رکڻ.[241]
ٻولي ان وقت ٺهي ٿي، جنهن وقت اسان شخص (person) ٿياسون ۽ اسان انسان واري انهي تهذيبي منزل تي پهتاسون، جنهن جي خصوصيت آهي.[242]
ٻولي جمالياتي عنصرن جي هڪ نموني ۾ صوتياتي عنصر، موزونيت وارا عنصر، اهڃاڻوي عنصر ۽ ٻوليءَ جي جوڙجڪ وارا عنصر شامل آهن. هي سڀ عنصر اهڙا آهن، جو اهي هر ٻوليءَ ۾ جدا ٿين ٿا ۽ ڪن به ٻن ٻولين ۾ هڪجهڙا ڪونه ٿين ٿا.[243]
نتيجا:
مٿين بحث مان اسان کي معلوم ٿيو ته ٻولي نه صرف وات مان نڪرندڙ ڪنهن مطلب ذريعي آوازن کي چئي سگهجي ٿو، بلڪ ڪنهن مقصد ۽ مفهوم کي واضح ڪرڻ ۽ پنهنجن معاملن توڙي مسئلن کي ٻين تائين پيش ڪرڻ لاءِ جسم جي مختلف حصن کان به ڪم وٺڻو پوي ٿو، جنهن ۾ قلم جو استعمال سڀ کان اهم حيثيت رکي ٿو، جنهن ذريعي قومن جي تاريخ ۽ جاگرافي، علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، رسم ۽ رواج، مطلب ته زندگيءَ جي هرهڪ پهلو تي روشني وجهي، پنهنجي مقصد کي پري پري تائين پهچائي سگهن ٿيون.
ان کان علاوه اڄ جي سائنسي دؤر ۾ فلم، ريڊيو، ٽي. وي، ٽيپ رڪارڊر، وڊيو، ٽيليپرنٽر، ڪمپيوٽر، سگنل ۽ مصوري به ٻوليءَ جو حصو سمجهيا وڃن ٿا. جن ذريعي انسان پڙهڻ لکڻ، سمجهائي ۽ سيکاري سگهجي ٿو. بلڪ لفظن ۽ شڪلين ذريعي فن ۽ فڪر، مزاح ۽ محبت، دانهن ۽ للڪار، همدردي ۽ خلوص جو اظهار به ڪري سگهجي ٿو. پراڻي زماني ۾ دُهلن جا ٺيڪا، جبل تي ٻاريل مچ، وڻن تي ڏنل وڍ، ويران علائقن ۾ ٻوٽن تي ٻڌل اڳڙيون ۽ پيرن جا نشان به ٻوليءَ طور ڪم ايندا هئا. موجوده وقت ۾ جهنڊا، روڊن تي لڳل نشان ۽ سگنل وغيره ٻوليءَ طور ڪم ايندا آهن.
غور ڪبو ته اهي سڀ شيون انسان پنهنجي وجود جي اظهار لاءِ ذريعي طور استعمال ڪري ٿو. حقيقت ۾ جنهن شيءِ کي سائنس يا ڪو علم چئجي اها به انساني گويائي جي هڪ حصي جي حيثيت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته قوت گويائي يا اظهار جو وسيلو ٻولي هوندي آهي، ان ڪري هر انسان لاءِ ٻولي ٻين سڀني معاملن کان وڌيڪ اهم آهي.
لساني جاگرافي:
ٻوليءَ جي وصف سمجهڻ کان پوءِ اسين لساني جاگرافي جي مطالعي سان ڏسنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته، ٻولي جنهن مخصوص ايراضي اندر ڳالهائي وڃي ٿي ۽ مخصوص لفظي ۽ محاوراتي تبديلين (variables) جو سبب بڻجي ٿي، تنهن کي علم السان ۾ لسانياتي جاگرافيءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. لساني جاگرافيءَ جي مطالعي لاءِ ڪنهن به ٻوليءَ جي ڄاتل سڃاتل حدن اندر مختلف ايراضين يا علائقن ۾ يا مختلف سماجي پنگتن ۾ موجود انهن آراڌاين يا اختلافن جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جيڪو اڀياس واري دؤر ۾ مطالعو ڪندڙ کي ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
مڪ ڊيوڊ جي وصف موجب، ”لسانيات جي اها شاخ جيڪا ڪنهن ٻوليءَ جي اهميت ايراضيءَ (جي حدن) اندر (موجود) فرقن سان واسطو رکي، ان کي لنگئسٽڪ جاگرافي يا ڪڏهن ڪڏهن ڊاياليڪٽالاجي سڏجي ٿو.[244]
پروفيسر جتوئي علي نواز حاجن خان لسانياتي جاگرافيءَ جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
”هر زبان کي هڪ ملڪ ٿيندو آهي، جنهن جي گهٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا ڀاڱن ۾ هوندا آهن، جن مان هرهڪ کي اتان جي ٻوليءَ جي مقامي لهجي کي Dialect سڏبو آهي.[245]
هرهڪ ملڪ ڪيترن ئي ثقافتي ۽ سياسي دؤرن مان گذرندو آهي، جڏهن ڪو ملڪ غلام ٿيندو آهي ته اتان جي زبان حاڪم قوم جي زبان کان متاثر ٿيندي آهي، جيڪڏهن حاڪم قوم گهر ڪري ويهندي آهي ته پوءِ جيڪي بستيون اها قوم اتي وسائيندي آهي، تن بستين ۾ مقامي ٻولي ۽ حاڪمن جي ٻولي ملي هڪ نئين ٻولي پيدا ڪنديون آهن، جنهن ۾ حاڪمن جي ٻوليءَ جا اثرات چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
جيڪڏهن حاڪم قوم گهڻائي ۾ هوندي آهي ته ان جي ٻولي اتي رائج ٿي ويندي آهي ۽ مقامي ٻوليءَ کان متاثر ٿي نئون لهجو پيدا ڪندي آهي، جيڪڏهن حاڪم قوم ٿوري تعداد ۾ هوندي ته سندن زبان درجي بدرجي ختم ٿي ويندي آهي يا رڳو گهرن اندر باقي رهندي آهي، جڏهن ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي بنياد تي ڌارين ٻولين جي جُزن کي تبديل ڪندا آهن. تڏهن اهڙي تبديليءَ جي بنياد کي هيٺيون طبقو (substraum) سڏبو آهي، پر جي ڌارين ٻوليءَ جي جُزن جي بنياد تي پنهنجي ٻوليءَ کي تبديل ڪن، تڏهن اهڙي بنياد کي مٿيون طبقو (super straum) سڏبو آهي. پاڙي واري ٻوليءَ جي قبول ڪيل بنياد کي گڏيل طبقو (Ad straum) سڏبو آهي.[246]
ساڳي ئي زبان مختلف محاورن ۾ ڳالهائڻ ڪري، انهن ماڳن، خطن ۽ مڪانن کي لساني جاگرافيءَ جي دائري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ويبسٽر پنهنجي ڊڪشنريءَ ۾ لساني جاگرافيءَ جي وصف هيئن ڪري ٿو:
“Linguistic geography, local or regional variations a language or dialect studied as a field of knowledge, is also called dialect geography”[247]
ٻوليءَ جي انهيءَ ڦيرڦار ۽ محاورن جي اختلاف جي حد جتان شروع ٿئي ٿي، انهيءَ کي لساني جاگرافيءَ جي حد ۽ محاوري کي مقامي ٻولي يا اپڀاشا چيو ويندو آهي. هرهڪ زبان کي مختلف محاورا هجڻ هڪ فطرتي امر آهي، ڇوته هرهڪ زبان ٻئي زبان سان سرحدي هوندي آهي. ان سرحد کي لساني جاگرافيءَ ۾ شامل ڪري ٿو سگهجي. اهڙيءَ طرح انهيءَ سرحد جي وچ ۾ جيڪڏهن آمد و رفت جو سلسلو وڏن پهاڙن ۽ جبلن سبب بند آهي يا بلڪل گهٽ آهي ته ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي کان متاثر ڪونه ٿينديون ۽ پنهنجي لساني جاگرافيءَ جون حدون ظاهر ڪري بيهنديون، پر جيڪڏهن ڪابه رڪاوٽ ڪونه هوندي ته پوءِ لازمي طرح سرحدن جي آسپاس ٻنهي ٻولين جو اثر هڪٻئي تي ٿيندو رهندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ٻولين جا محاورا ٻنهي ملڪن اندر وجود ۾ اچي ويندا ۽ ٻنهي ٻولين جي لساني جاگرافيءَ جي حد ٻنهي ملڪن اندر متاثره حد تائين ليکي ويندي. مثال طور هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌ سان لاڳو سرحدن تي ٻنهي طرفن جون سنڌي ۽ هندي ٻوليون هڪٻئي تي اثر انداز ٿيندي پنهنجو اثر رسوخ اڳتي وڌائي چڪيون آهن ۽ سنڌي زبان هندستان جي راجستان علائقي جي حدن اندر پنهنجو اثر رسوخ وڌائي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح سرحد پار ٻولين جو ڀرواري سنڌي محاوري تي اثر پيو آهي. اهڙي حالت ۾ ٻولين جي لساني جاگرافيءَ جون حدون يا ليڪون ٻنهي ملڪن جي سياسي حدن اندر ليکيون وڃن ٿيون.
باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته، هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو آهي، جنهن کي ذاتي زبان (I dialect) چئي سگهجي ٿو. مگر اها آوازي صرفي ۽ نحوي نگاهه کان ٻين جي ذاتي زبان کان نرالي نه هوندي آهي، جيڪي انهيءَ جا پاڙيسري، ڳوٺاڻا، شهري يا ويجهڙائيءَ وارا هوندا آهن. سچ پچ ته زبان نه رڳو هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين بدلجي ٿي، پر هر طبقي کان ٻئي طبقي تائين به ڦري ٿي.[248]
جنهن حد تائين اتان جي رهاڪن جي ٻولي بنا ڦيرڦار جي هلندڙ هجي، انهيءَ حد تائين ٻوليءَ جو هڪ محاورو سڏبو آهي، جنهن حد کان ٻوليءَ ۾ ڪجهه ڦيرو معلوم ٿئي، انهيءَ حد کان ٻوليءَ جو ٻيو محاورو سڏبو. ائين هر ٻوليءَ جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ محاورا هوندا آهن، جن کي مقامي محاورا يا اپڀاشائون سڏبو آهي. انهن مقامي ٻولين مان ڪا به هڪ ٻولي جيڪا علم و ادب جي لحاظ کان ٻين مقامي ٻولين تي ڇانئجي ويندي آهي ۽ جنهن کي پڙهيل طبقو عام طرح سان استعمال ڪندو آهي، تنهن کي معياري زبان (standard dialect) سڏبو آهي. روايت طور ۽ رسمي طرح زبان سان تختگاهه جي پڙهيل ماڻهن جي زبان کي معياري زبان جو نمائندو سڏيو وڃي ٿو ۽ ٿورڙن ماڻهن جي ٻوليءَ کي ننڍي زبان چئجي ٿو.[249]
جنهن سماج ۾ جيتريون ذاتيون ۽ طبقا هوندا آهن، منجهن اوترا لساني تفاوت موجود هوندا آهن، انهن تفاوتن کي علم و ادب مٽائي ٿو، ڇوته ادبي زبان عام ٿيندي آهي ۽ عام زبان ادبي زبان ٿيندي آهي.[250]
مقامي طور ٻولين جا ڪيترائي محاورا هوندا آهن. مثلاً: ڪنهن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون يا هڪ ملڪ هڪ کان وڌيڪ ٻولين وارن صوبن تي مشتمل آهي ته پوءِ اهڙي حالت ۾ ان ملڪ جي مرڪزي ٻولي آسپاس وارين ٻولين جي اثرن سبب مختلف محاورن ۾ ورهائجي ويندي، جن جي حدن کي لساني جاگرافيءَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
جديد لسانيات جي علم ۾ لساني جاگرافي وڏي اهميت رکي ٿي، ڇوته ان ۾ ٻوليءَ جي مقامي تفاوتن کي وڏي اهميت حاصل آهي. تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته مقامي ننڍيون ٻوليون يا انهن جا آواز ۽ صرفي نمونا زبانن جي ڪنهن پراڻي دؤر سان لاڳاپيل هوندا آهن. سندن سٽاءَ جا ڪيترائي روپ ٻين ٻولين جي روپن سان گڏجڻ سببان بدلجي چڪا هوندا آهن.[251] تنهنڪري لساني جاگرافيءَ جو مطالعو ۽ اڀياس زبان جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ اندروني بازتعمير (Reconstruction Internal) ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. لساني جاگرافي هن نتيجي جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته مختلف لساني ڦير ڦارون ايراضيءَ جي مختلف ڀاڱن تي ڇانيل هونديون آهن.[252]
بلڪ ائين کڻي چئجي ته هر صوتي، صرفي ۽ نحوي خصوصيت کي هڪ ايراضي آهي، تنهنڪري هر لفظ کي پنهنجي تاريخ آهي.[253]
لساني خطي جون اهي ننڍيون ننڍيون ايراضيون جيڪي آمد و رفت کان الڳ الڳ آهن، تن ۾ پراڻن (Relic) روپن جي قائم هجڻ جو وڏو امڪان آهي ۽ انهن کي ڳولي لهڻ لساني جاگرافيءَ جو ڪم آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڏٺو ويو آهي ته مڪاني نالا جهڙوڪ: شهرن، ڳوٺن ۽ محلن جا نالا، قديم لساني روپن جو پتو ڏين ٿا. اهي نالا مشڪل سان تبديل ٿيندا آهن، تنهنڪري اهڙن نالن جو لساني جائزو وٺڻ ٻوليءَ جي تاريخ سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. لساني شباهتن جو پکڙجڻ سماجي حالتن تي مدار رکي ٿو.[254] تنهنڪري لساني جاگرافي انهن غيرلساني ڳالهين جو پتو ڏئي ٿي، جيڪي لساني صورتن تي اثرانداز ٿين ٿيون. لساني تبديليون لساني ايراضيءَ جي ڪنهن به هنڌان پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اتان ٻاهر پکڙجن ٿيون.[255]
اهي تبديليون ڪهڙن رستن تان ٻين طرفن کان پکڙجن ٿيون، سو ڳولي لهڻ لساني جاگرافيءَ جو ڪم آهي، ان ڪري هيئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته هرهڪ محاوري کي صوتي، صرفي يا نحوي لحاظ کان پنهنجي هڪ ايراضي هوندي آهي، جنهن کي لساني جاگرافيءَ جو حصو چئي سگهجي ٿو.
لساني جاگرافيءَ جي تحقيق لاءِ ٽي مکيه طريقا آهن؛ هڪ هي ته هر ننڍي ٻوليءَ جي لغت تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ رڳو اهي لفظ درج ڪيا ويندا آهن، جيڪي ٻين ننڍين ٻولين ۾ نه هوندا آهن. انهن جي اُچارن ۽ معنائن کي چڱيءَ طرح سان ۽ چٽيءَ طرح درج ڪبو آهي. ٻيو طريقو هي آهي ته هر ننڍي زبان جو گرامر تيار ڪبو آهي. ٽيون طريقو هي آهي ته وڏي زبان جو اٽلس ۽ صوتياتي خواهه نحوياتي خصوصيتن جي ورڇ الڳ الڳ نقشن ۾ ڏيکاري وڃي، ان لاءِ ته انهيءَ ورڇ کي ڀيٽي سگهجي. اهي نقشا جيتري قدر ذري پرزي هوندا آهن، اوتري قدر ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي ۽ نتيجن ڪڍڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.[256]
هر ننڍي زبان ۾ جيڪڏهن صوتياتي، صرفياتي يا لغوياتي بدل صورتون هونديون آهن ۽ انهن جي معنيٰ ۾ ڦير نه هوندو آهي ته انهن تي خاص توجهه ڏبو آهي، ڇوته اُهي ٻوليءَ جي تاريخ سان لاڳاپيل هونديون آهن.
انهن نقشن سان گڏ اهڙا ڪتابڙا به تيار ڪبا آهن، جي انهن نقشن ۾ درج ٿيل نشانن جي وضاحت ڪندا آهن.[257]
ڪن نقشن ۾ لساني ليڪون (Isoglosses) درج ٿيل هونديون آهن، جيڪي امتيازي شباهتن وارن هنڌن کي پاڻ ۾ ملائينديون آهن. اهي لساني ليڪون جيڪي گڏوگڏ هڪ طرف کان هلن، سي هڪ وڏي تاريخي ڪارروائيءَ جي ثابتي ڏينديون آهن.[258] ان کانسواءِ اها لساني ليڪ جا ساري ايراضيءَ کي ذري گهٽ هڪ جيڏن حصن ۾ ورهائي يا هڪ ڪافي حصو ڏياري سا انهيءَ لساني ليڪ کان زياده اهميت واري هوندي آهي، جا ڪن ڳوٺن واري حصي کي ڦري ايندي آهي.[259]
ان مان ثابتي ملي ٿي ته ان رستي تان ملڪ جي آمد و رفت گهڻي ٿي آهي.
ٻوليءَ جي لسانياتي (محاورائي) جاگرافيءَ جي مسئلن تي پهريون (۽ شايد هيل تائين آخري) ڪم گريئرسن جي لنگوئسٽڪ سروي آف انڊيا آهي. جيتوڻيڪ هن ڪم ۾ اڄڪلهه جي لساني جاگرافيءَ جي ڪم جي ضرورتن ۽ طريقهءِ ڪار جي لحاظ کان گهڻيون اوڻايون نظر اچن ٿيون، پر اهو انهيءَ ڪري جو هن ڪم جو نمونو ئي الڳ هو ۽ انهيءَ سبب ڪري ئي هن ڪم جو نالو لنگوئيسٽ جاگرافيءَ بدران لنگئيسٽ سروي آهي.[260]
لساني جاگرافيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويا آهن، جن تي ڪم ڪرڻ سان لساني جاگرافي وضاحت ۽ سهڻي نموني سان پيش ڪري ٿي سگهجي. ان ۾ مختلف قسم جا نقشا پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ مختلف طريقن سان لفظن جي حدن جي نشاندهي ڪري ڏيکاري ويئي آهي. پهرين قسم جي نقشي ۾ ڀنڀوريءَ کي آمريڪا جي مختلف علائقن ۾ جدا جدا نالن جي وضاحت سان ڏيکاريو ويو آهي (ڏسو نقشو پهريون). ٻئي قسم جي نقشي ۾ تيلائين پاڻيٺ يعني گرليس کي آمريڪا جي مختلف علائقن ۾ مختلف نموني اچارڻ بابت وضاحت ٿيل آهي (ڏسو نقشو ٻيو). جڏهن ته ٽئين قسم جي نقشي ۾ ڪنهن گرامر جي لفظ جي صرف نحو يا صوتياتي فرقن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ لفظ ”تون“ يا ان جي جمع ”توهان“ يا ”اوهين“ جي استعمال جي وضاحت ڪيل آهي (ڏسو نقشو ٽيون).[261]
مٿي بيان ڪيل نقشن ۾ ڏنل لفظن جي فرقن تي غور ڪبو ته اسان کي ڪنهن ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ بابت ڪافي معلومات ملي سگهندي ۽ ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا طريقا حاصل ٿي سگهندا.
لساني جاگرافيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ جيئن ڪنهن وکر وهائڻ مهل ساهميءَ جي هڪڙي پڙ ۾ تور جو وٽ وجهبو ۽ ٻئي ۾ ان وکر جو ڳپل جنهن کي تورڻو هوندو، تيئن ٻوليءَ جي آراڌاين (فرقن يا اختلافن) جي جانچ پڙتال لاءِ ماپي جي هڪڙي پاسي ڪوبه هڪ لساني ڦرڻو رکبو ۽ ٻئي پاسي رکبو علائقائي يا سماجي ڦرڻي جو اهو وٽ، جنهن سان ان لساني آراڌائيءَ کي ماپڻو هوندو. لساني ڦرڻا ٿيندا. لفظن جا اختلاف، اُچارن جا فرق، ترڪيب جون آراڌايون ۽ علاقائي يا سماجي ڦرڻا ٿيندا. علائقا، ڳالهائيندڙن جي سماجي حيثيت، تعليم، عمر، جنس، ڪنهن مذهب يا ذات تي ٻڌل پنگتي گروهه، گفتگوءَ جو موقعو ۽ انداز وغيره اهي سڀئي علائقائي توڙي سماجي ڦرڻا (variables) هميشه علائقائي ۽ وقت جي ڦرندڙ يا هڪ ساريکين بندشن (Constraints) جي پارکن تي پرکيا ويندا.[262]
لساني جاگرافيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ نقشن ذريعي ڪنهن به ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ ڏيکارڻ گهرجي ۽ ان جي مختلف محاورن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ان نقشي ۾ هرهڪ محاوري لاءِ الڳ الڳ رنگ ڀرڻ گهرجي ته جيئن لساني جاگرافيءَ جو مطالعو ڪندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ته ڪهڙو محاورو ڪهڙن علائقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. ان کان علاوه معياري محاوري جي مختلف لفظن جي لڙهي تيار ڪجي، جنهن ۾ ان جي ٻوليءَ جي مختلف محاورن جي آراڌاين ۽ فرقن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. لفظن جي لڙهي اهڙي نموني ترتيب ڏجي، جيئن هرهڪ لفظ جي سامهون مٿان ٻوليءَ جي محاورن جا نالا هجڻ گهرجن ۽ هيٺ نمبر وار هرهڪ لفظ کي محاورن جي هيٺان رکڻ گهرجي ته جيئن هرهڪ محاوري جي فرق کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي.
نتيجا:
لساني جاگرافيءَ جي مٿين بحث مان اسان کي معلوم ٿيو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي لساني جاگرافي پيش ڪرڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جو آسانيءَ سان مڪمل مطالعو ڪري سگهجي:
ڪنهن به ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن مٿين طريقن موجب جائزو پيش ڪبو ته مطالعو ڪندڙ آسانيءَ سان ان کي سمجهي سگهندو.
هن وقت ته حال اهو آهي جو روزانو ڪيترائي انگريزيءَ جا ٽيڪنيڪل لفظ ٻين ٻولين ۾ شامل ٿي ويندا آهن. انهيءَ ڪري انگريزي ٻوليءَ لاءِ ‘Dictatorship of English’ جهڙا محاورا لکڻ پڙهڻ ۾ استعمال ٿين ٿا.
محاورا ۽ ننڍا محاورا:
ٻولي حقيقت ۾ هڪ بي انت سمنڊ جي مثل آهي، جيڪو هر وقت ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو. انهن ڇولين سبب هو پنهنجن ڪنارن جي ڪيترين شين کي پنهنجي لڳاتار جهٽڪن سان ڳاري ڳوري ڪنارن وٽ مختلف رنگ اختيار ڪرائي ٿو. سندس تيز طوفاني ڇوليون ڪٿي ڪٿي پنهنجن حدن (ڪنارن) کان ٻاهر نڪري وڏي ايراضيءَ کي پنهنجي اثر ۾ آڻي، انهن کي به پنهنجي حدن ۾ شامل ڪريو ڇڏين.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ان سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ٻولي هڪ سمنڊ جي مثل آهي. سمنڊ جي ساحل تي بيهي نهارڻ سان ڏسبو ته پاڻي جي لهرن ۽ ڪنارن جي ڪائنات (ڪوڏن ۽ کرکڻن، پٿرين، ٻوڙن جي ذرن وغيره) جي وچ ۾ عمل درعمل جو عجيب نظارو نظر ايندو آهي. ڪناري جي ڪيترين ئي شين کي لهرن پنهنجي مسلسل ڀيٽ چڀيٽ سان ڳاري پاڻيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ڪٿي وري سپيرن جا ڍير ۽ واريءَ جا ڍڳ، سمنڊ آڏو سينو سپر ڪيو بيٺا آهن، جنهن ڪري پاڻي پنهنجو پاڻ اڳتي اڇلڻ کان رڪجي ويو آهي، ڪناري جي ڪنهن ڀاڱي سان ته وري ايڏا جبل آهن جو پاڻيءَ جي اڇل جو اثر مٿن تمام ٿورو آهي. ساڳيءَ طرح زنده ٻوليءَ جو درياهه به پنهنجي سرحدن وٽ موجون هڻي ٿو، پوءِ يا ته پنهنجي زرخيز پاڻيءَ سان ڀرواري ٻوليءَ جي ايراضيءَ کي آباد ڪري پنهنجي پيچ هيٺ آڻي ٿو يا ته اٿل ڪري ان کي پنهنجو ڪڇو ڪوڇو بڻائي ٿو يا وري ان کي پائيندڙ ٿي پائي ٿو ۽ ان سرزمين جي اصلي صورت ئي بدلائي ڇڏي ٿو.“[263]
اهڙيءَ طرح ٻوليون پنهنجين سرحدن تي ملن ٿيون، جتي هڪٻئي تي ان ميلاپ سبب اثرانداز ٿين ٿيون ۽ ميٺ محبت سبب زنده ٻولي پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ۽ زوربار سان ٻي ٻوليءَ جي سرحد توڙي ان جي اندرين ايراضين تي پنهنجو اثر وڌائي، ان تي پنهنجو رنگ چاڙهي ٿي. ان کان علاوه پنهنجي ڀر واري ٻوليءَ کي ريجهائي پرچائي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏي ٿي. اهڙيءَ طرح ٻنهي ٻولين جي حدن اندر ٻنهي ٻولين جا محاورا وجود ۾ اچي وڃن ٿا.
اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪنهن به سماجي گروهه ۾ هڪٻئي سان تعاون يا لهه وچڙ لاءِ انسان ذات جي وات مان نڪتل آوازن جي سرشتي کي ٻولي سڏجي ٿو. جيئن ته هرهڪ انسان ڪنهن نه ڪنهن سماجي گروهه جي هڪ فرد جي حيثيت رکي ٿو، پر ساڳي وقت هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ کان وڌيڪ گروهن ۾ شامل هوندو آهي، سندس سماجي ۽ معاشي معاملن جو مدار ڪنهن زبان تي هوندو آهي. ڇوته زبان کان سواءِ ڪنهن به انساني معاشري کي سمجهڻ ناممڪن آهي. زبان ۽ سماجي گروهه هڪٻئي لاءِ لازمي حقيقتون آهن.
ڪي قومون ٻوليءَ جي لحاظ کان سڃاتيون وڃن ٿيون ته ڪي قومون پنهنجن علائقن جي لحاظ کان سڃاتيون وڃن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو اڪثر قومون ٻولين توڙي علائقن جي لحاظ کان هڪٻئي کان عليحده حيثيت رکن ٿيون، پر ڪن ملڪن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ واريون قومون پنهنجين ٻولين جي نسبت سان ننڍين قوميتن جي حيثيت رکن ٿيون.
هي حقيقت آهي ته ڪنهن به هڪ علائقي جا ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻه ماڻهو هڪجهڙو ڪونه ڳالهائي سگهندا آهن. انهن جي ڳالهائڻ ۾ ٿورو گهڻو فرق محسوس ڪيو ويندو آهي. هن سلسلي ۾ جونزڊي لکي ٿو: ”ڪٿي ٻه ماڻهو هڪجهڙو ڳالهائي نه سگهندا آهن. چاهي اهي ساڳي خطي ۽ ماحول جا ڇونه هجن.“[264] انهن ٻنهي ماڻهن جي جهيلار ۽ اُچار مان چڱيءَ طرح ٻوليءَ جي فرق جو پتو پوندو. نه صرف اهو بلڪ ڪوبه ماڻهو جدا جدا موقعن تي ساڳيو جملو هڪ ئي نموني سان نه ڳالهائي سگهندو.
محاورا:
ٻوليءَ جي انهن تفاوتن ۽ فرقن کي لسانيات ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ڇوته جڏهن ان قسم جي فرقن ۽ ڦيرن تي غور ڪبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهي ننڍا ننڍا فرق فردن کان گروهن تائين ۽ گروهن کان قومن تائين پهچي هڪ مخصوص نالو اختيار ڪن ٿا، جنهن کي محاورو يا اپڀاشا (Dialect) چيو وڃي ٿو.
جدا جدا محاورا وري ننڍن محاورن (Idialect) ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا، جن ۾ هڪ ئي گروهه جي ماحول ۾ رهندڙ باشندن جي ڳالهائڻ مان فرق محسوس ٿيندو آهي. مثلاً: لاڙ ۾ بلوچ قوم واري ماحول ۾ ڪم ايندڙ سنڌي محاورو، سومرا قوم واري ماحول ۾ ڪم ايندڙ سنڌي محاوري کان لساني نقطه نگاهه کان جداگانه حيثيت رکي ٿو.[265]
لسانيات جي آوازن سان جانچ ڪرڻ کان پوءِ ماهرن کي معلوم ٿيو آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو بلڪل هڪجهڙو ڪونه ٿا ڳالهائي سگهن.[266]
هي هڪ حقيقت آهي ته، ڪن به ٻن ماڻهن جي گفتار هڪ جهڙي نه هوندي آهي ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي اُچارن ۾ فرقن کي واضح طور محسوس ڪري ٿو سگهجي.[267]
سنڌ ۾ ٻوليءَ جي لهجي (Dialect) کي لکڻ وقت اڪثر محاورو چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڳالهائڻ جي جهيلار ۽ ٽون کي لهجو چيو وڃي ٿو، پر ڪي محقق (Dialect) کي لهجو لکن ٿا. لهجي تي نظر ٿي وجهجي ته ڀانئجي ٿو ته ڄڀ جي چوٽي، چپ- آواز ڳالهائڻ جو انداز ٽون (Tone) ايڪسينٽ ۽ جهيلار کان ويندي منهن مهانڊي چهري (The face, Continence visages) واريون معنائون به ”لهجة“ مان نڪرن ٿيون، پر وڏي ڳالهه ته ٻولي، ڊاياليڪٽ اڊيم ۾ ايڪسينٽ واريون معنائون به هن نظريي مان نڪرن ٿيون. بهترين دليل جيڪو ”لهجة“ کي ”ڊاياليڪٽ“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيئي سگهجي ٿو، سو اهو ته هانز ويهر (1972ع) واري ڊڪشنريءَ ۾ اهائي معنيٰ ڄاڻائي آهي ۽ ظاهر آهي ته هن زماني جي سڀني کان وڌيڪ مستند ۽ سڀني کان پوءِ (تازي) اهائي ڊڪشنري آهي.[268]
ڊايا ليڪٽ واريون آراڌايون اهي آهن، جيڪي لفظن جي ڪنهن فرق يا گرامر جي ڪنهن فرق يا ٻنهي جي گڏيل فرقن مان پڌريون ٿين ۽ ايڪسينٽ واريون آراڌايون اهي آهن، جيڪي ڳالهائڻ جي اُچارن )تلفظ( مان پڌريون ٿين، ان ڪري هر جملو ڪنهن نه ڪنهن ڊاياليڪٽ ۾ چيل يا لکيل آهي، پوءِ اهو ڪنهن معياري ڊايا ليڪٽ ۾ هجي يا غيرمعياري ۾؛ پر جڏهن وات پٽي، زبان کولي ڳالهائبو يا لکيل شيءِ کي ڪنهن به انداز ۾ پڙهبو يا ورجائبو ته اهو ڪنهن نه ڪنهن ايڪسينٽ ۾ چئبو. توڙي اهو ايڪسينٽ ڪو معياري هجي يا غيرمعياري، علائقائي هجي يا غيرعلائقائي.[269]
بحرحال مٿين بحث ۾ حوالن مان اسين هي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا: ”محاورو (Dialect) ڪنهن به ٻوليءَ جي انهن فرقن يا آراڌاين کي چيو وڃي ٿو، جيڪي لفظن توڙي گرامر جي استعمال مان ظاهر ٿين، جڏهن ته ”لهجو“ (ايڪسينٽ) ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهائڻ، تلفظ جو طريقو، جهيلار (Tone) يا پروننسيئشن، بلڪ ڪاوڙ يا پيار ۽ محبت جي انداز ۾ ڳالهائڻ جي انداز کي چيو وڃي ٿو. ان جي باوجود ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا محاوري کي لهجو به عام طور سڏين ٿا، جيڪو ڊاياليڪٽ جي ٻئي نالي جي حيثيت رکي ٿو.
محاورن جي تقسيم جا سبب:
ڪنهن ٻوليءَ جي محاورن جي تقسيم جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ ڪي ٻاهرين اثرن وارا ته ڪي اندرين اثرن وارا شامل آهن.[270]جن جي ڪري ٻولين ۾ مختلف قسمن جا محاورا قائم ٿين ٿا. تلفظ جو فرق طبعي حالتن سبب ٿئي ٿو ۽ مختلف سماجي گروهن جي تلفظ ۾ به تفاوت ٿئي ٿو. ٻاهرين اثرن سبب هڪ گهر جي ڀاتين جي تلفظ ۾ به فرق ڏٺو ويو آهي. لساني تبديلين جي لاءِ خاص طور سماجي حالتن کي محرڪ ڄاتو وڃي ٿو.[271]
ٻارن کي مائٽن کان هڪ تلفظ ورثي ۾ ملي ٿو ۽ راند جي ساٿين کان هو ٻيو تلفظ اختيار ڪري ٿو.[272]اهڙيءَ طرح سماجي رهڻي ڪهڻي ۽ طور طريقن ۾ ٿيندڙ ڦيرگهير به ٻوليءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي،[273] جنهن سان محاورا وجود ۾ اچن ٿا.
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو: ”محاورن جي تقسيم ۾ سماجي حالتون اولين حيثيت رکن ٿيون. اهي ٻار جيڪي مهذب ۽ تعليم يافته گهرن ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ سندن ميل جول ٻين مهذب تعليم يافته ڪٽنبن جي ٻارن سان ٿئي ٿو. اهڙن ٻارن جي زبان معياري، مهذب ۽ اعليٰ طبقي واري زبان ڪوٺي ويندي آهي. لسانيات جي ماهرن اهڙي لهجي (محاوري) کي جو سرڪاري طور اسڪولن، نشر و اشاعت، سرڪاري اطلاعن ۽ ڪورٽن، اسيمبلين توڙي مهذب ماڻهن ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان کي معياري لهجو (standard dialect) سڏيو آهي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي ان محاوري کي تسليم ڪيو ويندو آهي.[274]
انگلينڊ ۾ جيڪا زبان سرڪاري طور ملڪ جي زبان تسليم ڪيل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ (standard English) چون ٿا. اها انگلينڊ جي ٻين خطن سان اُچار جي طريقي ۾ گهڻو اختلاف رکي ٿي، جيڪا انگريزي موجوده وقت سرڪاري طور ملڪي زبان آهي، ان کي ڏاکڻين علائقي جي انگريزي (Southern English) بادشاهي انگريزي Queens English به چوندا آهن. شاهي زبان جي هئڻ ڪري انگلينڊ جي ڏاکڻين محاوري کي معياري زبان هئڻ جو فخر حاصل آهي.[275] ان مان ثابت ٿيو ته سماجي حالتن ۾ سماجي گروهن جو هرهڪ ملڪ جي زبان تي وڏو اثر ٿئي ٿو.
محاورن جي تقسيم لاءِ ٻيو وڏو سبب جاگرافيائي حالتون آهن.[276] جيئن ته هرهڪ ملڪ پنهنجي ڀرواري ڪنهن ملڪ سان دنگئي هوندو آهي، جنهن سبب هرهڪ زبان ڀرواري ٻي زبان سان دنگئي هوندي آهي. انهيءَ سرحدن کان ٿيندڙ اچ وڃ جو سلسلو ٻولين ۾ فرق جو سبب بڻجي ٿو، جتان ٻنهي ملڪن جي ٻوليءَ ۾ محاورا قائم ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح ڪنهن هڪ ئي ملڪ ۾ موجوده هڪ کان وڌيڪ ٻولين وارن علائقن ۾ به ٻيا محاورا وجود ۾ اچن ٿا.
محاورن جي تقسيم جو ٽيون وڏو سبب حاڪمن جي ٻوليءَ ۽ سياسي حالتون آهن.[277] مثلاً: ڪا قوم ڪنهن ٻي زبان وارن تي قبضو ڪري.[278] جهڙيءَ طرح هندستان تي جڏهن انگريزن جو قبضو ٿيو ته ملڪي زبان تي انگريزي زبان جي اثرن سبب هندي ۽ سنڌي زبانون متاثر ٿيڻ شروع ٿيون ۽ حاڪمن جي ٻولي ۽ رعيت جي ٻوليءَ ۾ فرق محسوس ٿيڻ لڳو. اهو فرق خاص طور سرڪاري ماڻهن ۾ ۽ ٻهراڙيءَ جي رهواسين ۾ نمايان طور نظر اچڻ لڳو.
مختلف دؤرن ۾ مختلف علائقا هند ۽ سنڌ سان گڏبا يا ڪٽبا رهيا آهن. مثلاً: موجوده سنڌ کان ٻاهريان علائقا جهڙوڪ؛ ڪڇ، گجرات، راجستان، بهاولپور، ملتان ۽ بلوچستان جا علائقا سنڌ سان گڏجڻ سبب سنڌي زبان ۾ ڪڇي، ٿري، ماڇڪي، چغدالي، فراڪي، کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي ۽ جدگالي محاورا وجود ۾ آيا. جيتوڻيڪ اهي هن وقت سياسي ۽ انتظامي لحاظ کان جدا آهن، ان هوندي به لساني حدبنديءَ جون ليڪون (Isoglosses) سياسي حدون ڏيکاريندڙ ليڪن کان اڳتي نظر اچن ٿيون.
محاورن جي تقسيم جو چوٿون وڏو سبب ويجهڙائيءَ وارن علائقن جي رهواسين جي اچ وڃ،[279] باهمي شاديون مراديون، سماجي ميل جول ۽ رسم و رواج آهن، جن سببن ڪري ٻوليون هڪٻئي تي اثرانداز ٿيندي، نون محاورن جي وجود جو سبب بڻجن ٿيون. اهوئي سبب آهي ته ٻولين جي محاورن جي وضاحت ڪندي ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته: ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“.[280]
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو: ٻارهن ڪوهه ته ٺهيو، ڇهن ڪوهن تي به ٻوليءَ ۾ فرق آهي.[281] لاڙ جي لغات ۾ هو لکي ٿو ته: هرهڪ ماڻهو جو پنهنجو عليحده ذاتي لهجو (dialect) آهي.[282]
جڏهن ته منهنجو به اهوئي مشاهدو آهي ته هرهڪ ماڻهوءَ جو پنهنجو محاورو آهي، جنهن کي اسين مقامي يا ننڍا محاورا (Slangs) به چئي سگهون ٿا. هن حقيقت لاءِ هي مثال ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته منهنجي گهر جي 12 ڀاتين ۾ لفظ ”منهنجو“ ڇهن نمونن يعني: مُنهنجو، مَنهنجو، مانجو، مونجو، مُنجو، مِنجو ۽ مينجو طور ڳالهايو ٿو وڃي، تنهن مان ثابت ٿيو ته ڪنهن به ٻوليءَ جا جيترا ڳالهائيندڙ موجود آهن، اوترا ئي اُن جا محاورا ٿي سگهن ٿا.[283]
هن سلسلي ۾ هاڪيٽ چوي ٿو:
”فرانس، اٽلي، جرمن ۽ انگلينڊ جي هر ڳوٺ يا ٻن ٽن ڳوٺن جي گروهن کي پنهنجو مقامي محاورو آهي.[284]
اهڙيءَ حالت ۾ محاورن جو صحيح طرح تعين ڪرڻ مشڪل بلڪه ناممڪن آهي، تنهنڪري محاورن جي صحيح طرح شناخت ۽ تقسيم جي تعين ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي واضح فرقن ۽ علائقن جي واضح حدبندين کي ڪسوٽي بڻائي محاورا مقرر ڪرڻا پوندا، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهبو ته هي محاورو هن علائقي ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.
مثلاً؛ سبيءَ جي آسپاس جي ”فراڪي محاوري جي ڪجهه لفظن مان حرف ”د“ حدف ڪيو وڃي ٿو ۽ ”پڙهندو“ يا ”لکندو“ لفظن کي پڙهنو يا ”لکنو“ طور استعمال ڪجي ٿو. هي سلسلو سبيءَ سان لاڳاپيل علائقن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ ڪونه ٿو نظر اچي، ان ڪري ان علائقي کي هڪ محاوري لاءِ مخصوص ڪري ٿو سگهجي.
ننڍا محاورا:
ڪنهن مخصوص محاوري جي مقرر حدن اندر ڪنهن ننڍي سماجي گروهه ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ کي ننڍو محارو (slang) چيو وڃي ٿو، ڇوته ان سماجي گروهه جي پنهنجي ٻوليءَ جو اثر وڏي محاوري جي ٻوليءَ تي پوڻ لازمي آهي. انهن ننڍن محاورن کي مقامي محاورا به چئبو آهي، ڇوته جدا جدا وڏا گروهه وري ننڍن گروهن ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. ايتري قدر جو هڪ گروهه جي حدن ۾ رهندڙ باشندا هڪٻئي سان ساڳي يا ملندڙ جلندڙ محاوري ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ پنهنجي ماحول يا راڄ کان ٻاهر ڪم ايندڙ محاوري کي پنهنجو نه سمجهندا آهن. مثلاً: سنڌي ٻوليءَ جي جغدالي محاوري جي حدن ۾ باغ ٽيل علائقي جي بروهين جي سنڌي ٻولي، ڀاڳ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ کان لساني نقطه نظر کان جداگانه حيثيت رکي ٿي. ڇوته باغ ٽيل علائقي جي سنڌي زبان تي بروهي زبان جو زبردست اثر آهي، جڏهن ته ڀاڳ جيڪو ساڳي ئي محاوري جو علائقو آهي، جي سنڌي زبان تي سرائيڪيءَ جو تمام گهڻو اثر آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو؛ ”لهجا (محاورا) وري مقامي لحاظ کان ننڍن ننڍن گروهن ۽ محاورن (Colloquials) ۾ ورهائجي سگهجن ٿا. مثال طور ٺٽي يا ماڃر جي رهاڪن کي پنهنجي پنهنجي محاوري ۾ ڳالهائيندو ٻڌي ڪوبه لاڙي ماڻهو سهي ڪري ويندو ته ”ٺٽي“ يا ”ماڃري“ ٻولي ڳالهائي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿر ۾ ڏيپلائين ۽ عمرڪوٽ وارن جي آواز جي جهيلار (Tone) مان صحيح ڪبو ته هي عمرڪوٽ جو رهاڪو آهي.[285] نه صرف ايترو بلڪ هرهڪ لهجو ۽ محاورو، ڪرت، ڌنڌي ۽ پورهئي جي لحاظ کان به ننڍن ننڍن محاورن ۾ ورهايل آهي. ميربحرن، مهاڻن، ٻيلائن، مالدارن، هارين نارين ۽ ڌڻولين جا مقامي محاورا ۽ کاري واري خطي ۾ رهندڙ جهانگين، سانگين، اوٺين ۽ مهارن جا مقامي محاورا پنهنجي پنهنجي رنگ ڪري انوکي حيثيت رکن ٿا.[286]
سبي خطي جي فراڪي محاوري جي حدن ۾ خَجڪن توڙي تلي وارن رهاڪن جي محاوري ۾ فرق نظر اچي ٿو. حالانڪ اهي ٻئي ڳوٺ هڪٻئي کان ايترو گهڻو پري ڪونه آهن. هوڏانهن مڪران خطي جي جدگالي محاوري جي حدن ۾ ارماڙي ۽ گوادري ٻوليون به ننڍن محاورن جي حيثيت رکن ٿيون.
اترادي محاوري جي حدن ۾ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ غوثپور ۽ تعلقي ڳڙهي خيري جي ڳوٺ دوداپور جي ٻولين ۾ ننڍن محاورن جون خصوصيتون ملن ٿيون. ننڍن ۽ وڏن محاورن ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه فرق محسوس ٿيندو آهي، پر اهو ايترو نه آهي، جو ان کي جدا محاوري جي حيثيت حاصل هجي. مقامي طور اهي پنهنجي اصلي محاوري جي ننڍي شاخ جي حيثيت ضرور رکن ٿا، ڇوته هن ۾ ڪيترائي لفظ ڪافي فرقن سان ڳالهايا وڃن ٿا، جنهن سبب انهن کي ننڍا محاورا چئجي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب ننڍن محاورن بابت لاڙ جي لغات ۾ لکيو آهي ته: ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جتي هڪ زبان ڳالهائي وڃي ٿي، اتي سڀني ڳالهائيندڙن جو اُچار به هڪجهڙو نه آهي. اِن اُچار جي فرق سان مختلف محاورا يا لهجا (Dialect) مرتب ٿين ٿا. باريڪ بينيءَ سان ڏسبو ته هرهڪ ماڻهوءَ جو پنهنجو ذاتي لهجو (Idiolect) آهي، جيڪو مقامي ٻولي يا لهجي کان گهڻو مختلف هوندو آهي.[287]
گهڻيون ٻوليون ڄاڻندڙ ماڻهن جو تلفظ به هڪ ٻولي ڄاڻڻ واري جي تلفظ کان ڪجهه مختلف ٿئي ٿو، ان ڪري هرهڪ ٻوليءَ جا مختلف محاورا مقامي محاورن ۾ ورهائجي وڃن ٿا، جن کي اسان وٽ عام طور مقامي محاورا چئجي ٿو.
ننڍن محاورن جي تقسيم جا سبب:
حقيقت ۾ ننڍن محاورن جي تقسيم جا سبب به تقريباً ساڳيا وڏن محاورن وارا ئي آهن. البته انهن سببن ۾ ڪجهه ٻين ننڍن سببن جو اضافو چئي سگهجي ٿو. مثلاً: ماڻهن جي ڳالهائڻ جو ذاتي طريقو جهيلار (Tone) ۽ لهجا ننڍن محاورن جي تقسم جا سبب آهن. ان کان علاوه ڪنهن ڳوٺ يا علائقي ۾ نَونَ لڏي آيل ٻي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو اثر به ننڍن محاورن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو، ڇوته جدا جدا گروهه وري ننڍن ننڍن گروهن ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا،[288]جيڪي ڪنهن وڏي گروهه واري علائقي ۾ اچي آباد ٿين ٿا، جتي مٿن ان ٻوليءَ جو لازمي طرح اثر ٿئي ٿو، جيڪو انهن شهرن تائين محدود ٿئي ٿو ۽ ان قوم يا گروهه جي نالي واري ٻولي يا محاورو سڏجي ٿو.
سنڌي ٻولي ۽ ان جي لساني جاگرافي
سنڌي ٻولي:
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، وسعت، علمي ۽ ادبي صلاحيتن ۽ ان جي ايراضيءَ کي ڏسندي، اسين چئي سگهون ٿا ته هي هڪ قديم ۽ وڏي اهميت واري ٻولي آهي. ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ قوم ۽ ان جي تهذيب ۽ تمدن جو اسان کي مختصر جائزو وٺڻو پوندو.
سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڪهڙيون قومون آباد هيون، تنهن بابت سڀ کان وڌيڪ وزندار رايو دراوڙ قومن جي آباديءَ وارو آهي، جيڪي بعد ۾ آيل آريا قومن جي ظلم و ستم کان تنگ ٿي وڏي تعداد ۾ اوڀر توڙي اولهه کان سنڌوماٿريءَ جون سڀ قومون سنڌ خالي ڪري، مختلف علائقن ڏانهن ڀڄي ويون. ڊاڪٽر غلام علي الانا جن ان سلسلي ۾ لکن ٿا:
”ڪنهن زماني ۾ هي نظريو عام هوندو هو ته، آرين جي اچڻ وقت سنڌوماٿر جون قومون خوف وچان ڪي ڏکڻ طرف ڀڄي ويون ته ڪي اوڀر طرف هليون ويون. اهو نظريو هرگز قبول ڪري ڪونه ٿو سگهجي، ڇوته آرين جي اچڻ وقت سڀني ماڻهن جو ملڪ ڇڏي وڃڻ ۽ ڪنهن جو به نه رهڻ ممڪن نه آهي. سنڌ تي حملا سدائين ٿيندا رهيا آهن، پرديسي ماڻهو سڀ جا سڀ ڪڏهن به ملڪ ڇڏي وڃڻ ۽ ڪنهن جو به نه رهڻ ممڪن نه آهي“.
محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌ جا ڪي لهاڻا ڪٽنب سنڌ ڇڏي اوڀر طرف وارين رياستن بيڪانير، جيسلمير، جئپور ۽ جوڌپور وڃي ويٺا، پر سندن اڪثريت سنڌ ۾ ئي رهي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ باقي پنهنجي هندو ڌرم تي قائم رهيا. اهڙيءَ طرح آرين جي اچڻ وقت به ڪي ڪٽنب ملڪ ڇڏي ويا هوندا، پر آباديءَ جي وڏي حصي آرين جي آڻ مڃي هوندي ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ رهڻ پسند ڪيو هوندو. جيڪڏهن سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا هجن ها ته پوءِ سنڌ ۾ بروهي قوم جو وجود ئي نه هجي ها. سنڌ ۾ بروهين، اوڏن ۽ ٻين قومن جو وجود ثابت ڪري ٿو ته سڀ جا سڀ ماڻهو ملڪ ڇڏي ڪونه ويا هئا“.[289]
ان حقيقت مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جون دراوڙ قومون هن خطي جون سڀ کان آڳاٽيون سنڌي قومون آهن، جن جي ٻولين کي مجموعي طرح قديم سنڌي ٻوليءَ جو نالو ڏجي ته بيجا نه ٿيندو؛ ڇوته انهن قومن جي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. بلڪ ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته اهي ٻوليون قديم سنڌي ٻوليءَ جي شاخن جي حيثيت رکن ٿيون، جيڪي آهستي آهستي ان مان نڪري وجود ۾ اينديون رهيون آهن.
سنڌ قديم زماني کان تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو رهي آهي. جڏهن يورپ يا ڀارت ورش اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيا هئا. مصر، ڪلريا ۽ يونان جو تمدن اڃا ٻالڪ اوستا ۾ هو. تنهن کان پوءِ سنڌ سوين انقلاب ڏٺا، جن مان ڪي سماوي ۽ ارضي ته ڪي تاريخي هئا.[290]
صدين کان ٻاهران آيل قومن جي ٻولين، رسمن، رواجن، رهڻي ڪهڻي، لباس، ادب، قديم روايات، مذهب، قومي ڪردار، باهمي تعلقات، حالتن جي تقاضائن، گذر معاش، قصا، ڪهاڻيون ۽ سماجي دستور جي ميلاپ اڳتي هلي هڪ واضح سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.[291]
سنڌ قديم سڀيتا معلوم ٿئي ٿي. هن قديم خطي تي جڏهن اسان نظر وجهون ٿا ته اها اسان کي دنيا جي سڀ کان آڳاٽي ۽ قديم سڀيتا معلوم ٿئي ٿي. هن قديم خطي جون قديم قومون مختلف دؤرن ۾ دنيا جي مختلف ايراضين ڏانهن واپار توڙي گذر سفر سانگي لڏپلاڻ ذريعي وڃي آباد ٿيون، پنهنجي سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيو.
موهن جي دڙي واري قديم تهذيب، جيڪا 5000 ق. م جهوني هئي ۽ مصر، ڪريٽ ۽ ڪلريا جي تهذيب کان بيحد اُتم هئي، سا نؤوارد وحشي فاتح آريا قوم هٿان برباد ٿيڻ لڳي ۽ سندس کنڊرن تي نئين آريائي تهذيب جي نشو نما جو بنياد پيو. آڳاٽا سنڌي جيڪي تهذيب جا علمبردار هئا، جن کان دنيا جي متمدن قومن روشني ورتي هئي، جن جي دولت ڪري سوسا، اوفير، اُر، بابل ۽ نينوا جا خزانا معمور هئا، سي آرين جي وحشي قوم جا غلام بڻجي ويا. سندن ترقي ۽ دولت کي ڏسي معتصب آريا ڌڪار ۽ نفرت سان کين ”دسيو“ سڏڻ لڳا. اها قوم جنهن جي معاشي نظام ۽ معاشي فلسفي ٻين قومن تي اثر وڌو، جنهن جي نظام تمدن ۽ معاشرت جي شڪل ۽ تصورن کي زماني جا انقلاب مٽائي نه سگهيا، جنهن قوم جي اخلاقي نظريي ۽ قانون کي ٻين قومن تسليم ڪيو، جنهن قوم جي مٽيلن آثارن کي ماهرن ڏسي تسليم ڪيو ته وطن مالوف آڳاٽي زماني ۾ تاريخ کان گهڻو اڳ تهذيب جو گهوارو هو.[292]
بئبلونيا جي رهاڪن ۽ يهودين وٽان مصر ملڪ جي ماڻهن کي سنڌ جي ململ جي سڌ پئي ته اهي به سنڌ ملڪ سان واپار ڪرڻ لڳا. ڊيوڊ مئڪفرن پنهنجي ڪتاب ’آئلسن آف ڪامرس‘ (Annels of Commerce) ۾ ڄاڻايو آهي ته مصر ملڪ جا جهاز پاتال بندر (سنڌ) تائين ويندا هئا.[293]
سنڌ جو نالو ايرانين وٽان يونانين به ٻڌو. بئبلونيا وارو پاسو سنڌوماٿر جي قديم ”پڻي“ (وڻجارن) لوڪن ۽ ڪن دراوڙن وسايو هو ۽ اهي پوءِ پورب ڏي وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا، جنهن ڪري يونانين سنڌ جو نالو انهن کان به ٻڌو هجي ته عجب ڪونهي. بهرحال اها پڪ آهي ته قديم ايرانين ۽ يونانين کي سنڌ جي اعليٰ سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي سڌ اول کان هئي ۽ اهوئي سبب آهي، جنهن ڪري ايرانين ۽ يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪري اهو ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو.[294]
اسان جا اهي سرويچ واپاري جن مان ڪي اصل سنڌوماٿر جا پڻي ته ڪي ڏکڻ هندستان جا دراوڙ هئا، سي پوءِ يورپ ڏي وڌي بنهه اتر ڏي اسڪئنڊينيويا تائين به ويا ۽ پنهنجي سڀيتا جو اوڏانهن به ڦهلاءُ ڪيائون. بئله ديوتا جي پوڄا سامهاديو جي لنگ جي پوڄا جو هڪ نمونو آهي ۽ سنڌوماٿر جا شوي آريه لوڪ ۽ ڏکڻ هندستان جا دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هئا. اهي ئي اسان جي سنڌوماٿر جا پڻي هئا، جن يونان ۾ پنهنجون بيٺڪون وڌيون ۽ يونانين کي پنهنجي سڀيتا جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيائون.[295]
انهن وڻجارن مان ڪي اسان جا سنڌي هئا، جيئن هن وقت سنڌ جا ڪي مغل ڀين ملاح تعلقي جاتيءَ جي پريان ڪوري کاري مان لنگهي ڪڇ جي نار کان ملبار وڃن پيا. تيئن اڳي اها واٽ وٺي ويندا هئا. هڪ پاسي ملبار ڪناري تي ٻئي پاسي ايراني نار ڏي ونگيون ۽ جهاز هاڪاري شام جي ملڪن سان وڻج واپار ڪندا هئا.[296]
اولهندي ايشيا ڏي سنڌوماٿر وارن آرين جون بيٺڪون هيون، تنهن لاءِ گهڻيون ثابتيون مليون آهن، پر ميسوپوٽيميا وارن تي ”سمير“ نالي پوڻ بابت ڏيهي توڙي يورپي عالمن ڪجهه به ڪونه ڄاڻايو هو. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا توڙي ڪن تاريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته، ڪنهن قديم زماني ۾ ڪي لوڪ ميسو پوٽيميا ۾ اچي رهيا. سندن اصل نسل جو پتو ڪونهي، پر اهي ”شمير“ (shumer) سڏجڻ ۾ آيا ۽ انهن مان ”سميرين“ نالو ٺهيو. انسائيڪلوپيڊيا ”سميرين“ لفظ جي سري هيٺ ائين به ڄاڻايو آهي، ته عيسائين جي انجيل ۾ ”شمير“ بدران ”شنر“ (Shiner) نالو ڪم آيل آهي. ۽ هي ساڳيا ئي نالا آهن. انجيل ۾ ڪم آيل ”شنر“ لفظ بابت پوڪوڪ صاحب پنهنجي ”انڊيا ان گريس“ (India ingress p. p. 45-47) ۾ ڄاڻايو آهي ته اهو آهي ”سنڌور“ يعني سنڌوندي جا رهاڪو.[297]
ميسوپوٽيميا جا رهاڪو ”شمير“ (Shumer) ۽ سميرين (Sumarian) سڏجڻ ۾ آيا. سو نالو ائين پيو ڀانئجي ته جيڪي آريا لوڪ اصل ۾ اتر قطب طرف سمير پربت (ميرو پربت) تي رهندا هئا ۽ پوءِ سنڌو ماٿر ڏي آيا، تن مان ڪي ”پڻي“ (وڻجارن) لوڪن سان گڏجي بئبلونيا ۽ ڪئلديا ڏي ويا ۽ ميسوپوٽيميا ۾ پنهنجون بيٺڪون وڌايون. اهي تازا سمير پربت کان آيل هئا، تنهنڪري خود ميسوپوٽيميا تي ”شمير“ (سمير) نالو پيو ۽ اتي جا رهاڪو ”سميرين“ سڏجڻ ۾ آيا ۽ شمير جو اُچار پوءِ سيميٽڪ قوم وارن ڦيرائي شنر ڪيو ٿو سڏجي. ٻنهي حالتن ۾ ائين ئي چئبو ته اهي اسان جي سنڌوماٿر جا رهاڪو هئا، جن ميسوپوٽيميا وارو پاسو وسايو ۽ سنڌو سڀيتا جو اوڏانهن ڦهلاءُ ڪيو.[298]
گنگارام سمراٽ لکي ٿو:
جيستائين ڀارتي سنسڪرتيءَ جي سنسار ۾ ڦهلاءُ جو واسطو آهي، سنڌ جو درجو ان ۾ مهان آهي. صدين جي انيڪ آڪرمڻن (حملن) سبب سنڌي جاتي (Community) جو روپ رنگ بدلجي ويو، پرڪرتي جي اٿل پٿل سنڌونديءَ جو روپ بدلي وڌو، ليڪن جڏهن اڄ ويجهي دؤر ۾ به اسان ڏٺو آهي ته ان ئي سنڌ جي مٿين حصي کان ترڪستان ۽ روس تائين ۽ سنڌو جي هيٺين ڪناري کان ايران، عرب ۽ آفريڪا تائين پاڻ ڦهلايو آهي، تڏهن سنڌ لاءِ شرڌا جو سمنڊ اٿلي ٿو پوي.[299]
هندو ڌرم جو بنياد جن اصولن تي ٻڌل آهي، سي به ڪنهن هڪ ڄڻي جا جاري ڪيل ۽ ڦهلايل ناهن. اهو ويدڪ ڌرم آهي ۽ ويدن جون رچنائون گهڻن رشين جون چيل آهن. جيئن جيئن کين الهام ٿيو يا سرسَوتيءَ تي ٻولايو تيئن تيئن ئي ٻوليائون. آڳاٽين رشين مان ڪي اول سنڌونديءَ جي ڪنٺي تي ته ڪي سرسوَتيءَ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنٺن تي رهندا هئا، تنهنڪري هنڌو ڌرم ۾ هندو سڀيتا جا اوائلي ماڳ سنڌ ۽ پنجاب آهن، جن مان به سنڌو نالو اهڙو برک هو جو هندو ڌرم، هندو جاتي ۽ سڄو هندستان اڄ تائين ”سنڌو“ (هندو) نالي پٺيان سڏجن ٿا.[300]
سڀت سنڌو ديس يعني اسان جي پراچين سنڌڙي اهو ديس آهي، جتي آرين جي نسل جو درخت ڦٽي وڏو ٿيو ۽ پوءِ دنيا جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙيو.[301] سنڌو جنهن کي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ هندو ڪوٺيو اهو نالو سڄي هندستان تي پئجي ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي.[302]
قديم ايراني لوڪ سنڌوماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) کان پري ڪونه ويا، تنهنڪري جيڪو ملڪ ڏٺائون ته آريا لوڪ والاري ويٺا هئا، تنهن کي هندستان يعني (هندو+ آستان) سڏيائون. مطلب ته ”هندوستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي (سنڌوندي وارو ملڪ). قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان جي سڌ پئي. اسڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن به سنڌوماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو ”سنڌو (هندو)“ پر اچار ڦيرائي ڪيائون، انڊو، انڊوئي (Indoi) ندي کي سڏيائون ”انڊوس“ (Indus) ۽ سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيا (India). ائين هڪڙي سنسڪرت لفظ ”سنڌو“ جا اُچار لئٽن ٻوليءَ ۾ ڦري ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“ ٿيا.[303]
ٿورن لفظن ۾ چئبو ته سنڌ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ جي ماٿري“ جنهن ۾ سڄو پنجاب اچي ٿي ويو. ”سنڌو“ (هندو) لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“ ۽ نه ”ڪارو“ يا ”چور“ جيئن ڪي غلط طرح سمجهن ٿا ۽ ”هندستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌوندي وارو ملڪ“، خود سنسڪرت ساهت ۾ سنڌو يا سئنڌو جي معنيٰ آهي ”سنڌوماٿر جو رهاڪو“. آڳاٽا آريا لوڪ پوءِ اتر هندستان کان وڌي ڏکڻ هندستان ڏي ويا ۽ اتي به وڃي بيٺڪون وڌائون ته اهو سڄو ملڪ ڪشمير جي مٿين ڀاڱي کان وٺي ڪپ ڪامورن تائين ”هندستان“ سڏجڻ ۾ آيو[304] ۽ اڄ تائين پوري دنيا ۾ انڊيا (India) نالي پيو سڏجي.
محترم تاج صحرائي اين. جي مجمدار جي حوالي سان لکي ٿو:
”هن سرزمين تي به انساني سڀيتا جا آثار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. هتي به انسان جي بنيادي ۽ مُنڍ واري فڪر ۽ عمل جون اهڙيون ئي ساکون ۽ شاهديون ملن ٿيون، جن جي مدد سان انسان ذات سموري متمدن دنيا ۾ پنهنجي منزل ۽ مقصد ڏانهن وڌي آهي. مگر مکيه تفاوت جو سنڌ ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ آهي، سو هي آهي ته سنڌو جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ تسل آهي. مصر، سمير، اڪاد، بابل، اسيريا ۽ ايران جون قديم تهذيبون گهڻو اڳي مري کپي ويون ۽ انهن تهذيبن جا هن وقت فقط داستان ۽ يادگار بچيا آهن ۽ انهن جي تاريخن کي فقط علمي ۽ ادبي اهميت حاصل رهي آهي، مگر سنڌ جي تاريخ سڀائن ۽ ادارن جي وچ ۾ نه ٽٽڻ وارو ڳانڍاپو ۽ تعلق آهي، جنهن رستي ماضي، حال سان ڳنڍيو ۽ جڙيو اچي ٿو.“[305]
هو وڌيڪ لکي ٿو، سنڌ ۾ ڍڳي گاڏي اڄ به اهائي استعمال ۾ اچي ٿي، جيڪا هزارين سال اڳي سنڌوماٿريءَ ۾ رهڻ وارا استعمال ڪندا هئا. سنڌ جا ڳوٺاڻا ۽ ٻيا سکر ماڻهو ساڳي نموني وارا ٽن گلن وارا اجرڪ ۽ ٽرگليون، جتيون اڄ به خوشيءَ سان پهريندا ۽ پائيندا آهن. اڄ به ڳوٺاڻا ساڳيءَ طرح چؤنرا، جهوپا ۽ جهوپڙيون ٺاهي، انهن ۾ رهن ٿا. مٽي، ڌاتو ۽ سپيءَ جون چوڙيون، ڪافور، عاج، چاندي ۽ سون ۾ ضرور بدلبيون آهن، مگر مٿن چٽ ساڳيا آهن. گيت، ڀڄن، مولود ۽ مناجاتون، لاڏا ۽ لائون، سهرا ۽ ڳيچ، دهل ۽ شرنايون، ٽول ۽ ٽليون، نڙ ۽ ناد، نفيلون، بوڙينڊو ۽ چنگ، چوڏيل ۽ ڦرڻيون، نوٽڻ ۽ ونجهوٽي، رلڪا ۽ رليون، پٽڪا ۽ سٿڻون، پوتيون ۽ چُنيون، مکڻ ۽ مانڌاڻيون، گنديون ۽ پليون، دلا ۽ چاڏيون وغيره سڀ ڪجهه ڪالهه وانگر اڄ به سماج ۾ مروج آهن، جيڪي آر سي مجمد جي بيان کي سچو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي اڄ واري ثقافت ۽ تهذيب جو ماضيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت سان ساڳيو رشتو ۽ تعلق آهي.[306]
هاڻ جيڪڏهن اسان سنڌ جي قدامت جو جائزو اسلامي تاريخن جي روشنيءَ ۾ وٺنداسين ته هي سرزمين اسان کي دنيا جي قديم ترين معلوم ٿئي ٿي، ڇوته حضرت آدم عليه السلام جي پيدائش به سنڌ ۾ ئي ٿي هئي ۽ پوءِ ان جو اولاد دنيا جي مختلف خطن ڏانهن هجرت ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح هي دنيا وسيع کان وسيع ترين آباديءَ جي حلقي ۾ ايندي ويئي ۽ سنڌ کي دنيا جي انساني تهذيب جي مرڪز جو شرف حاصل ٿيو.
پيغمبرن جي سوانح حيات جي مشهور و معروف ڪتاب ”قصص الانبياء“ موجب حضرت آدم عليه السلام رب پاڪ جي حڪم سان جنت مان نڪرڻ بعد پنهنجي گهر واري بيبي حوا سان دنيا ۾ سڀ کان اڳ هن خطي جي سرانديپ علائقي ۾ اچي آباد ٿيو، جتي کيس جنت مان لوهه جا ڪجهه اوزار، ٻه ڏاند ۽ ڪجهه ڪڻڪ جا داڻا مهيا ڪيا ويا ۽ هو ٻئي گڏجي اتي آبادي ڪرڻ لڳا.
قديم سنڌ وارو ملڪ اتر ۾ سائبيريا، ڏکڻ ۾ بحر هند، اولهه ۾ دجله درياهه ۽ اوڀر نديءَ ۾ چين واري سمنڊ تائين ڦهليل هو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه مبالغو نه آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ سنڌ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.[307]
سنڌ کي اهو شرف حاصل آهي ته حضرت آدم عليه السلام جي پٽ ”شيث“ جي نالي پٺيان ان جو نالو ”سنڌ“ ڪوٺجڻ ۾ آيو. حضرت نوح
عليه السلام کان پوءِ جي نسل وارن ”سنڌ“ جي نالي کي مقدس تصور ڪري سندس نالو ڏاڍو احترام سان وٺڻ لڳا. حضرت نوح عليه السلام جي پٽن مان سامه ۽ يافث سنڌ ۾ رهڻ پسند ڪيو.[308]
محترم ڪريم بخش خالد لکي ٿو: پيغمبرن جي نالن تي غور ڪريو، سندن نالن ۾ انهن جو پرتو ناهي، پر ڪن ٻين خوبين جو عڪس آهي. مثال طور آدم جي معنيٰ آهي سانورو، جيڪو سندس جسم جو رنگ ظاهر ڪري ٿو.[309] حضرت آدم عليه السلام قديم سنڌ جي مٽيءَ مان جوڙيو ويو هو، جنهن جو رنگ به سانورو آهي ۽ اڄ به پوري دنيا ۾ هندستان کي سانولن يا ڪارن ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ سڏيو وڃي ٿو. آدم به هتان جي ڪڻڪ رنگي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو، جنهن ڪري سندس نالو به هتان جي مٽيءَ جهڙو سانولو يا ڪڻڪ رنگ رکيو ويو، جيڪو قديم سنڌ جي عظمت کي نروار ڪري ٿو، ڇوته نالا ڪلچر جو اهڃاڻ ڏين ٿا ۽ ڪلچر ٻوليءَ جو سڀ کان پراڻو بنياد آهي.[310]
مولانا غلام محمد گرامي هڪ ڀيري ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ميرپورخاص ۾ تقرير ڪندي، مختلف حوالن سان ٻڌايو ته، ”مسلم روايت ۾ سنڌ جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون روايتون موجود آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آدم عليه السلام جي پيدائش ”سنڌ“ ۾ ٿي. پهريون پيغمبر حضرت آدم عليه السلام سنڌ ۾ ٿيو، ان ڪري پهرين وحي سنڌ ۾ نازل ٿي. ان نسبت سان گويا پهريون ڀيرو توحيد الاهيءَ جو پيغام سنڌ ۾ ٿيو. عبادت الاهيءَ جو پهريون طريقو سنڌ ۾ ٿيو، جيڪو آدم عليه السلام سان وابسته آهي. سڀ کان اول نبوت جو نور سنڌ ۾ نازل ٿيو. ان نسبت سان نور محمديءَ جو پهريون ڪرڻو سنڌ ۾ آيو. سڀ کان اول جنت جو تصور سنڌ ۾ پيدا ٿيو، جنهن جي گهاٽن باغن ۾ آدم ۽ حوا پئي رهيا.“[311]
هو وڌيڪ چوي ٿو، ”ان قسم جي روايتن کي مولانا آزاد بلگرامي پنهنجي مشهور ڪتاب ”سبحة المرجان“ ۾ گڏ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن جي سَندن ۽ پراڻن تفسيرن جي حوالن سان بيان ڪيو ويو آهي، ته آدم عليه السلام جي پيدائش سنڌ ۾ ٿي ۽ وحيءَ نبوت جو پهريون مرڪز ”سنڌ“ آهي ۽ نبوت محمديءَ جي وڌندڙ سلسلي جو آغاز سنڌ ۾ ٿيو.
مسلم روايت جي انهن علمي کوجنائن مان اهو ثابت ٿيو ته تورات ۾ بيان ٿيل بهشت ۽ ان ۾ آدم جو مٽيءَ جي بوتي مان ٺهڻ، حوا جو آدم جي پاسيريءَ مان پيدا ٿيڻ ۽ ان بهشت مان ٻنهي جو تڙجڻ وغيره سڀ زميني معاملا آهن. توريت ۾ جنهن کي آسماني جنت سڏيو ويو آهي، سو سنڌ جي گهاٽن باغن وارو مقام آهي. ان ڪري جنت کي گهاٽو باغ به سڏيو ويو آهي. هڪ هنڌ توريت ۾ سنڌ کي ”عدن جو باغ“ (باغِ عَدن) سڏيو ويو آهي.[312]
تقرير ڪندي گرامي مرحوم چيو ته: اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته خود حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي رسالت واري زبان سان ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي ماڻهو“ جا لفظ ڳالهايل لفظ آهن. مثلاً هڪ ڀيري کانئن پڇيو ويو ته، يا رسول الله صلي الله عليه وسلم! توهان موسيٰ عليه السلام کي ڏٺو؟ پاڻ فرمايائون ”هائو! موسيٰ اهڙو آهي جهڙو ”سنڌي ماڻهو“. ان طرح سان هڪ ٻي روايت ۾ اچي ٿو ته جڏهن نجران جا عيسائي حضور صلي الله عليه وسلم سان مباحثي ڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ اچي مسجد نبويءَ جي در تي گڏ ٿيا هئا. تڏهن پاڻ ڪريمن کين ڏسي صحابه کان پڇا ڪئي ته هي ڪير آهن؟ ائين چوندي هي لفظ به چيائون ته، ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن. مٿين روايت ۾ ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن“ غور طلب جملو آهي.[313]
سنڌ جي عظمت بابت وڌيڪ حوالا ڏيندي هن وڌيڪ چيو هو ته: هڪ روايت ۾ آيل آهي ته، پاڻ نماز ادا ڪري سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا. صحابه جي پڇڻ تي فرمايائون ته، مون کي ان طرف (سنڌ) کان جنت جي هير ٿي لڳي جا منهنجي دل کي سڌير ٿي ڪري. ان واقعي متعلق علامه اقبال چيو آهي:
مير عرب ڪو آئي ٺنڊي هوا جهان سي،
ميرا وطن وُهي هَي ميرا وطن وُهي هي.
ان ۾ ”ميرا وطن“ مان مراد سنڌ آهي ۽ فقط ”سنڌ“.[314]
مٿين حوالن مان چئي سگهجي ٿو ته هڪڙي خيال موجب حضرت آدم عليه السلام سنڌ خطي ۾ ڄائو ۽ ان کي آباد ڪيو ۽ هتي ئي سندس شروعاتي اولاد وڌيو. بعد ۾ مختلف خاندان جي صورت ۾ اولهه توڙي اوڀر بلڪ پوري دنيا ۾ پکڙجي پنهنجي ثقافت جو ڦهلاءُ ڪيو ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي ارتقاء ٿي ۽ سنڌ کي دنيا جي انساني تهذيب جي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي.
مختلف هنڌن تي محققن سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف رايا ڏنا آهن ۽ هر هڪ هن کي پنهنجي نظريي جي عينڪ سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پهرين نظريي موجب ڊاڪٽر ٽرمپ جو خيال آهي ته، ”سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پالي، شوريسيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صديءَ ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي آهي؛ جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ آهي“.[315]
ديوان ڀيرومل آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڪجهه ٻيا محقق ان نظريي جا حامي هئا ۽ سندن دليل هو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت لفظن جو اکٽ ڀنڊار آهي، پر جيڪڏهن اونهائيءَ سان غور ڪجي ته هروڀرو لفظن جو ڀنڊار يا هڪجهڙائي سنڌي ٻوليءَ جي سنسڪرت جي شاخ هجڻ لاءِ ڪو مستند ثبوت ڪونه ٿو ٿي سگهي، ڇوته لفظن جو ڀنڊار هر وڏي ۽ قديم ٻوليءَ ۾ موجود هئڻ لازمي امر آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو لفظن جو ڀنڊار جيڪو عام طور سنسڪرت پنهنجي وجود ۾ اچڻ بعد ان کان قبول ڪيو هجي. هن سلسلي ۾ مرحوم لطف الله بدوي لکي ٿو: ”موهن جي دڙي جي تهذيب بقول ڀيرومل آڏواڻي دراوڙن ۽ سنٿالن جي تهذيب هئي، جن کي هندو مؤرخين اڻ آريا ڪري سڏيو آهي. آرين جي اچڻ کان پوءِ اڻ آريا تهذيب جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، مگر هي حقيقت ۽ حيرت جو مقام آهي ته، جا تهذيب ان وقت جي دنيا جي طاقتور ۽ متمدن سلطنتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فخر سان گردن بلند ڪندي رهي هجي، ان کي اڻ آريا سڏڻ ڪيتري قدر نه باطل دعويٰ آهي. ائين ته نه آهي ته خانه بدوش آرين کي اصل تهذيب سيکاريندڙ موهن جي دڙي جي تهذيب هئي. ڇا ائين ممڪن آهي. ڇا ممڪن ٿي نه ٿو سگهي ته آرين جي سنسڪرت، هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي زبانن جو ميلاپ هجي“.[316]
ٻئي نظريي موجب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي نئين تحقيق موجب لکي ٿو: ”سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌوماٿر جي قديم ٻولي آهي.[317]
ڊاڪٽرصاحب پنهنجي تحقيق موجب سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي تسليم ڪونه ٿو ڪري، بلڪ آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بنياد تي چوي ٿو ته، سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا ”سامي“ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو.[318]
ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي راءِ جي آخر ۾ هن شڪ شبهي جو به واضح لفظن ۾ اظهار ڪيو ته، ”سنڌي ٻوليءَ جون ڪي خصوصيتون اهڙيون آهن، جيڪي ان سنسڪرت واري سٿ کان بنهه ٻاهر ۽ عليحده ڪري ٿيون ڇڏين.“ ان راءِ جي ڪافي ورهين بعد ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو مٿيون نئون نظريو قائم ڪري اڳيان سڀ رايا رد ڪري سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي نروار ڪيو. غالباً ان جو وڏو سبب ڊاڪٽر ٽرمپ وارو مٿيون شڪ شبهو ئي معلوم ٿئي ٿو، جنهن جي بنياد تي هي نظريو قائم ڪيو ويو. هن راءِ مان واضح ٿئي ٿو ته، سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌي نه پر ڀيڻ آهي.[319]
بلڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته، هي ٻولي سنسڪرت کان گهڻي آڳاٽي آهي. ان نظريي سان مناسبت رکندڙ رايو ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به رکي ٿو، هو لکي ٿو: سنڌي ٻولي هند آريائي (Indo Aryan) ٻولين جي اتر هند (North Indian) واري شاخ جي ساڳي بنياد مان اسرڻ ڪري نيپالي، ڪشميري، کري، هندي، مراٺي ۽ لهندا جي مائٽ ٿئي.
انهيءَ لحاظ سان سندس نسبت سنسڪرت مان به آهي. موجوده تحقيق جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته، سنڌي ٻولي پنهنجي سر هڪ خودمختيار سنڌي پراڪرت ٻولي هئي، جا سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. وراچڊ ۽ پئنشاچي ان جون ڀينر ٻوليون آهن. اهوبه ثابت ٿيو آهي ته، برصغير جي ڪابه ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل نه آهي، پر سنسڪرت پاڻ اڌيچيه پراڪرت جي تڪش شلا واري خطي جي مقامي لهجي جو سڌريل ۽ سنواريل روپ آهي، جنهن کي پهرين ڀاشا سڏيو ويو آهي ۽ پوءِ ان کي سنسڪرت (سنواريل ۽ سڌاريل) نالو ڏنو ويو. انهيءَ لحاظ سان چئبو ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو بڻ بنياد هڪ ئي آهي، پر ساڳي وقت اهو به چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت کان آڳاٽي ٻولي آهي.[320]
ٽئين نظريي موجب محترم سراج ميمڻ لکي ٿو، ”سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه پر سنسڪرت سنڌي جي ڄائي آهي. مشرق توڙي مغرب جي تهذيب ۽ ٻولين جو اصل بنياد سنڌو ماٿر آهي، جتان سنڌ ملڪ جا ماڻهو اولهه طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽيميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي تهذيب ۽ زبان کڻي ويا ۽ اتي پنهنجي تهذيب يا زبان کي ڦهلايائون.[321]
سراج ميمڻ صاحب جي خيال موجب ”بابل ۽ سمير جي تهذيبن تي سنڌي تهذيب يعني موهن جي دڙي واري تهذيب جا اثرات اچن ٿا، جيڪا واپارين ۽ تاجرن معرفت اوڏانهن ڦهلي، سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرحدن منت آهي ته سنسڪرت تي به سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي، سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌي جي ڄائي آهي. سڌي طرح نه سهي اڻ سڌي طرح سهي.“[322]
مٿين راين کان علاوه گريئرسن لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ (سن 712ع) سنڌي ٻولي نه صرف ڳالهائي ويندي هئي، بلڪ لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ به مروج هئي.“
آرين جي زماني ۾ قديم سنڌي ٻوليءَ سان ٽڪرجڻ بعد سنسڪرت فقط پنڊتن تائين محدود رهجي ويئي، جنهنڪري قديم سنڌي ٻولي نئين آريائي ٻولين تي اثرانداز ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ سنسڪرت سان گڏجي ويا.“[323]
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو: ”سنڌي ٻولي پنهنجي جهونائي ۽ چه ڳاٽائي ڪري پنهنجي مٿي هڪ اهڙي امٽ ٻولي آهي، جنهن جي پاسي ۾ هندستان (۽ پاڪستان) جي ڪابه ٻولي بيهي نه ٿي سگهي“.[324]
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي هڪ وضاحتي مراسلي ۾ لکيو آهي: ”سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌوماٿر جي قديم ٻولي آهي. لهندا (سرائيڪي) ۽ اتر سنڌ ۽ سنڌ ماٿر جون ڪوهستاني ٻوليون ان جون ڀيڻون آهن. اهي بودباش جي لحاظ کان هند آريائي ٻوليون آهن، پر ٻين هند آريائي ٻولين کان نراليون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوٽ ۾ هند آريائي ۽ داردي ٻولين جي اثرن کي دخل آهي، خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۾ ”سامي صفت“ زبانن توڙي قديم ترڪي سٿين ۽ ايراني ٻولين جي اثرن کي به غالباً دخل آهي. نسبتاً پوئين دؤر ۾ خاص طور پالي پراڪرت جي شمالي هند واري محاوري ذريعي سنڌي توڙي ٻين سنڌ ماٿر وارين ٻولين ۾ سنسڪرت مان نڪتل لفظن جو وڏو ذخيرو داخل ٿيو. موجوده سنڌي ٻوليءَ جو خاڪو غالباً قبل اسلام واري قريبي دؤر (5 کان 7 صدي عيسويءَ) ۾ بڻيو. جڏهن ٻڌ ڌرم جي مهاين پنٿ جي ڌرمي ميلاپ توڙي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي سياسي مرڪزيت سنڌي ٻوليءَ جي اسرڻ لاءِ مکيه ڪارڻ هئا. سنڌي ٻوليءَ جي لساني تشڪيل ۽ ترقي اسلامي عربي دؤر ( 8-10 صدي عيسويءَ) ۾ ٿي.[325]
هن سلسلي ۾ بشير احمد ظامي لکي ٿو: ”سرائيڪي زبان پنهنجي ليکي هڪ خودمختيار زبان آهي، جابر صغير جي سڀ کان پراڻي زبان آهي ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ ڳالهائي ويندي هئي، جنهن مان سنڌي زبان، پنجابي، پشتو ۽ ڪشميري زبانون ڦٽي نڪتيون آهن“.[326]
جيتوڻيڪ هي رايو بشير احمد ظامي صاحب جي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان محبت جو ثبوت مهيا ڪري ٿو. پر ان مان هي حقيقت به ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌي زبان برصغير جي سڀ کان پراڻي ۽ قديمي زبان آهي، ڇوته سرائيڪي زبان اصل ۾ سنڌي ۽ پنجابي زبان جي ميلاپ مان نڪرڻ[327] ۽ سنڌي زبان جي هڪڙي محاوري مان بدلجي هاڻ هڪ مڪمل زبان جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ظامي صاحب جو اصل اشارو سنڌي زبان ڏانهن آهي، جيڪا برصغير جي سڀ کان قديم ۽ آڳاٽي زبان آهي.
محترم آفاق صديقي لکي ٿو: ”بنيادي طور سنڌي زبان پنهنجي ساخت پرداخت، لب و لهجي، صوتي رنگ و آهنگ جي اعتبار سان هڪ قديم زبان آهي، جنهن جي قدامت جو رشتو هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت سان ملي ٿو.“[328]
ڊاڪٽر غلام علي الانا ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”سنڌي ٻولي هڪ نهايت قديم ۽ تاريخي زبان آهي. برصغير پاڪ و هند جي تمام جهونين ٻولين ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو. سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمايه دار زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغت، پنهنجو علم و ادب ۽ پنهنجو ثقافتي خزانو آهي. منجهس اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو آهي. هن ٻوليءَ کي پنهنجو هڪ معياري رسم الخط آهي.“[329]
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت مختصر رايو ڏيڻ کان اڳ جڏهن اسان هن ٻوليءَ جو هن خطي جي ٻين قديم ٻولين سان ڀيٽ ۾ مختصر جائزو وٺنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته، سنڌي ٻوليءَ جا سوين بلڪ هزارين لفظ انهن ٻولين ۾ مروج ٿيل آهن. انهن جي نحوي بناوت سنڌي ٻوليءَ جهڙي آهي. ڪجهه لفظ اهڙا به آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ مان ڪجهه بدليل صورت ۾ سنسڪرت ۾ شامل ٿي ويا آهن. مثلاً: ”ڏند“ مان ”دنت“، ”رات“ مان ”راتر“ ۽ واٽ مان ”واٽر“ وغيره.[330]
ان کان علاوه ڪي حرف اسان وٽ مرڪب هجڻ باوجود مفرد طور استعمال ٿين ٿا، سي به سنسڪرت ۾ مرڪب طور استعمال ڪيل آهن. مثلاً: ”ڊ“ ۽ ”ٽ“ ٻه ”ر“ گاڏڙ مرڪب حرف سنسڪرت ۾ ”ڊر“ ۽ ”تر“ جي صورت ۾ شامل آهن، جيڪي ”چنڊ“ مان ”چندر“، ”پٽ“ مان ”پٽر“، ”مائٽ“ مان ”مائٽر“ يا ”مٽ“ مان ”مٽر“ ۽ ”ڇٽي“ مان ”ڇٽري“ طور استعمال ڪيل آهن. جڏهن ته ”ڍ“ ۽ ”ٺ“ جا ”ر“ گاڏر مرڪب حرف سنسڪرت قبول ڪونه ڪري سگهي.
سنڌي ٻوليءَ جا ”مهه“، ”لهه“، ”ڻهه“، ”ڏهه“، ”نهه“ ۽ ”ڙهه“[331] جا ظاهري طور مرڪب پر حقيقت ۾ منفرد وسرڳ حرف توڙي ”ڃ“، ”ڄ“، ”ڳ“، ”ڱ“، ”ٻ“، ”ڏ“[332] کان علاوه ”ڻ“ جا حرف به سنسڪرت ۾ مروج ڪونه ٿي سگهيا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت يا ٻين ٻولين مان نڪتل نه آهي. جيڪڏهن هي ٻولي سنسڪرت يا ان قسم جي حرفن واري ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان نڪتل هجي ها ته پوءِ اهي مرڪب ۽ مفرد حرف انهن ٻولين ۾ به ضرور موجود هجن ها. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت يا ٻين دراوڙي ٻولين جي ماءُ ته چئي سگهجي ٿو، پر ڌيءُ هرگز نه. يا وري نه ماءُ چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ڌيءُ. جيتوڻيڪ انگريزي، فارسي، عربي ۽ ٻين ڀر وارين ٻولين جو ڪجهه اثر هن زبان تي موجود آهي، جيڪو بعد ۾ مختلف دؤرن دوران ٿيندو رهيو، پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هي ٻولي ڪا انهن ٻولين جي ڄائي آهي. لسانيات جي اصولن موجب تمدني، تهذيبي، جاگرافيائي، حڪمراني توڙي پاڻ ۾ گڏجڻ سبب سڀئي ٻوليون هڪٻئي تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون آهن ۽ هي سلسلو هميشه جاري رهڻ جهڙو آهي، جنهن سبب نيون ٻوليون ۽ نوان محاورا وجود ۾ اچن ٿا. اها خوبي ٻولين جي وسعت ۽ شاهوڪار هجڻ جو ثبوت ليکبي آهي. ان ڪري برصغير بلڪ ايران، افغانستان، ترڪي، يونان، عربستان ۽ انگلستان جي تقريباً سڀني ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ موجود آهن. انهن جي دؤر حڪومت ۾ انهن جي عالمن ۽ ليکڪن سنڌ جو حال احوال پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو، جن ۾ سنڌي شين، شهرن ۽ ماڻهن جا نالا شامل آهن، جيڪي اڳتي هلي خود انهن جي ٻولين ۾ مروج ٿي انهن جا ٿي ويا.
هوڏانهن واپار جي لحاظ سان اسلام جي آمد کان اڳ سنڌ جا هندو واپاري ۽ تاجر ايران، عربستان، بلخ ۽ بخارا تائين ويندا هئا. انهيءَ اچ وڃ ۽ واپاري ڏي وٺ جو اثر جيئن ملڪ جي اقتصادي حالت تي ٿيو هوندو، تيئن هن خطي جي ثقافت ۽ ٻوليءَ تي به ٿيو هوندو. ڪيترن ئي لفظن جي ڏي وٺ ٿي هوندي ۽ ڪيترائي سنڌي لفظ ايراني ۽ عربي لغت ۾ داخل ٿي ويا.[333]
سنسڪرت يا ٻين دراوڙي ٻولين جو جڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ سان تقابلي جائزو وٺنداسين ته اسان کي سوين بلڪ هزارين لفظ اهڙا ملندا، جيڪي سنڌيءَ کان انهن ۾ وڃي شامل ٿيل معلوم ٿين ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ ۾ سنڌي ۽ دراوڙي ٻوليءَ جي هڪجهڙن لفظن جون لڙهيون ڏنيون آهن، جن مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪهڙا ۽ ڪيتري انداز ۾ لفظ انهن ٻولين ۾ شامل ٿي چڪا آهن.
لڙهي پهرين:
سنڌي |
دراوڙي |
سنڌي |
دراوڙي |
پرائڻ |
پيڙ |
نِرڙ |
نيڙ |
سلڻ |
شول |
وائي |
واي (وات) |
ڪراڙو |
ڪيڙو |
سوڙهو |
شرڪ |
ڪوڙو |
ڪارو |
پڙ (جنڊ جو) |
پيڙ- يئه |
کوٽڻ |
ڪوٽ |
اوڍڻ |
اوڊ |
منجي |
مانري |
ڪرنڊي |
ڪلرنڊي |
ٽڙي |
ٽاڙي |
اوڙاهه |
آڙ |
ٽڙڻ |
ٽيڙايو |
کٽ |
ڪٽ[334] |
لڙهي ٻي:
سنڌي |
بروهڪي |
سنڌي |
بروهڪي |
منجهند |
منجن |
ڪڪڙا |
ڪڪڙا |
ڪوپري (مٿي جي) |
کوپري |
رنبي |
رنبي |
پني (ڄنگهه جي) |
پِني |
جُهڙ |
جُرِ (ڪوهيڙو) |
کُڙي |
ڪُري |
لَڪ |
لَڪ |
ٺوٺ |
ٽوٽ |
ارمان |
ارمان |
ٿوم |
ٿوم |
تنوار |
توار |
کاري (کاريندڙ) |
کاري |
کبڙ |
کبر |
ڳوٿري |
گوٿري |
ڀولڙو |
بولوُ |
ڍڳي |
ڊگي |
گنگو |
گنگ |
اوجهري |
اوجرنڪ[335] |
|
|
سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ جڏهن اسان اولهه طرف وارين ٻولين سان ڪنداسين ته، اسان کي عربي، ترڪي، يوناني، فارسي ۽ انگريزي ٻوليون به سنڌي زبان کان متاثر نظر اچن ٿيون. مثلاً: عربيءَ ۾ ”جت“ مان ”زط“، جت سنڌ جي قديم قوم آهي، جيڪا هارون رشيد جي زماني جي وقت جنگي کاتي ۾ ملازم هئي.[336] اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”ڪچ“ به چيڪ زبان ۾ استعمال ٿيندو آهي.
اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغداد جي خليفن سنڌ مان ڪيترائي پنڊت ۽ ودوان پاڻ وٽ گهرائي کين تعليمي ۽ طبعي عهدن تي مقرر ڪيو. سنڌ جي پنڊتن ۽ وداونن بغداد ۾ رهي حساب ۽ طبعي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا. حڪومت طرفان انهن ڏينهن ۾ هڪ زبردست علمي کاتو قائم ٿيل هو، جنهن ۾ قسمين قسمين علمن جا ترجما ٻين ٻولين مان عربيءَ ۾ ڪيا ويندا هئا. انهيءَ وقت ڪيترائي سنڌي ۽ هندي اصطلاح، دوائن ۽ خوشبوئن جا نالا عربيءَ ۾ داخل ٿي ويا، جيڪي اڃا تائين ان ۾ موجود آهن.[337] جهازن مٿان جيڪي ”پلنگ“ پيل هوندا آهن، تن کي سنڌ ۽ هند جا رهاڪو پلنگ چوندا آهن ته عرب ساڳي لفظ کي ”پلنج“ چوڻ لڳا. ساڳيءَ طرح عربيءَ ۾ ”چندن“ کي ”صندل“، ”ڪپور“ کي ”ڪافور“، ”ڪرن ڦل“ کي ”ڪرنفل“ (لونگ) ”ڀَت“ (جيڪو چانورن وغيره مان رڌبو آهي)، ”بهط“، ”انب“ کي ”امبج“ چوندا رهيا.[338]
ڊاڪٽر غلام علي الانا ته ڪجهه حوالن سان عربي زبان ۾ سنڌي زبان جي لفظن جي پوري لڙهي ڏني آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي:
شرعھ |
سڙهه |
سندان |
سنداڻ |
زط |
جِت |
طبقي |
دٻڪي |
ڪَخ |
ڪک (طب جو لفظ) |
عاکره |
آڪرو (واپارڪو لفظ) |
قباله |
ڪاٻارو (واپارڪو لفظ) |
بوق |
ڀوڪ |
قَز |
گَجُ |
فوط (لونگي وارو رومال) |
پٽ/ پوتو/ پوتي |
شيت |
ڇيٽ (ڪپڙي جو قسم) |
صندل |
چندن |
بنيانيه |
واڻيا |
ڪافور |
ڪپور |
دوينج |
دنگي |
هندول |
هنڊول، هندورو |
بزاز |
بجاج ”بازار“ ڇونه. بجاج جي معنيٰ آهي واپاري. |
اَمبج |
اَنب |
نيلج |
نيل، نير |
بلنج |
پلنگ (جهاز جي مٿان پيل هوندو آهي)[339] |
محترم شرف الدين اصلاحي سنڌي حرف ”ٻ“ جي انگريزي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ شامل ٿيڻ بابت لکي ٿو:
هي ”ٻ“ سنڌي لفظن جي شروع ۾ اچي ٿي، وچ ۾ اچي ٿي ۽ آخر ۾ به اچي ٿي. هندي الفاظ ته هونئن به سنڌي ٻوليءَ جا اصلي ڇڏيل لفظ آهن. عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ به تبديليءَ کان پوءِ هي ”ٻ“ داخل ٿي آهي.
”اٻاٻ“ ۽ ”اُٻس“ سنڌي لغت مطابق اصل ۾ عربيءَ ۾ ”حبس“ ۽ ”حباب“ آهن. ”دٻدٻو“ ۽ ”ٻانگ“ فارسيءَ ۾ ”دبدبه“ ۽ ”بانگ“ آهن. ”ٻالاس“ انگريزيءَ ۾ ”بيلنس (Balance) آهي.[340]
مولانا ابوالجلال ندوي لکي ٿو:
”واديءَ سنڌ جي باري ۾ جيئن جيئن تحقيقات جو دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو، تيئن نت نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن. دنيا جي هن قديم ترين سرزمين ۾ نه صرف شاندار تهذيب جا بيش بها خزانا دفن آهن، بلڪ هي به ثابت ٿيو آهي ته سرزمين عرب ۽ سرزمين سنڌ جو هڪٻئي سان تهذيبي ۽ ثقافتي رشتو رهيو آهي ۽ عربي زبان به سنڌي زبان جي ئي ترقي يافته شڪل آهي.“[341]
پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي لکي ٿو:
”يورپ جي گهومو/ خانه بدوش قوم جپسين جي زبان به ڦريل سنڌي آهي. يورپ جي ڪيترن ملڪن جهڙوڪ جرمني وغيره ۾ انهن کي اڄ به سنڌي سڏيو وڃي ٿو.“[342]
سنڌيءَ کان سنسڪرت معرفت ٻين يورپي ٻولين ۾ ڪيترن ئي لفظن جي شامل ٿيڻ بابت ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو:
”عيسوي پندرهين صدي ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيزن ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن هڪٻئي پٺيان واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون ته، منجهائن ڪن سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻي ئي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترن ئي يورپي ٻولين ۽ پارسيءَ ۾ آهن.“
مثلاً: سنسڪرت ماتر (ماتا، ماءُ) ۽ ”ڀواتر“ (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ مادر ۽ برادر ۽ انگريزيءَ ۾ مدر (Mother) ۽ ”برادر“ (Brother) آهن. اهڙا ٻيا ڪيئي ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا، پر سمجهي نٿي سگهيا ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.[343]
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو:
”ايران جي هاڻوڪي فارسيءَ ۾ ٻه حصا ڏکئي ۾ ڏکيا ۽ چند ۾ چند عربي لفظن جا موجود آهن. ايرانين محسوس ڪيو ته سندن زبانن ۾ نون اصطلاحن ۽ جديد ايجادن جي لاءِ پاڻ وٽ لفظن جو پورو ذخيرو موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري هنن بنا هٻڪ عربي زبان جي مدد لاءِ دل کولي ورتي ۽ ايتري ورتي، جنهن جي حد ۽ حساب مشڪل آهي. نتيجو هي نڪتو آهي، جو ايراني زبان (فارسيءَ) جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته اڄڪلهه جي ايراني فارسي ٻه حصا، عربي آهي ۽ هڪ حصو فارسي.[344]
فارسي زبان جي عربي زبان کان متاثر هجڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته اها سنڌي زبان کان اڃا وڌيڪ متاثر هوندي، ڇوته عربيءَ جي مقابلي ۾ هو سنڌيءَ کي وڌيڪ ويجهي آهي.
حڪيم فتح محمد انگريزي، فرينچ ۽ جرمنيءَ جهڙي عالمگير زبانن مٿان ڌارين ٻولين جي اثرن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، انهن ٽنهي زبانن کي ڳولي ڦولي ۽ جاچي جوچي ڏسبو ته انهن ۾ وڏو حصو ڌارين ٻولين جو ئي آهي. ٽنهي زبانن جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته وڏو حصو لئٽن (Latin) ۽ يوناني (Greek) زبانن مان ئي آيل آهي. باقي فرينچ، انگريزي ۽ جرمنيءَ جو آهي. تنهن کان سواءِ منجهن عربي، عبراني، ترڪي ۽ فارسيءَ جو به گهڻو دخل ٿو ڏسجي، جن مان ڪي سامي (Semitic) زبانون سڏيون وڃن ٿيون ۽ يورپي زبانن لاءِ بلڪل ڌاريون آهن.[345]
حڪيم صاحب انگريزي زبان ۾ دوائن بابت عربيءَ ۾ شامل ٿيندڙ ”قولنج“ (پيٽ جو سور) مان ”ڪالڪ“ (colic) ”ڪباب“ مان ڪيوبب (cubib) ”آفيم“ مان ”اوپيم“ (Opium) ”صندل“ مان ”سينٽل“ (santal)، ”ڪچو“ مان ”ڪچا“ (kutcha)، ”پڪو“ مان ”پڪا“ (pucca)، ۽ ”اڪ“ مان ”لئڪ“ (Lac) شامل آهن.[346]
پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ڪجهه اهڙن لفظن جي لڙهي ڏني آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جا ڪهڙا لفظ ڪهڙين تبديلين سان يورپ جي ڪهڙين ڪهڙين ٻولين ۾ شامل ٿي چڪا آهن. لڙهي هيٺ پيش ڪجي ٿي:
انگريزي |
جرمن |
فرينچ |
اطالوي |
اسپيني |
سنڌي |
فوٽ |
فوس |
پيي |
پئيدي |
پي |
پير |
ٽو |
ٽراءِ |
دو |
دئي |
دوس |
ٻه |
ٿري |
ڊراءِ |
تروا |
تري |
تري |
ٽي |
مي |
مِش |
مُوا |
مي |
مي |
مونکي |
مٿين لفظن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انهن لفظن ۾ انگريزي، جرمن، فرينچ ۽ اسپيني زبانون رشتيدار آهن. خود سنڌي به سندن مائٽياڻي پئي معلوم ٿئي. چئبو ته اها مٽي مائٽي آڳاٽي آهي. جرمن، ڊچ، انگريزي، سئڊش وغيره ٻوليون پاڻ ۾ ويجهيون عزيز آهن. انهن کي جرماني زبانون سڏيو وڃي ٿو.
فرينچ، اطالوي، اسپيني ٻوليون پاڻ ۾ ويجهيون عزيز آهن. انهن کي رومانين زبانون سڏيو وڃي ٿو. جرماني ۽ رومانين زبانن جو وري مٿي رشتو ملي ٿو، تنهنڪري ٻنهي کي گڏي يورپين زبانون سڏجي ٿو. ايراني ۽ هندي زبانون پاڻ ۾ ويجهو عزيز آهن، تنهنڪري ان کي گڏي انڊو ايراني زباني سڏجي ٿو. اهي وري انڊو يورپي ٻولين سان ٿورو مٿڀرو مائٽ لڳن ٿيون، تنهنڪري انهن سڀني زبانن کي انڊو يورپين زبانون سڏجي ٿو.[347]
نج آڳاٽن سنڌي لفظن جو ذخيرو هزارن ۾ آهي، جن جو سنسڪرت سان واسطو ڪونهي. انهن لفظن جو وجود ثابت ڪري ٿو ته سنسڪرت کان به ڪا آڳاٽي ٻولي هئي، جنهن جا هيترا سارا لفظ اڄ به اسان وٽ موجود آهن.[348]
فارسي زبان ۾ ڪجهه سنڌي پهاڪن جي هئڻ جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو:
”ڪي پهاڪا سنڌي صورت ۾ آهن ۽ ظاهريءَ ۾ فارسيءَ مان ترجمو ٿيل معلوم ٿين ٿا، پر ان لاءِ ڪو تاريخي ثبوت نه آهي، ته اهي فارسيءَ مان ترجمو ٿيا يا سنڌيءَ مان. سنڌي پهاڪا نسبتاً پراڻا آهن ۽ فارسي سنڌيءَ کان ورتا آهن.[349]
انگريزي زبان سنڌ جي هڪ قديم بروهي زبان جنهن ۾ دراوڙي زبان جا لفظ شامل آهن.[350] کان به متاثر نظر اچي ٿي. زبان جي امر کان مصدر بڻجڻ واري ترڪيب حقيقت ۾ انهيءَ بروهي زبان کان ورتي آهي. مثلن ”ڪن“ (کاءُ) مان ”ڪننگ“ (کائڻ) امر مان اسم مصدر جوڙيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح انگريزيءَ ۾ به ”اِنگ“ جوڙي اسم مصدر ڪيو وڃي ٿو. مثلاً (ايٽ) “Eat” کاءُ مان “Eating” کائڻ. هي ترڪيب ٻنهي زبانن ۾ ساڳي آهي. قدامت جي لحاظ کان بروهي زبان انگريزي زبان کان گهڻو اڳ واري قديم سنڌ جي هڪ زبان آهي، ان ڪري چئي سگهبو ته انگريزي زبان ۾ ”اِنگ“ سان امر کان مصدر جوڙڻ واري اها ترڪيب بروهي زبان کان ورتل آهي. انگريزي زبان ۾ ڪيترائي بروهي زبان جا لفظ شامل نظر اچن ٿا. مثلاً: ”اسٽار“ (تارو) “Star” ”نن““Non”، (رات)، “Night” دي (ڏينهن) “Day” ”پن“ (نالو) “Pin” هي اهي لفظ آهن، جيڪي قديم زماني کان بروهي زبان ۾ رائج آهن، جڏهن ته انگريزيءَ جو ان وقت نالو ۽ نشان به ڪونه هو.[351]
اهڙيءَ طرح بروهي زبان مان ”جُپ“ انگريزي ”جمپ“، ”مَچ“ کي ابتي معنيٰ ۾ “much” ۽ سوڙ (کٿو) کي “Soar” ڪري ورتو ويو آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ اڳي ”مان“ “ago” ”منجهه“ مان (Among) ۽ ”ڪٻٽ“ مان ڪبرڊ (Cupboard)ڪئبينيٽ ڪري ورتو ويو آهي.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”آفتاب ادب“ ۾ عربي، فارسي، ترڪي ۽ انگريزي زبانن جا سوين لفظ سنڌيءَ ۾ داخل ٿيل ڏيکاريا آهن، پر مٿين حوالن ۽ قدامت جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اهي لفظ اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ جا آهن، جيڪي بعد ۾ انهن زبانن ۾ شامل ٿي ويا، ڇوته سنڌي زبان جي موجوده صورتخطي توڙي علمي ۽ ادبي ارتقا مٿين زبانن جي صورتخطي علمي ۽ ادبي ارتقا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي پوءِ ٿي آهي، ان ڪري انهن لفظن کي مٿين زبانن جو سمجهيو پيو وڃي.
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ عظمت بابت لکي ٿو: برصغير پاڪ و هند جو نالو به ”سنڌ“ تان پيو. ”سنڌ يا ”سنڌو“ اصل ۾ ”سن+ ديو“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، چندر مان چنڊ، ديوتا ”سن“ اصل ۾ سميري ٻوليءَ جو لفظ آهي جا سنڌ جي آڳاٽي ٻولي هئي ۽ ان جا ڪيئي لفظ اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. سنڌو درياهه جو نالو، مهراڻ (مهه- روان). ”سنڌو“ (سن+ ديو) جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو آهي، جنهن جو مطلب آهي، وهندڙ چنڊ. اهوئي سبب آهي جو چين، يونان ۽ روم جي لکتن ۾ سنڌ کي ”سنتو“ (سن+ ديو)، ”سنڊوس“ (سنڊ+ وس) ۽ ”سنٿوس“ (سن+ ٿوس) جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. انهي تشبيهه جي تصديق چانڊوڪي رات جي درياهه جي ديدار مان ٿئي ٿي. آريا قوم جو چندرونسي قبيلو سنڌ ۾ ئي پيدا ٿيو هو، جن کي بعد ۾ پئچالن (پنجاب مان آيلن) شڪست ڏيئي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. فارسي ٻوليءَ ۾ ”س“ کي سولائيءَ سان ”هه“ ۾ بدلايو ويندو آهي، ان ڪري ايراني ماڻهو ”سنڌ کي جو سندن قبضي ۾ هو ”هند“ سڏيندا هئا. اهو ساڳيو قائدو ايرانين پنهنجي ديوتا ”آهورا“ سان لاڳو رکيو جو اصل ۾ آسوري قوم جو خدا ”آشورا“ يا ”آشور“ هو. يوناني جڏهن برصغير سان تعلق ۾ آيا، تڏهن هنن ايرانين جي رکيل نالي ”هند“ کي ڦيرائي ”اِنڊ“ ڪيو، پوءِ آهستي آهستي يورپي قومن وٽ ”انڊي“ ۽ ”اِنڊيا“ مشهور ٿيو.[352] ”سنڌ“ لفظ جي ٻئي معنيٰ آهي ”سائو ملڪ“.
ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب وڌيڪ لکي ٿو: ”ڏسڻ ۾ ايندو ته انڊونيشيا جو ملڪ جنهن ۾ جاوا، سوماترا، ٻالي، سيليبس، بورنيو وغيره اچي وڃن ٿا، تنهن جو نالو پڻ سنڌ ۽ سنڌو جي نالي پٺيان رکيل آهي. اصل ۾ اهو ”انڊس- نوسيا“ (Indusnesia) آهي، جنهن جو مطلب آهي، سنڌو جو پراڙ وارو ملڪ. ان ڪري قديم دؤر ۾ سنڌو مهذب درياهه کي اوڀر ۾ مهذب دنيا جي حد سمجهيو ويندو هو. آريانا (افغانستان) جي ٻوليءَ ۾ ”سنڌ“ نالو هڪ عظيم وهڪري لاءِ استعمال ڪيل آهي، جنهن ۾ ڪک، پن، وڻ ٽڻ، گهر جايون وغيره سڀ وهي وڃن ۽ اهو محاورو سنڌ سان گهڻي قدر مليو اچي، جنهن ۾ ڪيئي نسل ۽ قومون، قبيلا ۽ ڪٽنب وهي مليا ميٽ ٿي ويا ۽ انهن جو ڪوبه نشان نه رهيو آهي. عظيم سنڌ انهن کي مٽائي هڪ نئين نسل ۽ قوم کي جنم ڏنو، جيڪا فقط سنڌي آهي ۽ سنڌ ان جي پاڪ ۽ پوتر ماءُ آهي.[353]
مولائي شيدائي لکي ٿو: ”ايراني ”س“ کي ”هه“ مان پنهنجي لهجو ڦيرائي ”هند“ ڪيو هي لفظ پوءِ رومن صرف ۽ نحو جي چرخي تي چڙهي ”انڊ“ ٿيو، جو پوءِ قلابازيون کائيندو بدلجي انڊيا ٿيو ۽ اڃا تائين مغربي زبانن ۾ مروج آهي.“[354]
سرجان مارشل طرفان تصويرن ذريعي تحقيق ٿيل ٻن جلدن جو حوالو ڏيندي مولانا ابوالجلال ندوي ٻئي هنڌ لکي ٿو: تصويرن ذريعي هن سنڌي ماڻهن جو مذهب لکيو آهي. ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو، پر ڳالهه نهايت واضح ۽ مؤثر دليلن سان ثابت ڪئي اٿس ته تحرير جي زبان ڪهڙي به هجي، سنسڪرت يا ڪا ٻي آريائي زبان ڪونه ٿي سگهي ٿي. ڇوته هي تمدن هندستان ۾ آرين جي زماني کان مدتون اڳ جي شيءِ آهي. باوجود سخت محنت جي هو هن نتيجي تي پهتو آهي ته تحرير جي زبان معلوم ڪونه ٿي سگهي، پر گمان غالب آهي ته دراوڙي زبانن مان ڪا هڪ هجي ته ڪو عجب نه آهي.[355]
محترم علي احمد بروهي لکي ٿو: چين ولايت جي آڳاٽي اتهاس ۾ هندوستان جو نالو ”شن- ڌو“ (Shindho) ڄاڻايل آهي، جنهن کان مراد آهي ”سنڌو جو ديش“. ياد رهي ته هندوستان کي ”انڊيا“ جو نالو اسان جي سنڌو يعني ”انڊس“ ڏنو، جيئن ته يوناني ”س“ جي اکر توڙي اُچار کان محروم هئڻ ڪري ”س“ بجاءِ الف يعني ”ا“ استعمال ڪندا هئا. اهڙي اُچار دنيا ڀر ۾ جتي به انڊو، انڊس، انڊيا، انڊيانا يا سنڌو، سنڌوا، سنڌومانا، سڀتا سنڌو يا هندو، هندوا ۽ هند جو لفظ اُچاريو ٿو وڃي ته پڪ ڄاڻو ته اهڙي اکر توڙي اُچار جو سرچشمو يا بنياد ”سنڌو“ آهي.[356]
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻئي هنڌ دنيا جي ٻولين جي هڪ ٻئي برادريءَ بابت هيئن لکي ٿو:
ٻولين جي ماهرن ۽ فلالاجي (Philology) جي عالمن ڪن لفظن جي هڪجهڙائيءَ سبب دنيا جي زبانن جا ٽي قسم مقرر ڪيا آهن. اهي ئي ٽي قسم دنيا جون بنيادي زبانون آهن، ٻيون هزارين زبانون انهن مان ئي ڦٽيون آهن. 1. آريائي يا آرين (Aryan)، 2. توراني يا ترينن (Turanian)، 3. سامي يا سيميٽڪا (Semitica).
پهرين قسم جي زبانن مان هي آهن سنسڪرت، فارسي، انگريزي، فرينچ ۽ لئٽن وغيره.
ٻئي قسم مان چيني، تاتاري ۽ ترڪي وغيره.
ٽئين قسم مان عربي، عبراني، ڪلداني ۽ سرياني وغيره.
دنيا ۾ جيئن سڀ انسان انسانيت جي ڪري هڪٻئي جي برادريءَ ۾ آهن، فقط جدا جدا ملڪن ۾ رهڻ ڪري ئي جدا جدا نمونو ۽ ڌار ڌار رهت سهت رکن ٿا. تيئن سڀني انسانن جون ٻوليون به قريب هڪ ئي ڪل مان آهن. جيتوڻيڪ جدا جدا ملڪن ۾ وڃي هنن جدا جدا روپ ورتو آهي.[357]
حڪيم صاحب جو ڏنل پهرئين قسم جي ٻولين لاءِ آرين (Aryan)، ٻولين جو حوالو، جنهن ۾ سنسڪرت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. تنهن مان هي حقيقت سامهون اچي ٿي ته سنسڪرت دنيا جي ٻولين ۾ سڀ کان آڳاٽي زبان آهي، جڏهن ته محترم سراج ميمڻ ۽ مولانا ابوالجلال ندويءَ جي مٿين حوالن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌي زبان سنسڪرت زبان کان به آڳاٽي آهي. تنهنڪري اهوئي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان دنيا جي سڀ کان آڳاٽي بلڪ پهرئين ٻولين مان هڪ آهي. گنگارام سمراٽ جي نظر ۾ سنڌي ٻولي سنڌو سنسڪرتي ٻولي آهي، جنهن مان ٻوليءَ جي قدامت جو پتو پوي ٿو، جيڪا آمريڪا کنڊ تائين وڃي پهتي.
هو لکي ٿو: ايجپت مان سرپيٽري کي اتي جي پهرين راڄ ونش جون شيون مليون آهن ۽ هڪ قسم جي پراچين پڻ ملي آهي، جيڪا ايجپشن، مصري چتر اکشرن (Hierogryph) جي ماءُ هئي. اهي شيون ۽ لپي سنڌو سنسڪرتي لپيءَ جون ٻچڙيون ثابت ٿيون آهن. عجب جي ڳالهه اها آهي ته پئسفڪ وڏي سمنڊ جي نيڪر تي ۽ ايسٽرڪيو (Ester Islam) مان ٿورا ورهيه اڳ هڪ حيرت انگيز پراچين لپيءَ ۾ لکيل ليک مليا آهن. ان لپيءَ جي جاچ ڪندي معلوم ٿيو آهي ته، اها لپي سنڌو لپيءَ جي ڌيءَ هئي ۽ ڊاڪٽر لئنگن جهڙي ودان چيو آهي ته ”موهن جو دڙو“ سنسڪرتي وارا لوڪ پراچين ڪال ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آمد و رفت ڪندا هئا ۽ اها انهن جي ئي لپي ۽ سنسڪرتي ايسٽر ڪيو جي کنڊرن ۾ ملي آهي. اتر آمريڪا جي پراچين مان جاتيءَ جي سنسڪرتي جي آثارن تي به سنڌو سنسڪرتي جي ڇاپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڏکڻ آمريڪا جي پيرو (Peru) جي انڪا (Inca) سنسڪرتي به ان اوائلي روپ ۾ ايسٽر آئلنڊ سنسڪرتيءَ جي ڌيءَ ثابت ٿي آهي. ان موجب چوڌاري پرٿويءَ تي مڙني پراچين سنسڪرتيءَ جي حول ۾ سنڌو سنسڪرتيءَ جو ڦهلاءُ ڏسجي ٿو.[358]
اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته حضرت آدم عليه السلام جيڪو دنيا جو پهريون انسان هو، هڪ خيال مطابق سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ئي ان کي اولاد ٿيو ۽ سنڌ ۾ ئي ان تي دنيا جي پهرين وحي نازل ٿي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته هو يا هن جو خاندان ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو هو. سنڌ جي ناتي سان چئي سگهجي ٿو ته هو يا هن جو خاندان هتان جي ئي ٻولي ڳالهائيندو هوندو ۽ ان خاندان مختلف دؤرن ۾ هتان ئي دنيا جي علائقن ڏانهن پکڙجي پنهنجي تهذيب ۽ ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ڪيو هوندو.
هاڻ جڏهن اسان آدم جي نالي ۽ ان سان نسبت رکندڙ لفظن جملن ۽ پهاڪن جو سنڌي ٻوليءَ جي روشنيءَ ۾ لساني جائزو وٺنداسين ته اسان کي ڪافي اهڃاڻ اهڙا ملندا جن مان چئي سگهبو ته هو سنڌي ڳالهائيندا هوندا.
آدم کان ”آدم“، ”آدمي“ ۽ ”آدميت“ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوٽن جي اصول موجب وجود ۾ آيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا ابتدائي لفظ چئي سگهجن ٿا. اهي نحوي بناوٽون اسان کي اولهه توڙي اوڀر جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪونه ملنديون، جن جي معنيٰ ”ماڻهو“ يا ”انسان“ ۽ انسانيت جي نڪرندي آهي. ان کان علاوه ”آدم ذات“، ”آدم بوءِ“، ”آدم قد“[359] ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻٽن لفظن کان علاوه ”آدم سر الاهي آه“، ”ڏاڏي آدم جو سن“ ۽ ”ڏاڏي آدم جو اولاد“ جهڙا پهاڪا به هن ئي ٻوليءَ جو خوبيون آهن، جيڪي آدم جي پنهنجي ٻولي هئڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿا. مختلف قومن ۽ ٻولين جو ثقافتي جائزو وٺندي، اسان کي ”آدم“ جو نالو صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ ثقافتي نالي جو ثبوت پيش ڪري ٿو. ٻي ڪنهن به قوم يا زبان ۾ ”آدم“ نالي کي ثقافتي حيثيت حاصل نه آهي. هزارين سال گذرڻ باوجود اڄ به صرف سنڌي ٻولي ۽ سنڌين ۾ ”آدم خان“ جو نالو قائم و دائم آهي. هن نالي سان سنڌ ۾ ڪي ذاتيون قائم آهن. مثلاً ”آدم رئيس“[360] وغيره.
ٽالپورن جي دؤر حڪومت ۾ هڪ ٽالپور نواب نالي آدم خان ٽالپور جو اولاد اڄ تائين ”آدماڻي“ نالي پنهنجي ذات سڏائي ٿو، جنهن مان علي بخش خان آدماڻيءَ کي شهدادپور ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون به مليون هيون، جنهن 1867ع ۾ وفات ڪئي. انگريزن جي فتح وقت مير شيرمحمد خان آدماڻي ۽ ميرخان محمد خان آدماڻي وٽ به جاگيرون هيون.[361]
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ آدم جي نالي ڪيئي شهر ۽ مقام به موجود آهن. مثلاً؛ ”آدم خان پنهور“، ”ٽنڊو آدم“، ”آدم پور“، ”آدم پير“ (بلوچستان) ۽ ”آدم شاهه جي ٽڪري“ وغيره. سڀ کان اهم نقطو هي آهي ته ”آدم“ جو لفظ يا نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن مختلف معنائن ۽ مفهومن جي جملن جي حيثيت رکي ٿو. زهد ۽ تقويٰ، ڪشف ۽ پرهيزگاريءَ جا صاحب روحانيت جي لحاظ کان پنهنجي تبليغ ۾ اڪثر ”آدم“ جي نالي کي استعمال ڪندا رهندا آهن. اهو هيئن ته آدم جي بوتي کي تيار ڪرڻ بعد رب پاڪ آدم جي روح يا ساهه کي حڪم ڏيندي چوي ٿو ”آدم“ معنيٰ اي آدم جا ”روح“ يا ”ساهه“!! اچ هن ٻوتي ۾ گِهڙ!! يا داخل ٿيءُ. ان طرح آدم جو روح ربي حڪم موجب ان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ آدم انسان ٿي جيئرو ٿئي ٿو. ساڳيو جملو ان جي نالي جي حيثيت به اختيار ڪري ٿو. ٻئي جملي موجب انسان جيئن ته هڪ فاني شيءِ آهي، ان جي حياتيءَ تي پل ڀر جو اعتبار ڪونه آهي. ان ڪري ”آدم“ جو لفظ هڪ مڪمل چوڻي بلڪه پهاڪي جهڙي جملي جي حيثيت ۾ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: (آ+ دم) يعني اهو ”دم“ يا ”ساهه“ جيڪو هڪ ڀيرو جسم اندر وڃي ٻاهر نڪري ٿو، ان تي ڪوبه اعتبار ڪونهي ته ڪو اهو ٻيهر اچي هن آدم جي بوتي ۾ داخل ٿئي ۽ اهو دم انسان جو آخري ”دم“ به ثابت ٿي سگهي ٿو.
پهرئين جملي تي غور ڪرڻ سان اسان کي ”آدم“ جو نالو هڪ جملي جي صورت ۾ انسان ذات سان سنڌ ۾ پهريون وحي طور نازل ٿيڻ جي اهڃاڻ جو واضح ثبوت فراهم ڪري ٿو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو هو. ان ڪري گمان غالب آهي ته سنڌي ٻولي دنيا ۾ انسان ذات جي پهرين ٻولي جي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي روحاني حيثيت به حاصل آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي پهرين ٻولي هئڻ سبب هن زبان ۾ ”آدم“ جي نالي سان ايترا لفظ، ٻٽا لفظ، جملا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جيڪي ٻي ڪنهن به پيغمبر جي نسبت سان ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود نه آهن.
مٿين حوالن ۽ حقيقتن جي پيش نظر چئي سگهجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ مان بعد ۾ دنيا جون سڀ موجوده ٻوليون وجود ۾ آيون ۽ اينديون رهيون ۽ آئنده اينديون رهنديون.
اسان جي انهيءَ نظريي کي گنگارام سمراٽ جي هن نظريي ويتر يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. هو لکي ٿو: اسان کي ڄاڻ ڪانهي ته آدم سڀ کان اول ڪهڙي ڀاشا کان واقفيت ٿيو، مگر اها ڳالهه بلڪل صاف چئي سگهون ٿا ته ان جي ڀاشا سڀني ٻولين کان وڌيڪ مڪمل ۽ اظهار ڪرڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ واضح (صاف) ۽ پُرسڌ هوندي. ڇو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته: ”علم آدم الاسما ڪلها“ آدم کي سڀ نالا سيکاريا ويا!! ڪيترو نه سرل ۽ سڀاويڪ بيان آهي ان ڪري اسين وري به وشواس سان چئون ٿا ته مٿي ڄاڻايل انسان جي هڪ اوائلي ڀاشا فقط ويد ڀاشا (سنسڪرت) ئي هئي ۽ آهي. آدم جي ڀاشا به فقط سنسڪرت هئي، ڇو ته عربي روايتن موجب به حضرت آدم جو نزول به اول ڀارت ۾ ٿيو. ڀارت ۾ جتي ٿيو اهو سنسڪرت ڀاشي پرديش هو. ان ڪري هن سنسڪرت ئي ڳالهائي هوندي، جا ڄاڻندو هو. وڏي ڳالهه ته آدم نه هندو هو نه مسلمان نه عيسائي. پر ايشور جو خلقيل هڪ پرش ۽ حوا هڪ استري هئي، ان ڪري اسين سنسڪرت ساهتيه ۾ آدمي يا آدم منش ٿا چئون.678
گنگارام سمراٽ جي هن نظريي کي سامهون رکندي، اسان جو يقين ويتر پختو ٿئي ٿو ته، حضرت آدم سنڌي ٻولي ڳالهائيندو هوندو. سمراٽ جي هن نظريي موجب اهو يقين ٿيو ته آدم هن ئي خطي جي ڪا ٻولي ڳالهائيندو هوندو، پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته، ڪهڙي سنسڪرت يا سنڌي. مٿي اسين مختلف محققن جي حوالن سان اهو ثابت ڪري آيا آهيون ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌي نه آهي، جيئن سمراٽ سمجهي ٿو، بلڪ سنسڪرت سنڌي جي ڌيءَ آهي، جيڪا اڄ دنيا جي خطي ۾ ڪٿي به ڪونه ٿي ڳالهائي وڃي ، تڏهن يقين سان چئي سگهجي ٿو ته حضرت آدم سنسڪرت نه بلڪ سنڌي ٻولي ڳالهائيندو هوندو، جنهن جو لساني جائزو اسان خود ان جي نالي جي نسبت سان ڪيترن ئي لفظن، ٻٽن لفظن، جملن، پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾ مٿي پيش ڪري چڪا آهيون.
سنڌي ٻوليءَ جي اهميت جو اندازو هن حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن ٻولي ۽ خطي دنيا کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو بين الاقوامي شاعر ڏنو ۽ هي خطو انساني تهذيب جو دنيا ۾ سڀ کان اولين مسڪن رهيو آهي. تازو مهرڳڙهه ضلعي ڪڇي بلوچستان ۾ کوٽائيءَ مان لڌل شين جي پرک جي بنياد تي چيو ويو آهي ته اها ڏهه هزار سال قديم سنڌي تهذيب آهي. هي شهر هن وقت تائين کوٽائيءَ ذريعي لڌل شهرن ۾ سڀ کان قديم شهر لکيو وڃي ٿو. هن کان اڳ اسرائيل جي هڪ ڳوٺ ”چيري چو“679 کي اهو اعزاز حاصل هو. مهرڳڙهه سبيءَ جي ويجهو ڪڇي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ وارو علائقو آهي.
هيءَ زبان دنيا جي قديم ترين زبان هئڻ جي حيثيت سبب پاڻ وٽ وڏو علمي ۽ ادبي ذخيرو رکي ٿي. منجهس ايتري ته صلاحيت ۽ وسعت موجود آهي جو هي دنيا جي قديم ترين تهذيب ۽ تمدن جي وارث آهي. هن زبان کي نبي ڪريم صلعم ۽ ان جي اصحابن ٻڌو ۽ ڳالهايو. هن زبان جي پرورش ۾ محدثن، راوين، عالمن ۽ سنڌ جي ڪيترن حاڪمن نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن زبان کي اهو شرف به حاصل آهي جو سڀ کان اڳ آخوند عزيزالله طرفان قرآن شريف جو هن زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو.680
هن ٻوليءَ ۾ هر سڌرندڙ ٻوليءَ وانگر ٻين ننڍين توڙي وڏين ٻولين جا مخصوص لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪري هميشه لاءِ پنهنجو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهوئي سبب آهي جو هن عظيم ٻوليءَ جي نه صرف لغت ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، بلڪ هي زبان پنهنجون سياسي حدون اورانگهي پري پري تائين مختلف علائقن ۽ مختلف محاورن جي صورت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
هن ٻوليءَ ۾ اهڙيون ته چاشنيون موجود آهن، جنهن جو مثال ٻي ڪنهن به ٻوليءَ مان ڏئي ڪونه ٿو سگهجي. ڇوته هي ٻولي حقيقت ۾ هڪ اهڙو اونهون سمنڊ آهي، جنهن ۾ اَملهه موتي ڳولڻ لاءِ جيترو اونهو وڃبو ته اوترا اَملهه موتي هرهنڌ ملندا رهندا، پر ان جو انت ڪٿي ۽ ڪڏهن به ڪونه ملندو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو: سنڌي ٻولي علم، عقل ۽ ڀروسي جو هڪ اٿاهه ساگر آهي. هيءَ ٻولي سماج جي اندر ۾ درياهه شاهه جيان وهندي، ماڻهو ماڻهوءَ کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي. هلندي ويندي، تان جو محبتن ۽ ميلاپن، ڏولاپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رَمزن ۽ رازن، ڏاهپن ۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي ٻوليءَ کي اٿاهه سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏين.681
ٻوليءَ جي سڄڻن پنهنجي وس آهر ڪافي محنت ڪئي آهي ۽ اڃا به ڪري رهيا آهن. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هن زبان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اڃا به وڌيڪ ۽ سائنسي بنياد جي تحقيق ڪرڻ گهرجي. سرڪاري توڙي علمي ۽ ادبي ادارن طرفان هن زبان جي هر هڪ محاوري جو صرف نحو ۽ صوتيات جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺي، هن جي لڪيل اهميت کي نروار ڪجي، ڇوته جيترا محاورا هن زبان ۾ موجود آهن. اوترا منهنجي خيال موجب ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪونه آهن. منهنجي مشاهدي موجب هن زبان ۾ اٽڪل 12 وڏا محاورا سنڌ توڙي ان جي چوڌاري بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان جي علائقن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا، جيڪي معياري، اترادي، ماڇڪي، جغدالي، فراڪي، کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، لاڙي، ڪَڇي ۽ اٽڪي، پارڪري ۽ ٿري نالن سان مشتمل آهي.
مولائي شيدائي هن ٻوليءَ جي يارهن شاخن جي وضاحت ڪئي آهي. هو لکي ٿو: ”سنڌي زبان جنهن جون يارهن شاخون هن ريت آهن.
1. لهندا معنيٰ اولهندي واري زبان، 2. سرائيڪي يا جتڪي، 3. کيتراڻيءَ جا لهندا سان مشابهت رکي ٿي. 4. اُڀي، 5، وچولي، 6. لاڙي، 7. ٿريلي، 8. لاسي، 9. ڪڇڪي، 10 موڪاڪي يا لوڙي چيني ۽ 11. جغدالي. مملڪت پاڪستان اندر هن زبان جو دائرو ڪشمير کان ڪڇ تائين ۽ ٿر کان وٺي مڪران جي دشت نديءَ تائين وسيع آهي.682
جيڪڏهن اسان جا اديب، محقق زبان جي اونهي سمنڊ ۾ ٽُٻي هڻي، حقيقي ڳولا ڪن ته هزارين املهه موتي ملي پون ۽ سوين لڪيل حقيقتون سامهون اچي وڃن، جن سان هن ٻوليءَ جي عظمت ۽ اهميت ۾ نه صرف اضافو ٿي سگهندو، بلڪه ان جو ادب به قيمتي موتين سان مالامال ٿي پوندو.
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي
لساني جاگرافي:
ٻولين جي لساني جاگرافيءَ جي مطالعي لاءِ اسين مٿي چئي آيا آهيون ته، ٻوليءَ جي ڄاتل سڃاتل حدن اندر مختلف ايراضي يا علائقن ۾ يا مختلف سماجي پنگتن ۾ موجود انهن آراڌاين يا اختلافن جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جيڪو اڀياس دوران مطالعو ڪندڙ کي ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي عرف عام ۾ محاورو چيو وڃي ٿو. قديم سنڌ جو علائقو موجوده سنڌ کان تمام گهڻو وڏو ۽ وسيع هو، جنهن ۾ هڪ طرف ڪشمير کان ڪاٺياواڙ تائين ته ٻئي طرف راجسٿان کان قنڌار تائين سمورو علائقو سنڌ جي سلطنت ۾ شامل هوندو هو، جنهن جا حاڪم سنڌي زبان ڳالهائڻ وارا هئا.[362]
حاڪمن جي ٻولين جي اثرن سبب سنڌي ٻولي موجوده سنڌ جي حدن کان گهڻو اڳتي وڌندي رهي، ڇو ته هن ٻوليءَ ۾ ٻين ڀروارين ٻولين جا لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي تمام گهڻي خاصيت موجود آهي. ان ڪري هن ٻوليءَ تي عربي، فارسي، ترڪي، انگريزي، افغاني، هندي، ڪاٺياواڙي، گجراتي، بلوچي، بروهي ۽ سرائيڪي ٻولين جو اثر نمايان آهي، جنهن سبب هي ٻولي هميشه ترقي ڪندي اڳتي وڌندي رهي ٿي.
مختلف ٻولين جي اثرن سبب سنڌي ٻولي مختلف علائقن ۾ مختلف محاورن ۾ ڳالهائي پيئي وڃي، جيڪي نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ جي سياسي حدن کان ٻاهر پنجاب، بلوچستان، ڪڇ ۽ راجسٿان جي علائقن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا ۽ معياري اترادي، ماڇڪي، جغدالي، فراڪي، کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، لاڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ ٿري نالن سان مروج آهن.[363]
هيٺ اسين سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن جو لساني جاگرافيءَ جي مٿي بيان ڪيل اصولن موجب مختصر جائزو پيش ڪنداسين.
محاورن جو صوتيات جي روشنيءَ ۾ جائزو:
هرهڪ ٻوليءَ جو پنهنجو صوتياتي نظام هوندو آهي. صوتيات لسانيات ۾ اهم حصي جي حيثيت رکي ٿو، ڇوته ٻولين جو ظاهري لاڳاپو آوازن سان آهي، تنهن ڪري ٻولين جو لساني جائزو وٺڻ لاءِ سڀ کان اڳ صوتيات تي بحث ڪرڻو پوي ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب صوتيات بابت لکي ٿو:
”گفتگوءَ واري ٻولي (spoken language) آوازن جي تواتر (succession of sounds) مان ٺهي ٿي. اهي آواز پنهنجن شاخن سميت ڳالهائڻ جي عضون (organs of speech) جي مدد سان اُچاريا ويندا آهن ۽ اهي (متواتر آواز) ڳالهاءُ جي آوازن (speech sounds) ۽ آوازن جي گهڪي (Glides) مان ٺهندا آهن.[364]
علمِ صوتيات اهو علم آهي، جنهن جي مدد سان ڳالهائڻ جي آوازن (انفرادي طور ڳالهايل) توڙي ڳالهائڻ جي ٻين جُزن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ جملن ۾ انهن جي استعمال (function) ۽ تقسيم (distributions) جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.[365] علم آواز (Phonetics) ۾ فقط هي ڏسڻو آهي ته ڪل ڪيترا آواز ڪنهن خاص ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ڪهڙي قسم جا آهن. انهن آوازن جون ذاتي ۽ اضافي خصوصيتون ڪهڙيون آهن. گويا انهن آوازن کي ٻوليءَ کان الڳ ڪري پوءِ علم طبعي ۽ علم بدن موجب بيان ڪيو ويندو آهي. هر ٻوليءَ ۾ انهن جو تعداد مختلف آهي، پر اهي ٻين ٻولين ۾ ڪيئن ملي لساني ڪارج ڪن ٿا. اها علمي شاخ صوتيات کي لسانيات سان ملائي ٿي.[366]
محاورن جو مطالعو به لسانيات جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهن لاءِ صوتيات جي علم جي ڄاڻ نهايت ضروري آهي.[367] هاڻ جڏهن اسين صوتيات جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي مختلف محاورن جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي هرهڪ محاوري ۾ ڪافي فرق محسوس ٿيندو. ڪيترائي آواز ڪجهه بدليل ۽ ڪجهه فرقن سان استعمال ٿيندي نظر ايندا.
پڙهيل طبقي کي ڇڏي باقي ڳالهائيندڙن جي ٻوليءَ جي استعمال مان اسان کي ڪافي آواز بدليل محسوس ٿين ٿا، ڇوته پڙهيل طبقو پنهنجي زبان کي معياري ٻوليءَ طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن ته اڻ پڙهيل مجبوراً پنهنجي ماحول واري ٻولي ڳالهائيندو رهندو آهي، ان ڪري اڻ پڙهيل طبقي جي ٻوليءَ ۾ عام طور ف= ڦ، ز= ج، ذ= د، گهه= گ، ڀ= ب، ي= ج، د= ت، ش= س ۽ هه= ء جي اچارن ۾ بدلجن ٿا. اهڙي قسم جا ڪجهه لفظ محاورن جي ترتيب سان پيش ڪجن ٿا:
معياري |
زنجير |
ڪاغذ |
يتيم |
ڪوشش |
آزاد |
گهوڙو |
ڀاءُ |
فوٽو |
اترادي |
زنجير |
ڪاغذ |
يتيم |
ڪوشش |
آزاد |
گهوڙو |
ڀاءُ |
فوٽو |
ماڇڪي |
جنجير |
ڪاڳر |
جتيم |
ڪوشيش |
آزاد |
گهوڙو |
ڀاء |
ڦوٽوُ |
فراڪي |
خنجير |
ڪاڳر |
جتيم |
ڪوشيش |
آزات |
گهوڙو |
ڀا |
ڦوٽوُ |
جغدالي |
خنجير |
ڪاغذ |
جتيم |
ڪوشش |
آزات |
گوڙو |
ڀا |
ڦوٽوُ |
کيتراڻي |
زمزير |
ڪاغذ |
يتيم |
ڪوشست |
آزات |
گوڙو |
با |
ڦوٽو |
ڪوهستاني |
زنجير |
ڪاغذ |
يتيم |
ڪوشيش |
آزاد |
گهوڙو |
ڀاء |
ڦوٽوُ |
لاسي |
جنجير |
ڪاغذ |
جتيم |
ڪوشيس |
آزات |
گوڙو |
باء |
ڦوٽوُ |
جدگالي |
جنجير |
ڪاغذ |
جتيم |
ڪوشيس |
آزات |
گوڙو |
با |
ڦوٽو |
لاڙي |
زنجير |
ڪاڳر |
جتيم |
ڪوشش |
آزاد |
گهوڙو |
ڀاء |
فوٽو |
ڪڇي |
جنجير |
ڪاگر |
جتيم |
ڪوشش |
آجاد |
گوڙو |
باء |
ڦوٽو |
ٿري |
خنجير |
ڪاڳر |
جتيم |
ڪوشيس |
آجات |
گهوڙو |
با |
ڦوٽو |
اهڙيءَ طرح ڪجهه محاورن ۾ حرف ”هه“ جو اضافو ٿئي ٿو ۽ ڪٿي وري ساڳين لفظن مان حرف ”هه“ حذف ڪيو وڃي ٿو. ڪٿي حرف ”ي“ جو اضافو ٿئي ٿو ته ڪٿي حرف ”ج“ جو وڌاء به ٿي وڃي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي ته لفظن جا حرف اڳتي پوئتي ڪري استعمال ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ ردوبدل ۾ به ڪجهه حرفن جو محاورن ۾ حذف ٿيڻ شامل آهي. هيٺ محاورن جي ترتيب سان ڪجهه لفظ پيش ڪجن ٿا، جن جي مطالعي مان مٿي ذڪر ڪيل ڦيرڦار آسانيءَ سان معلوم ڪري ٿي سگهجي.
معياري |
ڪهڙو |
جهڙو |
تهڙو |
اُهڙو |
اِهڙو |
اترادي |
ڪيڙهو |
جيڙهو |
تيڙهو |
اوهڙو |
ايڙهو |
ماڇڪي |
ڪيهڙو |
جيهڙو |
تيهڙو |
اوجهو |
ايجهو |
جغدالي |
ڪيڙهو، ڪيجهو |
جيڙهو، جيهو |
تيڙهو |
اوجهو |
ايجهو |
فراڪي |
ڪيڙو، ڪيجهو |
جيڙو، جيهو |
تيڙو |
اوڙو، اوجو |
ايڙو، ايجو |
کيتراڻي |
ڪيجو |
جيڙو |
تيڙو |
اوجو |
ايجو |
ڪوهستاني |
ڪيهڙو |
جيهڙو |
تيهڙو |
اوهڙو |
ايهڙو |
لاسي |
ڪيڙو |
جيڙو |
تيڙو |
اوڙو |
ايڙو |
جدگالي |
ڪيڙو |
جيڙو |
تيڙو |
اوڙو |
ايڙو |
لاڙي |
ڪيهو، ڪيڙو |
جيهو، جهڙو |
تيهو، تيڙو |
اوهو، اوڙو |
ايهو، ايڙو |
ڪڇي |
ڪيهو |
جيهو |
تيهو |
اوهو |
ايهو |
ٿري |
ڪيئو |
جيئو |
تيئو |
اوئو |
ايئو |
سنڌي اُچارن جي نظام (صوتيات) مطابق ڪن اُچارن جي پاڻ ۾ مٽ سٽ هلندي آهي ۽ اڄ تائين اها رائج آهي. ان جو مثال ”ء“ ۽ ”ي“ جي مٽ سٽ آهي.[368] ان لحاظ کان جڏهن اسان صوتيات جي روشنيءَ ۾ محاورن جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي ڪيترن ئي لفظن مان حرف ”ي“ حذف ٿيل نظر اچي ٿي ۽ حرف ”ء“ جو اضافو ٿئي ٿو، پر ڪٿي وري حرف ”ي“ کي حذف ڪونه ٿو ڪيو وڃي، بلڪ حرف ”ء“ جو اضافو ضرور ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪجهه لفظن ۾ ”ي“ جو اضافو ٿي وڃي ٿو. هيٺ ان قسم جا مثالي لفظ پيش ڪجن ٿا.
معياري |
ٿيا |
هُئا |
ولايت |
جڳايو |
چڙهايو |
اترادي |
ٿيا |
هُيا- ها |
ولايت |
جڳايو |
چڙهايو |
ماڇڪي |
ٿيا |
هُيا- ها |
ولايت |
جڳايو |
چڙهائو |
جغدالي |
ٿئا |
هُيا- ها |
ولائيت |
جڳائو |
چڙهائو |
فراڪي |
ٿئا |
اَها |
ولائيت |
جڳائو |
چڙهائو |
کيتراڻي |
ٿيئا |
اَها |
ولائيت |
جاڳائو |
چڙهائو |
ڪوهستاني |
ٿيا |
هُيا- ها |
ولايت |
جڳايو |
چڙائو |
لاسي |
ٿئا |
ها |
ولائت |
جڳائو |
چڙهائو |
جدگالي |
ٿيئا |
ها |
ولائيت |
جڳائو |
چڙائو |
لاڙي |
ٿيا |
هئا |
ولايت |
جڳايو |
چڙهائيو |
ڪڇي |
ٿئيا |
هئيا |
ولائيت |
جڳائيو |
چڙهائيو |
ٿري |
ٿئيا |
هئا |
ولائت |
جڳايو |
چڙائيو |
محاورن ۾ ڪجهه لفظ اهڙا به آهن، جن ۾ ”ي“ جو ته اضافو ٿئي ٿو، پر ان سان گڏ حرف ”هه“ حذف ڪري ان بدران ”ء“ جو اضافو ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪجهه لفظن ۾ حرف ”و“ جو اضافو ڪري، ان جي حرف ”هه“ بدران ”ء“ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثلاً:
معياري |
اترادي |
ماڇڪي |
جغدالي |
فراڪي |
کيتراڻي |
ڪوهستاني |
لاسي |
جدگالي |
لاڙي |
ڪڇي |
ٿري |
ارادو |
ارادو |
ايرادو |
ايرادو |
ايرادو |
ايرادو |
ارادو |
ايرادو |
ايرادو |
ايرادو |
ايرادو |
ايرادو |
اشارو |
اشارو |
ايشارو |
ايشارو |
ايشارو |
ايشارو |
اشارو |
ايشارو |
ايشارو |
ايشارو |
ايشارو |
ايشارو |
اِهو |
اِيهو |
ايهو |
اِيهو |
اِيئو |
اِيئو |
ايهو |
يِئو |
يِئو |
اِيهو |
اِيئو |
اِيئو |
اهُو |
اُوهو |
اُوهو |
اُوهو |
اوئو |
اوئو |
اوهو |
اُوئو |
اُوئو |
اوُهو |
اُوئو |
اُوئو |
سڏجي |
سڏجي |
سڏيجي |
سڏيجي |
سڏيجي |
سڏيجي |
سڏجي |
سڏيجي |
سڏيجي |
سڏجي |
سڏئجي |
سڏئيجي |
نشان |
نشان |
نيشان |
نيشان |
نيشان |
نيشان |
نشان |
نيشان |
نيشان |
نشان |
نيشان |
نيشان |
محاورن جو نحو جي روشنيءَ ۾ جائزو:
نحو ان علم کي چئبو آهي، جنهن سان ٻوليءَ جا صحيح ۽ پوريءَ طرح ڳالهائڻ ۽ لکڻ جا طريقا معلوم ڪري سگهجن ته ٻولي ڪيئن ٿي ڳالهائي وڃي. حرف، لفظ ۽ جملا ڪيئن ٿا ٺهن ۽ ڪهڙي نموني ٿا استعمال ٿين. ان کان علاوه نحو مان حرفن، لفظن، جملن ۽ اصطلاحن جي زمانن ۽ گرامر جي لحاظ سان صحيح يا غلط هجڻ بابت پتو پوي ٿو.
مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:
”علم نحو جي اصلي معنيٰ آهي پاسو ۽ اصطلاحي معنيٰ اٿس حرف. هڪٻئي جي پاسي ۾ بيهاري لفظ جوڙجن ۽ جملا هڪٻئي جي پاسي ۾ بيهاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ، انهيءَ ڪري نحو جي رواجي معنيٰ ٿي دستور يا طرز يا قانون جن موجب حرف، لفظ ۽ جملا پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽ موافقيت رکن ٿا ۽ هڪٻئي تي عمل هلائين ٿا.“[369]
آڏواڻي ڀيرومل لکي ٿو:
”نحو معنيٰ دستور يا ريت، اصطلاحي معنيٰ موجب علم نحو اهو علم آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته جملا ڪيئن ٿا ٺاهجن ۽ هرهڪ جملي جي لفظن جو هڪٻئي سان ڪهڙو لاڳاپو آهي. جملن جي بناوٽ ۽ تفريق يا ڇيد ۽ بيهڪ جي نشانين بابت ذڪر سڀ نحو ۾ اچي وڃن ٿا.“[370]
مولوي ڊاڪٽر عبدالحق لکي ٿو:
”جملي ۾ لفظن جو هڪٻئي سان باهمي تعلق هوندو آهي، جيئن هر شيءِ جو ظاهر ۽ باطن هوندو آهي. تيئن لفظن جو به ٿئي ٿو. ظاهر تعلق اهو آهي، جنهن جو تعلق حرف سان آهي ۽ باطن اهو آهي جنهن ۾ لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث ڪجي، ان بحث کي ”نحو“ چئبو آهي.[371]
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪوبه اهڙو حرف ڪونهي، جيڪو بغير ڪنهن حرف علت يا اعراب جي لفظن ۾ ڪم ايندو هجي. هن ٻوليءَ جا ڪل ٻاونجاهه حرف آهن، جيڪي علت ۽ اعرابن جي مدد سان لفظن، ٻٽن لفظن ۽ جملن جي صورت ۾ جوڙي استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته لفطن کي جوڙڻ وقت منجهن حرف علت ۽ اعراب جو هجڻ لازمي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط جيڪو ڪافي سوچ ويچار بعد 1853ع ۾ تيار ڪيو ويو. تقريباً سوا سؤ سالن کان نافذ العمل آهي، تنهن جو جڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ جي ڀروارين مختلف ٻولين جي اثرن سببان وجود ۾ ايندڙ محاورن جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺون ٿا ته اسان کي هي رسم الخط ڪافي حد تائين نامڪمل محسوس ٿئي ٿو، ڇوته اها هڪ واضح حقيقت آهي ته هر ليکڪ تي پنهنجي خطي ۾ استعمال ٿيندڙ زبان جو زياده اثر ٿئي ٿو. ڳالهائڻ توڙي لکڻ سندس ان محاوري کان متاثر هوندو. رسم الخط جوڙڻ وارن جي اڪثريت حيدرآباد ۽ لاڙ علائقي سان تعلق رکي ٿي، ان ڪري اهي انهن علائقن جي ٻوليءَ جا ماهر ته چئي سگهجن ٿا، پر اهو ضروري نه آهي ته اهي سموري سنڌ ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيندڙ محاورن جا ماهر به هجن. اهوئي سبب آهي، جو انهن جي تحريرن ۾ لاڙي لهجو ڪتب آندل آهي ۽ لاڙي لهجو علمي ۽ ادبي ڪتابن ۾ زياده استعمال هيٺ رهيو، جنهن ڪري ان کي معياري زبان سڏيو ويو.[372]
رسم الخط تيار ڪرڻ وارن ۾ ڪجهه غيرسنڌي به شامل هئا، جن کي سنڌ جي سياسي حدن کان ٻاهر دور دراز علائقن جي سنڌي محاورن ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف آوازن ۽ حرفن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڪونه هئي، جيڪي آواز ۽ اُچار وچولي سنڌ ۾ مروج هئا، تن جي بنياد تي انهن کي عربي رسم الخط جي مدد سان نيون صورتون مقرر ڪري 52 حرف جوڙيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ دور دراز علائقن جا ڪي حرف مرڪب حرف ۽ وسرگ مفرد حرف رسم الخط ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا، جيڪي اڄ تائين ضرورت هوندي به شامل ٿي ڪونه سگهيا آهن، جنهن سبب ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نه صرف اهي رڪاوٽ بڻيل آهن بلڪ اهم مسئلو پڻ آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي پهرين صاحب ديوان مرحوم خليفو گل محمد ”گل“ هالائي (1811ع-1858ع) سال 1958ع ۾ بمبئيءَ مان پنهنجو ديوان ڇپرايو هئائين، جنهن ۾ هن موجوده صورتخطي جوڙڻ واري ڪاميٽيءَ طرفان ڪجهه سهو ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي اُچار شڪلين جي مقرر نه ٿيڻ ڪري رهجي ويا آهن. انهيءَ لاءِ هن ٻن بابن ۾ دليل ۽ چارٽ به ڏنا آهن. پنهنجو ديوان 55 اکرن تي ترتيب ڏنو اٿس، جيڪي هن طرح آهن:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث ج جهه ڄ ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ژ ذ ر رهه ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گهه ڳ ڱ ل لهه م ن نهه ڻ و هه ي. سندس جوڙيل رسم الخط ۾ موجوده صورتخطي جيان ”ء“ ڪونهي. انهيءَ کي شامل ڪرڻ سان صورتخطيءَ ۾ 56 اکر ٿين ٿا. ڀانئجي ٿو ته ”علم السان“ ۾ چڱي مهارت رکندو هو.[373] اهوئي سبب آهي جو هن صورتخطيءَ ۾ ٿيل سهو جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪا ڪافي حد تائين معقول ٿي لڳي. هالائي مرحوم جي ج هه ز رهه گهه لهه نهه ۽ گهه اصل ۾ ”گهه ۽ ج هه اصل ۾ ”جهه“ آهي ”ل هه ۽ ن هه اصل ۾ ”لهه“ ۽ ”نهه“ آهن. ” ژ “ اسان وٽ عام طور مروج آهي. ”ڏ“ اصل ۾ ”ڏ“ آهي. باقي ”رهه“ غالباً لاڙ علائقن ۾ ڪٿي مروج هجي، جنهن جي هن نشاندهي ڪونه ڪئي آهي.
منهنجي مشاهدي موجب سنڌي ٻوليءَ جي مروج 12 محاورن ۾ تقريباً 12 ٻيا حرف استعمال ٿي رهيا آهن، جن کي رسم الخط ۾ شامل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. جيئن هن ٻوليءَ کي اڃا وڌيڪ زرخيز بڻائي ترقي ڏياري سگهجي. انهن مان ڪجهه حرفن کي رسم الخط ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪجهه محققن خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن به نشاندهي ڪئي آهي. تنهنڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته انهن 12 حرفن جي حقيقت ۽ اهميت کي تسليم ڪندي کين رسم الخط ۾ جاءِ ڏيئي صورتخطيءَ کي مڪمل ڪري نه صرف ٻوليءَ کي ترقي ڏياري وڃي، بلڪ ٻوليءَ جي لغت ۾ اضافو ڪندي ان جي اهميت کي وڌايو وڃي.
رسم الخط ڪو آسماني صحيفو نه آهي جو ان ۾ ڪو واڌارو يا اصلاح ڪونه ٿي سگهي ٿو. هر ارتقا پذير ٻوليءَ ۾ ان جي حقيقي ترقيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ جديد ضرورتن کي تسليم نه ڪرڻ حقيقتن کان انحراف جي مترادف آهي، تنهن ڪري ٿڌي دل سان انهن حرفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ ضرورت موجب انهن کي جاءِ ڏني وڃي. اڳتي انهن حرفن تي مختلف محاورن ۾ استعمال ٿيڻ جي لحاظ سان تفصيلي بحث ڪيو ويندو.
راقم الحروف انهن لاءِ هيٺيون صورتون تجويز ڪيون آهن.
”ز ل ٽ ٺ ڊ ڍ ل ن ڻ ڏ ڙ م“.
سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن جو نحوي جائزو وٺبو ته مختلف محاورن ۾ اسان کي حرف ”ز“ ۽ حرف ”ل“ جو استعمال نظر اچي ٿو. هي ٻئي حرف اسان جي ٻوليءَ ۾ فارسي، بلوچي بروهي ۽ کيتراڻي ٻولين مان اچي شامل ٿيل لڳن ٿا، جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڀر وارين ٻولين جو هڪٻئي تي اثر ٿئي ٿو، جنهن سبب محاورا وجود ۾ اچن ٿا. اهوئي سبب آهي جو مٿيان ٻه حرف اسان جي ٻوليءَ جي ڪجهه محاورن ۾ نظر اچن ٿا.
حرف ”ز“:
هي حرف اسان کي فارسي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، جغدالي، فراڪي ۽ کيتراڻي محاورن ۾ استعمال ٿيندي ملي ٿو. هي حرف ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اصل ۾ سنڌي زبان جو ئي حرف آهي، ڇوته جڏهن ڪو حرف ڪنهن ٻولي يا ان جي ڪنهن محاوري ۾ پوريءَ طرح استعمال ٿيندو هجي ته پوءِ ان کي ان ٻوليءَ جو حرف سمجهڻ گهرجي. هن حرف جي استعمال بابت ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
خَزَڪ: هي لفظ اصل ۾ سبي خطي جي هڪ پٺاڻ قوم جي هڪ شاخ ”خجڪ“ جو نالو آهي، جيڪو ٻولين جي اثرن سبب ”ج“ جو حرف ”ز“ ۾ بدلائي ”خزڪ“ ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح فراڪي محاوري جا ڪجهه ٻيا لفظ مثلاً ”دشمن“ بدران ”دزمن“ ”گوشت“ بدران ”گوزد“، ”بُوجرو“ بدران ”بُوزو“ ۽ ڪنهن جيت جي آواز ”چِرچر“ بدران ”چيزو“ يا ”چزڪو“ طور استعمال ٿين ٿا. مٿين لفظن ۾ حَرف ”ز“ ”دَشمن“ ۽ ”گوشت“ جي ”ش“، ”بوجرو“ ۾ ”ج“ ۽ ”چِر چر“ ۾ ”ر“ بدران اختيار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۽ لسٻيلي جي علائقن ۾ به حرف ”ز“ جو استعمال عام ٿئي ٿو، جنهن کي سنڌي الف ب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تجويز ڏيندي محترم ج. ع منگهاڻي ڪجهه ان جا مثال به ڏنا آهن.
جهڙوڪ: ”بوز“ وار، ”بُوزو“= ننڍو ٻار ”بُزونگي“= ريشمي ڪپڙو کائڻ وارو ڪيڙو ”پُز“= دوا لڳل ڪپهه ”چِزڪو“= بوٽن جو آواز ”مِزڪو“= جهيڻو آواز ”ڪِزڪو“= ٻارن جو گهڻو روئڻ ”ڪازوڙو“= ڪانگن جو گڏيل آواز ”گِزجڻ“= کاڌو خراب ٿيڻ ”ڪِزجڻ“ سڪڙجڻ= ”گِزڪا“ کنڊ ۽ گيهه ۾ پڪل ماني کائڻ جو آواز. ”گانزو“= ڪمزور ٻار ۽ ”زِڻ زِڻ“= مشين جو آواز وغيره.[374]
توجهه سان غور ڪيو وڃي ته اهو حرف اسان کي خود معماري توڙي ٻين عام محاورن ۾ به ملي سگهندو. مثلاً: ”مِزگان“، ”ٽيليويزن“، ”زوب“ (فورٽ سنڊيمن) ۽ ”ازدها“ وغيره.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جن پنهنجي ڪتاب ”تحقيق لغات سنڌي“ ۾ به ”ازدها“[375] لفظ لاءِ ڪم آندو آهي. ان کان علاوه تحفة الڪرام“ ۾ ”مازندران“[376] شهر جي نالي ۾ ڪم آندو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ اڪثر اهو حرف ڪم آندو وڃي ٿو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي صرف هاڻ پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ جاءِ حاصل ڪري چڪو آهي، پر اسان ان کي صورتخطيءَ واري پٽيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ کان قاصر رهيا آهيون.
حرف ل:
هي آواز اصل ۾ بروهي زبان جو هڪ حرف آهي ۽ بلوچستان جي بروهين جي سنڌ سان ڳنڍيل علائقن جي سنڌي زبان ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. خاص طور خضدار، سبي، بارکان، لسٻيلو، نصيرآباد ۽ ڪڇي ضلعي جي کيتراڻي، فراڪي، جغدالي، لاسي، ۽ ڪوهستاني محاورن ۾ استعمال ٿئي ٿو.
هي حرف بروهي زبان ۾ ”مل“= پٽ ”خل“= مارڻ ۽ سور، ”اِل“= بخار، ”ميل“= رِڍ، ”تُول“= ويهه؛ ”ڦروال“= کير، = ”اِله مل“= سوٽ جي معنائن ۾ ڪم اچي ٿو. هن جو اچار ”ل“ ۽ ”ٺ“ جي وچ تي صرف ”ز“ ۽ ”ش“ جي گڏيل آواز جهڙو ئي استعمال ٿئي ٿو.
ان حرف جي استعمال تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اهو حرف مٿي ذڪر ڪيل قومن جي ٻوليءَ ۾ ”ل“ ۽ ”هه“ جي وچ تي ”ز“ جهڙي اُچار ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪڇي ۽ ٿري محاورن تي غور ڪبو ته اهو حرف انهن علائقن ۾ به لاسي، ڪوهستاني، جغدالي، فراڪي ۽ کيتراڻي محاورن وانگر جذب ٿي چڪو آهي. مٿي ذڪر ڪيل قومن وانگر هاڻ سماٽ قومون به ان حرف کي انهن علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي حرف طور استعمال ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ هي حرف بروهي ۽ ڀيل قومن کان سواءِ ٻين قومن وارا جلد استعمال ڪري ڪونه سگهندا آهن، پر انهن قومن سان گڏ رهڻ سبب اهي آسانيءَ سان ان حرف کي استعمال ڪري ٿا سگهن. اهوئي سبب آهي جو اهو حرف سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، جنهن مان ان حقيقت جو پتو پوي ٿو، ته هي حرف به حرف ”ز“ وانگر سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي جاءِ والاري چڪو آهي. تنهنڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ قديم سنڌين جي هن حرف کي به صورتخطيءَ ۾ قبول ڪيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ڏهه اعرابون آهن، جن جي مدد سان ٻوليءَ ۾ اِملا، لفظ ۽ جملا جڙن ٿا. اهي اعرابون، اڳياڙين توڙي پڇاڙين ۾ ڪم آنديون وڃن ٿيون. مختلف محاورن تي غور ڪبو ته ڪيترن ئي محاورن ۾ لفظن جون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڪافي فرق سان استعمال ٿيندي محسوس ٿين ٿيون. خاص طور معياري ۽ لاڙي محاوري کان سواءِ تقريباً سڀني محاورن جي ڪافي لفظن جون پڇاڙيون ساڪن ٿيو وڃن ۽ اَ، اِ، اُ پڇاڙيون حذف ٿي وڃن ٿيون.
اِملا جوڙڻ: ٻوليءَ ۾ حرفن کان ننڍا لفظ جوڙڻ جي عمل کي علم املا چئبو آهي. ان کان پوءِ هڪڙن لفظن مان ٻيا لفظ جڙن ٿا. هن عمل کي اشتقاق چئبو آهي. اهڙيءَ طرح لفظن مان جملا جوڙڻ يا ٺاهڻ واري سموري عمل کي علم نحو چيو وڃي ٿو.
معياري محاوري ۾ لفظ ”کَٽَ“ = ک+ ٽ ۾ اعراب ”اَ“ استعمال ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح لفظ ”گڏههُ“ ۾ گ+ ڏههُ= گڏههُ ۾ اعراب ”اُ“ استعمال ٿيل آهي. جڏهن ته لفظ ڇتِ= ۾ ڇ + ت = ڇِتِ ۾ اعراب .اِ“ ڪم آندل آهي. هاڻ جيڪڏهن اسين مختلف محاورن ۾ انهن لفظن جي جڙجڻ بعد اُچارن تي غور ڪنداسين ته اهي ٽيئي حرف اسان کي معياري ۽ لاڙي محاوري کان سواءِ باقي سڀني محاورن ۾ ساڪن ٿيل پڇاڙين سان استعمال ٿيندي ملن ٿا. مثلاً؛ ”کَٽَ“ بدران ”کَٽ“، ”گَڏههُ“ بدران ”گَڏهه“ ۽ ”ڇتِ“ بدران ”ڇِت“ وغيره.
ان کان علاوه ڪي لفظ مختلف محاورن ۾ مختلف نموني اچاريل ملندا. هيٺ اسين ”گڏههُ“ جو مثال پيش ڪريون ٿا. هي لفظ يا نالو جدا جدا نموني استعمال ٿيڻ کان علاوه ڪجهه محاورن ۾ ته استعمال ۾ ئي ڪونه ٿو ٿئي مثلاً: اتراديءَ ۾ ”گَڏَهه“، ماڇڪيءَ ۾ ”گڏاهه“ جغدالي ۾ ”گڏاهه“، فراڪيءَ ۾ ”گڊاهه“، کيتراڻي ۾ ”خَر“، ڪوهستانيءَ ۾ ”گڏا“، لاسيءَ ۾ ”گڏا“، جدگاليءَ ۾ ”گڊا“، ۽ ”کَر“ لاڙيءَ ۾ ”گَڏَههُ“، ڪڇيءَ ۾ ”گڏهه“ ۽ ٿري ۾ ”گڏهه“ وغيره.
اهڙي قسم جي لفظن جي استعمال وقت جڏهن حرفن جون پڇاڙيون حذف ٿي وڃن ٿيون، تڏهن سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته انهن جي مذڪر ۽ مؤنث جي خبر ڪيئن پئجي سگهندي. تنهن لاءِ هي وضاحت ضروري آهي ته جنهن لفظ جي پڇاڙي حذف ٿيڻ جي صورت ۾ جڏهن مذڪر يا مؤنث جي حقيقت واضح نه هجي، تنهن کي مؤنث يا مذڪر واضح ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻين حرفن يا لفظن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
مثلاً: ”مَکِ“= م+ ک پڇاڙي /اِ/
هاڻ هن لفظ کي ٻين محاورن ۾ جڏهن پڇاڙيءَ ”اِ“ حذف ٿئي ٿي ته ان کي مذڪر يا مؤنث طور واضح ڪرڻ لاءِ ان ۾ اضافي حرف جوڙيو وڃي ٿو. مثلاً: ”مَکِ“ بدران مؤنث ”مَکي“ ۽ مذڪر لاءِ ”مکو“ ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ”گڏههُ“ جي ”هه“ ساڪن ٿيڻ جي صورت ۾ مذڪر لاءِ ”نر“ ۽ مؤنث لاءِ ”مادي“ يا ”کوتي“ ۽ ”اٺ“ لاءِ ”ڏاچي“ جا لفظ گڏائي استعمال ڪيا وڃن ٿا. مطلب ته ڪنهن حرف علت ڳنڍڻ بدران نئون لفظ ظاهر ڳنڍڻو پوي ٿو، جيئن ان کي واضح طور سمجهي سگهجي.
لفظن جي جوڙجڪ:
هر ارتقا پذير ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين مان حرف ۽ لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي اهليت هوندي آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ به ٻين ڀروارين ٻولين مان لفظ توڙي حرف حاصل ڪري پنهنجو ڪرڻ جي تمام گهڻي اهليت موجود آهي، جنهن سبب هي ٻولي نه صرف هڪ عظيم ۽ وسيع ٻولي جي حيثيت رکي ٿي، بلڪ انهن خوبين سبب ان جا ڪيترائي محاورا وجود ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ان جي عظمت جي ساک ڀرين ٿا.
مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترا بي انداز عربي ۽ فارسي لفظ گڏجي پيا آهن جو گهڻو ڪري نج سنڌي ۽ عربي لفظن جي سڃاڻپ به مشڪل ٿي پئي آهي. سنڌي لکڻ جي اکرن يا صورتخطيءَ کي ’عربي سنڌي‘ ٿا چئون. گهڻا علمي لفظ عربيءَ جا ڪم اچي ويا آهن. رڳو ٿوري عرصي کان ڪي ٿورا نالا سنسڪرت ٻوليءَ جا ڪم اچڻ لڳا آهن، تنهن ڪري ’صرف ۽ نحو‘ جي بيان ڪرڻ ۾ اڪثر عربي واري ترتيب ۽ ترڪيب ڪم اچي ٿي.[377]
صرف نحو ۽ عربي يا فارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ جيتري قدر دخل آهي اهو لغت جي وسيلي معلوم ٿي سگهندو ته ڪهڙا لفظ عربي ۽ فارسيءَ جا آهن. هيٺ نموني طور اُچارن جي وضاحت لاءِ ڪي حرف ڏجن ٿا، جيڪي مختلف صورتن ۾ بدلجي ڪم اچن ٿا. سڀ ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو دستور آهي ته ٻي ٻوليءَ جا لفظ وٺي اُن جا ڪي حرف يا اُچار بدلائي ڪم آڻبا آهن، جيئن ”گ“ کي ”ڳ“ ڪري سنڌيءَ ۾ ڪم آندائون ”ب“ کي ”ٻ“، ”ج“ کي ”ڄ“ ۽ ”غ“ کي ”گ“ وغيره.[378]
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن لفظن جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي مختلف بدليل صورتون نظر اينديون. مثلاً: عربيءَ جو لفظ ”بَصَل، ”بصِر“ آهي ”قينچي“= ڪينچي“، ”چاقو“= ”چاڪو“ آهي، جنهن مان اسان کي لفطن جي نحوي بناوتن جو پتو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن اسان انهن ئي لفظن جو محاورن جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺنداسين ته ڪافي فرق محسوس ٿيندو. هيٺ ”بصر“، ”ڪينچي“ ۽ ”چاڪو“ لفظ جو مثال پيش ڪجي ٿو، جنهن مان واضح فرق نظر اچي ٿو.
معياري |
بصر |
ڪينچي |
چاقو |
اترادي |
بصر |
ڪينچي |
چاڪون |
ماڇڪي |
بصل |
ڪئينچي |
چاڪون |
جغدالي |
بصل |
ڪئينچي |
چاخون |
فراڪي |
وصل |
ڪئينچي |
چاخو |
کيتراڻي |
بصل- وصل |
ڪئينچي |
چاخون |
ڪوهستاني |
بصر |
ڪئينچي |
چاخون |
لاسي |
وصل |
ڪينچي |
چاخون |
جدگالي |
وصل |
ڪِنچي |
چاخون |
لاڙي |
بصر |
ڪينچي |
چاقو |
ڪڇي |
بصل |
ڪئينچي |
چاڪون |
ٿري |
بصل |
ڪئينچي |
چاڪون |
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي مفرد صوتيا به آهن، جيڪي اسان جي صورتخطيءَ ۾ ٻن جدا جدا حرفن جي شڪل ۾ لکيا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ اهي حرف ڳالهائڻ وقت مفرد حرفن جي حيثيت رکن ٿا، پر لکڻ ۾ انهن کي الڳ الڳ ٻن ٻن حرفن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محترم علي نواز حاجن خان جتوئي ۽ مرحوم محمد سومار شيخ جن پنهنجن تصنيفن ۾ انهن جي مفرد حرف هجڻ جي ڪجهه وضاحت ڪندا رهيا آهن. اهي حرف هي آهن:
ڏهه، ڙهه، نهه، لهه، ڻهه، مهه وغيره.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب انهن حرفن جي پاڻ ۾ جزوي اِدغام جي هيئن وضاحت ڪئي آهي.
”اِدغام جون ٻه صورتون آهن. هڪ ”ڪلي اِدغام“ ۽ ٻيو ”جزوي اِدغام“. ڪُلي اِدغام واري صورت ٺ، ٿ، ڦ، ک ۽ ڇ اُچارن جي آهي، جن ۾ ”هه“ جو اُچار مڪمل طور سمائجي چڪو آهي. ان جي پرک اها آهي جو انهن اچارن جي پويان ٻي ”هه“ اچي سگهي ٿي. جيئن ٺهڻ“، ”ٿهرڻ“، ”ڦهڪائڻ“، ”کهڻ“ ۽ ”ڇُهڻ“. اِدغام جزوي واري صورت ”ڀ“ (بهه) ”ڌ“ (دهه) ”ڍ“ (ڊهه)، جهه، گهه، ڏهه، ڙهه، مهه، نهه، لهه ۽ ڻهه اُچارن جي آهي، جن ۾ ”هه“ جو ادغام مڪمل طور نه بلڪ جزوي طور سمايل آهي يا ”ٽر“ ۽ ”ڊر“ جن ۾ ”ٽ“ ۽ ”ر“ ۽ ”ڊ ۽ ر“ جو ادغام جزوي طور ٿيل آهي. ان جزوي ادغام جي حيثيت به ڄڻ هڪ منفرد اُچار واري آهي. ٻئي طرح ائين چئجي ته، ڏهه، ڙهه، مهه، لهه، نهه، ڻهه، ٽِر، ڊر. مان هرهڪ مستقل صوتيو آهي. معنيٰ ته اها ٻن اچارن جي نه پر فقط هڪ ئي اچار جي تحريري صورت آهي. سنڌي الف ب کي مرتب ڪرڻ وقت اهو ضروري هو ته شروع کان ئي ڀ، ڌ، گهه، جهه، وانگر انهن اٺن اُچارن لاءِ به اٺ جدا اکر شامل ڪيا وڃن ها. بهرحال هاڻوڪي صورتخطيءَ کي مدنظر رکندي، اسان چونداسين ته جيئن گهه هڪ اکر آهي، ۽ جهه به هڪ اکر آهي. تيئن ”ڏهه“ به هڪ اکر آهي، زهه به هڪ اکر آهي، ۽ ٽر به هڪ اکر آهي. اهڙيءَ طرح باقي مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙهه ۽ ڊر وغيره به جدا جدا اکر آهن. انهن اضافي اکرن تي جڏهن زبر زِير يا پيش ڏبو ته پهرين جُز تي ڏبو، مگر اهو ٻنهي جُزن سان لڳندو.[379]
ڊاڪٽرصاحب انهن اکرن جي لفظن جا مثال ڏيندي:
ڪڏهن، پڙهڻ، سامهون، ڪانهي، ڳالهه، ماڻهو، وَٽر ۽ ڊريڙا[380] جا لفظ به ڏنا آهن. شاعري جي وزنن جي گهٽ وڌائي ۽ تور بابت هو لکي ٿو: ”انهن لفظن جو وزن به انهن مستقل صوتين جي لحاظ سان توربو. البته جيڪڏهن انهن اکرن ۽ آوازن جي ”ٻئي جُز“ کي جدا ڪري پڙهبو ته پوءِ ٻن جدا اکرن واري صورت پيدا ٿيندي. جيئن ته ”ڪڏ+ هين“، اتي، ’ڏ ۽ هه ٻه جدا حرف ٿيندا ۽ وزن به جدا ٿيندو.[381]
ڏ هه، مهه، لهه، تهه، نهه ۽ ڙهه جا مرڪب حرف مفرد طور استعمال ڪرڻ لاءِ پنجابي زبان ۾ به مثال موجود آهن، جن کي محققن طرفان مفرد صورت ڏيڻ تي زور ڏنو ٿو وڃي.[382]
مفرد حيثيت ۾ استعمال ٿيڻ باوجود اسان انهن لاءِ ڪا مفرد صورت مقرر ڪونه ڪري سگهيا آهيون. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مفرد حرفن کي بجاءِ جدا جدا صورتن ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪا مفرد صورت ڏيئي استعمال ڪريون، ڇوته حقيقت آخر حقيقت آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ ۾ عار نه ڪرڻ گهرجي.
انهن حرفن کي جڏهن اسان جا شاعر ٻن حرفن ۾ استعمال ڪن ٿا، ته پڙهڻ وقت اهي هڪ حرف جي صورت ۾ استعمال ٿين ٿا، ان ڪري شعر جي وزن ۾ فرق ٿيڻ سبب وزن ٽٽي پوي ٿو، ۽ پيش ڪرڻ وقت جهول پيدا ٿئي ٿو، ان ڪري انهن حرفن کي هڪ مستقل مفرد صورت ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم صنف شاعريءَ جو مونجهارو ختم ٿي سگهي ۽ اسان جي صورتخطيءَ به وڌيڪ ترقي ڪري سگهي. راقم انهن حرفن لاءِ ”ڏهه“ بدران ”ڏ“ ”ڙهه“ بدران ”ڙ“، ”نهه“ بدران ”ن“، ”ڻهه“ بدران ”ڻ“، ”لهه“ بدران ”ل“ ۽ ”مهه“ بدران ”م“ جون صورتون تجويز ڪيون آهن، جن جي پڙهڻ توڙي لکڻ ۾ وڏي آساني پيدا ڪري ٿي سگهجي.
مٿين مفرد حرفن سان اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ جڙجن ٿا، جيڪي لکت ۾ ٻن حرفن جي صورت ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، اهي حقيقت ۾ وسرگ اچارن وارا مفرد حرف آهن، جڏهن انهن حرفن جي مختلف لفظن جو مختلف محاورن ۾ نحوي جائزو وٺنداسين ته اسان کي انهن ۾ ڪافي فرق محسوس ٿيندو، ڇوته اهي ڪيترن ئي جاين تي پنهنجي وسرگائي حيثيت به وڃائي مڪمل طور اوسرگ اچارن ۾ استعمال ٿين ٿا، جن مان ”هه“ جو جزوي اچار به ختم ٿي وڃي ٿو. مثال طور:
معياري |
ڪَڏِهن |
چاڙِهي |
ٻانهو |
ماڻهو |
ڳالهه |
سامهون |
اترادي |
ڪَڏِهين |
چاڙِهي |
ٻانهو |
ماڻهو |
ڳالهه |
سامهون |
ماڇڪي |
ڪڏين |
چاڙي |
ٻانهو |
ماڻهو |
ڳالهه |
سامهون |
جغدالي |
ڪڏين |
چاڙي |
ٻانون |
ماڻون |
ڳال |
سامون |
فراڪي |
ڪڏي |
چاڙي |
ٻانون |
ماڻون |
ڳال |
سامون |
کيتراڻي |
ڪَڏِ |
چاڙِي |
ٻانون |
ماڻون |
ڳال |
سامون |
ڪوهستاني |
ڪڏين |
چاڙي |
ٻانهون |
ماڻهون |
ڳال |
سامهون |
لاسي |
ڪَرِ |
چاڙي |
ٻانو |
ماڻو |
گال |
سامون |
جدگالي |
ڪَر |
چاڙي |
ٻانو |
ماڻو |
گال |
سامون |
لاڙي |
ڪڏهِين |
چاڙهي |
ٻانهو |
ماڻهو |
ڳالهه |
سامهون |
ڪڇي |
ڪڏئين |
چاڙئي |
ٻانو |
ماڻو |
ڳال |
سامون |
ٿري |
ڪڏئين ڪيڻ |
چاڙئي |
ٻانو |
ماڻو |
گال |
سامون |
ڪن محققن حرف ”جهه“ ۽ حرف ”گهه“ کي به مرڪب حرف چيو آهي، پر حقيقت ۾ اهي ٻئي مرڪب نه بلڪ مفرد وسرگ حرف آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا انهن حرفن بابت لکي ٿو:
”اهي حرف مرڪب نه بلڪ مفرد آهن، ڇوته انهن ۾ ”هه“ حرف ڪنهن ڌار آواز جي نمائندگي ڪونه ٿو ڪري، جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته اهي ٻئي حرف مرڪب حرف نه آهن“.[383] اهي ٻئي حرف اسان جي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۾ وسرگ کان اوسرگ نه ٿي سگهن ٿا، پر مرڪب ڪنهن به صورت ۾ ڪونه آهن. انهن حرفن ۾ بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ”هه“ جو اچار ڪلي طرح ادغام ٿي چڪو آهي، پر ظاهري طرح ان جي صورت ٻن حرفن جهڙي آهي، جنهن سبب انهن کي مرڪب ڪوٺيو پيو وڃي.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا ٻيا بندشي حرف آهن، منجهن گسڪيدار آواز بجاءِ ”ر“ جو لرزيدار آواز سمايل آهي،[384] پر اسان جي صورتخطيءَ ۾ اهي مفرد طور ڏنا ويا آهن. حالانڪ غور ڪجي ته اهي واضح طور مرڪب صورت ۾ ملن ٿا، جيڪي مختلف لفظن ۾ استعمال ٿيڻ وقت ننڍڙي گڏيل ”ر“ سان اچارجي استعمال ٿين ٿا. اهڙن حرفن مان ”ڊ“، ”ڍ“ ۽ ”ٽ“ حرفن بابت ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم محمد سومار شيخ ۽ سرڳواسي ڀيرومل آڏواڻيءَ جن پنهنجن لکڻين ۾ ذڪر ڪيو آهي، پر راقم جي مشاهدي موجب چوٿون حرف ”ٺ“ به موجود آهي، جيڪو اسان کي ڪجهه محاورن ۾ گڏيل ننڍي ”ر“ جي اُچار سان ملي ٿو. اهي چارئي حرف اسان جي ٻوليءَ ۾ سوين لفظن ۾ گڏيل ”ر“ سان استعمال ٿيندي ملن ٿا. هيٺ انهن جي مختلف محاورن جي لفظن ۾ استعمال ٿيڻ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل چارئي حرف ظاهري طرح مفرد ۽ حقيقت ۾ مٿي ذڪر ڪيل محاورن ۾ مرڪب طور ڪم اچن ٿا، پر انهن جي مرڪب طور استعمال ٿيڻ بعد ڪابه مخصوص صورت مقرر ٿيل نه آهي، جنهن سبب پڙهڻ وقت مرڪب ۽ لکڻ وقت مفرد هئڻ ڪري مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. خاص طرح شاعريءَ جي بحر ۽ وزن ۾ ڪافي مونجهارو محسوس ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
راقم طرفان انهن حرفن لاءِ ڪجهه مخصوص صورتون تجويز ڪيون ويون آهن. مثلاً: (1) ”ڊ“ لاءِ ”ڊ“، (2) ”ڍ“ لاءِ ”ڍ“، (3) ”ٽ“ لاءِ ”ٽ“[386] ۽ (4) ”ٺ“ لاءِ ”ٺ“ وغيره. انهن حرفن کي لفظن ۾ هن طرح استعمال ڪري سگهبو.
جملن جي جوڙجڪ:
مٿي حرفن مان اِملا، لفظ ۽ مرڪب حرفن تي بحث ڪيو ويو آهي. هيٺ لفظن مان جملا جوڙڻ تي بحث ڪبو. ڳالهائڻ يا لکڻ وقت ڪجهه لفظن کي پاڻ ۾ گڏي استعمال ڪجي، جن مان ڪو مقصد سمجهه ۾ اچي تنهن کي جملو چئبو آهي.
جڏهن اسين ڳالهايون ٿا يا لکون ٿا، تڏهن ڪي لفظ ڪم آڻيون ٿا. لفظ گڏي اسين اهڙي طرح سٽيون ٿا، اهڙي هرهڪ سٽ کي جنهن مان پورو مطلب نڪري تنهن کي جملو چئبو آهي.[387] هيٺ ٻوليءَ جي مختلف محاورن جي ترتيب سان ڏنل جملن جي جوڙجڪ تي غور ڪبو ته اسان کي ڪافي فرق محسوس ٿيندو ۽ لفظن جي ساخت ۾ فرق نظر ايندو.
جملو پهريون: |
معياري |
آءٌ خط لکي رهيو آهيان |
|
اترادي |
مان خط لکي رهيو هان |
|
ماڇڪي |
مان خط لکدو پِيو هان |
|
جغدالي |
مان خط لکدو پَيو هان |
|
فراڪي |
مان خط لکنو پَئو هان- آن |
|
کيتراڻي |
مان خط لکنو پَئو هان- آن |
|
ڪوهستاني |
مان خط لکدو پيو هان |
|
لاسي |
مان خط لکدو پيو هان |
|
جدگالي |
مان خط لکدو پَئو هان |
|
لاڙي |
آءٌ خط لکي رهيو آهيان |
|
ڪڇي |
آءٌ خط لکنو پئو هان |
|
ٿري |
آءٌ خط لکي وئيو آئيان |
جملو ٻيو: |
معياري |
پکي اُڏامي رهيو آهي |
|
اترادي |
پکي اُڏري رهيو آهه |
|
ماڇڪي |
پکي اُڊردو پيو آ |
|
جغدالي |
پکي اُڊردو پيو آ- هَئي |
|
فراڪي |
پکي اُڊرنو پَئو آ- هي |
|
کيتراڻي |
پکي اُڊرنو پئو اي |
|
ڪوهستاني |
پکي اُڏردو پيو آهه |
|
لاسي |
پکي اُڊردو پيو ءِ |
|
جدگالي |
پکي اُڊردو پئو ءِ |
|
لاڙي |
پکي اڏامي رهيو آهي |
|
ڪڇي |
پکي اُڊرنو رهو آئي |
|
ٿري |
پکي اُڊرنو رهئيو آئي |
جملو ٽيون |
معياري |
گڏ آهيون |
|
اترادي |
گڏ اهيون |
|
ماڇڪي |
گڏ ائيون |
|
جغدالي |
گڏهون |
|
فراڪي |
گڏُون |
|
کيتراڻي |
گڊُون |
|
ڪوهستاني |
گڏ اهيون |
|
لاسي |
گڏون |
|
جدگالي |
گڏون |
|
لاڙي |
گڏ آهيون |
|
ڪڇي |
گڏ آيون |
|
ٿري |
گڏ آئيون |
محاورن جو نقشو:
سنڌي ٻوليءَ جي هن نقشي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۽ انهن جي اندروني حدن جي واضح طور نشاندهي ڪئي ويئي آهي ۽ ٻارهن ئي محاورن جي حدن کي ورهايو ويو آهي، جنهن کي ڏسڻ سان سڀني محاورن جي نالن ۽ انهن جي حدن جي معلومات حاصل ٿئي ٿي.
(ڏسو نقشو-2)
لفظ ”ڏڌ“ جو لساني نقشو:
سنڌي ٻوليءَ جي نقشي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”ڏڌ“ کي مختلف نالن سان استعمال ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهن نالن لاءِ مختلف نشانيون استعمال ڪري مختلف محاورن جي نسبت سان واضح ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”ڏڌ“( ) کي اترادي ماڇڪي ۽ لاڙي محاورن ۾ ”لسي“ ( ) جغدالي ۾ ”جهارو“ ( ) فراڪي ۽ کيتراڻي ۾ ”ڌنورو“
( ) ڪوهستاني ۽ لاسيءَ ۾ ”جهڻ“ ( ) جدگالي ۾ ”مهي“
( ) ڪڇي ۾ ”پاکي“ ( ) ۽ ٿري محاوري ۾ ”پاکئي“
( ) چيو وڃي ٿو. (ڏسو نقشو-3)
لفظ ”نوريئڙو“ جو لساني نقشو:
هن نقشي ۾ نوريئڙي جي مختلف نالن ۽ انهن جي آراڌاين جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. جيئن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نوريئڙي جا مختلف نالا آهن، پر ڪٿي ڪٿي ساڳيو نالو مختلف آراڌاين سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثلاً: لاڙي، ڪڇي، ٿري ۽ معياري ۾ ”نوريئڙو“ ( ) ماڇڪيءَ ۾ ”ڳيلهڙ“ ( ) اتراديءَ ۾ ”نوريڙو“ ( ) جغدالي، لاسي ۽ جدگاليءَ ۾ ”نول“ ( ) کيتراڻي ۽ فراڪيءَ ۾ ”نولوُ“ ( ) ۽ ڪوهستانيءَ ۾ ”نورڙو“ ( ) چيو وڃي ٿو. (ڏسو نقشو-4)
لفظ ”اوهانجو“ جو لساني نقشو:
هن نقشي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”اوهانجو“ کي مختلف علائقن ۾ مختلف آراڌاين سان استعمال ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. مثلاً معياريءَ ۾ ”اوهان جو“ ( ) اترادي، جغدالي ۽ ڪوهستانيءَ ۾ ”تهانجو“
( ) کيتراڻي، فراڪي، لاسي ۽ جدگاليءَ ۾ ”تانجو“ ( ) ماڇڪي ۾ ”تسانجو“ ( ) لاڙي ۾ ”اوانجو“ ( ) ۽ ٿري، ڪڇي محاورن ۾ ”آنجو“ ( ) طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. (ڏسو نقشو-5)
محاورن جو نقشو:
محاورن جي مختلف لفظن جي لڙهي
هن نقشي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻارهن ئي محاورن کي سنڌي ٻوليءَ جي نقشي ذريعي ڏيکاريو ويو آهي، (ڏسو نقشو-6)
مختلف محاورن ۾ جملن جو استعمال:
سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۾ مختلف جملن جي استعمال جو جڏهن اسين جائزو وٺنداسين ته اسان کي ڪافي فرق محسوس ٿيندو رهندو ۽ ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ بابت پڻ معلومات ملندي رهندي. هيٺين جملن کي اسين محاورن جي ترتيب سان چارٽن ذريعي پيش ڪريون ٿا، جن جي مطالعي سان اسان کي جملن جي لفظن جي آراڌاين جي معلومات ملي ٿي.
جملو پهريون
معياري |
هي ڪتاب منهنجو آهي |
اترادي |
هي ڪتاب مانجو آهي |
ماڇڪي |
هي ڪتاب منهنجو اي |
جغدالي |
هي ڪتاب مِنجو اي هَئي |
فراڪي |
اي ڪتاب مينجو اي |
کيتراڻي |
اي ڪتاب مِينجو ءِ |
ڪوهستاني |
هي ڪتاب مُنجو هي |
لاسي |
اي ڪتاب مِنجو اِي |
جدگالي |
اي ڪتاب مِينجو اي |
لاڙي |
هي ڪتاب مُونجو آهي |
ڪڇي |
هي ڪتاب مونجو آئي |
ٿري |
هي ڪتاب موجو آئي |
جملو ٻيو:
معياري |
هي گهر ڪَنهنجو هُيو |
اترادي |
هي گهر ڪينهنجو هو |
ماڇڪي |
هي گهر ڪينهندو هو |
جغدالي |
هي گهر ڪينئجو هو |
فراڪي |
اي گهر ڪينجو اَهو |
کيتراڻي |
اي گر ڪِڻجا اَئو |
ڪوهستاني |
هي گهر ڪينهنجو هو |
لاسي |
اي گر ڪنجو او |
جدگالي |
اي گر ڪيجو او |
لاڙي |
هي گهر ڪينهنجو هيو |
ڪڇي |
هي گهر ڪينجو هئيو |
ٿري |
اي گر ڪئينجو هئيو |
جملو ٽيون:
معياري |
اوهان ويهي رهو |
اترادي |
تهان ويهي رهو |
ماڇڪي |
تسان ٻيهي رهو |
جغدالي |
تهان ويهي رهو |
فراڪي |
تئان ويئي رئو |
کيتراڻي |
تان ويئي رئو |
ڪوهستاني |
تهان ويهي رهو |
لاسي |
توئان ٻيهي رهو |
جدگالي |
توئان ٻيئي رئو |
لاڙي |
اوان ويهي رهو |
ڪڇي |
اوان ويئي رئو |
ٿري |
آن ٻيي رئو |
جملو چوٿون:
معياري |
هو پڙهندو آهي |
اترادي |
هو پڙهدو آ |
ماڇڪي |
هو پڙهدو آ |
جغدالي |
هو پڙهدو هَئي |
فراڪي |
هو پڙهنو هَئي |
کيتراڻي |
هو پڙهنو ءِ |
ڪوهستاني |
هو پڙهندو آهه |
لاسي |
يئو پڙهدو ءِ |
جدگالي |
يئو پڙدو ءِ |
لاڙي |
هو پڙهندو آهي |
ڪڇي |
هو پڙهندو آئي |
ٿري |
هو پڙندو آئي |
خطي جي مخصوص ادبي ذخيري جو لساني جائزو ۽ سنڌي ادب سان ان جو تعلق
سبيءَ جو خطو سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کان خالي هئڻ جي باوجود سنڌي ادب کان خالي نه آهي. خطي ۾ ڪيئي بلند پايي جا شاعر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ کي شعر و ادب جي خزاني سان مالامال ڪري ڇڏيو. ڪيئي شاعر زنده آهن، جيڪي پڻ ساڳي خدمت پيا انجام ڏين.
سموري بلوچستان ۾ اردوءَ جي تعليم رائج آهي. بلوچستان جي هن سنڌي ڳالهائڻ وارن علائقن ۾ به اردو تعليم مروج آهي. سنڌي ٻولي وڏي اڪثريت ۾ هئڻ جي باوجود هن خطي ۾ سنڌي تعليم جو ڪوبه انتظام ڪونه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن خطي ۾ اردوءَ سان گڏ سنڌي تعليم جو انتظام به ڪيل هجي ها ته هتي اديبن ۽ شاعرن جو تعداد تمام گهڻو هجي ها ۽ سوين نوان نوان اديب ۽ شاعر پيدا ٿيندا رهن ها.
سنڌي تعليم نه هجڻ سبب خطي ۾ سنڌي ٻولي لکت ۾ ڪونه ٿي اچي، ان ڪري سنڌي نثر خطي ۾ تمام گهٽ بلڪ نه هجڻ جي برابر آهي. اهوئي سبب خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج ۾ رڪاوٽ پيل آهي. خطي جي ماڻهن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏ بلوچستان جي ريڊيو ۽ ٽي- وي اسٽيشن تان سنڌي پروگرام ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هن خطي جي علم و ادب ۽ تهذيب و تمدن کي اڳتي وڌائي سگهجي.
سنڌي تعليم نه هجڻ جي باوجود خطي جي شاعرن پنهنجي وس آهر پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي خدمت پئي ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ کي سنڌي تعليم نه هجڻ جي باوجود ڪاغذ جي سيني تي اتاري انهن مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. خطي ۾ سنڌي تعليم نه هئڻ ڪري سنڌي اخبارون يا رسالا ۽ يا پريس جي ڪابه گنجائش ناهي، ان ڪري سندن ڪلام جي اشاعت به ناممڪن آهي. ان جي باوجود انهن پنهنجي نظم کي جمع پئي ڪيو آهي.
هن باب ۾ شاعريءَ جو جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، ان جو وڏو حصو سنڌي ادب جي اهم حصي جي حيثيت رکي ٿو، ڇوته خطي جي شاعرن مان ڪي شاعر سنڌ ۾ هميشه لاءِ اچي آباد ٿيا ۽ سندن شاعريءَ کي سنڌ جي ادبي ۽ اشاعتي ادارن طرفان اصلاح بعد شايع ڪري سنڌي ادب جو حصو بڻايو ويو.
جن شاعرن بلوچستان کي هميشه لاءِ ڇڏي سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، تن جي ٻولي توڙي شاعري به آهستي آهستي معياري حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. ان کان علاوه سندن شاعريءَ جو مواد مرتب يا شايع ڪرڻ وقت اشاعتي ادارن طرفان اصلاح ڪري معياري صورت ۾ شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ حالت ۾ اسان لاءِ انهن جي شاعريءَ تي جغدالي يا فراڪي محاورن جي روشنيءَ ۾ لساني جائزو وٺڻ لاءِ ڪابه گنجائش نه رهي آهي. تنهن هوندي به اسان کي جتي ڪنهن به قسم جو ڪوبه حرف يا لفظ محسوس ٿيو آهي، ان تي اسان بحث ڪيو آهي.
ان کان علاوه بلوچستان جي مقبول ترين شاعرن مان صوفي رکيل شاهه جي رسالي ”بحرالعشق“، صوفي چيزل شاهه جي رسالي ”بحرالعميق“ ۽ مولوي قادربخش جي رسالي ”گلزار ڪاپاري“ جي چونڊ شاعريءَ تي به مختصر بحث ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌي ادب ۾ سونهري باب جي حيثيت رکن ٿا. جيتوڻيڪ اهي رسالا به سنڌ جي اشاعتي ادارن مان شايع ٿيا آهن. جتي اهي مواد کي معياري بنائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪرڻ جي باوجود معياري بڻائي ڪونه سگهيا آهن، ڇوته گهڻين تبديلين سبب شاعريءَ جي مقصد، مفهوم يا وزن ۾ فرق ٿي پئجي سگهيو. ان ڪري انهن کي ساڳي ئي رنگ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ خطي جي ڪجهه غيرمقبول شاعرن جو به ڪجهه مواد هٿ ڪري ان جو به مختصر لساني جائزو ورتو ويو آهي.
مشهور شاعرن جي چونڊ ڪلام جو لساني جائزو:
پهرين ڀاڱي ۾ اسان خطي جي مشهور شاعرن جو مختصر تعارف پيش ڪري چڪا آهيون. هت انهن جي شاعريءَ مان چونڊ ڪلام جو لساني جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
عثماني احساني:
ڳالهه اڙانگي گور جي، ويهه مَ سار وهي،
ترس مَ ويهه تيار ٿي، ساٿيئڙا سنڀهي،
هي حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي،
سپون، وڇون، سهسين، ٽنڊڻ، نانگڻ ساڻ نهي،
ڏنگي جا ڏنگن سان، ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾، لڱين لحم لهي.[388]
احسانيءَ جو ڪلام وڌيڪ هٿ نه اچي سگهيو آهي. ”تذڪره لطفي“ مان ورتل سندس مٿئين شعر جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن جو ڪلام جغدالي محاوري جو آهي. پهرين سٽ ۾ ”گور“ قبر کي چيو اٿائين، ٻي سٽ ۾ ”سنڀري“ بدران ”سنڀهي“، پنجين سٽ ۾ ”ڏڪي“ بدران ”ڏهي“ جو لفظ استعمال ڪيو اٿائين. اهڙيءَ طرح مجموعي طرح سان سندس لهجو جغدالي لڳي ٿو. سندس شعر ۾ موت جو ذڪر نمايان آهي،[389] جيڪو سندس دين سان لڳاءُ ڏيکاري ٿو. ٻوليءَ کان علاوه سندس پيشڪش جو لهجو به جغدالي نموني جو آهي.
فقير صاحبڏنو تنيو:
مدح:
اول اي سچا لهه سار سونهارا سيدا،
مجتبيٰ مختيار مرسل ماڙ ڪر يا محمدا،
تو بنا ناهي تڳڻ عاجز اٻوجهن احمدا،
نور نرمل ڪر نظر مان تي نبي نور الهدا،
اغثنيٰ يا سيدا رس يا نبي خيرالبشر،
غور ڪر غمگين جو اي نور نافع نامور.
ڀلا تون ڀروسو ارحم اڙين آڌار جي،
تون نبين جو نبي آهين سچا سردار جي،
رهبرا روشن ڪيو آ کي سڀو اسرار جي،
لڳ ڏسڻ ڏاتار تنهنجي ٿو سڪي سنسار جي،
اغثنيٰ يا سيدا رس يا نبي خيرالبشر،
غور ڪر غمگين جو اي نور نافع نامور.
تمامي ماهيت معلوم اٿو سرور سڄي،
ڏوهه ڏوهاري ڏسي لائق آهيان تو در لڄي،
ڏڍ ڏسي تنهنجي تڏي ڀلا آيس تو در ڀڄي،
دست وٺ دلگير جو ڪڍ تار مان پرور پڄي،
اغثنيٰ يا سيدا رس يا نبي خيرالبشر،
غور ڪر غمگين جو اي نور نافع نامور.[390]
فقيرصاحب جو ڪلام جغدالي محاوري جو آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي مان پيو معلوم ٿئي. پهرئين بند جي ٽين سٽ ۾ جيئرو رهڻ بدران ”تڳڻ“، چوٿين سٽ ۾ مونتي بدران ”مان تي“ جا جغدالي لفظ ڪم آندا آهن. ٻئي بند جي ٽين سٽ ۾ ”چوڻ“ بدران سرائڪي ٻوليءَ جو ”آکي“ ۽ ”سڀني“ بدران ”سڀو“ جا لفظ استعمال ڪيا آهن. ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”سڀني جي“ جي بدران ”تمامي“، چوٿين سٽ ۾ هٿ بدران بلوچي زبان جو ”دست“ لفظ استعمال ڪيل آهي.
مدح:
بنام خدا عرض سڻ سيدا،
ڪريو ماڙ مسڪين جي مقتدا،
تون سرتاج سردار صاحب سدا،
سڀو جڳ سلامي سندءِ سرورا،
پهچ پير درماندگان دستگير،
مريدن مدد ڪر محي الدين مير،
ڪنهين کي ڪنهين جو تڪيو واهه ور،
وسيلو نه آهي ڀلا تو بِگر،
آهيان آيو اي پاڪ دولهه تو دَر،
ڪوئي دانهن جو داد ٿئي سيگهه تر.[391]
هن مدح جي چوٿين سٽ (پهرين بند جي) ۾ ”سڄو“ بدران ”سڀو“، ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”ڪنهن“ بدران ٻه ڀيرا ”ڪنهين“، ٻين سٽ ۾ ”بغير“ بدران بلوچي زبان جو ”بِگر“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
بلوچستان جي شاعرن جي شاعري سنڌ مان ڇپجڻ وقت درست ڪري معياري لهجي ۾ شايع ڪئي ويئي آهي، ان ڪري انهيءَ ۾ مقامي محاورن جا لفظ گهٽ آهن، بلڪ نه هجڻ جي برابر آهن، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.
فقير صاحب جا ڪجهه پٽ پاراتي جا بيت به دستياب ٿيل آهن، جيڪي جغدالي محاوري ۾ چيل آهن، تن جو هت مختصر لساني جائزو وٺجي ٿو.
ڪُوڪ ڪئي ڪلواڙن ٻاروَيَن ٻِجَ ۾،
ٻيا سڀ ساوا ڍراوا سوڪ ٻَنو بَڊار جو.
فقيرصاحب جي شعر چوڻ جو جهيلار ۽ لهجو جغدالي پيو ظاهر ٿئي. پهرين سٽ ۾ ”وَيُنِ“ بدران ”وَيَن“ ۽ ٻي سٽ ۾ ”ڍاوا“ بدران ”ڍراوا“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي. هن لفظ جو ”ڍر“، ”ر“ گاڏر ”ڍ“ آهي، جيئن ”ڊ“، ”ٽ“ ۽ ”ٺ“ وارا حرف هن خطي ۾ استعمال ٿين ٿا.
او ڍاڻا ڙي او ڍاڻا ڀريا تنهجا ڀاڻا،
هڪڙا گنجا ته هڪڙا ڪاڻا.
هن بند جي پهرين سٽ ۾ ”تنهنجا“ بدران ”تنهجا“ يعني ”ن“ حذف ٿيل استعمال ڪيو ويو آهي.
برخور دار نه کڻدين ٻار،
توڻي وڃين تار،
ته بي سوڪ ٻنو سالار جو.
هن بند جي پهرين سٽ ۾ ”کڻندين“ بدران ”کڻدين“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ن“ حذف ٿيل آهي. ٻي سٽ ۾ ”توڙي“ بدران ”توڻي“ ۽ ٽين سٽ ۾ ”به“ بدران ”بي“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن، جيڪي جغدالي محاوري ۾ استعمال ڪجن ٿا.
ڪڪڙ ڪُٺئون ڪراڙو،
لوڻ جي وڌئون لپ،
ٻوڙ ٿي پيو ٻاڙو،
واهو ويچارو،
سيدن جو سڙي ويو.
هن پاراتي جي پهرين سٽ ۾ ”ڪٺائون“ بدران ”ڪٺئون“ ٻي سٽ ۾ ”وڌائون“ بدران ”وڌئون“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن، جن مان ”الف“ جو اُچار حذف ٿيل آهي.
ٽين سٽ ۾ ”ٿي پيو“ جا ٻه لفظ ”ٿيو“ بدران ڪم آندا ويا آهن. چوٿين سٽ ۾ ”واهو ويچارو“ جو صيغو هڪ ”بيجان“ شيءِ لاءِ استعمال ڪيو اٿائين.
پنجين سٽ ۾ ”سڪي“ بدران ”سڙي“ جو لفظ استعمال ڪيو اٿائين جو غيرمعياري آهي.
وئي کٿور پهرين پور، والي ورق وڃائين،
بالان ٿي تالان، هتي سڃ سدائين،
ڪنگ نه پڪو سنگ، روزي رب وڃائين،
تمبو ۾ تراران تو هٿن سان وڌائين.
هن بند جي ٻي سٽ ۾ ”تالان“ جو لفظ ”ڪنهن نه ڪم جو“ جي معنيٰ طور استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ بروهي زبان جو لفظ آهي. چوٿين سٽ ۾ لفظ ”ترارون“ بدران ”تراران“ استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪو عدد جمع وقت ”اُون“ پڇاڙي بدران ”آن“ پڇاڙيءَ سان جوڙيو ويو آهي. هي ترڪيب جغدالي ۽ فراڪي محاورن ۾ استعمال ٿيندي آهي. شڪارپوري محاوري ۾ به پويان ”آن“ ايندو آهي.
نانڪ يوسف:
ڪافي:
چرنن جي آءٌ کيهڙي آهيان،
ٻيلي رمز هادي دل ريهڙي آهيان،
ڪي ٿا ڀانئن ڪٿي وسي ٿو،
ڏيهه سندين جي ڏيهڙي آهيان،
سندن گولين جي گولين جي،
جوڙ جتين جي جيهڙي آهيان،
ادلي گدلي بدڪار بد کي،
پريم پرينءَ جي سا ڪيهڙي آهيان،
قادر مون ۾ عيب مڙيئي،
جيهي چئو آءٌ تيهڙي آهيان،
نانڪ يوسف جي يار در جي،
آهيريائي آءٌ ايهڙي آهيان.[392]
جغدالي محاوري واري هن ڪافيءَ جي ٽئين بند ۾ ”جهڙي“ بدران ”جيهڙي“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ي“ اُچار جو اضافو ٿيل آهي. چوٿين بند ۾ ”ڪهڙي“ بدران ”ڪيهڙي“ استعمال ٿيل آهي. ان ۾ به ”ي“ جو حرف وڌايو ويو آهي. پنجين بند ۾ به ”ي“ جو اضافو ڪري ”تيهڙي“ استعمال ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح ڇهين بند ۾ به ”اهڙي“ بدران ”ايهڙي“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ پڻ ”ي“ جو اضافو ٿيل آهي. ساڳئي طرح اولهه ٿر ۾ ”ي“ جو اضافو ٿيندو آهي. نهڙيا ٿر جا به ”ي“ جو اضافو ڪندا آهن.
تاج محمد تاجل بروهي:
ٿلهه: نفس ندوري کي رولي ڏس،
يار اندر پهنجي ڳولي ڏس.
مانکي ماري بند ڪر ميان،
نيڪي بدي کي تولي ڏس.......
سر سهڻي انسان ۾،
تاڪ دري جو کولي ڏس.......
طالب تن جا خويش ٿي،
رمز رندن جو ٻولي ڏس.....
سونهن ڀريي سردار تئون،
عشق نبي جو کولي ڏس.....
جغدالي محاوري جي هن نعت ۾ ڪيئي لفظ معياريءَ کان فرق وارا نظر اچن ٿا. مثلاً: ٿلهه جي ٻي سٽ ۾ ”پنهنجي“ بدران ”پهنجي“ لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن مان هڪ ”ن“ حذف ٿيل آهي. پهرئين بند ۾ ”قيد“ بدران ”قيذ“ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو بروهي زبان کان متاثر آهي. بروهي زبان ۾ ”قيذ“ جي ”د“ ”ذ“ ڪري اچاري وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح ”توري“ لفظ بدران سرائيڪي زبان جو ”تولي“ استعمال ڪيو ويو آهي. چوٿين بند ۾ ”گهوري“ بدران سرائيڪيءَ جو ”گهولي“ لفظ ڪم آندو ويو آهي. ان کان علاوه ”تان“ بدران سرائيڪي وارو ”تئون“ لفظ استعمال ڪيل آهي.
نعت:
ٿلهه: بندا ڇڏ غيبت اَئون گلا،
سنگت مئون ڪونه هلندو.
ٿيندو سڀ ڪجهه فنا،
باقي سڀ خاڪ ۾ رلندو.....
امانت سو سنڀاليندو،
دلاسو ڪونه ڪو ڏيندو،
هي لانگهو حق تي چلندو.....
ڏسان مٿي يار جو ديدار،
بشڪي ٿو پاڻ بشڪڻهار،
خوشي سان هو سچي ملندو......
هن نعت ۾ ڪجهه جغدالي محاوري جا لفظ نمايان آهن. ٿلهه ۾ ”مان“ بدران ”مئون“ استعمال ٿيل آهي، جنهن ۾ ”آن“ بدران ”اَئون“ پڇاڙي گڏائي ويئي آهي.
ٻئي بند ۾ ”اڪيلو“ بدران ”هڪو“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو اڪثر سرائيڪي زبان ۾ ڪم اچي ٿو. ساڳي بند ۾ ”هلندو“ بدران سرائيڪيءَ جو لفظ ”چلندو“ ڪم آندو ويو آهي.
ٽئين بند ۾ ”آهيان“ بدران ”هان“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان ”آ“ ۽ ”ي“ جو اچار حذف ڪيل آهي.
مولوي قادر بخش گولو:
مولود شريف:
ٿلهه: مرسل مير محمد کي دل ساهه گهڻو ساري،
1- لهڙيون سخت سمونڊ جون ڏورون ڏونگر ڏهڪاري،
پهچڻ مشڪل پنڌ پري جو ڳڻتي ٿي ڳاري.
2- جاڪون جيان ٿي اور اندر ۾ موهيون من ماري،
اچي سيد شل سڪرات ۾ ڏسي مُنهڙو ڏيکاري.
3- محبت ۾ ماندو مران تون ويهه نه وساري،
صدقو حسن حسين جو هڪ گهڙي وڃو گهاري.
مدامي تي ماڙ ڪيو ڪا نظر نهاري.
5- ساهه صحن تي ڏيئي مران شل شوقئون شوڪاري،
قادر بخش قريشيءَ تان قربان نه سر واري.[393]
هن مولود شريف جو جائزو وٺبو ته، ڪيئي جغدالي لفظ ملن ٿا. ان کان علاوه مولود شريف جي جهيلار ۽ لهجو به جغدالي ٻوليءَ جو آهي.
هن مولود شريف جي ٻئي بند ۾ ”جڏهن کان“ بدران ”جاڪون“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جو سرائيڪيءَ جو آهي.
چوٿين بند ۾ ”موڪليان“ بدران ”منجان“ سرائيڪيءَ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ”صلواتون“ بدران ”صلواتان“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. ڪڇي محاوري ۾ به ”منجان“ چوندا آهن.
آخري بند ۾ ”شوق کان“ بدران ”شوقئون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
مولود شريف:
ٿلهه: ماکي تنهنجي سڪ سيد شبروز آ سڃ ۾ سمر،
1- تون آن هادي هر راهه جو، تون آن وسيلو بي واهه جو،
تون آن شافي روز حشر.
2- آدم سڪون ڪئي سارهه جڏي، توبهه قبول ٿي هَس تڏي،
عيسيٰ منيو آ سون امر.
3- تون آن پيارو حق پاڪ جو توتي ڇٽ لولاڪ جو،
تنهنجو جنت تنهنجو ڪوثر.
4- گدلو گناهن ۾ گار هان بيڪس بنان تو بيڪار هان،
والي تنهنجي گهر جي واهر.
5- مرسل ملڪ انسان جن قربان ڪن جند جان تن،
پيرن هيٺون سڀي اڀ اختر.
6- قادر بخش تي ڪو ڪرم ڪيو، دل گولي غلام تي نرم ڪيو،
ڏسان ڪين اکن سان سخت سقر.[394]
هن مولود شريف جي ٿلهه ۾ ”مونکي“ بدران ”ماکي“ ۽ ”آهي“ بدران ”آ“ جا لفظ ڪم آندل آهن.
ٻئي بند ۾ ”جڏهن“ بدران ”جڏي“، ”تڏهن“ بدران ”تڏي“، ”هيس“ بدران ”هَس“ ۽ ”مڃيو“ بدران ”منيو“ جا لفظ ڪم آندل آهن.
هن بند ۾ ”جڏي“ ۽ ”تڏي“ حقيقت ۾ فراڪي محاوري وارا لفظ آهن، جيڪي هڪ جغدالي علائقي واري ماڻهوءَ کان چئجي ويا آهن. اهڙيءَ طرح ”هيس“ مان ”ي“ جو اچار حذف ڪري ”هس“ ڪري ڪم آندو ويو آهي، جڏهن ته ”مڃيو“ جي ”ڃ“ بدران ”ن“ استعمال ڪري ”منيو“ ڪري چيو ويو آهي. هي صيغو به حقيقت ۾ فراڪي محاوري جو آهي. ڀانئجي ٿو ته مولوي صاحب سبيءَ جي مٿين علائقي ۾ گهڻو رهيو هجي، جنهن جو اثر مٿس نمايان آهي.
ٽئين بند ۾ ”آهين“ بدران ”آن“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، ان کان علاوه ”تنهنجو جنت“ سان مذڪر صيغو گڏيو آهي، حالانڪ جنت مونث آهي. شيخ اياز به پنهنجي شاعريءَ ۾ ”آن“ جو استعمال ڪندو رهيو آهي.
چوٿين بند ۾ ”آهيان“ بدران ”هان“ ٻه ڀيرا ۽ ”گم“ بدران ”گار“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
پنجين بند ۾ ”هيٺان“ بدران ”هيٺون“ ۽ ”سڀني“ بدران ”سڀي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
آخري بند ۾ ”اکين“ بدران ”اکن“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي. مجموعي طرح سان مولوي صاحب تي سرائيڪي زبان جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو.
ڏوهيڙا:
1- طالب ٿي توحيد جو تون ڇن دوئي جو دام،
اڏري وڃ آکيري ۾ جاٿي تنهنجو ملڪ مدام،
سرمدي سلطان ٿي هٿ ڇو ٿين غير غلام،
ڪر قدر بخش قيام ذرڙي جان وري ذات ۾.
2- ڪڏي ته عالم لدني هان پر ڪڏي آهيان نادان،
ڪڏي برهمڻ ساڌ سڏايان ڪڏي پڙهان قرآن،
ڪڏي ته لانگهن خاڪ لَتَڙ جان ڪڏي مٿي آسمان،
ڪڏي نه ڀرسان ڪو ويهاري ڪڏي ساهن جو سامان،
ڪڏي گداگر گودڙيون ڪڏي تخت مٿي سلطان،
ڪڏي ته آدم ظالم هان ڪڏي رحم ڀريو رجهان،
ڪڏي وجودئون ويسارو ڪڏي هستي ۾ حيران،
جي ڪيان بات بيان ٿو ته ڪسجان قادربخش چوي.
3- ناهين سير سمونڊ کي آهي سمونڊ سارو سير،
وڙهوئي اوڏهن وڃي جاڏي وريس وير،
موجان موجن کان مٿي ڏسي اٿي ساهه سرير،
پوءِ قادربخش فقير سارو سمونڊ سمايو.[395]
پهرئين ڏوهيڙي ۾ ”جتي“ بدران ”جاٿي“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. ٻئي ڏوهيڙي ۾ هرهڪ سٽ ۾ ”ڪڏهن“ بدران ”ڪڏي“، ۽ ”آهيان“ بدران ”هان“، ”وجود کان“ بدران ”وجودئون“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
ٽئين ڏوهيڙي ۾ ”اوڏانهن“ بدران ”اوڏهن“، ”جيڏانهن“ بدران ”جاڏي“ ۽ ”موجون“ بدران ”موجان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ”موجون“ مان ”موجان“، ”اون“ مان ”آن“ پڇاڙي ۾ ملائڻ ڪري ٿيو آهي، جيڪا خطي ۾ مروج آهي.
صوفي رکيل شاهه:
ڪافي:
مُٺيس ڙي صورت نٿي وسري، مان ساجن سچ ته سڃا توڙي،
مان ساجن سچ سڃاتوڙي، آيم نينهن نڀائڻ ناتوڙي.
هرجاءِ مان ٿي هڪ ڏسان، اٿم سچو ڪول ڪوهيارو ڙي،
ٻيو ور ڪندس ڪونه ٻيو، مان پيچ پرين سان پاتو ڙي.
جوش خوش جاري جاڳيم، ازلي عشق الامبوڙي،
ڦوڪي آڙاهه اندر ۾ جيڏيون، لالڻ مانکي لاتوڙي.
سمجهه پيم هي سور پرائي، دردن دود دکايو ڙي،
سک قرار نه صحت سمجهان، عشق تڏهن مان ڄاتو ڙي.
اندر هو ٿي ٻاهر هو، اچي دل ۾ دوست سمايو ڙي،
رکيل ايها رمز سڃاتي، رات ڏينهان اورا توڙي.[396]
صوفي رکيل شاهه جي جغدالي محاوري واري هن ڪافيءَ ۾ پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”مون“ بدران ”مان“ ۽ ٻيءَ ۾ به ”مان“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”مون“ بدران ”مان“ ۽ ٻيءَ ۾ ساڳي ”مان“ ڪم آندل آهي. ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”اُلو“ يعني باهه جو شعلو بدران ”الامبو“ ۽ ٻي سٽ ۾ ساڳيو ”مونکي“ بدران ”مانکي“ جا لفظ ڪم آندل آهن. شڪاپوري محاوري ۾ به ’مان کي‘ چيو ويندو آهي.
چوٿين بند جي پهرين سٽ ۾ ”دونهون“ بدران ”دُود“ جو لفظ ڪم آندو آهي، جيڪو بروهي زبان ۾ ڪم اچي ٿو. جڏهن ته ٻيءَ سٽ ۾ ساڳيو ”مون“ بدران ”مان“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي.
پنجين بند ۾ ”اها“ بدران ”اِيها“ يعني ان ۾ ”ي“ جو اضافو ڪيو ويو آهي، جيئن سرائيڪيءَ ۾ ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح ”رات ڏينهن“ بدران ”رات ڏينهان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. هونئن ڳالهائي ويندڙ ٻولي ’راتين ڏينهان‘ جتي ڪٿي ڳالهايو ويندو آهي.
ڪافي:
پڙهڻ پڙهاوڻ ناهي فقيري،
بنا وجود وڃائڻ جي،
واه محدث عالم سونهارا، زاهد زهد ڪرن استخارا،
عشق بنا ته اجايا سي.
منجهه غرور نهين وچ غالب، ڪرن دليل دنيا جا طالب،
هستي قيد رهائي سي.
ڪشف قبور هيءَ ڪسب ڪماوڻ، دم اناالحق خيال جڳاوڻ،
عمل عامل ڪامل سي.
واهه چئي رهبر راهه بتائي، بحر انهين جي ڪنڌي نه ڪائي،
ثابت سر سمجهاوڻ سي.
رمز رکيل وو اڃان ٿي اولي، تون آهين ساڳي سانول ٿي ٻولي،
عبد احد حق حاصل سي.[397]
هن ڪافيءَ جي پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”پڙهائڻ“ بدران ”پڙهاوڻ“ جو لفظ ڪم آندو آهي، جيڪو سرائيڪي زبان جو آهي.
ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”ڪن“ بدران ”ڪرن“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ ”ر“ جو اضافو ٿيل آهي.
ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”نهين وچ“ جا ٻئي لفظ سرائيڪيءَ جا ڪم آندا ويا آهن. ان کان علاوه ساڳيو ”ڪن“ بدران ”ڪرن“ ڪم آندل آهي.
چوٿين بند ۾ ”ڪئاڻ“ بدران ”ڪماوڻ“ ۽ ”جڳائڻ“ بدران ”جڳاوڻ“ جا سرائيڪي لفظ ڪم آندا ويا آهن.
پنجين بند جي پهرين سٽ ۾ ”انهيءَ“ بدران ”انهين“ يعني ”ن“ جو اضافو ۽ ”ءَ“ جو اُچار حذف ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ”سمجهائڻ“ بدران سرائيڪيءَ جو ”سمجهاوڻ“ استعمال ڪيل آهي ۽ ”سي“ جيڪو رديف آهي، سو به سرائيڪي زبان جو آهي. وچولي جي سنڌيءَ ۾ به ”اُنهين“ چيو ويندو آهي.
مجموعي طرح سان سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪافيءَ ۾ سرائيڪيءَ جو جهيلار ۽ لفظن جي گهڻائي نظر اچي ٿي.
ڪافي:
ڪونه هت ٻيو هجي هجي، ٻاجهون تنهنجي يار پيارا،
1- سڪ پرين ڏي نئين ڪيم سونهون، درد اندر ۾ دکايم دونهون،
اوباهه برهه منجهه ڀڄي ڀڄي.
2- هن دل ۾ هڪ دلبر آيو، غرور زَناور سڀن سڌايو،
او چور هتي نه ٿو ٻجهي ٻجهي،
3- منهنجا پرين مان وٽ هج تون هميشان، ساهه سمراٿم سانول توسان،
اوسِر بنا نه ٻيو سجهي سجهي.
4- اڱڻ رکيل جي بيشڪ ڀايان، ويساهه ٻڌي اهي دم ٿي ڪمايان،
اوابر باران ڪيون گجي گجي.[398]
هن ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ ”ٻاجهان“ بدران ”ٻاجهون“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جيڪو ”آن“ بدران ”اُون“ پڇاڙيءَ سان جڙيل آهي.
پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”نيئي“ بدران ”نئين“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”جانور“ بدران ”زَناور“ جو لفظ سرائيڪي زبان جو آهي، استعمال ڪيو ويو آهي.
ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”مون“ بدران ”مان“ ۽ ”هميشه“ بدران ”هميشان“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. سڄيءَ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ ۾ ”جانور“ بدران ”جناور“ چيو ويندو آهي، پر بشرطيڪ اهو جانور خونخوار هجي.
ڪافي:
وڃن منزل يڪي ڪاهي،
عشاقن جي اڳيون ڇاهي.
1- ڪهن ووڙيون ورهن ۾، ڪن کي داد ٿيو هڪ دم ۾،
پائي جهاتي ڏٺم هن ۾، لاڳاپا لوڪ جا لاهي.
2- ٻڌي سنڌرو سچي توڪل، ڀڳائون عقل جي اٽڪل،
وڃي ٿيا راز ۾ رَلمل، ڀڃي هستي ڇڏن ڊاهي،
3- جبل ڏونگر ڏسن ڏوري، سڪ کي پنڌ نزديڪ آ اوري،
گهوري سر يار تون گهوري، توڻي چڙهدا وڃي ڦاهي.
4- جهڙي رحمت تهڙي لعنت، ڪهڙي ڪاني ڪهڙي قدرت،
رکيل ڏس حال منجهه حيرت، مستي منظور ڏس ڏاهي.[399]
هن ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ ”اڳيان“ بدران ”اڳيون“ پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”ڪنهن“ بدران ”ڪهن“، ٻئي بند جي ٻي سٽ ۾ ”مِلڻ“ بدران ”رَلمَل“، ٽئين بند جي ٻي سٽ ۾ ”توڙي“ بدران ”توڻي“ ۽ ”چڙهندا“ بدران ”چڙهدا“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ”رَلمَل“ ملي هڪ ٿيڻ کي چيو وڃي ٿو.
جيتري قدر ’توڙي‘ جي بدران ’توڻين‘ جو لفظ وچولي ۾ ۽ ناري ۾ عام جام استعمال ٿيندو آهي.
حاجي پريل خان:
اول نام الاهه جو جو قادر رب قهار،
خاوند پنهنجي خلق ۾ سيد ڪيو سردار،
سڀ تي نبي سرور ٿيو، مڙني جو منهدار،
ڪريو هئي هئي حسين لاءِ جو اڙين جو آڌار،
”پريل“ تنهن پينار آهي روز الست کان.
_
چاليهين ڏينهن آيا حرم قتلگاهه ۾،
تڏهن آسمان زمين هئي ماتم نگاهه ۾،
ڪعبي ڪئي شڪل غرق لباس سياهه ۾،
ماتم ۾ ماهه سج ٿي سڙيو بارگاهه ۾،
آل رسول آهه کئون منهن تي نقاب هو،
پطرس ۽ جبرئيل جگر دل ڪباب هو.[400]
حاجي پريل جو هي شعر جغدالي محاوري کان متاثر آهي. پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”جو جو“ ٻه ڀيرا ڪم آڻي جملي جي ترتيب صحيح رکي نه سگهيو آهي، ڇوته جغدالي يا فراڪي يا ٻين غيرمعياري محاورن ۾ جملا اڳتي پوئتي ڪيل لفظن جي ترتيب سان جوڙيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ٻئي بند جي پنجين سٽ ۾ ”کان“ بدران ”کئون“ جو جغدالي لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پهرئين بند جي پنجين سٽ وارو ”کان“ به ”کئون“ رکيل هجي ها، پر مرتب يا شايع ڪرڻ وارن طرفان اهڙن لفظن کي اڪثر معياري ٻوليءَ ۾ آڻي پوءِ شايع ڪيو ويندو آهي. ان ڪري سموري شاعري معياري صورت اختيار ڪري وٺي ٿي. اترادي محاوري ۾ ”کنئون“ چيو ويندو آهي.
فيضل فقير:
ڪافي:
اکيون اداسي يار لئه، ويٺيون رڙن روز شب،
1- اوجو ٻڌو هوءِ ٻول ميان، موٽي ملڻ جو قول ميان،
هاڻي وري نا رول ميان، آئي ملڻ جي مد بهار.
2- ويٺين وڃي ڇا کئون پري، موٽي ملڻ جي نا ڪري،
هت مفت ٿي ماندي مري، سڪ سوز منجهه تنهنجي طلب.
3- جي تون اچين آءٌ ناهيان، تنهنجي اڳيئون مون ڇاهيان،
اولو اکين جو لاهيان، توکي ڏسان شرقُ غرب.
4- مئي جي مدائن ڏي نه ڏس، پنهنجي نظر سان پاڻ پس،
”فيضل“ قلوبئون لاهه ڪس، سيني اندر ٿي سير سڀ.
جغدالي محاوري جي هن ڪافيءَ جي پهرئين بند ۾ ”اهو جو“ بدران ”اوجو“، ”نه“ بدران ”نا“ ۽ ”مند“ بدران ”مد“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
ٻئي بند ۾ ”ڇاکان“ بدران ”ڇاکئون“ ۽ ساڳيو ”نه“ بدران ”نا“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
ٽئين بند ۾ ”اڳيان“ بدران ”اڳيئون“، ”انتظار“ يا ”اوسيئڙو“ بدران ”اولو“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن مان ”اولو“ لفظ سرائيڪي زبان سان تعلق رکي ٿو.
چوٿين بند ۾ ”منداين“ بدران ”مدائن“، ”قلوب کان“ بدران ”قلوبئون“ جا لفظ استعمال ٿيل آهن. ”قلب“ بدران هن ”قلوب“ جو لفظ ڪم آندو آهي، جيڪو جغدالي محاوري جو آهي.
ڪافي:
سندس هن ڪافي جي پهرئين بند ۾ ”هڄي“ جو لفظ هن ”ختم ٿيڻ“ يا ”گم ٿيڻ“ بدران ڪم آندو آهي. سندس ٻوليءَ جو جهيلار ۽ لهجو جغدالي پيو معلوم ٿئي.
ڪافي:
1- برهه ٻاري باهه اندر، دل ۾ ڪيم دردن ڌڙي،
چمي اکن تي ٻار جا، سرتيون کيم هي سور سڀ.
2- هجر مون هي هي ڪيون، ڀينر پڄايم پاندڙي،
رند ڏسي رڙندي وتان، پانهَڻ پِٿون ڪيم پير پٻ،
3- ناهه ڪيم ”فيضل“ فڪر، ڏيئي غير کي توڙون تڙي،
سوري سهانگو سو لڱين، دردن وڌم ڪاڙهي قلب.[401]
هن ڪافيءَ جي پهرئين بند ۾ ”اکين“ بدران ”اکِن“، ”کنيم“ بدران ”کيم“ جا لفظ ڪم آندل آهن، جن مان ترتيبوار ”ي“ ۽ ”ن“ حذف ٿيل آهن.
ٻئي بند ۾ ”مان“ بدران ”مون“ ۽ ”پهڻ“ بدران ”پانهڻ“ يعني ”الف“ ۽ ”ن“ جو اضافو ڪري استعمال ڪيو آهي.
ٽئين بند ۾ ”توڙ کان“ بدران ”توڙون“ استعمال ڪيو آهي، جيڪو سرائيڪي زبان جي صيغي ”اَون“ سان استعمال ڪيل آهي. سنڌيءَ ۾ ”آن“ جو صيغو ”کان“ بدران ڪم آڻجي ٿو. ٿري محاوري به ”پهڻ“ جي بدران ”پانهڻ“ استعمال ٿيندو آهي.
گل محمد ”زيب“ مگسي:
غزل:
مئي رنگين آ دارون دلن جي درد هجران ۾،
اهو نسخو لڌو آهي ارسطو طلب يونان ۾.
جهين کي ورهه جي وحشت وڻي سي خوش رهن سچ ۾،
آهي بازار ۾ آهو کي غم راحت بيابان ۾.
پرين پرديس ۾ به ٿم، تصور تنهنجي صورت جو،
قفس ۾ دل کي وندرايان ٿو مان ياد گلستان ۾.[402]
زيب مگسي جي هن غزل تي نظر وجهون ٿا ته، اسان کي هي محاورو جغدالي معلوم ٿئي ٿو، سندس جهيلار ۽ لهجو به جغدالي پيو معلوم ٿئي.
سندس غزل جي پهرئين بند ۾ ”آهي“ بدران ”آ“، ”دوا“ بدران ”دارون“ ۽ ”دلين“ بدران ”دلن“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ان کان علاوه ”مئه“ بدران ”مئي“ ڪم آندل آهي.
ٻئي بند ۾ ”جنهن“ بدران ”جهين“ ڪم آندل آهي، جنهن مان هڪ ”ن“ حذف ڪري ”ي“ جو اضافو ڪيو ويو آهي. جغدالي علائقي ۾ ”جنهن“ بدران ”جيئن“ به ڪم آندو وڃي ٿو.
ٽئين بند ۾ ”اٿم“ بدران ”ٿم“ ڪم آندو ويو آهي، يعني ان جو ”الف“ حذف ڪيو ويو آهي.
سنڌي زبان جي پراڻن مخطوطن ۾ به ”جنهن“ جي بدران ”جنهين“ استعمال ٿيندو پئي آيو آهي.
سيد چيزل شاهه:
ڪلام:
ٿلهه: لک ڪيان شڪران،
منهنجي اڱڻ تي ڪيئن تون آئين
1- ايڏيون ڀلايون تنهنجون ڀايان،
چئي ٻين کي ڇا ته ٻڌايان،
سر ڪيان قربان،
اهڙو وري ناتو ڪيئن ٿو لائين.
2- انگ اصل کئون اڳي ئي آهي،
هن ۽ هن سان منهنجو ڇاهي،
دل ڪيئي ويران،
هاڻي وري پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين.
3- وَنَحُنُ اَقرب پاڻ چئي ويو،
اولو اکين جو ڪيئن ته لهي ويو،
ٿيو ظاهر عين عيان،
لاحد واريون ٿو رمزان رلائين.
4- چيزل سڌ نه ڪا سار لڌائون،
پيار ڏيئي ڪيئن مچ ۾ وڌائون،
درد جو ٻڌ داستان،
ماندي سان مل ڇو ٿو ستائين.[403]
جغدالي محاوري جي هن ڪلام جي ٿلهه واري پهرين سٽ ۾ ”شڪرانو“ بدران ”شڪران“ جو لفظ ڪم آندل آهي.
ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”کان“ بدران ”کئون“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ آن بدران ”اَئون“ واري جغدالي پڇاڙي استعمال ڪئي ويئي آهي.
ٽئين بند ۾ ”انتظار“ يا ”اوسيئڙو“ بدران ”اولو“ ۽ ”رمزون“ بدران ”رمزان“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. عام سنڌيءَ ۾ به ”اوسيئڙو“ لفظ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ ساڳئي معنيٰ ۾ ”اولو“ به چيو ويندو آهي.
ڪلام:
ٿلهه: عشق ڪيو اثبات،
نفس عقل جون ويون سڀ ڳالهيون،
1- پاڻ وڃائي پڌر پياسي،
جاڏي ڪاڏي عين ٿياسي،
ڪاڏي وئي ظلمات،
نينهن تنهنجي جون آهن نراليون،
2- عشق ڇڏيا سڀ لڙ ئي لاهي،
هر جاءِ حاضر هڪ اهو آهي،
سمجهڻ ساري صفات،
خاص انهيءَ جون آهن خياليون،
3- چيزل ناهي اصلي اولو،
سڪ وارن ڪان سمجهڻ سولو،
عشق وڏي آ آفات،
اول آخر کئون اهي تنهنجيون چاليون.[404]
هن ڪلام جي پهرئين بند ۾ ”جيڏانهن“ ۽ ”ڪيڏانهن“ بدران ”جاڏي“ ۽ ”ڪاڏي“ جا جغدالي لفظ ڪم آندل آهن. اترادي محاوري ۾ به ائين ئي چيو ويندو آهي.
ٻئي بند ۾ ”جهڳڙا يا ”جهيڙا“ بدران ”لُڙ“ جيڪو ”گوڙ“ لاءِ ڪم ايندو آهي، استعمال ڪيو ويو آهي.
ٽئين بند ۾ ”لاءِ“ يا ”ڪاڻ“ بدران ”ڪان“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي.ان کان علاوه ”آفت“ بدران ”آفات“ ۽ ”کان“ بدران ”کئون“ جا لفظ به ڪم آندا ويا آهن.
ڪلام:
ٿلهه: دم نه هتڙي رهندس،
فتح پور ويندس ويندس.
سر اڏي تي ڏيندس.
2- پنڌ پوئن جي پيرين پيادي،
سهجئون سڪ مان سڏيندس.
3- طالب طمع کئون جيڪي تارڪ،
حال انهن کي چوندس.
4- ”چيزل“ صدقو سڪ وارن تئون،
پير تنهن جا چمندس.[405]
هن ڪلام جي پهرئين بند ۾ ”جتي“ بدران ”جاٿي“، ٻئي بند ۾ ”سهجان“ بدران ”سهجئون“، ٽئين بند ۾ ”کان“ بدران ”کئون“ ۽ چوٿين بند ۾ ”تان“ بدران ”تئون“ جا لفظ ڪم آيل آهن، جيڪي جغدالي محاوري سان تعلق رکن ٿا. ”سهجئون“، ”کئون“، ”تئون“ لفظن ۾ ”آن“ پڇاڙيءَ بدران ”اَئون“ پڇاڙي جوڙي استعمال ڪئي ويئي آهي. ”جاٿي“ اترادي محاوري ۾ به مروج آهي.
ڪلام:
ٿلهه: شاهه رکيل ته فتح پور وارو،
ناڙي ۾ جنهن جنهن جو نعرو آ.
1- عالم ۾ اقطاب سڏائي،
تو کئون سوا نه ڪو چارو آ....
سڪندي عمر وئي آ ساري،
دل کئون دم نه وسارو آ....
3- چيزل تنهنجو در نه ڇڏيندس،
قدمن تئون قربان ٿيندس،
صدقو سر هي سارو آ.....[406]
هن ڪلام جي ٿلهه واري حصي توڙي ٻين بندن ۾ ”آهي“ کي ”آ“ طور استعمال ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ٽئين بند ۾ ”تان“ بدران ”تئون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. اترادي محاوري ۾ اهي لفظ ائين استعمال ٿيندا آهن.
نورمحمد پروانه:
غزل:
هي زمانو آ ووٽ جي بازيءَ جو ٻيو ڪجهه نه پڇو،
نوٽن سان انسان آ راضي جو ٻيو ڪجهه نه پڇو.
هرڪو ڏسو ووٽ لئه اکيون ڳاڙهيون ڪيون پيو ڦري،
ووٽ جي ڳال کئون ناهي خلاصي جو ٻيو ڪجهه نه پڇو.
ليڊر ته ان لئه جهلن ٿا لٺ ائون جيل،
پير صاحب پريشان آ ماضيءَ جو ٻيو ڪجهه نه پڇو.
پيسي جو مالڪ چوي ته ووٽ ڀي آ هڪ ڌنڌو،
ناهي پرواهه هن کي عوام جي ماضيءَ جو ٻيو ڪجهه نه پڇو.
چوي ”پروانو“ ڳال حق جي هر ڪينهن کي هر دم،
وقت آ هاڻي ڏسو يار برائيءَ جو ٻيو ڪجهه نه پڇو.[407]
جغدالي محاوري جي هن غزل جي پهرئين بند ۾ ”آهي“ بدران ”آ“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان ”هي“ جا ٻه حرف حذف ٿيل آهن.
ٻئي بند ۾ ”کان“ بدران ”کئون“ لفظ ڪم آندو ويو آهي. ان کان علاوه ”آزادي“ بدران ”خلاصي“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي، جيڪو بروهي زبان ۾ اڪثر آزاديءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪجي ٿو.
آخري بند ۾ ”ڪنهن“ بدران ”ڪينهن“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ ”ي“ حرف جو اچار وڌايل آهي.
سنڌ سان گهڻي اچ وڃ سبب پرواني صاحب جو لهجو معياري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، ان ڪري ان ۾ جغدالي لفظ گهٽ آهن، پر اتي سنڌيءَ ۾ ’ڪينهن‘ جو لفظ اچاريو آهي.
ملڪ محمد رمضان بلوچ:
غزل:
هي دل جو قافلو تاراج تو ڪيو آ،
هستي مٽائي ساري محتاج تو ڪيو آ،
منهنجي مزاج پرسي بارگران گذري،
دشمن جو منهجي سامهون استمزاج تو ڪيو آ،
سڀ ناز پئي کيا مون، پر تون نه ڪجهه گهٽايو،
محفل ڀري مان منهجو اخراج تو ڪيو آ.
رمضان کي رنجائن واجب نڪي مناسب،
ناز و ادا جو جنهن کي آماج تو ڪيو آ.
جغدالي محاوري ۾ چيل هي غزل قدري معياري لڳي ٿو، تنهن هوندي به ان ۾ جغدالي محاوري جا ڪجهه اهڃاڻ موجود آهن. بلوچ صاحب غزل ۾ ”ن“ غنان اڙدوءَ وارا رکيا آهن.
غزل جي ٻئي بند ۾ ”منهنجي“ بدران ”منهجي“ استعمال ڪيل آهي، جنهن مان هڪڙو ”ن“ حذف ٿيل آهي، اهڙيءَ طرح سان ٽئين بند ۾ ”منهنجو“ بدران ”منهجو“ استعمال ٿيل آهي. ٽئين بند ۾ ”کنيا“ بدران ”کيا“ استعمال ٿيل آهي، ان مان به ”ن“ حذف ٿيل آهي.
ملان ۽ مواليءَ جو جهيڙو:
ملان: ملان چيو موالي کي، تون ٻدهه هي حقيقت،
ڇڏي راهه رسول جي وتو ڦرين منجهه ڦِڪت،
جاڳڻ سان ڪجهه جار ڪر اندر ۾ البت،
متان ٿيئي ڪا مروٽ اچ منجهه مسيت جي.
موالي: مسيتن ۾ ونڄڻ ملان، اسان موالي منجهه مڪان،
ڀنگ پي ڀڙ ٿياسي، اي نفس جا نادان،
واحد وسي هرهڪ ۾، تون دل ۾ ڌر ڌيان،
اوهو مالڪ مهربان، جو بشڪيندو بدن کي.
ملان ۽ مواليءَ جي جهيڙي واري هن شاعريءَ ۾ به جغدالي محاوري جا لفظ ملن ٿا. ان کان علاوه لکڻي اردوءَ واري استعمال ٿيل آهي. يعني غني وارا ”نون“ ۽ ننڍي ”ڏ“ جا اردوءَ وارا حرف به استعمال ڪيل آهن. ”ڌ“ به اڙدوءَ وانگر ”دهه“ ڪري لکيو ويو آهي. بلوچ صاحب جي تعليم اردو زبان ۾ حاصل ڪيل آهي، ان ڪري هن پنهنجي سنڌي لکڻيءَ ۾ اردوءَ کان متاثر لفظ ۽ حرف استعمال ڪيا آهن.
”مسجد“ بدران علائقي جي محاوري موجب ”مسيت“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. ”وڃڻ“ بدران ”ونڄڻ“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي. حقيقت ۾ ”ڄ“ جو حرف کانئس غلط لکجي ويل ٿو ڀانئجي. ڇوته جڏهن اڳيان ”ن“ جو اُچار شامل ڪيل آهي ته پوءِ ”ج“ اچڻ گهرجي ها، جنهن ۾ هڪ نقطي بدران ٻه اڀا ڪري ڏنا اٿس.
”اهو“ لفظ بدران ”اوهو“ استعمال ڪيو اٿائين، جنهن ۾ ”و“ جو اضافو ڪيل آهي. ”و“ جو اچار ”اهو“ جي الف کي پيش جي اچار هئڻ سبب استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڇوته سرائيڪي زبان ۾ به ان طرح ڪم آندو وڃي ٿو. ”بخشيندو“ بدران ”بشڪيندو“ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ ”خ“ بدران ”ڪ“ استعمال ڪيل آهي.[408] ’بشڪ‘، ’بشڪت‘، ’بشڪ ڪرڻ‘ ’امام شيڪ‘ جهڙا لفظ سڄي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪتب ايندا آهن.
عبدالعزيز جروار:
غزل:
آ قصور يار جو اچ يار جون ڳالهيون ڪيون،
ناحق وڃي ٿو وخت پير منٺار جون ڳالهيون ڪيون،
وخت وڌو فرقت ۾ هليو ايهو سور سڀ سيني جهليو،
منهنجو محب مونسان مليو منٺار جون ڳالهيون ڪيون.
منهنجو نماڻو يار آهه، خاموش حيادار آهه،
دشمن سندس في النار آهه، حيادار جون ڳالهيون ڪيون
ڪر عفو مولا پير کي، وخت نزع دلگير کي،
قلمو پڙاهج مير کي پو ”جروار“ جون ڳالهيون ڪيون.[409]
هن غزل جو غور سان جائزو وٺبو ته اسان کي ان ۾ جغدالي جهيلار ۽ لهجو نظر اچي ٿو، ڇوته جروار پاڻ جغدالي علائقي جو رهاڪو آهي.
غزل جي پهرئين بند ۾ ”آهي“ بدران ”آ“ استعمال ڪيل آهي. ان کان علاوه ”وقت“ بدران ”وخت“ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ق“ بدران ”خ“ جو استعمال ڪيل آهي.
ٻئي بند ۾ ”اهو“ بدران ”ي“ جو اضافو ڪري ”ايهو“ استعمال ڪيل آهي.
ٽئين بند ۾ ساڳيو ”آهي“ بدران ”آ“ يا ”آهه“ استعمال ڪيل آهي.
چوٿين بند ۾ ساڳيو ”وقت“ بدران ”وخت“، ”پڙهائج“ بدران ”پڙاهج“ ۽ ”پوءِ“ بدران ”پو“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ”پڙهائج“ مان ”ء“ حذف ڪري ان جاءِ تي ”هه“ جو استعمال ڪيل آهي. جڏهن ته ”پوءِ“ ۾ به ”ء“ جو حذف ٿيل آهي. لطيف سائينءَ به ”ايها ۽ ”جيها“ جا لفظ استعمال ڪيا آهن.
ارباب خان کوسو:
غزل:
پاڪ نظرن جي اشاري ساڻ منهنجي دل اڙي،
هڪ لڳو آ جگر ۾ ٻيو ويو جي ۾ جڙي،
درد تنهجو آهه دل ۾ ننڊ نيڻن نه اچي،
رات ڏينئن روئندوهان آء اڱڻ منهجي لڙي،
درد سان ساري حقيقت تو ڪيان اظهار مان،
آء مونڏي يار پيارا گڏ گذارين ڪا گهڙي،
رنگ گلابي آ تنهجو لب تنهجا آهن ڪاغذي،
لبريز پيالو ڏي ڀري ارباب کي سهڻا اچي.[410]
ارباب کوسي جو هي غزل جغدالي محاوري ۾ چيل آهي. سندس بيت چوڻ جو جهيلار به ظاهر آهي. غزل جي پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”منهنجي“ بدران ”منهجي“ يعني ”ن“ حذف ڪيل آهي، ٻي سٽ ۾ ”آهي“ بدران ”آ“ ۽ ”جيءُ“ بدران ”جي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”تنهنجو“ بدران ”تنهجو“ يعني ”ن“ حذف ڪيل آهي، ٻي سٽ ۾ ”ڏينهن“ بدران ”ڏينئن“، ”آهيان“ بدران ”هان“، ”منهنجي“ بدران ”منهجي“ جا جغدالي لفظ استعمال ٿيل آهن.
چوٿين بند جي پهرين سٽ ۾ ”تنهنجي“ بدران ساڳيو ”تنهجو“ ۽ ”تنهجا“ جا جغدالي لفظ استعمال ڪيل آهن. جيتوڻيڪ هاڻ جيڪب آباد (سنڌ) ۾ رهي ٿو. ان هوندي به ڳالهائڻ سان سندس جهيلار جغدالي ٻيو معلوم ٿئي.
بروهي غوث بخش فراقي:
گيت:
رکيل شاهه پيارو فتح پور وارو،
چوڏهين صديءَ ۾ هنيو تو نعارو،
چيزل کي همٿ آ ڏيارو،
ميلو پنهنجو سالانو ڪرايو،
واهه واهه ايئو تنهجو نوري نظارو،
رکيل شاهه پيارو فتح پورو وارو....
عرش تڪ آ تنهجي رسائي،
سوالي جيڪي آيا تن جي پڄائي،
سيد آن تون نبي جو پيارو،
چوڏهين صديءَ ۾ هنيو تو نعارو،
رکيل شاهه پيارو فتح پور وارو....
هرڪو آ تنهجي در جو صداگر،
”فراقي“ بي آهن گهر جو گداگر،
مريد ڏين ٿا تنهجي در جو ٻهارو،
رکيل شاهه پيارو فتح پور وارو....
فراڪي محاوري جي هن گيت جو جڏهن اسان لساني جائزو وٺون ٿا ته، اسان کي معياري کان ڪافي فرق معلوم ٿئي ٿو. مثلاً پهرئين بند جي ٽئين سٽ ۾ ”همت“ بدران ”همٿ“ ۽ ”ڏياريو“ بدران ”ڏيارو“ جا لفظ ڪم آندل آهن، ان کان علاوه ”همت“ سان مؤنث صيغو ”ڏياري“ اچڻ گهرجي ها پر ائين ناهي. اهڙيءَ طرح چوٿين سٽ ۾ ”پنهنجو“ بدران ”پنهجو“ يعني ”ن“ حذف ڪيل استعمال ڪيو آهي، ”ساليانو“ بدران ”سالانو“ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ”ي“ حذف ڪيل آهي.
پنجين سٽ ۾ ”اِهو“ بدران ”ايئو“ ۽ ”تنهنجو“ بدران ”تنهجو“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
ٻئي بند جي پهرين سٽ ۾ ”تائين“ بدران ”تڪ“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي، جيڪو سرائيڪي ٻوليءَ جو آهي. ”تنهنجي“ بدران ”تنهجي“ يعني ”ن“ حذف ڪيل ڪم آندو ويو آهي. ٽئين سٽ ۾ ”آهين“ بدران ”آن“ جو لفظ ڪم آندل آهي.
ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”آهي“ بدران ”آ“، ”تنهنجي“ بدران ”تنهجي“ ٻي سٽ ۾ ”به“ بدران ”بي“، ”آهي“ بدران ”آ“ ۽ ٽين سٽ ۾ ”تنهنجي“ بدران ”تنهجي“ استعمال ٿيل آهي.
نظم:
خدا جو ڏسو خاص پيارو سڪندر،
هڻي ويٺو ڍاڍر ۾ نعارو سڪندر،
سوالي سوين روز در تي اچن ٿا،
پڄائين ٿو تن جو مرادان وڃن ٿا،
چون ٿا ڀلن کان ڀلارو سڪندر....
اچي باوضو نيڪ نيت جو جيڪو،
ملي فيض تن کي ڄاڻي خدا ٿو،
ڪري قرب سان ٿو ايشارو سڪندر....
”فراقي“ بي آ تنهجو گدلو گداگر،
ثنا ٿو ڪري صدق دل سان ثناگر،
ڏيو گنج پنهجي مان وارو سڪندر.
هن نظم جو جڏهن اسان جائزو وٺون ٿا ته، اسان کي فراڪي محاوري جا ڪافي لفظ ملن ٿا. مثلاً: ”مرادون“ بدران ”مرادان“، ”اشارو“ بدران ”ايشارو“، ”آهي“ بدران ”آ“، ”تنهنجو“ بدران ”تنهجو“ ۽ ”پنهنجي“ بدران ”پنهجي“ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه سندس لفظن جي ادائگي يا پيشڪش جو انداز به غيرمعياري آهي ۽ سندس لهجي ۽ جهيلار مان فراڪي محاوري جا اهڃاڻ ملن ٿا.
غزل:
زماني جي ڏسي حالت در و ديوار ڌڙڪن ٿا،
آ پنڌرهين صدي ظاهر عجب آثار ڌڙڪن ٿا.
اچون بازار جي اندر ٿا ملي هر شيءِ مهانگي ٿي،
وڃون ڪاڏي چئون ڪينهن کي ويچار ڌڙڪن ٿا.
باقي مان کٽ بچائي آ، آخر ساهه بي کپائيندس،
مگر اڻ ۾ پنهجا هي رشتيدار ڌڙڪن ٿا.
آهه هوند هونگ هوندي جي سڃي جو ڇا ٿئي ساٿي،
حياتيءَ جا ڏکيا ڏينئڙا پيا صد بار ڌڙڪن ٿا.
ڏسو ڪن کي شمع مان ۽ اتم سندا ڪيٽي ڪپڙا،
سوچي سمجهي بدن کڻبو گلن جا خار ڌڙڪن ٿا.
”فراقي“ ڪو فرق ناهي صرف حالت غريبي آهي،
هائي افسوس جي ماکان منهجا ڪي يار ڌڙڪن ٿا.
هن غزل جي پهرئين بند جي ٻي سٽ ۾ ”آهي“ بدران ”آ“، ٻي بند جي ٻي سٽ ۾ ”ڪيڏانهن“ بدران ”ڪاڏي“ ۽ ”ڪنهن“ بدران ”ڪينهن“ ٽئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”مون“ بدران ”مان“ ، ”به“ بدران ”بي“ ٻي سٽ ۾ ”پنهنجا“ بدران ”پنهجا“، چوٿين بند جي ٻي سٽ ۾ ”ڏينهڙا“ بدران ”ڏينئڙا“ ۽ آخري بند جي ٻي سٽ ۾ ”مونکان“ بدران ”ماکان“ ۽ ”منهنجا“ بدران ”منهجا“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن، جيڪي فراڪي محاوري جي نشاندهي پيا ڪن.
غزل:
حسينن جي پيار سان غضب جو پيار ٿيندو آ،
ايشارن ئي ايشارن ۾ وڏو واپار ٿيندو آ.
اگر سهڻن جي محبت ۾ ويو جو هوش آ نڪري،
خبر ڪيڙي هئي مانکي، ته ايڙو آزار ٿيندو آ.
اگر دلبر ستائين ٿا، ڪرڻ بهتر صبر آهي،
مگر الفت ۾ سهڻن جو بدن بيمار ٿيندو آ.
صرف منهجي مقدر ۾ لکيل آهه وڏو صدمو،
صنم مانڏي ڏسي، ٿورو گهڻو بيزار ٿيندو آ.
”فراقي“ کي مليو آهه صنم سنگدل قسمت سان،
نڀايان مان ويٺو هر دم سندم اقرار ٿيندو آ.[411]
هن غزل جي پهرئين بند ۾ ”آهي“ بدران ”آ“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، بلڪ اهو هر جاءِ تي ”آ“ ڪري ان کي رديف طور استعمال ڪيو ويو آهي. ٻي سٽ ۾ ”اشارا“ بدران ٻه ڀيرا ”ايشارا“ استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ”ي“ جو اضافو ڪيل آهي.
ٻئي بند جي ٻي سٽ ۾ ”ڪهڙو“ بدران ”ڪيڙو“ ۽ ”اهڙو“ بدران ”ايڙو“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن، جن ۾ ”هه“ بدران ”ي“ جو اچار استعمال ڪيو ويو آهي.
چوٿين بند جي پهرين سٽ ۾ ”منهنجي“ بدران ”منهجي“ يعني ان مان ”ن“ جو اچار حذف ڪري اچاريو ويو آهي. ٻي سٽ ۾ ”مون ڏانهن“ بدران ”مانڏي“ ڪم آندو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح آخري بند ۾ به ”آهي“ بدران ”آهه“ ۽ ”آءٌ“ بدران ”مان“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
فراقي صاحب سان ملاقات وقت سندس ڳالهائڻ جو جهيلار ساڳيو فراڪي محاوري وارو پيو محسوس ٿئي، حالانڪ سندس چوڻ موجب ڪافي سال سيوهڻ ۾ رهندي ٿيا آهن.
عام شاعرن جي ڪلام جو لساني جائزو:
عام شاعرن ۾ خطي جا اهي سنڌي شاعر اچي وڃن ٿا، جن بابت سنڌي ادب ۾ اڳي ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿيو آهي، جيئن اسان مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته خطي جا سنڌي شاعر پنهنجي ڪلام کي ڪٺو ڪندا رهيا آهن، پر اشاعتي ادارن جي نه هجڻ سبب سندن ڪلام ۽ تعارف شايع ٿي ڪونه سگهيو آهي.
مطالعي دوران اسان کي ڪجهه اهڙا به شاعر مليا آهن، جن جو مختصر تعارف ۽ ڪلام جو مختصر لساني جائزو هت پيش ڪجي ٿو.
ڪرم شاهه:
پاڻ ڳوٺ مٺڙي ضلعي ڪڇي جو رهواسي هو، پيري مريديءَ باوجود مزدوري ڪري گذاريندو هو. مريدن کان ڪجهه وٺڻ وڏو عيب سمجهندو هو. تمام نيڪ سيرت ۽ شڪل شبيهه جو تمام سهڻو هوندو هو. شوقيه طور سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. پنهنجو ڪلام پاڻ ڳائيندو به هو. زماني بابت سندس چوڻ هو ته هن زماني ۾ ماڻهن کان چڱائي ختم ٿي ويئي آهي ۽ هت هرڪو مسافر جي حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري فراڪي محاوري ۾ چيل آهي. سندس پيدائش ۽ وفات جي تاريخ ڪونه ملي سگهي آهي.[412]
ڪلام سيد ڪرم شاهه:
ٿلهه: ڇڏي يار زماني کئون اڄ ياري وئي،
سڪ پيار محبت ساري وئي.
يار زماني جا مُون تي کلني،
پرپٺ گلا هت ڪوڙ چوني،
اوئي يار نه چئبا ايئي خوار چوني،
جن کئون هوش ڇڏي هوشاري وئي،
ڇڏي يار زماني کئون اڄ ياري وئي....
مٽي مائٽي ادي برادر مئون وئي،
ڪيڙي زماني جي ڳال ساري ڪيان،
اچي ٻيو ته پٽن ۾ جدائي پئي،
ڇڏي يار زماني کئون اڄ ياري وئي....
تنجي ياد ڪرڻ سان لهندا گناء،
ڪرم شاهه ياد ڪر تون الاء،
اوئي ڪربلا وارا سچا امام،
جنن توڙ جئانن جي ساري ڪئي،
ڇڏي يارن ماني کئون اڄ ياري وئي...[413]
فراڪي محاوري جي هن ڪلام جو لساني جائزو وٺبو ته اسان کي معياريءَ کان ڪافي فرق محسوس ٿئي ٿو. هن ڪلام تي مجموعي طرح سان سرائيڪي زبان جو تمام گهڻو اثر نظر اچي ٿو. ڪلام جي پوري شاعريءَ ۾ ”کان“ ۽ ”مان“ بدران ”کئون“ ۽ ”مئون“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
ٿلهه ۾ ”ويئي“ بدران ”وَئي“ ٻه ڀيرا ڪم آندو ويو آهي.
پهرئين بند ۾ ”مُنهن“ بدران ”مُون“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ن“ ۽ ”هه“ حذف ڪري ”و“ جو اضافو ڪيل آهي. ”اُهي“ بدران ”اوئي“ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن مان ”هه“ حذف ڪري، ان بدران ”ء“ جي استعمال سان گڏ ”و“ جو اضافو ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”اِهي“ بدران ”اِيئي“ ۾ به ساڳيو ”هه“ بدران ”ء“ جي استعمال سان گڏ ”ي“ جو اضافو ڪيو ويو آهي. ”اُهي“ ۾ ”و“ جو اضافو ”الف“ مٿان پيش جي اُچار سبب ڪيل آهي. جڏهن ته ”اِهي“ ۾ ”ي“ جو اضافو ”الف“ هيٺان زير جي اُچار سبب ڪيل آهي. ان کان علاوه ”هوشياري“ جي ”ي“ به حذف ڪئي ويئي آهي، جيڪا اڪثر ان قسم جي لفظن مان ڪئي ويندي آهي. ٻئي بند ۾ ”مٽي مائٽي“ وارا ”ٽ“ حرف ”ر“ گاڏر مرڪب حرف آهن، جيڪي هن خطي ۾ واضح طور استعمال ڪيا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح ”ڪهڙي“ بدران ”ڪيڙي“ لفظ استعمال ڪري ان جي ”هه“ حذف ڪري ”ي“ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جيئن سرائيڪي ۾ ٿئي ٿو.
ٽئين بند ۾ ”گناهه“ ۽ ”الاهه“ واري ”هه“ حذف ڪري ”ء“ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ لفظ ”تنهنجي“ بدران ”تنجي“ ڪم آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”جهانن“ لفظ ۾ ”هه“ بدران ”ء“ جو حرف استعمال ڪيو ويو آهي.
حافظ محمد صالح تنيو:
محمد صالح پٽ ڌڻي بخش تنيو سن 1917ع ۾ ڳوٺ تنيو، تعلقي لهڙي، ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو. 14 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ننڍي عمر کان ئي شاعري ۽ ڳائڻ وڄائڻ جو شوق هيس. ڳائڻ وڄائڻ جو شوق استاد ارباب خان کوسي جي شاگرديءَ ۾ اچي شروع ڪيائين. پوئين وقت ۾ ٺيڪيداري شروع ڪيائين. 1987ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جغدالي محاوري ۾ چيل آهي.
غزل:
ٿلهه: شونق جي هر شهر ۾ برهيه جي بازار آ،
صورت جو سودو هلي ٿو حسن جو واپار آ،
سرمو پائي سيند ٺائي صبح جو سهڻا اٿن،
مُونئن مکين ٿا مشڪ عمبر بدن بوءِ بهار آ،
وار ڪارا نانگ نيارا ويڙهه ٿا واسنگ ڪن،
ڳل گلابي لعل لب چشمن ڏنو چمڪار آ،
سڪ جو سودو آ، اِيهو صالح سهڻا ٿا ڪرن،
غم غصي جو جت ڪم ناهي پيار ئي پيار آ.[414]
غزل جي ٿلهه ۾ ”شوق“ بدران ”شونق“ پهرئين بند ۾ ”سينڌ“ بدران ”سيند“، ”ٺاهي“ بدران ”ٺائي“، ”منهن“ بدران ”مونئن“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ٻئي بند ۾ ”اکين“ بدران ”چشمن“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو بلوچي زبان جو آهي. ٽئين بند ۾ ”اهو“ بدران ”ايهو“ جو لفظ استعمال ڪيل آهي.
اقبال شاهين:
محمد اقبال سن 1949ع ۾ پنهنجي ڳوٺ لهڙي تعلقي ۽ ضلعي ڪڇي ۾ حافظ محمد صالح تنيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ تائين لهڙي هاءِ اسڪول کان تعليم حاصل ڪري، ان ئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سندس تخلص ”شاهين“ آهي، پنهنجي والد وانگر ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪري ٿو. سندس غزل جي ڪجهه بندن جو لساني جائزو پيش ڪجي ٿو.
غزل:
سنسار ڇڏي سارو هڪ يار ڪيم توکي،
محبوب پانجي من جو مختيار ڪيم توکي،
توکئون نه جدا ٿيو هان، نه توکئون جدا ٿيندم،
پوئي پريت جي ڌاڳي ۾ پانجو هار ڪيم توکي.
پارت ٿي پرين پيارا مجبور محبت جي،
دلدار دکي دل جو غمخوار ڪيم توکي.
”شاهين“ زماني ۾ ٻيا ڀي ته حَسين آهن،
پر ساري حسينن جو سردار ڪيم توکي.[415]
جغدالي محاوري جي هن غزل ۾ ”پنهنجو“ بدران ”پانجو“ ۽ ”پنهنجي“ بدران ”پانجي“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن. ٻئي بند ۾ ”توکان“ بدران ٻه ڀيرا ”توکئون“ ڪم آندو ويو آهي. ”آهيان“ بدران ”هان“ ۽ ”ٿيندس“ بدران ”ٿيندم“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. آخري بند ۾ ”به“ بدران ”ڀي“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
عبدالقادر:
عبدالقادر جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، سندس هڪ بيت هٿ آيو آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو جغدالي علائقي جو رهاڪو هو. تحصيل اوسته محمد جي هڪ شاخ بالان جو نالو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو اٿس. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو نصير آباد ضلعي جو رهاڪو هو.
ٿلهه: مان ته ٻن ڏيان هن سارِن کي- رنان روئارن ٻارن کي،
1- جڏين رومبن تي هتئون هلن ٿيون- سٿـڻــان گوڏي مٿي اوهي نين ٿيون،
ڏس ڊونڊيون ڪيئن ٿين ٿيون- هاڻي پِٽن پانهجي مارن کي...
2- جڏين رومبي تي هتئون هلن ٿيون- روئي توکي هو پٽن ٿيون،
ڏسي جان پانهجي هو روئن ٿيون- هاڻي ورتيون هل پانهجي مارن کي....
3- پانهجي مردن ڪان سارو ڏينئن هلن- پانهجن ڪڙمين کي پاڻ هڻن،
ڏسي هيڏي هوڏي هٿڙو کڻن- سينو لوڏي ڏيکارن يارن کي...
4- عبدالقادر چوي پوکان تيار ٿيون- ايهي واهه لنگهي اسانجون ساريون ڀليون،
هن سارن کئون بالان جون جوڻاريون ڀليون- گهڻو به هي ته چوان حيا وارن کي....[416]
جغدالي محاوري جي هن بيت جي ٿلهه ۾ ”سارين“ بدران ”سارن“ ”رنون“ بدران ”رنان“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
پهرئين بند ۾ ”جڏهن“ بدران ”جڏين“، ”هتان“ بدران ”هتئون“، ”سٿڻون“ بدران ”سٿڻان“، ”اهي“ بدران ”اوهي“، ”پنهنجي“ بدران ”پانهجي“ جا لفظ ڪم آندل آهن. ٻئي بند ۾ ”پنهنجي“ يا ”پنهنجو“ بدران ”پانهجي“ ۽ ”پانهجو“، ”هتان“ بدران ”هتئون“ جا لفظ ڪم آندل آهن. ٽئين بند ۾ ”پنهنجي“ کي ”پانهجي“، ”ڏينهن“ کي ”ڏينئن“ ۽ ”هيڏانهن هوڏانهن“ کي ”هيڏي هوڏي“ ۽ ”ڏيکارين“ کي ”ڏيکارن“ استعمال ڪيو ويو آهي. چوٿين بند ۾ ”اهي“ کي ”ايهي“، ”کان“ کي ”کئون“ استعمال ڪيو ويو آهي.
حبيب الله دايو:
پاڻ اصل ۾ ڍاڍر جو هو. سندس وڌيڪ احوال هٿ اچي نه سگهيو آهي. سندس شاعري فراڪي محاوري ۾ آهي. سندس ٻه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
1- سنيون سنيون ڪونجان نخري سان لڏن،
هيٺ لئن ڪينڪي مٿي چوڳ چڳن،
چُومب ڀري رت جي سيني سور لکن،
چوي به حق حبيب الله جو پانداڙيم پکين سان.
2- هن خيالي بيخوديءَ ۾ عشق جو آزار ٿيو،
مرض ايڙو ٻيو نه ڀانيان جين ماکي بيمار ڪيو.[417]
پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”سنهيون سنهيون“ بدران ”سنيون سنيون“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن، جن مان ”هه“ حذف ڪيل آهي. ”ڪونجون“ بدران ”ڪونجان“ استعمال ڪيل آهي. ٻي سٽ ۾ ”لهن“ بدران ”لئن“ يعني ”هه“ بدران ”ء“ جو اچار استعمال ڪيو ويو آهي. ٽين سٽ ۾ ”چهنب“ بدران ”چومب“ يعني ”هه“ بدران ”و“ جو استعمال ڪيل آهي.
ٻئي بند جي ٻي سٽ ۾ ”اهڙو“ بدران ”ايڙو“ جو لفظ ڪم آندل آهي، جنهن ۾ ”هه“ بدران ”ي“ جو استعمال ڪيل آهي. لفظ ”جنهن“ بدران ”جين“ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان ”ن“ ۽ ”هه“ بدران ”ي“ استعمال ڪئي ويئي آهي، ۽ ”مونکي“ بدران ”ماکي“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
محمد مراد ڊومڪي:
هي 15 اپريل 1930ع تي ڳوٺ مراد واهه، تعلقي لهڙي، ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍي هوندي کان شاعريءَ جو شوق هو. سنڌيءَ سان گڏ بلوچيءَ ۾ به شاعري ڪندو هو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ملي سگهيو آهي. سندس هڪ گيت هٿ آيو آهي، جيڪو مختصر لساني جائزي سان پيش ڪجي ٿو.
ٿلهه: اڳين عاشقن پونين ڪان ڪين ڇڏي آ- هاڻي ماکي عشق جي لڳي آ.
1- تنجو عشق بي آ ايڙو، جين لئرن ۾ لڙي ٻيڙو،
انن ڇولن منجهه جهولي ڀري آ، هاڻي ماکي عشق جي لڳي آ.
2- تنجي عشق جي تارئون ڦران ٿو، جين پرواني وانگي پچان ٿو،
جين شمع شوا تي جلي آ، هاڻي ماکي عشق جي لڳي آ.
3- تنجي صورت آ بلند بالا، ايئو منجو عقيدو ائون خيالا،
تنجي تابش چنڊ کئون تکي آ، هاڻي ماکي عشق جي لڳي آ.
4- مان بي سلطان درٻار وڃان ٿو، ويئي ويئي دعائون گهران ٿو،
محمد مراد دوستن سان جهلي آ، هاڻي ماکي عشق جي لڳي آ.[418]
هي گيت فراڪي محاوري ۾ چيل آهي، جنهن جي جهيلار ۽ لهجي مان فراڪي محاوري جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون، گيت جي ٿلهه ۾ ”ڪاڻ“ يا ”لاءِ“ بدران ”ڪان“، ”آهي“ بدران ”آ“ ۽ ”مونکي“ بدران ”ماکي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
پهرئين بند جي پهرين سٽ ۾ ”تنهنجو“ بدران ”تنجو“، ”اِهڙو“ بدران ”ايڙو“، ”جيئن“ بدران ”جِين“، ”لهرن“ بدران ”لئرن“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ٻي سٽ ۾ ”انهن“ بدران ”اُنن“، ”ڇولين“ بدران ”ڇولن“، ”آهي“ بدران ”آ“ ۽ ”مونکي“ بدران ”ماکي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ”آهي“ ۽ ”مونکي“ ترتيبوار هرهنڌ ”آ“ ۽ ”ماکي“ طور استعمال ڪيل آهن.
ٻئي بند ۾ ”تنهنجي“ بدران ”تُنجي“، ”تاران“ بدران ”تارئون“، ”جيئن“ بدران ”جين“، ”روشنيءَ“ بدران ”شُوا“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. ”شوا“ بروهي، بلوچي ۽ سرائيڪيءَ ۾ روشنيءَ کي چيو وڃي ٿو.
ٽئين بند ۾ ساڳيو ”تنهنجي“ بدران ”تُنجي“، ”اِهو“ بدران ”ايئو“، ”مُنهنجو“ بدران ”مِنجو“، ”۽“ بدران ”ائون“ ۽ ”کان“ بدران ”کئون“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن.
چوٿين بند ۾ ”به“ بدران ”بِي“، ”ويهي ويهي“ بدران ”ويئي ويئي“ جا لفظ استعمال ڪيل آهن. جن مان ”هه“ حذف ٿيل آهي.
هن گيت جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر ٺيٺ فراڪي لفظ استعمال ڪيا آهن. جن تي سرائيڪي زبان جو اثر تمام گهڻو ٿيل آهي.
اڪبر لاشاري:
اڪبر پٽ گامڻ خان لاشاري 1913ع ۾ ڳوٺ گلڻ، تحصيل ڀاڳ ضلعي ڪڇيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جي صحبت جي اثر سبب شعر و شاعري ۽ ڳائڻ شروع ڪيائين. پنهنجا بيت پاڻ ڳائيندو به آهي. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ وڄائڻ جو استاد سندس والد هو. سندس سنڌي شاعري جغدالي محاوري ۾ چيل آهي.
بيت:
مُنجي نيڻن ۾ آ مٺا نور واهه،
تنجي عشق ڪيو چڪناچور واهه،
اندر مُنجي ۾ ٿي آڳ ٻري،
تنجي ڏسڻ سان منجو هان ٺري،
تنجي عشق ڪيا دک دور واهه...
داد ڪجان امداد ڪجان،
ڪڏين ته اڪبر کي ياد ڪجان،
تنجن سور ڪيا دک دور واهه....[419]
بيت جو لساني جائزو وٺجي ٿو ته ان ۾ ڪيئي جغدالي محاوري جا لفظ ۽ اُچار ملن ٿا. ٿلهه ۾ ”منهنجي“ بدران ”مُنجي“ ۽ ”تنهنجي“ بدران ”تنجي“ جا لفظ ڪم آندا ويا آهن.
پهرئين بند ۾ ساڳيو ”منهنجي“ ۽ ”تنهنجي“ لاءِ ”منجي“ ۽ ”تنجي“ جا لفظ ڪم آندل آهن. ”آگ“ بدران ”آڳ“ ۽ ”هانءُ“ بدران ”هان“ جا لفظ ڪم آندل آهن. ”هانءُ“ جي ”ءُ“ اچار کي حذف ڪيو ويو آهي. جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، جيڪو جغداليءَ ۾ حذف ٿئي ٿو. ٻئي بند ۾ ”ڪجان“ ۽ ”ڪجان“ جو اُچار استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن مان ”ءِ“ جو اُچار حذف ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ”ڪڏهن“ بدران ”ڪڏين“ استعمال ڪيل آهي، ”تنهنجن“ بدران ”تنجن“ استعمال ڪيو ويو آهي.
غزل:
ادا تنجي گاڏي وهي روزگار سان،
جوڙو ڏاندن جو جنسار سان،
پنجاليون اٿس پريت جون،
ڏورڻي سندو چئو آزار سان،
منجي گاڏي جو مُنجو ادا موڪرو،
هن دُري سندي آڌار سان.
سارو بار اٿس سرائي تي ادا،
ايهي ڦيٿا ڦرن فراڪ سان،
اڪبر چوي شوق منجهئون،
هن قبي واري جي آڌار سان.
هي غزل به جغدالي محاوري جو اٿس، جنهن ۾ ”منهنجي“ ۽ ”منهنجو“ کي ”منجي“ ۽ ”منجو“ ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. ”پڇاڙيون“ بدران سرائيڪيءَ ۾ ”پنجاليون“، ”ويڪرو“ بدران ”موڪرو“ جا لفظ شامل ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح ”اِهي“ بدران ”ايهي“ ۽ ”منجهان“ بدران ”منجهئون“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي اڪثر جغدالي محاوري ۾ ان طرح سان استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ”فراڪ“ هن ”شوق“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي.
[1] يوري گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قومين“، ترجمو، مرزا اشفاق بيگ، دارالاشاعت ماسڪو، 1976ع، ص 54.
[2] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1970ع، ص 22.
[3] رحيمداد مولائي شيدائي، ”بلوچستان جي مختصر تاريخ“، بلوچ سيريز نمبر 1، سکر 1941ع، ص 8.
[4] سمو الهبچايو، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 143.
[5] شمشيرالحيدري، ”سجاڳ سانگهڙ“، سانگهڙ ڊيولپمينٽ ايسوسيئشن، سانگهڙ، 1974ع، ص67.
[6] انور رومان، پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، ترجمو: گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، حصو ٻيو، 87-1986ع، ص 244.
[7] ٻرڙو، غلام حيدر، ڊاڪٽر، ”سنڌ جون چند ذاتيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1981ع، ص127.
[8] رائچند هريجن، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1977ع، ص269.
[9] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ خاصخيلي“، حڪيم نورمحمد خاصخيلي، حيدرآباد، 1961ع، ص 43.
[10] ساسولي بلوچستان ۾ پاڻ کي بروهي سڏائين ٿا.
[11] سيد. جي. ايم، ”جنب گذاريم جن سين“، جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع، ص 5-9.
[12] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1981ع، ص 92-293.
[13] ايم لانگ ورٿ ڊيمز، مترجم ڪامل القادري، ”بلوچ قبائل“، نسا ۽ ٽريڊرز ڪوئيٽا، 1983ع، ص57.
[14] رحيمداد مولائي شيدائي، بلوچستان جي مختصر تاريخ، سيريز نمبر 1، سکر، 1941ع، ص26.
[15] عبدالرزاق لاسي، ”ڪراچيءَ جي تاريخ“، ماهوار بلوچي دنيا، ملتان، ڊسمبر 1980ع، ص 27.
[16] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 304.
[17] نظاماڻي، نورمحمد مولوي، ”تاريخ سنڌ“، ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، 1933ع، ص 24-26.
[18] رحيمداد شيدائي مولائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 329.
[19] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 290.
[20] ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا“، انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا لميٽيڊ، لنڊن، واليوم 25، 1960ع، ص 143.
[21] جي ايبٽ، ”سنڌ انٽرپرٽيشن آف دي ويلي سومراز“، ڪراچي، 1907ع، ص 88.
[22] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص363.
[23] قريشي، حامد علي خانائي، ڊاڪٽر، ”ڪلهوڙا دؤر جا نامور سپھ سالار“، سنڌ اسٽڊي، حيدرآباد، 1983ع، ص 81.
[24] رچرڊ برٽن، ”سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“، ترجمو: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 338.
[25] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 296.
[26] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 438
[27] ايڇ ٽي لئمبرڪ ”سنڌ جنرل انٽروڊڪشن“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1984ع، ص 215.
[28] انور رومان، پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، جلد ٻيو، 87-1986ع، ص 239.
[29] انعام الحق ڪوثر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص307.
[30] انور رومان پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 226.
[31] عطامحمد حامي، ڊاڪٽر، ”خيرپور جا ڪهيري“، ماهوار پيغام، ڪراچي، ڊسمبر، 1980ع، ص37.
[32] ميرمعصوم بکري، ”تاريخ معصومي“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1953ع، ص 170.
[33] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 55.
[34] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 239.
[35] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 16.
[36] رائيچند هريجن، ”تاريخ ريگستان“، حصو اول، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1977ع، ص 278.
[37] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1970ع، ص 67.
[38] اوڏ جيئل راءِ، ”اوڏ قوم تاريخ پسمنظر ۽ رسم و رواج“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1-2/1987ع، ص 172.
[39] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 300.
[40] ٻٽ الهرکيو، ”سماٽ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1984ع، ص 21.
[41] رحيمداد مولائي شيدائي، ”شاهه جا گندرا“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 3/1962ع، ص 19.
[42] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 60.
[43] انور رومان پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 398، جلد ٻيو.
[44] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1979ع، ص 135.
[45] بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص62.
[46] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 371.
[47] عبدالرزاق لاسي، ”ڪراچيءَ جي تاريخ“، ماهوار بلوچي دنيا، ملتان، ڊسمبر 1980ع، ص 27.
[48] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 86-1987ع، ص 179.
[49] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1979ع، ص 136.
[50] ابو خيل، محمد حسين شاهه، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“، ماهنامه اظهار، ڪراچي، جون 1982ع، ص 13.
[51] ميرعلي شيرقانع، ”تحفة الڪرام“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 78.
[52] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 271.
[53] يوري گنڪوفسڪي ”پاڪستان ڪي قوميتن“، مترجم: مرزا اشفاق بيگ، دارالاشاعت ترقي ماسڪو، 1974ع، ص 155.
[54] ايم لانگ ڊيمرورٿ، ”بلوچ قبائل“، مترجم: ڪامل القادري نسا ٽريڊرز ڪوئيٽا، 1983ع، ص69.
[55] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 55.
[56] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 316.
[57] ايضاً، ص 319.
[58] ايضاً 303.
[59] ڀٽي رشيد، ”اروڙ جا آديسي“، ماهوار پيغام، ڪراچي، نومبر، 1981ع، ص 41.
[60] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 449.
[61] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 292.
[62] ايضاً، ص 292.
[63] ايضاً، ص 303.
[64] ايضاً، ص 306.
[65] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص 58.
[66] انور رومان پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 395.
[67] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، ڇاپو ٻيو، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1970ع، ص13.
[68] رائيچند هريجن، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1977ع، ص269.
[69] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص57.
[70] ايضاً، 25-26.
[71] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 76.
[72] انور رومان پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، جلد ٻيو، 87-1986ع، ص 326.
[73] ايضاً، ص 362.
[74] ايضاً، ص 374.
[75] انور رومان پروفيسر، مترجم: ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، جلد ٻيو،، ص 376.
[76] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 517.
[77] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص56-55.
[78] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 279.
[79] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص45.
[80] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 516.
[81] ايضاً، 533.
[82] بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص51.
[83] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، ص 51
[84] ندوي ابو ظفر، ”تاريخ گجرات“، ندوة المصنفين، دهلي، 1958ع، ص 87، (اردو)
[85] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1981ع، ص 321.
[86] مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 77.
[87] رائيچند هريجن، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1977ع، ص 268.
[88] ٻٽ الهرکيو، ”سماٽ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1984ع، ص 60.
[89] رائيچند هريجن، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1977ع، ص 270.
[90] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 431.
[91] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص403.
[92] سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر، ملاقات، 89-5-13.
[93] هينري پاٽينجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ترجمو، 1973ع، ص 80.
[94] ڇاٻلاڻي، ايس. پي ڊاڪٽر، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1958ع، ص 226.
[95] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص180.
[96] ايضاً، ص 181.
[97] ايضاً، ص 305.
[98] ايضاً، ص 297 ۽ 399.
[99] جويو، محمد ابراهيم، مرتب: ”الوحيد“، سنڌ آزاد نمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1979ع، ص 9.
[100] رحميداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 198.
[101] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص239.
[102] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1987ع، ص 330.
[103] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 432.
[104] ايضاً، ص 423.
[105] سمو، الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 118.
[106] ڊينس بري، ڊاڪٽر، مترجم: ڪامل القادري، ”براهوي رسوم“، نساء ٽريڊرز ڪوئيٽا، 1984ع، ص 118.
[107] سمو، الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 121.
[108] ڌمال زوردار ناچ کي چئبو آهي.
[109] طاهرزادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص 146.
[110] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، حصو ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص383.
[111] ايضاً، ص 132.
[112] هينري پاٽينجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، سنڌي ترجمو: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 69.
[113] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، حصو اول، بينظير انٽر پرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص269.
[114] ايضاً، 143.
[115] سمو، الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 40.
[116] ايضاً، ص 40.
[117] ايضاً، ص 41.
[118] ايضاً،
[119] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 199.
[120] سلطان محمد صابر، ”ثقافت اور ادب واديءِ بولان مين“، بزم ثقافت، ڪوئيٽا، 1977ع، ص 96.
[121] عزيزالرحمان، ”براوي دروشم“، ششماهي ڪپوت سلسلي جو پندراڻ نامه، بزم مولائي شيدائي محمد پور اڍو، ضلعو جيڪب آباد، 1985ع، ص 130.
[122] انور رومان پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 155.
[123] بروهي، دادمحمد، خادم، ”سبيءَ جي سنڌي ۽ ان جي اهميت“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 3/1981ع، ص 176.
[124] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص108.
[125] ايضاً، ص 219.
[126] ايضاً، ص 108.
[127] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 143 ۽ پڻ ڏسو انور رومان جو ڪتاب ”بلوچستان ڪي قبائل“ جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 1987-1986ع، ص 217.
[128] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص127.
[129] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 76.
[130] دينس بري، مترجم: ڪامل القادري، ”براهوي رسوم“ ناءِ ٽريڊرز، ڪوئيٽا، 1974ع، ص 71.
[131] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 76.
[132] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص293.
[133] ايضاً،
[134] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص 139.
[135] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص268.
[136] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي ۽ پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص 141.
[137] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص24.
[138] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص128.
[139] ايضاً، جلد اول، ص 102.
[140] ايضاً، جلد اول، ص 268.
[141] سلطان محمد صابر، ”پشتون ڪلچر“، ”ثقافت اور ادب واديءِ بولان مين“، بزم ثقافت ڪوئيٽا، 1966ع، ص 73.
[142] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص260 ۽ پڻ ڏسو سندس جلد اول، ص 141.
[143] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص296.
[144] ايضاً، جلد اول، ص 25.
[145] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص144.
[146] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1977ع، ص 144.
[147] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 421 ۽ پڻ ڏسو ولي محمد طاهر زادي جو مقالو، ٽه ماهي مهراڻ حيدرآباد، 2/1967ع، ص 144.
[148] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 422.
[149] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص144.
[150] چاقو غير متوقع دشمنيءَ کان بچڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو.
[151] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص 230.
[152] هي عمل صرف نڪاح ٿيل زال لاءِ هوندو آهي.
[153] هي عمل اهي ماڻهو ڪن ٿا، جن کي ڪنواريتا سڱ ڏيڻ کان جواب ڏين ٿا. هو پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو وٺڻ ۽ ٻيهر اهو سڱ هٿ ڪرڻ لاءِ هي عمل ڪري گهوٽيتن کي خوار خراب ڪن ٿا، جنهن ڪري هو طلاق ڏيڻ تي مجبور ٿي پون.
[154] ڊينس بري، مترجم: ڪامل القادري ”براهوئي رسوم“، نساءِ ٽريڊرز، ڪوئيٽا، 1984ع، ص116.
[155] ”ڪاڄ“ عام طور ”کاڄ“ کي چيو وڃي ٿو.
[156] مانيءَ لاءِ ڏنل رقم کي ”پهت“ چيو وڃي ٿو.
[157] بروهي، عبدالرحمان ڊاڪٽر، ”براهوي نامه“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1978ع، ص 12.
[158] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 180.
[159] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز پبلشرز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 289.
[160] ايضاً، جلد ٻيو، ص 289.
[161] سمو، الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 128.
[162] لنگهن کي ملندڙ رقم کي مڪاني محاورن ۾ ”ويل گهور“ چئبو آهي.
[163] مڪاني محاوري ۾ ان کي ”آنر“ چئبو آهي، جيڪو گهوٽ جو سوٽ، ماسات يا ڦڦاٽ ٿئي.
[164] ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1978ع، ص 113.
[165] بروهي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر، ”بنراهوي نامه“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1978ع، ص 15.
[166] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 25.
[167] نڪاح پڙهائڻ لاءِ ڪو وارث مقرر ڪبو آهي، جنهن کي مڪاني محاورن ۾ ”ڌَم پي“ چئجي ٿو.
[168] حق مهر روڪ يا مال جي صورت ۾ وٺجي ٿو، شهرن ۾ زيور ۽ جايون ڏجن ٿيون.
[169] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 127.
[170] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 127.
[171] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص145.
[172] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 218.
[173] مڪاني محاورن ۾ ان کي ”پلاند ٻڌڻ“ چئجي ٿو.
[174] ايضاً، (مٿيون حوالو).
[175] ايضاً.
[176] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 560.
[177] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص152.
[178] ڊينس بري، مترجم: ڪامل القادري، ”براهوي رسوم“، نسا ٽريڊيرز، ڪوئيٽا، 1984ع، ص117.
[179] ايضاً، ص126.
[180] ايضاً، ص 117.
[181] ايضاً: ص118.
[182] هينري پاٽنجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ترجمو: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 69.
[183] هن ساٺ کي مڪاني محاورن ۽ ”ٿوڻي ڇڏائڻ“ چئجي ٿو.
[184] ستن ڏينهن تائين ستن عزيزن طرفان دعوتن جي هن ساٺ کي ”ستاوڙو“ چئبو آهي.
[185] ڪنوار جو منهن ڏسي ان کي خرچي ڏجي ٿي، جنهن کي مڪاني محاورن ۾ ”موڙو“ چئبو آهي.
[186] طاهرزادو، ولي محمد، ”مرڻي پرڻي جون رسمون“ ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص157.
[187] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 283.
[188] الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 46.
[189] ايضاً، ص 46.
[190] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 162.
[191] ايضاً، جلد ٻيو، ص 185.
[192] سنت کي مڪاني محاورن ۾ ”طوهر“ به چيو وڃي ٿو. ڪي ڇٺيءَ واري ڏينهن طوهر ڪرائين ته ڪي 5-6 سالن جي عمر ۾ ڪرائين ٿا.
[193] حجام ڪاڄ جون ديڳون به پچائيندو آهي.
[194] ”ونگ“ ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي کي چئجي ٿو.
[195] الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 10.
[196] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 256.
[197] ايضاً، جلد ٻيو، ص 405.
[198] بروهي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر، ”براهوئي نامه“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1978ع، ص 17.
[199] لنگڙي، بک ڪاٽڻ کي چون، سوگوار، ان عرصي ۾ گهر ۾ باهه ڪونه ٻارين.
[200] هينري پاٽينجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص66.
[201] طاهر زادو، ولي محمد، ”مرڻي ۽ پرڻي جون رسمون“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2/1967ع، ص 157.
[202] انعام الحق ڪوثر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1967ع، ص230 ۽ پڻ ڏسو انور رومان جو ڪتاب، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائيزز ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 256.
[203] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽرپرائز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص102.
[204] ڊينس بري، ڊاڪٽر، مترجم: ڪامل القادري، ”براهوئي رسوم“، نسا ٽريڊرز، ڪوئيٽا، 1984ع، ص 206 ۽ پڻ ڏسو انور رومان جو ڪتاب، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، ص 369.
[205] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد ٻيو، بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 405.
[206] ايضاً ص 184.
[207] ايضاً، ص 185.
[208] ايضاً،
[209] Edger, H, Sturtvent, “An Introduction to linguistic Science”, New Heaven yale university press, 1947, p-2.
[210] B. Bloch and Trages, “Anout line of linguistic Analysis”, linguistic society of America, 1942, p-5
[211] Rolf linton, “The tree of Culture”, First Edition, Newyork, Alfred, A-knopf. 1955, p-3
[212] Nelson francis, “English Language”, on Introduction and background for writing, 1965, p-1.
[213] Ibid, p-5.
[214] “Encyclopaedia Britanica”, Ency: Britanica Corporation Hd. Vol: x (chapter on language) 1961, p-696.
[215] آڏواڻي ڀيرومل، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (ڇاپو پهريون) 1956ع، ص 19.
[216] Willium labox “The Social Setting of linguistic change”, Social Linguistic patterns, philadephia, 1972, p-260.
[217] پروفيسر، جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، سنڌالاجي، ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، 1983ع، ص 15.
[218] ايضاً، ص 16.
[219] Ottojerperson, “mankind, Nation and individual linguistic point of view”, Indian university press bloonigton, 1946, p-21.
[220] ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1978ع، ص245.
[221] F. de Saussure, “Course in guel linguistic”, (English tran) peter Owen ltd London, 1960, p-88.
[222] R.H. Robins, “General Linguistic”, Longmans London, 1964, p-13.
[223] Simeson Potter, “language in the modern world”, (A Pelicon Book) Hegell Watson Ltd, 1960, p-178.
[224] Ruth Navda and Anghen, “language”, (An enquiry into its meaning and function) Harper and brother (n.y), 1957, p-3.
[225] Alfred kuhon, “The study of Society” (A multi disciplinary approach) social science (paper backu) tavistacke publication Ltd loond, 1966, p-152.
[226] غلام علي الانا، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 41.
[227] مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مهاڳ: ”لاڙ جي لغات“ از: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، زيب ادبي مرڪز، 1975ع، ص 1.
[228] گربخشاڻي، هوتچند، ڊاڪٽر، ”مقدمه لطيفي“، اسلاميه پريس سکر، 1950ع، ص 13.
[229] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”ادبي اوسر“، سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد، 1963ع، ص 126.
[230] ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”ٻولي ۽ آواز“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1/1972ع، ص 173.
[231] “Encyclopaedia Britanica”, Ency: Britanica Carp: 1961, vol. x, p-696 (chapter of language).
[232] Sapir Edword, “language”, (An introduction to the study of speach), Har- court Brace, 1949, p-8-11.
[233] Simson potter, “language in the modern world”, (A. pelican book) Hazell Watson “Ltd, 1960, p-175.
[234] پروفيسر، جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، ، 1983ع، ص 26.
[235] پروفيسر، جتوئي، علي نواز حاجن، خان ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، ، 1983ع، ص 26.
[236] چنڊ، محمد عمر، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1985ع، ص 58.
[237] Bloom field, “language george allen Unwin london, 1961, p-42.
[238] Sapir Edward, “Language”, (An introduction to the study of speech) Harcourt, 1949, p-7.
[239] Shily, J-T Editor, “The Dictionary of World literary Terms”, George Allen and Unwin London, 1955, p-246.
[240] پروفيسر، جتوئي، علي نواز، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 10-11.
[241] Ogan Peassal Smith “words or Idioms”, Constable and Co,Ltd London, 1928, p-vii (Introduction).
[242] Joseph R. keller, “Linguistic Theory and the Study of English”, (A. selectire outline) Burgers publishing co: 1963, p-1
[243] Spair Edward, “Language”, (An Introduction to the study of Speech) Harcourt, Brace, 1949, p-4.
[244] Mc David Crystal, “What is Linguistics”, Edward Arnold both, 1964, p-485.
[245] پروفيسر، جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 154.
[246] جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 155.
[247] چنڊ، محمد عمر، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1985ع، ص 27.
[248] Robert. A. Hall, “Introductry linguistics” Chittonbooks Philadephia New yark, 1964, p-68.
[249] R.H. Robins, “General linguistics”, Longmans London, 1964, p-51.
[250] E. H. Sturtevent, “Lingustic change”, Phonix books chicayo, 1962, p-156.
[251] L. Bloomfield, “Language”, George Allens Union London, 1961, p-322.
[252] Ibid.
[253] Ibid, 328.
[254] L. Bloomfield, “Language”, George Allen Union London, 1961, p-345.
[255] E.H. Sturvant, “Lingustic Change”, Phonix Book Chicago, 1962, p-149.
[256] جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 159.
[257] ايضاً، ص 159.
[258] L. Bloomfield, “Language”, George Allen r Unwin ltd London, 1962, p-345.
[259] Ibid, 343.
[260] چنڊ، محمد عمر، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1985ع، ص 28.
[261] ايضاً، ص 14/16.
[262] چنڊ، محمد عمر، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1985ع، ص 14-16.
[263] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو“، مهراڻ جون موجون، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي، 1964ع، ص 25-226.
[264] Jones, D, “An Outline of English Phonetics” Cambridge W. Heffer & Sons Ltd, 1960, p-11.
[265] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 6.
[266] Jones. D, “An Outline of English Phonetics”, W. Heffer & Sons Ltd. Combridge, 1960, p-11.
[267] R. H.Robins, “General Linguistics”, Longmans London, 1964, p-50.
[268] چنڊ، محمد عمر، ”لسانياتي جاگرافي ۽ ٻوليءَ جون آراڌايون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1985ع، ص 45.
[269] ايضاً، ص 46-49.
[270] R. H. Robins, “General Linguistic”, Longman London, 1964, p-299.
[271] Bloomfield, “Language”, Allen r unwin London, 1961, p-345.
[272] Hocket C.F, “A Course in Modern Linguistic”, Machillan & co: NewYork, 1960, p-321.
[273] Hary Flectcher Scot “Language and its Growth”, Scotferimen co: Chicago, 1921, p-14.
[274] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”ادبي اوسر سنڌي زبان“، پبليڪيشن، حيدرآباد، 1967، ص 130.
[275] Jones .D, “An English Phonatic Dictionary”, Deat London, 1966, Introduction.
[276] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 19.
[277] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 11.
[278] پروفيسر، جتوئي علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 163.
[279] ايضاً ص 163.
[280] آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1956ع، ص92.
[281] پروفيسر، جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1970ع، ص 54
[282] پروفيسر، جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي لغات“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1975ع، ص 15.
[283] بروهي، داد محمد خادم، ”سبي خطي جي فراڪي لهجي جو لساني اڀياس“، مونوگراف ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، 1984ع، ص 3.
[284] Hocket. C.F.A “A Course in Modern Linguistic”, Mac Millam Co: NewYork, 1960, p.474-477.
[285] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادبي اوسر“، سنڌي پبليڪيشن، حيدرآباد، 1967ع، ص132.
[286] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 9.
[287] پروفيسر، جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي لغات“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1975ع، ص 15.
[288] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع، ص 6.
[289] الانا، غلام علي، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1974ع، ص 42.
[290] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 461.
[291] سيد، جي. ايم ، ”سنڌي ڪلچر“ نئين سنڌ پبليڪيشن، ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 1974ع، ص18.
[292] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 42.
[293] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 384.
[294] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 384.
[295] ايضاً، ص 388.
[296] ايضاً، ص 389.
[297] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 389.
[298] ايضاً، ص 379.
[299] گنگارام سمراٽ، ”سنڌو سئو وير“، سمجهپور بوگها، احمد آباد، (ڀارت)، 1979ع، ص 51.
[300] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 379.
[301] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 35.
[302] ايضاً، ص 36-37.
[303] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 47-46.
[304] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 47-46.
[305] تاج صحرائي، ”سنڌو تهذيب جا خالق“ مقالو بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، فيبروري 1988ع، ص 151.
[306] تاج صحرائي، ”سنڌو تهذيب جا خالق“، مقالو، بين الاقوامي“، سنڌي ادبي ڪانفرنس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، فيبروري 1988ع، ص 151.
[307] ٽالپر، محمد جمن، ڊاڪٽر، ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، هجره ڪاميٽي، محڪمه ثقافت سنڌ، ڪراچي، 1982ع، ص 18.
[308] ابو حنيفه احمد بن دائود الدنيوري، ”اخبار الطوال“، اردو ترجمو: مرزا محمد منور، ايم. اي مرڪزي اردو بورڊ، گلبرگ لاهور، بار اول، 1966ع، ص 63.
[309] ڪريم بخش خالد، ”محمد صلعم“، هجره پبليڪيشن، ڪراچي، 1987ع، ص 192.
[310] ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1978ع، ص 103.
[311] مولانا، غلام محمد گرامي، تقرير: ”سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، گرامي نمبر 4/1974ع، ص 33.
[312] ايضاً، ص 33-34.
[313] مولانا، غلام محمد گرامي، تقرير: ”سنڌ جي عظمت جا اهڃاڻ“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، گرامي نمبر 4/1974ع، ص 34.
[314] ايضاً، ص 34.
[315] Trump, E, “The grammar of singhi language”, F. A Broklans lepiz, 1979, Introduction p-1.
[316] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، جلد اول، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1963ع، ص 5.
[317] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1980ع، مهاڳ ص. ج.
[318] ايضاً، ص. ج.
[319] سراج ميمڻ، ”سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ ليڪچر“، ماهوار ميگزين، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، سيپٽمبر 1983ع، ص 11-12.
[320] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“، سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1969ع، ص 15-16.
[321] سراج ميمڻ، ”سنڌي ٻولي“، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد، 1964ع، ص پيش لفظ..
[322] سراج ميمڻ، ”سنڌي ٻولي“، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد، 1964ع، ص پيش لفظ..
[323] Grierson, J.R. As. 1904 P-435, wacharangel, J. Altinalschi “Grammatically” vol.I, P. XVIII.
[324] وفائي، دين محمد، ”سنڌ ۽ سنڌي زبان“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڏهه سالا نمبر، حصو ٻيو، 55-65، ص 46.
[325] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”وضاحتي مراحلو“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 2-3/1959ع، ص 152.
[326] بشير احمد ظامي، ”عمدهائي قديم ۾ سرائيڪي زبان ڪا ارتقا“، مرڪز سرائيڪي زبان تي ادب، ملتان، 1970ع، ص 18.
[327] لاشاري، رشيد احمد، ”سرائيڪي زبان“، ماهوار پيغام، نومبر 1971ع، ص 72.
[328] آفاق صديقي، ”گوهر لطيف“، سنڌ اطلاعات کاتو، ڪراچي، آڪٽوبر، 1986ع، ص 71.
[329] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 4/1984ع، ص 44.
[330] مرليڌر جيٽلي، ”سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خصوصيتون“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 4/1988ع، ص 75.
[331] پروفيسر، جتوئي علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 194.
[332] ايضاً، ص 194.
[333] ڊاڪٽر، غلام علي الانا، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1977ع، ص 148.
[334] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1980ع، ص 10.
[335] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1980ع، ص 11.
[336] حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1974ع، ص 43-44
[337] حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1974ع، ص 43-44
[338] ايضاً، ص 43-44
[339] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1987ع، ص 369.
[340] شرف الدين اصلاحي، ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“، نيشنل بڪ فائونڊيشن، لاهور، ڇاپو ٻيو، 1976ع، ص 132.
[341] مولانا ابوالجلال ندوي، مقالو: ”قديم سنڌي مهرون“، ماهوار سائنس ڊائجسٽ ڪراچي، مارچ 1985ع، ص 104.
[342] پروفيسر، جتوئي علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 187.
[343] آڏواڻي، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1980ع، ص 1-2.
[344] حڪيم، فتح محمد سيوهاڻي، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1974ع، ص 33-34.
[345] ايضاً، ص 34.
[346] ايضاً، ص 37-41
[347] پروفيسر، جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 182.
[348] ايضاً، ص 182.
[349] پروفيسر، جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“، سنڌالاجي، ڄام شورو، مئي 1980ع، ص 48.
[350] Deny Bray, “The brahui Language”, Culcuta, 1909, p.1-14.
[351] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ قلات“، بلوچ اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1983ع، ص 194.
[352] پٺاڻ، ممتاز، ڊاڪٽر، ”سنڌ جي عظمت“، ماهوار نئين زندگي، ڪراچي، فيبروري، 1971ع، ص9-10.
[353] ايضاً، ص 10.
[354] مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1985ع، ص 4.
[355] مولانا، ابوالجلال ندوي، ”قديم سنڌي مهرون“، ماهوار سائنس ڊائجسٽ، ڪراچي، مارچ 1985ع، ص 107.
[356] علي احمد بروهي، ”سنڌ، سنڌو ۽ سنڌالاجي“، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، 29 ڊسمبر، 1987ع، ص 3.
[357] حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1974ع، ص 52-53.
[358] گنگارام سمراٽ، ”سنڌو سَئووير“، سهجپور بوگما، احمد آباد (ڀارت)، 1979ع، ص 101-102.
[359] بلوچ، ڊاڪٽر، نبي بخش، ”جامع سنڌي لغات“، حصو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، ص 29.
[360] بلوچ، ڊاڪٽر، نبي بخش، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز ،حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص477.
[361] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1983ع، ص599.
678 گنگارام سمراٽ: سنڌو سووينيئر سهج پور بوگما احمد آباد (ڀارت) 1979ع. صفحو 363.
679 جمناداس اختر، ”قديم سنڌ اور اسڪي روابط“، مڊويڪ ميگزين، روزانه جنگ، ڪراچي، 12 آگسٽ، 1987ع، ص 15.
680 بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ان جو ماضي حال ۽ مستقبل“، صدارتي تقرير، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، ڏهه ساله نمبر 55-65. ص 56-57 ۽ ڏسو ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو نئين زندگي حيدرآباد - جنوري - فيبروري، 1981ع، ص 47.
681 ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1978ع، ص 33-134.
682 رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1983ع، ص 22.
[362] مير معصوم بکري، مترجم: مخدوم امير احمد، ”تاريخ معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1985ع، ص 44-45 ۽ ڏسو واحد بخش جو ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1986ع، ص 4.
[363] بروهي، داد محمد خادم، ”سنڌي ٻولي ۽ ان جا محاورا“، پيغام ڪراچي، فيبروري 1988ع، ص21.
[364] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صوتيات“، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد، 1967ع، ص 1.
[365] Ward.C, “The Phonetics of English”, W. Heffer and sons ltd: Cambridge England, 1962, p-32.
[366] جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 75.
[367] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صوتيات“، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد، 1967ع، ص 7.
[368] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”رسالي ۾ جامع مستند متن لاءِ صورتخطي“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 4/1986ع، ص 46.
[369] مرزا قليچ بيگ، ”سنڌي وياڪرڻ“، ڀاڱو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص 2.
[370] آڏواڻي ڀيرومل، ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1985ع، ص63.
[371] مولوي عبدالحق، ڊاڪٽر، ”اردو صرف و نحو“، اردو اڪيڊمي، ڪراچي، جولاءِ 1969ع، ص11.
[372] ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي، ڊاڪٽر، ”نثري ادب“، ماهوار پيغام، ڪراچي، نومبر، ڊسمبر 1988ع، ص 16.
[373] خليفو گل محمد هالائي، ”ديوان گل“، بمبئي، 1958ع، ص 2-3.
[374] ج. ع. منگهاڻي، ”سنڌي الف ب جو سوال“، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، ماهنامه ميگزين، ڊسمبر، 1982ع، ص 62.
[375] سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”تحقيق لغات سنڌي“، فردوس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1955ع، ص 21.
[376] مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 494.
[377] مرزا قليچ بيگ، ”سنڌي وياڪرڻ“، ڀاڱو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص 1-2.
[378] مرزا قليچ بيگ، ”سنڌي وياڪرڻ“، ڀاڱو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1940ع، ص 40.
[379] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ وزن ۽ قافيي جا معيار“، ٽه ماهي مهراڻ، حيدرآباد، 3/1986ع، ص 42.
[380] ايضاً، ص 43.
[381] ايضاً، ص 43.
[382] ميان محمد سعيد، ”سوکي پنجابي لپي“، ماهوار لهران“، لاهور، اپريل، 1989ع، ص 12.
[383] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“، سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد، 1949ع، ص 61.
[384] جتوئي، علي نواز حاجن خان، ”علم السان سنڌي زبان“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1983ع، ص 68.
[385] شيخ، محمد سومار، ”ڪڇين جا قول“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1977ع، ص 53.
[386] بروهي داد محمد خادم، ”سنڌي صورتخطيءَ جو لساني جائزو“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، جولاءِ 1984ع، ص 11.
[387] مرزا قليچ بيگ ”سنڌي وياڪرڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڀاڱو پهريون، 1971ع، ص 1.
[388] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، جلد پهريون، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرز، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1963ع، ص 213.
[389] سيد فياض، محمود مدير، ”خاص تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪ و هند“، پنجاب يونيورسٽي، لاهور، 1971ع، ص 500.
[390] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرز، حيدرآباد، ڇاپو پهريون، 56-1955ع، ص 415.
[391] بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”مداحون ۽ مناجاتون“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1959ع، ص 37 ۽ 42.
[392] عباسي، تنوير، مرتب: ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1983ع، ص85.
[393] مولوي احمد خان گوله، ”گلزار ڪاپاري“، (مولوي قادر بخش جو ڪلام)، سجاده نشين، عاشق آباد، نزد محبت پور، تعلقو جهٽ پٽ (بلوچستان)، سال درج نه آهي. ص 5-6.
[394] مولوي احمد خان گوله، ”گلزار ڪاپاري“، (مولوي قادر بخش جو ڪلام)، سجاده نشين، عاشق آباد، نزد محبت پور، تعلقه جهٽ پٽ (بلوچستان)، سال درج نه آهي. ص 6.
[395] مولوي احمد خان گوله، ”گلزار ڪاپاري“ (مولوي قادر بخش جو ڪلام)، سجاده نشين، عاشق آباد، نزد محبت پور تعلقو جهٽ پٽ (بلوچستان)، سال درج نه آهي. ص 23-24.
[396] نٿر لوڪومل، مرتب: ”بحرالعشق“، (صوفي رکيل شاهه جو رسالو)، ٽيڪنيڪل پرنٽرز، ڪراچي، ڇاپو ٽيون، 1968ع، ص 175.
[397] ايضاً، ص 193.
[398] نٿر لوڪومل، مرتب: ”بحرالعشق“، (صوفي رکيل شاهه جو رسالو)، ٽيڪنيڪل پرنٽرز، ڪراچي، ڇاپو ٽيون، 1968ع، ص 194.
[399] ايضاً، ص 186.
[400] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”ياد رفتگان“، پهريون ڇاپو، هالا، جنوري 1953ع، ص 12.
[401] مسٽر نورالحق، جکراڻي، تپيدار، (ڳڙهي خيرو) وٽان، فيضل فقير جي قلمي بياض تان ورتل.
[402] اياز قادري، ڊاڪٽر، ”سنڌي غزل جي اوسر“، ڀاڱو ٻيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1984ع، ص 280.
[403] فتح چند ڪارڙا، ”بحرالعميق“، (چيزل شاهه جو رسالو)، فتح ڪلاٿ هائوس، جيڪب آباد، 1987ع، ص 76.
[404] ايضاً، ص 86.
[405] ايضاً، ص 96.
[406] ايضاً، ص 146.
[407] نورمحمد پرواني کان روبرو ورتل.
[408] کانئس ورتل.
[409] ايضاً.
[410] کانئس ملاقات دوران ورتل.
[411] صوفي رکيل شاهه جي ميلي تي فتح پور ۾ کانئس ورتل شاعري.
[412] اڪبر لاشاري ناڙي واري کان مليل مواد.
[413] ايضاً
[414] کانئس ورتل.
[415] سندس والد حافظ محمد صالح تنيي کان ورتل.
[416] اڪبر لاشاريءَ کان مليل.
[417] فنڪار عمر شاد بروهيءَ کان مليل.
[418] ڊاڪٽر غلام سرور ابڙو (مٺڙي) کان مليل.
[419] کانئس ورتل.