بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس

ڪتاب جو نالو بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس
ليکڪ ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-37-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (651) PDF  E-Pub
انگ اکر

13 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     70659   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


”بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو  اڀياس“ نالي هي ڪتاب دراصل جناب ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهيءَ جي پي ايڇ، ڊيءَ وارو تحقيقي مقالو آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ لکيو.  هن مقالي ۾ فاضل محقق، سنڌي ٻوليءَ کي بلوچستان جي اهم ترين ٻي ٻولي ڪري پيش ڪيو آهي ۽ سندس خيال آهي ته اُتي نه صرف هڪ وڏو انگ مادري زبان طور سنڌي ڳالهائي ٿو، پر مختلف علائقن ۾ رهندڙ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي به اها ’ٻي ٻولي‘ (Second Language) آهي، جن ۾ پشتو، بلوچي، براهوي وغيره اچي وڃن ٿيون. هو کيتراني، فراڪي، جغدالي وغيره ٻولين کي سنڌي ٻوليءَ جا مڪاني لهجا قرار ڏئي ٿو.

هن کان اڳ ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن هئڻ واري زماني ۾ ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ جي ساڳي ٿيسز جو هڪ حصو ’سبيءَ جي ٻوليءَ‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو ويو هو. هن وقت ان ٿيسز جو باقي حصو اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي منظوريءَ سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ساڻس اهڙي ڪمٽمينٽ ٿيل هئي.

هن تحقيق جو بنيادي مفروضو منهنجي سمجهه مطابق اهو آهي ته جيئن ته سنڌو ماٿر جي تهذيب وارو خطو موجوده جاگرافيائي سرحدن کان تمام گهڻو وسيع هو، جنهن ۾ ڪشمير، پنجاب، قنڌار، بلوچستان ۽ هندستان جا ڪيترائي علائقا شامل هئا، ان ڪري انهن سڀني خطن جي ٻولين تي سنڌي ٻوليءَ جو اثر آهي. بلڪ ڊاڪٽر داد  محمد ’خادم‘ بروهي ته اهو به ٿو چوي ته انهن خطن جون ٻوليون سنڌي ٻوليءَ مان اُسريل آهن يا ان جي اثر سبب ان جون مقروض آهن. انهيءَ مفروضي کي سامهون رکي پاڻ بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال تي روشني وڌي اٿس ۽ ادبي پهلوءَ کي به بحث هيٺ آندو اٿس. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس جذبي جي انتها اها آهي، جو هو سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي حضرت آدم عليھ السلام تائين کڻي ويو آهي ۽ ان کي دنيا جي سمورين ٻولين جو سر چشمو ثابت ڪرڻ جي لاءِ حوالا ۽ بيان پيش ڪري ٿو. جذباتيت کان قطع نظر، هن سنڌي ٻوليءَ جو بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ اڪثر ٻولين ۽ لهجن تي اثر ثابت ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي مثال ڏنا آهن ۽ شاعراڻي ادب ۽ لوڪ ادب جي ڪيترين ئي صنفن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٻوليءَ جي اثر کي به واضح ڪيو آهي. هيءَ تحقيق علمي ڪم هئڻ سان گڏوگڏ هڪ
 نقطهء نظر به آهي، جنهن سان اتفاق يا اختلاف ڪري سگهجي ٿو.

اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندڙن جو هن مقالي سان اتفاق يا اختلاف، هن موضوع بابت وڌيڪ تحقيق جا در کوليندو ۽ ائين ڪي نوان مفروضا يا نتيجا سامهون ايندا.

 

                   ڊاڪٽر فھميده حسين