ڪتاب جو نالو | بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو اڀياس |
---|---|
ليکڪ | ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-37-6 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (651) PDF E-Pub |
انگ اکر | 13 September 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 70655 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌ ۽ بلوچستان جي سياست ۽ سماج، تهذيب ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار، تاريخ ۽ جاگرافي توڙي علم و ادب جو جائزو وٺبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته قديم زماني کان ٻنهي خطن جا پاڻ ۾ گهاٽا ناتا رهندا آيا آهن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ آباد هئڻ سبب قديم زماني کان سنڌ جو بلوچستان تي نه فقط اثر بلڪ غلبو به رهيو آهي. بلوچستان جو سمورو علائقو، جنهن ۾ سبي، ڪڇي، قلات، لورالائي، مڪران، لسٻيلو ۽ سمنڊ جو ساحل هزارين سالن کان سنڌ جي زير تسلط رهندو آيو آهي. هيٺ اسان سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ناتن جو مختصر جائزو پيش ڪنداسين.
سياسي ناتا:
فارسين جو دور: تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن خطي کي سنڌ سميت عربن جي حملن کان اڳ ايرانين، سٿين ۽ پارٿين پنهنجي زير اثر ڪيو آهي.[1] 516 ق. م ۾ ايران جو حاڪم دارا اعظم (پهريون) سنڌونديءَ جي ڇوڙ تائين ڪاهي آيو ۽ هي سمورو علائقو پنهنجي طابع ڪيائين.[2]
يوناني دور: 325 ق. م ۾ سڪندراعظم برصغير پاڪ و هند تي ڪاهي آيو ۽ سوات کان پنجاب پهچي راجه پورس کي شڪست ڏيئي، ملتان کان سنڌونديءَ ذريعي سنڌ پهتو[3] ۽ هتان جي حاڪمن کي آڻ مڃائي حب ندي ٽپي[4] سنڌ ڇڏي مڪران طرف روانو ٿيو.[5] رستي ۾ بابل ۾ وفات ڪيائين.[6]
راءِ گهراڻو (492 کان 642ع): جڏهن واديءِ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، ان وقت سبي ۽ ڪڇيءَ وارو علائقو هن گهراڻي جي حڪومت جي حدن ۾ شامل هو.[7] سبي شهر کي بولان واديءَ جو در يا منهن چيو ويندو هو. هن سموري علائقي کي سيوستان سڏيو ويندو هو. ڇوته راءِ سهاسي راجائن جي مائٽي قلات جي سيوا خاندان سان هئي. اهي ٻڌمت جا پوڄاري هئا. سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هيلمند ۽ اولهه ۾ ڪرمان جي وادي نور هنشور تائين هئي. ان سلطنت اندر اُچ ماٿيلو سيوراماڻو، سيوستان، نيرون ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد ۽ ديبل مشهور قلعا هئا، جن تي ملڪ نالي نائب مقرر هئا.[8]
لالا هيتورام لکي ٿو ته: ”جڏهن سنڌ ۽ پنجاب هندو راجائن جي قبضي هيٺ هو. ان زماني کان قلات بلوچستان ۽ سيويءَ تي سيوا خاندان جي حڪومت هئي“.[9]
برهمڻ آباد: (642-712ع) راجا چچ جي دور ۾ هي علائقو سنڌ ۾ شامل هوندو هو. راجا چچ چاليهن (40) سالن تائين حڪومت ڪئي هئي. هن ارمابيل، گنداواه ۽ سبيءَ تي اچي قبضو ڪيو.[10] هن گهراڻي جي جملي پنجن راجائن حڪومت ڪئي. 1. چچ، 2. چندر، 3. ڏهر، 4. ڏهر سياه. 5. ڏاهر. انهن راجائن وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. 625ع ۾ ايرانين اسلامي لشڪر کان شڪست کاڌي. عربي خلافت جون حدون سنڌ تائين پهتيون. غازي محمد بن قاسم 711ع ۾ ڏاهر کي شڪست ڏيئي اسلامي حڪومت جو پايو وڌو.[11]
عرب دور: عربن جي دور حڪومت ۾ ڪرمان، مڪران ۽ بلوچستان جا ٻيا علائقا انتظامي لحاظ کان سنڌ ۾ شامل هئا، جنهن تي ڪجهه عرصي لاءِ جدگالن جو قبضو هو.[12] سنڌ جي عباسي گورنر هشام بن عمرو جي زماني ۾ گنداواهه جو نواب خودمختيار بڻجي ويو هو. هشام گنداواهه تي چڙهي آيو ۽ ان کي هٽائي اتان جو انتظام درست ڪيائين ۽ سارو ملڪ منصوره جي حڪومت جي تسلط هيٺ رکيائين.[13] مختلف گورنرن جي حڪومت کان پوءِ سنڌ جي عربي حڪومت يمانين ۽ نزارين جي جهڳڙن جي ڪري ڪمزور ٿي پيئي. بلوچن ۽ سيدن گڏجي منصوره تي ڏکڻ کان ۽ جاٽن اتر کان حملا ڪرڻ شروع ڪيا. بلوچن ڪرمان کان وٺي سنڌ جي سرحدن تائين فسادن ۽ ڦرمار جي جرم ۾ بوبه وارن کان شڪست کاڌي. بعد ۾ ڪرامتين مڪران جي ڪناري کي وڃي وسايو ۽ ستت ئي مڪران جي رند بلوچن سان مائٽي ٿي ويئي ۽ سندن تحريڪ بلوچستان ۾ اهڙو زور ورتو جو مڪران کان سواءِ سردان نوشڪي ۽ سيستان تائين رهندڙ بلوچن براهوئين جا قبيلا ساڻن شريڪ ٿي ويا، تنهن کان پوءِ ميڊن کي شڪست ڏيئي مڪران جي ”ڪلمت“ کي مرڪز جوڙي 325 هه ۾ سنڌ ۽ گجرات جي ڪناري وارن شهرن تي قبضو ڪندي منصوره ۽ ملتان تي قبضو ڪيائون ۽ اتي مصر جي فاطمي خليفن جي نالي جو خطبو جاري ڪيائون.[14]
هي واقعو سلطان سبڪتگين جي غزنيءَ تي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ٿيو. سلطان سبڪتگين 366 هه 976ع ۾ غزنيءَ تي قبضو ڪيو هو، جنهن صورت ۾ بخارا جي سامانيه سلاطين غزنيءَ جي ترڪي سلاطين ۽ سلجوقي سلاطين جو بغداد جي عباسي خلافت ۾ اعتماد هو. ان صورت ۾ فاطمين جو اثر مشرقي اسلامي دنيا تان ستت ئي مٽجي ويو، جنهن جو اثر هي ٿيو جو سنڌ ۾ ڪرامتين جو زور جلد ئي ٽٽي پيو.
عام طور تي سنڌ جي تاريخن ۾ بلوچن جو ذڪر ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کان ڏنل آهي، پر بلوچن جا سنڌ سان لاڳاپا گهڻو اڳ کان هئا. سندن بيٺڪون مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي ديبل کان وٺي هانسي ۽ حصار تائين هيون. غزنوي دور اندر دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. خسرو شاه بن بهرام شاهه سن 555 هه/1160ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڏينهن ۾ سن 551 هه/ 1154ع ۾ راول جئيل ڀاٽيه جيسلمير جو شهر تعمير ڪرايو. سندس رياست جون اولهندي واريون حدون اراولي ٽڪرين تائين هيون. سندس پٽ سالاباهين سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ راجپوتن جو لشڪر تيار ڪيو.[15] ان وقت سنڌ ۾ طوائف الملوڪيءَ جو دور هو ۽ هندو راجا ٻيهر سنڌ تي قبضي ڄمائڻ لاءِ منتظر هئا؛ عين انهيءَ وقت بلوچن پنهنجي سردار خضر خان جي اڳواڻيءَ ۾ جيسلمير تي ڪاهه ڪئي. سالاباهين ٽن سون راجپوتن سان مارجي ويو، بلوچن ڏراوڙ جي قلعي تي قبضو ڪيو.[16]
سومرا دور: سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کانپوءِ خراسان ۾ سلجوقي اميرن زور ورتو، جن سان غزنوي فرمانروا مسلسل جنگين ۾ رڌل رهي. نيٺ غورين مٿو کنيو ۽ اهڙو زور ورتو جو سن 547 هه/ 1152ع ۾ خسرو شاهه بن بهرام شاهه کي غزني ڇڏي لاهور کي تختگاهه ڪرڻو پيو. سندن حڪومت ايتري پوڻ ڪري سنڌ جي باشندن گڏجي امير سومري کي ٿريءَ جي شهر ۾ پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو. سومرن جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت ڪانه هئي، پر جهالاوان بلوچستان ۾ ڪڇي به سندن ماتحت هئا.[17]
سن 574 هه/1177ع ۾ سلطان شهاب الدين اُچ، سنڌ ۽ ملتان فتح ڪيا ۽ سنڌ تي غورين ۽ غلام سلاطين جي حڪومت شروع ٿي ۽ سنڌ دهليءَ جي ماتحت هئي. اهڙو سلسلو خلجين ۽ تغلق سلطانن جي زماني ۾ سن 790 هه/ 1388ع ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق جي وفات تائين جاري رهيو. دهليءَ پاران ملتان، بکر ۽ سيوهڻ تي وقت بوقت نواب ائين پئي آيا ۽ ويا، مگر سنڌ جا حقيقي حڪمران اهو سمورو عرصو سومرا ئي هئا.[18]
تاريخ طاهري، تحفة الڪرام، تاريخ معصوميءَ جي بيانن مان ايترو چئي سگهجي ٿو ته سومرا خاندان سن 1051ع کان 1351ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي.
سمن جو دور: سمن جو دور 1351ع کان 1521ع تائين هليو، سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ سبيءَ تائين هيون. اهو سڄو علائقو سندن قبضي ۾ هو. ڄام نندي جي حڪومت ۾ 1508ع تائين سبيءَ وارو خطو سنڌ سان شامل هوندو هو.[19]
سمن جو وڏو تعداد لسٻيلي ۽ مڪران ۾ رهندو هو. سنڌ جي سمن سومرن کان تنگ ٿي ڄام انڙ کي مڪران کان گهرايو، جنهن سنڌ ۾ اچي سومرن جي پوئين حاڪم همير کي قتل ڪيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو. ڄام انڙ کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جونه (جُوڻو) سن 1354ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو وڌو.[20]
مڪران جهالاوان ۽ ڪڇيءَ جا جدگال جي پهريائين سومرن جي سردار جي ماتحت هئا. سي سومرن کان پوءِ سمن کي سردار سمجهڻ لڳا. سمن خلاف مير عمر مير واڙي براهويءَ جهالاوان ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. خاران جي نوشيرواني مَلڪن به مير عمر جو طرف ورتو. سمن شڪست کاڌي. براهوي طاقت جون حدون پهريون ڀيرو مشڪي ۽ ڪولواهه تائين پکڙجي ويون. مير جلال خان جي اولاد مان رندن جي سردار مير شهڪ خان ڪڇيءَ جي گولا قوم کي شڪست ڏيئي سمن کان سيوي، ڍاڍر، جهل، حب، ناڙي، پوهه، مولهه، گاج ۽ ڌڙي ڀنر جا پرڳڻا فتح ڪيا. پوءِ بلوچن جي ٻن مشهور قبيلن رندن ۽ لاشارين 15 صدي عيسويءَ ۾ ڪڇيءَ جي ميدان ۾ بيٺڪون وڌيون.
سيوي ۽ ڍاڍر رندن جا تختگاهه شهر سڏجڻ لڳا. گنجايه کي لاشارين پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو.[21] مير شهڪ خان جي وفات بعد سيوي ۽ ڍاڍر سندس پٽ مير چاڪر خان رند جي قبضي هيٺ اچي ويا. ستت ئي پوءِ گوهر جتڻيءَ جي سوال ڪري مير گهرام خان لاشاري ۽ رندن جي سردار مير چاڪر خان رند جي پاڻ ۾ ٽيهن سالن تائين ويڙهه هلي. هن جنگ ۾ جيسلمير جي ڀاٽين، ملتان جي ناهرن ۽ سمن لاشارين جو طرف ورتو ۽ قنڌار جي حاڪم امير ذوالنون ارغون رندن جو طرف ورتو، لاشارين شڪست کاڌي منجهائن گهڻائي لاشاري لڏي سنڌ ۾ رهڻ لڳا. مير ابوبڪر لاشاري گجرات جي شهر پالڻپور ڏانهن هجرت ڪئي.[22] گجرات ۾ سمي ۽ وراهي ٻه ننڍيون بلوچ رياستون مٿين زماني جون يادگار هيون.[23] رندن ۽ لاشارين واري جنگ جو هي واقعو 1486ع ۾ ٿيو.[24]
بلوچن جي هن جنگ سبب افغانستان جي ارغون حڪمران امير ذوالنون سبيءَ تي حملو ڪيو.[25] ان جي مرڻ بعد شاهه بيگ ارغون حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن جي ڏينهن ۾ محمد شاهه شيبانيءَ خراسان جي حاڪم قنڌار تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. شاهه بيگ ارغون محمد شاهه شيبانيءَ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا ۽ اطاعت جو اظهار ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هڪ پاسي شاهه اسماعيل صفوي ثاني ته ٻئي پاسي بابر بادشاهه زور هنيا. ان ڪري شاهه بيگ ارغون کي خوف ٿيو ۽ هن 1518ع ۾ سيويءَ تي حملو ڪيو. هو جڏهن سبي جي ٻاهران پهتو، تڏهن قلعي کي گهيرو ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ سيويءَ تي سلطان پير ولي برلاس جي اولاد جو قبضو هو ۽ ٽي هزار بلوچ نوجوان قلعي جا نگران هئا. هن حملي ۾ شاهه بيگ کي فتح نصيب ٿي.[26] هن اتي مرزا عيسيٰ خان ترخان اول کي مقرر ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو.[27] 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سلطان علي ارغون ۽ زيبڪ ترخان کي سبي (سيوي) جي قلعي تي محافظ مقرر ڪري، ٽي هزار سوار ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ڪامياب نه ٿيو. بعد ۾ ٻيهر حملو ڪيائين، آخر 11 محرم 927 هه/ 1520ع تي ٺٽي ۾ فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيو.[28] 1522ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس مرڻ کانپوءِ سندس پٽ مرزا شاهه حسن ارغون حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن 1533ع ۾ افضل ڪوڪلتاش جي فرزندن کي سبيءَ تي پنهنجو نواب مقرر ڪري موڪليو.[29]
سن 971 هه/ 1553ع ڌاري مرزا شاهه حسن بکر تي مير شاهه محمود کي مقرر ڪيو. سلطان محمود خان تڏهن سيويءَ ۾ هو. بکر ۾ فساد ٿيڻ تي ماءُ جي پيغام پهچڻ شرط سلطان محمود خان آيو ۽ بکر جو ڪوٽ هٿ ڪري ٻين کي هڪلي ڪڍيائين.[30] اهڙيءَ طرح ارغون کان پوءِ ترخان گهراڻي جي حڪومت تائين يعني مرزا جاني بيگ جي راڄ تائين سبيءَ وارو خطو سنڌ جي حڪومت هيٺ رهيو.
سمن جي جن حاڪمن لسٻيلي تي حڪومت ڪئي. انهن مان هڪ شاخ رونجها آهي، جنهن چوڏهين صدي عيسوي ڌاري ان وقت لسٻيلي کي اچي وسايو؛ جڏهن نه فقط سنڌ تي پر بلوچستان ۾ سبيءَ تائين سندن حڪومت هئي. اهي سما جيڪي لسٻيلي ۾ اچي ويٺا، تن اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. انهن رونجهن اٽڪل 3 سؤ سال کن هن علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري سندن حڪومت جي پڄاڻي ٿي ۽ سنڌ مان سمن جي حڪومت ختم ٿيڻ باوجود لسٻيلي تي سما حڪومت ڪندا هئا.[31]
ڪلهوڙا دور: ميان يار محمد ڪلهوڙي منڇر تائين جو علائقو پنهورن جي سردار قيصر خان کان کسيو. عالمگير جي ايلچي خواجه حسين ميان يار محمد کي سيويءَ کان ڪنڊياري تائين ملڪ حوالي ڪيو ۽ پنهنجي تختگاهه لاءِ دادو کان ستن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد ۾ نئون شهر تعمير ڪرايو، جيڪو 1701ع کان 1767ع تائين انهن جو تختگاهه هو.[32]
بعد ۾ هن ڪڇيءَ جي سردار قيصرخان مگسي، ميرو خان شورڻ جي رند سردار ۽ ڀاڳناڙيءَ جي زميندار کي، جي سندس مريد هئا، پنهنجو ڪري مراد ڪليري عرف گنجي کي ڪڇيءَ مٿان پنهنجو نائب مقرر ڪيو. بروهين جي شرارت وقت، ميان جي ٻن سپهه سالارن مير بهرام خان ٽالپور ۽ راڄي ليکيءَ اٺن هزارن جي لشڪر سان ميان جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪڇيءَ تي ڪاهه ڪئي. ڍاڍر جي ويجهو سنيءَ ڳوٺ وٽ ڪلهوڙن ۽ براهوئين جو مقابلو ٿيو. مير عبدالله خان شهباز بلوچستان وٽ ان وقت ٻن ٽن سون سوارن جو دستو هو، جن غنيم جو مقابلو ڪندي هو شهيد ٿي ويو ۽ ميان نورمحمد فتح حاصل ڪئي.[33]
سن 1706ع ۾ فتح پور (گنداواه) جو سردار مير پنهور هو. ان وقت ڪلهوڙن فتحپور فتح ڪيو، تنهن ڪري هو دهليءَ جي بادشاهه ڏي دانهي ٿي ويو. جڏهن ميان دين محمد بادشاهي لشڪر سان وڙهندي پڪڙجي پيو، تڏهن فتحپور ٻيهر پنهورن کي مليو. تڏهن ميان يار محمد فتحپور پنهورن کان ورتو.[34]
ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ بلوچستان جو هي خطو سندس سرحدن ۾ شامل هو. سنڌ جي سرحدي پرڳڻي چانڊڪا جو تختگاهه لاڙڪاڻي کي مقرر ڪيائين. جڏهن هن وفات ڪئي ته وصيت ۾ سبي ۽ ڪڇيءَ وارو علائقو پنهنجي پٽ ميان مرادياب خان کي ڏنو هئائين. ان طرح ڏسجي ٿو ته هي خطو گهڻو وقت سنڌ جي حڪمرانن جي هٿ هيٺ هو. ڇو جو هو پنهنجي حڪومت درويشي پيري ۽ مريديءَ جي بنياد تي قائم رکيو ايندا هئا.[35]
انهيءَ وچ ۾ سن 1684ع ڌاري ميان نصيرخان ڪلهوڙي جي وقت ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پڻي هو. تنهن جي ميان سان جنگ لڳي، پر سگهوئي سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙو دهليءَ جي بادشاهه اورنگزيب ڏانهن ويو. پوءِ به پڻي جا افغان سيوي ۽ شڪارپور جا حاڪم رهيا.[36]
سن 1729ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مراد ڪليري گنجو سيويءَ جو حاڪم ٿيو. هن اتان جي سردار قيصر خان مگسي، بهرام خان لاشاري (سيويءَ واري) ۽ مير بلري ڪڇيءَ ۽ ٻين کي ماري مڃايو. 1738ع ۾ جڏهن نادر شاهه افشار سنڌ ۾ آيو، تڏهن شڪارپور دائودپوٽن کي ڏنائين ۽ سيوي افغانن کي، جيئن ڪي ورهيه اڳ هوندو هو.[37]
ٽالپور دور: هن دور ۾ جڏهن سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، تڏهن سبي ۽ ڪڇي علائقو خيرپور وارن ٽالپورن جي حوالي ٿيو. حيدرآباد واري مير مراد علي خان جي وفات بعد خيرپور جي مير رستم خان پنهنجي رياست پنهنجن پٽن ۾ ورهائي. اُن وقت خيرپور رياست جون حدون اتر ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اولهه ۾ ڪڇي ۽ گنداواهه تائين ۽ ڏکڻ ۾ نوشهري فيروز تائين هيون. مير سهراب خان افغانن جا ڪي پرڳڻا هٿ ڪيا، جن کي موغلي سڏيندا هئا. هن حاڪم بلوچن جا به ڪي پرڳڻا هٿ ڪيا، جن کي بڙديڪ چوندا آهن. مير سهراب خان پنهنجي وصيت ۾ جڏهن حڪومت ورهائي، تڏهن سداگان بڙديڪ (بلوچستان) وارا حصا مير رستم خان جي حوالي ڪيائين ۽ ميرپور ماٿيلي، مهرڪي ۽ مغلي وارا حصا مير مبارڪ علي کي ڏنائين.[38]
هن دور ۾ اتر سنڌ جي ٽڪرين ۾ ڪشمور کان پوءِ مزارين جي رياست شروع ٿئي ٿي، جنهن جو تختگاهه روجهاڻ هو. جو ديرا غازي خان کان هڪ سؤ ڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هڙند ۽ داجَل ڏانهن ويندي براهوي لشڪر کي مزارچه جي حدن مان لنگهڻو پوندو هو. قلات جي اهڙي فوجي نقل و حمل کي مزاري پنهنجي آزاديءَ لاءِ خطرو ۽ قومي وقار لاءِ بي عزتي تصور ڪندا هئا. مير محبت خان جي ڏينهن ۾ قلات جي لشڪر هڪڙي ڀيري مزارين تي ڪاهي ڪشمور ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي. پوءِ نصيرخان بگٽين جي مدد وٺي روجهاڻ ۾ ڦرلٽ ڪرائي هئي ۽ ڪشمور وٽ هڪ قلعو نالي عمرڪوٽ تعمير ڪرائي منجهس براهوي لشڪر ويهاريو هو. مزارين جي سردار مير حمل خان ثالث قلات جي ڪاررواين خلاف مير فتح علي خان کي درخواست ڪئي. فاتح مير هڪ توبخاني جو دستو مزارين جي مدد لاءِ موڪليو. ٽالپوري توبخاني جي گولاباريءَ ڪري عمرڪوٽ جي قلعي جي ديوارن ۾ شگاف پئجي ويا. براهوي لشڪر جا ٻه عملدار مينهان خان ۽ سنجر خان مارجي ويا ۽ براهوي لشڪر ۾ ڀاڄ پيئي. 1792ع ۾ مير حمل خان ٽالپورن جي اطاعت قبول ڪئي ۽ مزارچه جو علائقو راجنپور تائين ٽالپوري حڪومت ۾ شامل ٿي ويو.[39]
بگٽين جي سردار بيورغ جنهن براهوين سان شريڪ ٿي روجهاڻ کي لٽيو هو. تنهن کان انتقام وٺڻ لاءِ مزارين ۽ ٽالپورن جي فوج گڏجي بگٽين تي ڪاهه ڪئي. 1792ع ۾ سياهه آف جي جنگ ۾ بگٽين شڪست کاڌي. مزارين ۽ بليدين جي تعاون ڪري ٽالپوري حڪومت جي اتر واري سرحد ديرجات تائين مضبوط ٿي ويئي. 1801ع ۾ مير حمل خان جي وفات بعد مير بهرام خان مزارين جي سرداري پڳ ٻڌي.[40]
هن دور ۾ 1795ع ۾ قلات جي بيگلر بيگي مير محمد نصير خان وفات ڪئي. سندس ولي عهد پٽ شهزادو محمود صغير هو، تنهن ڪري شاهي خاندانن مان پهريائين بهرام خان ڪڇيءَ ۾ فساد ڪرايو، جنهن کي زمان شاهه گرفتار ڪرايو، پوءِ حڪومت جو ڪاروبار شهزادي جا ٻه ماٽيلا ڀائر مير رحيم خان ۽ مير مصطفيٰ خان هلائڻ لڳا. منجهائن مصطفيٰ ڪڇي هڙند ۽ داجل مٿان نائب هو. هن حيدرآباد سرڪار کان ڪراچي جي بندر جو مطالبو ڪيو ۽ بهاولپور جي نواب محمد صادق خان سان معاهدو ڪيو.[41] ان معاهدي موجب ٻنهي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شهزادي مصطفيٰ سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي ۽ نواب محمد صادق کاٻي پاسي تي قبضو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. براهوي شهزادي جي هڪ پوڙهي چاچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندي هئي، جنهن جي پرورش مير غلام علي خان ڪندو هو. ميرصاحب ان پوڙهيءَ کي گهرائي سمجهائي گنداواه ڏانهن روانو ڪيو. پوڙهي اتي اچي شهزادي مصطفيٰ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن وچ ۾ اتفاق اهڙو ٿيو جو مير رحيم خان کي مير مصطفيٰ خان گولي هڻي ماري وڌو.[42]
ان حادثي کان پوءِ مير غلام عليءَ قلات درٻار ڏانهن همدرديءَ طور پنهنجو ايلچي روانو ڪيو ۽ طرفين ۾ صلح ٿيو. مير غلام علي خان مير محمد نصير خان جي ڀائٽي سان ڀاڳ جي شهر ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪئي. ان موقعي تي مهمانن جو تعداد چاليهه هزار هو.[43]
خان قلات مير نصير خان جي دور حڪومت ۾ سندس هڪ وزير لالا گنگارام مقرر ٿيو، جيڪو سکر شهر جو هو.[44]
انگريزن جو دور: انگريزن جڏهن افغانستان تي حملو ڪيو، تڏهن هنن بکر، شڪارپور، خانڳڙهه (جيڪب آباد)، ڍاڍر، شاهپور ۽ ڪوئيٽا ۾ پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪيا، جتي فوجين لاءِ کاڌي پيتي جو سامان مهيا ڪيو ويندو هو[45]. انهن اڏن جو وڏو عملدار جان جيڪب کي مقرر ڪيو ويو.[46] جڏهن انگريزن افغانستان واري جنگ پوري ڪئي. تڏهن هي علائقو قلات جي خانن جي حوالي ڪيائون. خان قلات جي دور حڪومت ۾ سندس مقرر ٿيل شاهه غازي[47] سندس سياري واري قيام گاهه خانڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. جيڪب آباد ۾ سندس نالي پٺيان هڪ پاڙو، جتي هو رهندو هو، [48] جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
خان قلات کان پوءِ سبي خطي ۾ بارڪزئي حڪومت قائم ٿي ۽ سن 1877ع ۾ بلوچستان کي هڪ ايجنسي جي حيثيت ۾ مرڪز جي حوالي ڪري، سر رابرٽ سنڊيمن کي ان جو ايجنٽ ٽو ڊي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. جنهن جي ماتحت ٽي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيا ويا، جن مان هڪڙو جيڪب آباد ۾ مقرر ڪيو ويو.[49]
سن 1843ع کان اڳ جيڪب آباد جو نالو خانڳڙهه هو. اُن وقت خان قلات خان خداداد خان جو اُتي قلعو هو[50]، جتي سردين ۾ هو اچي رهندو هو.
ڪڇي علائقي جي شيخ خاندان مان موسيٰ خان بعد ۾ نواب محمد خان شيخ خان قلات جو سرڪاري وڪيل مقرر ٿيو، جيڪو سنڌ جي حڪومت سان واسطيدار معاملن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو[51] ۽ آزاديءَ تائين وڪالت جو هي سلسلو جاري رهيو.
سن 1843ع ۾ انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن دوکي سان خانڳڙهه تي قبضو ڪيائون ۽ جان جيڪب نالي هڪ انگريز کي اتي ڇانوڻي قائم ڪرڻ لاءِ پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيو، جنهن بعد ۾ شهر جو نالو خانڳڙهه کان بدلائي پنهنجي نالي پٺيان جيڪب آباد رکيو[52]، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. انگريزن کان اڳ هي علائقو خان قلات جي حڪومت ۾ شامل هو.
واپاري ناتا: سنڌ کي اهو فخر حاصل رهيو آهي ته قديم زماني کان نه صرف بلوچستان بلڪ ان کان اڳتي، ايران، افغانستان، يورپ ۽ عربستان تائين واپار هلندو هو. هوڏانهن لنڪا ۽ هندوستان لاءِ واپاري منڊيءَ جي حيثيت رکندو هو. هتان هڪ طرف واهڻن ۽ غورابن ذريعي واپار هلندو هو ته ٻئي طرف ڪيترن ئي خشڪي جي رستن ذريعي واپاري قافلا هلندا هئا، ان ڪري هن ملڪ کي ايشيا کنڊ ۾ واپار جي لحاظ کان اهم حيثيت جو حامل ملڪ سمجهيو ويندو هو.
واپاري رستا: راجا چچ جي زماني ۾ ان جو تختگاهه اروڙ هو. سندس مرڻ بعد سندس ڀاءُ چندرسين تخت تي ويٺو. هن بلوچستان ۾ ڪنراج کان اوريان ۽ وندر کان پريان هڪ قلعو اڏايو، جنهن جو نالو ”بالي ڪوٽ“ رکيائين، جتي پنهنجي لشڪر جي ڇانوڻي بنايائين ۽ سامونڊي بندر پڻ تعمير ڪرايا.[53]
بعد ۾ هن ارمابيل يعني لسٻيلي کي زور وٺرايو ۽ مڪران وارا قلعا مضبوط ڪرائي ڪرمان تائين پنهنجي سرحد کي مضبوط ڪيائين[54]. هن سمنڊ جي ڪناري وارن بندرن تي سڌاري طرف ڌيان ڏنو، ان ڪري واپار ۾ واڌارو ٿيو ۽ ڏيساورن مان مال گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳو. عربستان، ايران ۽ ميسوپوٽيميا سان واپار ۾ اضافو ٿيو.[55]
چندرسين جي مرڻ کان پوءِ راجا ڏاهر بادشاه بڻيو. هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي واپاري رستا جوڙايا ۽ واپار کي همٿايائين. اهي واپاري رستا اولهه طرف ڪرمان تائين ۽ اوڀر ۾ ڪنوج تائين پهتا. مڪران واري خطي کي تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي. راجا ڏاهر واري زماني ۾ مڪران وارو ساحلي علائقو سنڌ جي حدن ۾ شامل هو[56]. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ماڻهن ان پاسي سڪونت اختيار ڪندي علائقي جي واپار تي پنهنجو اثر وڌايو[57]. ان ڪري واپاري منڊين، بندرن ۽ بازارن ۾ سنڌي واپارين سندس گمائشتن ۽ مُنشين جي گهڻائي نظر ايندي هئي.
بلوچستان مان لنگهندڙ واپاري قافلن لاءِ خضدار، نال ۽ تربت کي ملائيندي هڪ رستو دريا مشڪي جي علائقي مان گذرندو ڪولواهه ۽ ڪيچ جي وادين ۾ داخل ٿيندو هو. هڪ ٻي واٽ سوراب کان پنجگور ويندي هئي، جيڪا مڪران ۽ سياهان جي جبلن مان لنگهندي هئي. سنڌ ۽ بلوچستان کي مڪران ذريعي ملائيندڙ ٽين واٽ اها آهي، جيڪا مڪران ۽ لسٻيلي کان نڪرڻ کان پوءِ لڪي جبلن کي پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي. مڪران جي ساحلي علائقي ۾ به هڪ اهم رستو موجود آهي جيڪو ايراني بلوچستان مان نڪري، انهيءَ ساحلي علائقي کي پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو.[58] اهو رستو قديم زماني کان آمد و رفت ۽ مواصلات توڙي وڻج واپار ۽ فوجي حملن لاءِ هوندو هو[59]. هولڊچ انهيءَ رستي بابت لکي ٿو ته: بار سان لڏيل اٺن سان وادي ۽ سنڌ کان وٺي ايران تائين مڪران جي وچان مسافري ڪرڻ لاءِ ممڪن هو. اسان کي واٽ تي ڪابه تڪليف نه ٿي. رستي تي پٿر سان پاڻيءَ جا ننڍا تلاءُ ٺهيل آهن ۽ سرن سان بند ٻڌي پاڻي گڏ ڪرڻ جو بندوبست ڪيل آهي“.[60]
انهيءَ رستي کان ڪيترائي سنڌي ڪٽنب ۽ قبيلا پنهنجي معاشي ضرورتن ۽ واپار سانگي لسٻيلي ۽ مڪران ۾ وڃي ويٺا ۽ ڪي اڃا به اڳتي ايران طرف ويا. اهوئي رستو آهي، جتان سنڌ ۽ بلوچستان جا قبيلا پنهنجن مينهن يا ڌڻن ۽ اٺن جا وڳ ڪاهي پهرين بلوچستان ۾ وڃي ويٺا ۽ پوءِ ايران کي پار ڪري اڳتي دجله ۽ فرات ندين جي ماٿريءَ ۾ وڃي آباد ٿيا.[61]
ايراني نار ۽ واديءِ سنڌ جي وچ ۾ سڀ کان اهم واپاري ذريعو مڪران وارو ساحلي علائقو هو، جتان سامونڊي بار بردار واهڻن ۽ غورابن جي اچ وڃ ذريعي سنڌ جا واپاري پنهنجو مال ايراني فارعدن ۽ مصر تائين پهچائيندا هئا. واپار جي هن ڏي وٺ سبب سنڌي ٻوليءَ جو ان طرف چؤٻول وڌيو. اهڙيءَ طرح ڪيچ مڪران جي واپاري قافلن ۾ مڪران جي شهزادي پنهونءَ جو واپاري قافلو سنڌ طرف ڀنڀور اچڻ ۽ اتي مشڪ عنبر ۽ عطر جو واپار ڪرڻ، سسئيءَ سان عشق ۽ شادي ڪرڻ وڏي اهميت جو حامل هو[62]. هي عشق سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخي واپاري ناتن جي شاهدي ڏئي ٿو.[63]
مرزا شاهه حسن ارغون، جنهن ملتان فتح ڪيو، ان وقت شال (ڪوئيٽا) سيوي، مستونگ ويندي گرم سيل تائين سڀ علائقا ارغون جي قبضي هيٺ هئا. قنڌار مرزا غازي بيگ ترخان جي جاگير ۾ شامل هو، تنهن ڪري هرات، خراسان ۽ سمرقند جا رستا سنڌ سان واپار لاءِ کليل هئا ۽ سمنڊ رستي واپار لاهري بندر ۽ ٺٽي وٽان چالو هو.[64]
ڀنڀور جي خشڪيءَ جو واپار ڪيچ جي هوت بلوچن جي قافلن رستي، قلات، سيوا، قنڌار، همدان، سيستان، خراسان، ڪرمان، فارسي چين، سيلون، ڪشمير، بابل ۽ مصر وغيره سان هلندو هو. قافلا گهڻو ڪري رات جو سفر ڪندا هئا. تارن وسيلي وقت معلوم ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي آرڪوشيا ڪوئيٽا (پشين) پرڳڻي جون مينهون مشهور هيون،[65] پر جيڪو واپار سيلون، چين ۽ انڊونيشيا ۽ جاوا سان ملندو هو، اُهو سامونڊي پٿرن ذريعي ملندو هو.
هوڏانهن سنڌ ۽ ساراوان علائقي جي واپاري رستن ۽ ذريعن تي غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته ٻنهي خطن کي کيرٿر جبل ڌار ڪن ٿا. انهن جبلن جي قطار سان ڪيترائي لڪ ۽ رستا ڦٽن ٿا، جن کي پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿبو آهي. انهن سڀني ۾ اهم رستو اهو به آهي، جيڪو مولا لڪ مان لنگهي پهرين ڪڇي علائقي ۾ پهچي ٿو ۽ اتان پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. هي واٽ خضدار کي گنداواه سان ملائيندي آهي. خضدار جي ڏکڻ ۾ هڪڙو ٻيو رستو پڻ آهي، جتان بازار لڪ پار ڪرڻ کان پوءِ لسٻيلي ۾ داخل ٿبو آهي، هتان قلات کان ٿيندو قنڌار پهچبو آهي، بعد ۾ واپار جو اهو سلسلو وڌندو روس تائين به وڃي پهتو.
هي رستو انگريزي دؤر حڪومت تائين پڻ قائم رهيو. هتان افغان واپاري انگريز واپارين کان ڪراچيءَ مان مال خريد ڪرڻ بعد لسٻيلي، خضدار ۽ قلات واري رستي کان قنڌار ويندا هئا.[66] اهڙيءَ طرح هڪ ٻي واٽ سيوهڻ کان چانڊڪا جهل ۽ گنداواه جي رستي ڍاڍر، سبي، مولو ۽ بولان دڙن کان ٿيندي افغانستان ويندي هئي.[67]
بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خاص طور ٻن لڪن کان لنگهڻو پوي ٿو. پهريون بولان لڪ ۽ ٻيو مولالڪ. بولان لڪ وارو رستو موجوده جيڪب آباد وٽان لنگهي شڪارپور شهر جي ٿورو پريان ڳوٺ لکي يا ماڙيءَ وٽ پهچندو هو. اتان هڪ اروڙ تائين ويندو هو ۽ ٻيو رستو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ اورنگ آباد، امروٽ ۽ مديجيءَ وٽان لنگهي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ماهوٽا لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، باڊهه، ڌامراهه ۽ دادو ضلعي جي قديم ڳوٺ لوهم جي دڙو، خداآباد، سيوهڻ، آمري، لاڙ جي شهرن نصيرڪوٽ ۽ جهرڪ کان ٿيندو ديبل تائين ويندو هو.[68]
اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو رستو مولالڪ کان جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيرو تعلقي مان لنگهي لاڙڪاڻي ضلعي جي قديم شهر جهڪر جو دڙو کان ٿيندو مٿي ذڪر ڪيل رستي سان ملندو هو.[69]
انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي واپار توڙي اقتصادي حالتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو؛ ڇو ته انهن رستن جي اهميت ۽ گهرج جي وڌيڪ ضرورت محسوس ڪئي ويئي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي ڳنڍڻ لاءِ 1986ع ۾ روهڙيءَ کان وايا جيڪب آباد، سبي ۽ ڪوئيٽا تائين هڪ پڪو روڊ تعمير ڪرايو ويو. گڏوگڏ ان رستي سان ريلوي لائين به وڇائي ويئي.[70] بعد ۾ ان لائين کي سبيءَ کان کوسٽ (ڪوئيٽا) کان هڪ طرف زاهدان (ايران) ته ٻئي طرف چمن ۽ فورٽ سنڊي من سان ملايو ويو، جنهن سبب علائقن جو واپار وڌڻ لڳو.[71]
آزاديءَ کان پوءِ حڪومت، ڪوئيٽا کي ڪراچيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ وايا خضدار ۽ لسٻيلو هڪ پڪو روڊ تعمير ڪرايو. هن روڊ کي هڪ طرف مڪران ته ٻئي طرف لاهوت لامڪان تائين وڌايو ويو آهي. هوڏانهن ڪوئيٽا جيڪب آباد روڊ کي مختلف شهرن سان ملايو ويو آهي. جهڙوڪ: ڪوئيٽا کان زاهدان، ڪوئيٽا کان چمن، فورٽ سنڊيمن، هرنائي لورالائي، سبيءَ کان هرنائي، ڪوهلو، ڪشمور کان سئي (گئس)، ڊيرا بگٽيءَ تائين. ان کان علاوه ٻيا ڪيترا ننڍا ننڍا روڊ ۽ لنڪ روڊ تعمير ڪرايا ويا آهن.
اهڙيءَ طرح ريل ذريعي جيڪب آباد کي پهرين هڪ طرف ڪشمور بعد ۾ ڊيرا غازي خان ۽ ملتان سان ملايو ويو ته ٻئي طرف شهدادڪوٽ سان ڳنڍيو ويو.
مٿي ذڪر ڪيل رستن ۽ ريلوي لائين ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جا واپاري ناتا تمام گهڻي ترقي ڪري چڪا آهن، ڇوته هاڻ اڳ وانگر اٺن ۽ بيل گاڏين جي قافلن ذريعي واپار ڪو نه ٿو ٿئي. اڄڪلهه جهازن، ريلن، ٽرڪن، ٽريڪٽرن موٽرن ۽ بسن ذريعي واپار پيو هلي ۽ تمام ٿوري وقت ۾ تمام پري تائين واپاري مال پهچايو پيو وڃي.
ان اچ وڃ ۽ ميل ميلاپ سبب ٻنهي صوبن ۾ واپار وڏي ترقي ڪري چڪو آهي، ان کان علاوه سنڌ ۽ بلوچستان جي ميلن ملاکڙن ۾ خاص طور سبي ۽ جيڪب آباد جي تاريخي قديم ميلن جي موقعن تي به مختلف علائقن کان هر قسم جو مال ۽ مصنوعات واپار لاءِ آندا وڃن ٿا ۽ ڪروڙين روپين جو واپار ٿئي ٿو، جنهن سبب ٻنهي خطن جي واپار ۾ روز بروز اضافو ٿيندو رهي ٿو. ان طرح هي سلسلو آئينده به وڌندو رهندو.
واپاري پيداوار ۽ مشهور شهر:
سنڌ ۽ بلوچستان قديم زماني کان هڪ ئي خطي ”سنڌ“ جي نالي سان مشهور رهيو آهي. قديم زماني کان ٻنهي علائقن جو واپار هڪ ئي علائقي نالي ٿيندو رهيو آهي، ڇوته سنڌ ايشيا ۽ يورپ جي مرڪز جي حيثيت رکندو هو. پرڏيهه ۾ هي خطو واپار جو ذريعو مڃيو ويندو هو، جنهن جو مختصر جائزو وٺجي ٿو.
سنڌونديءَ ملڪ کي قدرتي طرح اهڙي واپاري اهميت بخشي هئي جو اهو ديسان ديس مشهور هو. سنڌونديءَ جي ڪناري تي سنڌ جي مختلف دورن ۾ الور ۽ منصوره/ برهمڻ آباد، بکر، ديبل، لاهري بندر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا.[72]
هوڏانهن بلوچستان ۾ گوادر ۽ سونمياڻي مشهور بندرن جي حيثيت رکن ٿا، جن جو قديم زماني کان سنڌ جي لاڙ واري شاهه بندر سان واپار ٿيندو هو. ان کان علاوه بلوچستان جو مال سونمياڻي ۽ مڪران جي ٻين بندرن ذريعي سنڌ جي ڪيٽي بندر تان آندو ويندو هو.[73]
سنڌ هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي هر قسم جي زرعي جنس جي پيداوار ٿئي ٿي، جيڪا قديم زماني کان ٻاهر موڪلي وڃي ٿي. نه صرف زرعي بلڪ معدني ۽ صنعتي لحاظ کان به هي خطو وڏي اهميت جو حامل رهندو آهي. ان جي درآمد ۽ برآمد ۾ زندگيءَ جي ضرورتن جون سڀ شيون اچي وڃن ٿيون.
ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻي لکي ٿو: ”سنڌ مان ڪافي انداز ۾ ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو، ريشمي شيون، نير، شورو، کلون ۽ چمڙي جو سامان سڱن وارو چوپايو مال (کير ڏيندڙ) ۽ کير مان ٺهندڙ شيون، آفيم، اناج، مڇي ۽ کنڀ وغيره برآمد ڪيا ويندا هئا“.[74]
بلوچستان خطي ۾ به زرعي جنسن کان علاوه معدني ۽ صنعتي پيداوار ٿئي ٿي، جيڪا وڏي اهميت رکي ٿي. خطي ۾ جانورن جون کلون ۽ اَنُ سنڌ جا اڪثر واپاري حاصل ڪن ٿا.[75] اهڙيءَ طرح سنڌ مان گيهه ۽ مکڻ جو پڻ هن طرف واپار ٿئي ٿو.[76] تڏن، نوڙين، ٽوڪرين، فراسين ۽ فرزينن جو واپار بلوچستان جي اهم واپار جي حيثيت رکي ٿو.[77]
کارڪون بلوچستان صوبي جي اهم پيداوار آهي، خاص طور مڪران ان جو مرڪز آهي. خاران، چاغي، لس ٻيلي، تربت، قلات ڪڇي ۽ سبيءَ ۾ به پيداوار ٿئي ٿي، جيڪا سنڌ طرف دٻن ۾ بند ڪري واپار لاءِ موڪلي وڃي ٿي.[78]
انگريز واپاري مخمل، اُوني گرم ڪپڙو، رنگين ڇيٽون، کنڊ، مصالحا ۽ ڌاتن جو واپار ڪندا هئا. مارواڙا ۽ بلوچستان کان کٿا سنڌ جي شهرن ۾ وڪري لاءِ آڻيندا هئا. گجرات کان ريشمي ڪپڙو ۽ جڙي ٻوٽيون، خراسان (بلوچستان) کان خشڪ ۽ تازا ميوا ڪلابتون ۽ نمدا برآمد ٿيندا هئا.
مغلن جي دور ۾ سکر، بکر ۽ شڪارپور جا شهر واپار جي لحاظ کان وڏي اهميت جا حامل هئا. شڪارپور جو شهر وچ ايشيا قنڌار ۽ خراسان لاءِ مارڪيٽ هو، ان ڪري قنڌار جا نواب شڪارپور ۾ اچي رهندا هئا.[79]
سترهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ روهڙي ۽ بکر وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا هئا. خاص طور ڪپڙي، نير (Indigo) ۽ باغات جي ڪري انهن کي اهميت حاصل هئي ۽ خراسان جا قافلا سياري ۾ بکر ايندا هئا، روهڙيءَ جي شهر مان ملتاني سوٽي ڪپڙو، ريشم ۽ رنگ خريد ڪندا هئا. شڪارپور دره بولان واري رستي تي واپار جي لحاظ کان سنڌ جو پهريون نمبر دولتمند شهر هو. هن شهر جو واپار لاهور، ملتان، سونمياڻي، قلات، ڪيچ مڪران، بحيره خضر، خراسان، بخارا، قنڌار ۽ قابل سان هلندڙ هو. خاص ڪري هي شهر خراسان جي پشم ۾ قنڌار جي سڪن ۽ تازن ميون جي وڪري لاءِ مارڪيٽ هو.
پروفيسر نذير احمد لکي ٿو: قيام پاڪستان کان اڳ شڪارپور جي اقتصادي ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ جو سبب تجارتي ناتا هئا، جيڪي هڪ طرف بلوچستان کان وٺي افغانستان، بلڪ روسي ترڪستان تائين پکڙيل هئا، ته ٻئي طرف احمد آباد، بمبئي، ڌاڙ ڌاڙ، حيدرآباد دکن، مدراس، بينگلور، ڪلڪتي، برما جي گاديءَ جي هنڌ رنگوي تائين وڃي پهتا.[80] افغانستان ڪپڙي جي واپار کان سواءِ هندو واپاري، بلوچستان ۽ افغانستان ۽ روسي ترڪستان مان تازو ۽ خشڪ ميوو به سنڌ مان ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ڏانهن موڪليندا هئا“.[81]
الهه جڙيو انصاري سنڌ ۽ بلوچستان جي واپاري ناتن بابت لکي ٿو: ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ مان ڪافي انداز ۾ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو، ريشمي شيون، نير، شورو، کلون، چمڙي جو سامان، سڱن وارو چوپايو مال، کير مان ٺهندڙ شيون، آفيم، اناج، مڇي ۽ کنڀ برآمد ڪيا ويندا هئا. موٽ ۾ سنڌ ٻاهران، ڌاتو، شيهو، ٽين، لوهه، رڪ، سون، چاندي، آسائشي سامان، وڏي بر وارو ڪپڙو، اوني مخمل ۽ ريشمي ڪپڙو، موتي، پٿر، مصالحا، ڪارا مرچ، ميوا ۽ ڇُهارا درآمد ڪندي هئي.[82]
هو وڌيڪ لکي ٿو: سنڌ ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ سونمياڻي ٻئي ننڍا بندر هئا. ٻنهي بندرن کان قلات، قنڌار ۽ پنجاب جو مال ايندو ويندو هو. خشڪي رستي شڪارپور واپار ڪري مشهور شهر هو. افغانستان ۽ بلوچستان وچ ايشيا جي مال جا قافلا شڪارپور ۾ اچي لهندا هئا“.[83]
ان کان علاوه ديبل، منصوره، قزدار (خضدار)، الور، ملتان، قنوج، قندابيل (گنداواه) واپار جا مرڪزي شهر هئا.[84] بلوچستان جي مٺڙي ۽ مهرڳڙهه جا گدرا به وڏي اهميت رکن ٿا ۽ پنهنجي مٺاس ۽ سواد سبب پري پري تائين مشهور آهن، جن جي پيدائش ۾ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر نواب غوث بخش خان رئيساڻي وڏي محنت ڪئي. ان ڪري انهن جو نالو به رئيساڻي گدرا مشهور آهي. مڪران جي ساحل جا هندو واپاري اصل ۾ سنڌ کان آيل آهن، جيڪي واپار سانگي اتي رهي پيا، گوادر جا لوٽيا (خوجه) اصل ڪڇ کان اچي مستقل طور مڪران ۾ آباد ٿيا.[85] سنڌ ۽ بلوچستان جي واپارين جو هي سلسلو قديم زماني کان جاري آهي. واپاري پنهنجي معاشي حالتن ڪري اڪثر لڏ پلاڻ ڪندا رهندا هئا. جتي مختلف قسم جو واپار اختيار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا.
واپار جي لحاظ کان سکر جو شهر به وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪو بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت ۾ مشهور آهي.[86]
بلوچستان جي مٿين حصي جا پٺاڻ اُن، سِلڪ، تِر، ڌاڳا، جانور، ڪانچ ۽ ٻيو سامان اڪثر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن آڻيندا رهندا آهن.[87]
1920ع ۾ نصيرآباد (بلوچستان) جي هڪ مشهور سياسي رهنما ۽ جمالي قبيلي جي هڪ فرد مير جعفر خان جمالي طرفان پيش ڪيل تجويز تي 1932ع ۾ سکر بيراج کان کيرٿر ڪئنال نالي هڪ واهه تعمير ڪرايو ويو، جيڪو نصيرآباد جي هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري ٿو. جنهن سبب ٻنهي علائقن جي واپاري ناتن ۾ اضافو ٿيو[88]. خاص طور هن خطي جي چانورن کان علاوه جوئر، مٽر، جَوَ، تر، ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون به وڏي انداز ۾ سنڌ طرف وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. هن خطي ۾ جهل مگسي وڏي اهميت رکي ٿو، جتي جوئر، مڱ، موز، ڪڻڪ، سرنهه ۽ چانور پيدا ٿين ٿا. ان کان علاوه، ڏاڙهون، انب، ليمون، ڦاروا، نارنگي، توت به جام ٿئي، جيڪي سنڌ جي شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي تائين ٽرڪن ۽ بيل گاڏين ذريعي پهچائي واپار ڪيو وڃي ٿو.[89]
خطي جي واپاري پيداوار ۾ سُڪو ۽ تازو ميوو، کجور، اناج، اَنُ، چمڙو، پيش ۽ تڏا وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي نه صرف سنڌ بلڪ پوري پاڪستان تائين پهچايا وڃن ٿا. سبي ۽ ڪڇي واري علائقي ۾ مختلف برساتي نئيون آهن، جن تي اَنُ، گيهه، چمڙو، تڏا ۽ وَاڻ اهم پيداوار جي حيثيت رکن ٿا.[90]
هينري پاٽينجر لکي ٿو ته: سندس سفر دوران لسٻيلي ۾ شڪارپور ۽ ملتان جي واپارين سان ملاقات به ٿي هئي، جن سنڌي رواج موجب کيس لونگ ۽ سوپاريون کارايون هيون ۽ مهمان نوازي ڪئي هئي.[91]
بلوچستان جا واپاري اوزار ۽ ڀالا پنهنجن پاڙيسري سنڌين کان خريد ڪندا هئا. سمن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ ڏامر بلوچستان کان خريد ڪيو ويندو هو.[92] مجموعي طور سنڌ جو چوپايو مال سنڌ ۽ بلوچستان جي اجتماعي ڌنڌي ۽ واپار جي حيثيت رکي ٿو. مشهور محقق يوري گنڪو فسڪي لکي ٿو ته، قلات جي تجارت تي سنڌ جي هندن جو قبضو هوندو هو ۽ سبيءَ جي واپار تي وري شڪارپورين جو قبضو هوندو هو. اهو حال لسٻيلي وارن جو به هو.[93]
هينري پاٽينجر لکي ٿو: ”18 صدي عيسويءَ ۾ علائقي جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ خان قلات نصير خان شڪارپور جي هندو واپارين کي قلات ۾ سهولتون ڏيئي آباد ڪيو“.[94]
بلوچستان سان سنڌ ۽ شڪارپور جي هندن جو ايترو ته واپار هلندو هو جو گهڻي اچ وڃ سبب اهي فارسي ۽ پشتو به ڳالهائيندا هئا.[95]
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، بلوچستان خاص طور سبي ۽ ڪڇيءَ وارن علائقن جو سنڌ سان تمام قديم زماني کان واپار هلندو اچي ٿو. ان جو وڌيڪ ثبوت جيڪب آباد جي هر قسم جون مختلف مَنڊيون به پيش ڪن ٿيون، جتي روزانه هزارين واپاري پنهنجي مال جي وڪري لاءِ نظر اچن ٿا ۽ لکين روپين جو روزانه واپار ٿئي ٿو. غور ڪجي ته سبي ۽ ڪڇي خطي جو اڪثر واپاري مال سنڌ جي جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ڏانهن اچي ٿو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته هن خطي جي معاشي زندگي سنڌ جي اتر وارو علائقو آهي.
ادبي ناتا:
ادب يا ساهت هر ٻوليءَ جو بي بها سرمايو هوندو آهي. هر ٻوليءَ جي اعليٰ قدرن تي مشتمل لساني اوسر متعلق لکيل هر مواد کي ادب چيو ويندو آهي. لفظ ”ادب“ هڪ گهڻ مقصدو ۽ وڏي اهميت جو حامل آهي، ڇوته وقت ۽ حالتن مطابق ادب وجود ۾ ايندو رهندو آهي. شاعرن يا سگهڙن جا ٻول به ادب جو اهم حصو آهن.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هن سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”ادب هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي بنيادن تي قائم ٿئي ٿو ۽ ادب ان سوچيندڙ سماج جيان سماج جي سوچ جو اظهار ڪري ٿو. ادب انهيءَ اظهار جو نالو آهي، جيڪو سوچيندڙ سماج جي پيداوار آهي“.[96]
محترم غلام نبي صابر سڌايو لکي ٿو: ”ادب ۽ انسان جو سٻنڌ ازل کان آهي، جنهن ان جي معيار ۽ اعتدال کي سمجهيو، تنهن منزل ماڻي ۽ جنهن ڪثرت ۾ ڦاسي نهٺائي ۽ شعور وڃايو، تنهن ڄڻ پاڻ وڃايو“.[97]
سنڌي ادب بابت سومرن جي دؤر کي ادب جو سونهري دؤر ڪري ليکيو وڃي ٿو، ڇوته هي دؤر سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب جي بنيادي دؤر جي حيثيت رکي ٿو.[98]
هن دؤر ۾ سنڌي علم و ادب گهڻي ترقي ڪئي. وقت جا حاڪم ۽ انهن جا مٽ مائٽ وڏا عالم، فاضل ۽ شاعر هئا. درٻارن ۾ علم وارن جي قدرداني ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري هن دؤر ۾ علم ۽ ادب گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ جا گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور، ملتان، بلوچستان جي لسٻيلي ۽ مڪران سان ناتا وڌيا. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو انهن خطن ۾ ڦهلاءُ ٿيو. موٽ ۾ ڪڇي. گجراتي، راجسٿاني، بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولين، تهذيب، تمدن ۽ لباس وغيره جو سنڌ جي ڌار ڌار خطن تي اثر پيو.[99]
هن دؤر ۾ سڀ کان اڳ سنڌي شاعري يا تمثيلي قصا سنڌي ادب جو بنياد بڻيا. جن ۾ اهي رومانوي قصا شامل آهن.
هوشيار ۽ هنرمند ڀٽن ڀانن ۽ چارڻن نه فقط سردارن جي سخا سورهيائي ۽ محبت جي داستانن کي نئين سرزنده ڪيو، پر انهن کي قصه خوانيءَ جي لحاظ کان ڳايو ۽ ڳائڻ خاطر ڳاهن کي انهن قصن ۽ داستانن کي تاڃي پيٽيءَ ۾ آندو ويو.[100]
سومرن جو دؤر سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت، قصن، ڪهاڻين جي اوسر ۽ ادبي صلاحيت جي نشونما وارو تعميري دور هو، جنهن ۾ جنگين ۽ واقعن جا بيت ۽ عشقيه داستان مشهور ٿيا. سنڌي شعر بيتن ۽ ڳاهن جي صورت ۾ چمڪيو، پر سمن جي دؤر جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ جون لساني خصوصيتون خواهه ادبي روايتون ساڳيون رهيون. البته قوت بيان ۾ وڏو اضافو ٿيو. ڳالهين ۽ داستانن بيان ڪرڻ کي هڪ ادبي فن جي درجي تي پهچايو ويو. ڳاهن سان ڳالهيون ڳائجڻ لڳيون. سماج جي محفلن ذريعي سنڌي بيت عام ٿيو ۽ اعليٰ معياري شاعري جي شروعات ٿي.[101]
سمن جي اوائلي دؤر ۾ سومرن جي دؤر وانگر سنڌي ٻوليءَ جي قصن ۽ ڳاهن، پهاڪن ۽ اڳڪٿين وارو رومانوي دؤر هو، جنهن ۾ سنڌي شاعري وڌي ساماڻي ۽ پڻ روايتي قصن ڪهاڻين ۽ داستان گوئي ذريعي ادبي فن جي درجي تي پهتي.[102]
هن دؤر ۾ بلوچستان خاص طور لسٻيلو سنڌ جو مکيه ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لسٻيلي کي وسايو، جنهن ڪري سنڌ جو تمدن لسٻيلي ۾ رائج ٿيو. سمن مان گجر، گونگا، برفت، ڪوريجا ۽ رونجها ذاتين جي ڄامن جي حڪومت رهي، جيڪا پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سن 1956ع ۾ ختم ٿي.[103] پر سندن سرداري راڄ اڄ تائين قائم آهي.
13 کان 17 صدي عيسويءَ تائين سنڌي بيتن ۽ ڪافين توڙي سنڌي راڳ ڪافي عالمن ۽ اهل دل درويشن جي سماع جي محفلن ذريعي ملڪن ملڪ مشهور ٿي ۽ پڻ سندن زندگيءَ جي حالتن ۽ ملفوظات ۾ سماع، راڳ، ڪافين، بيتن ۽ ڏوهيڙن جو ذڪر آيو. سنڌ جو راڳ هن دؤر ۾ به ايترو مشهور ٿيو، جو ان جو اثر نه رڳو سنڌ بلڪ پنجاب[104] ۽ بلوچستان جي صوفي درويشن تي به پيو، جنهن جو اظهار انهن ڪافين ذريعي ڪيو.
هن دؤر جي رس ۾ قصه گوئيءَ کي خصوصي اهميت حاصل ٿي، جنهن ۾ وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي صنفون ظاهر ٿيون. خاص طور ڳاهن سان ڳالهيون يا رومانوي قصا ڪبتون ۽ جنگي داستان ان زمري ۾ اچي وڃن ٿا. ان وقت جا اديب ۽ فنڪار ڀٽ، ڀان، چارڻ، ڳهير ۽ مڱڻهار سڏبا هئا، جيڪي فن ۽ ادب جا گهوريا هئا.
هو مختلف انداز ۾ پنهنجو تخليقي جوهر ظاهر ڪندا هئا. هنن جو خاص الخاص مقصد سردارن جي سخا ۽ سورهيائي ڳائڻ هو. ان جي باوجود انهن جي قصه گوئيءَ ۾ ادبي صنعتون به شامل هيون. هنن تفريحي فن طور هڪ ميدان مهيا ڪري پنهنجي فن کي لازوال وسعت بخشي ڇڏي. ڳاهون، ڳيچ، ڪٿائون ۽ مدحون ان دؤر ۾ رائج ٿيون.[105]
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي لاهوت لامڪان، هنگلاج ۽ پٻ جبلن جي سير دوران هن خطي جي لازوال تاريخي ۽ رومانوي قصي سسئي پنهون بابت اٽڪل 5 سُر چيا، سندن مريدن انهن کي قلمبند ڪري بلوچستان جي سنڌي ادبي تاريخ جو بنياد رکيو ۽ شاهه عبداللطيف کي به ان جو سرواڻ ڪري ڇڏيو.
بلوچستان ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ لسٻيلي جي شاعرن نمايان ڪردار ادا ڪيو، ڇوته لسٻيلي جا ڄام شاعرن جي قدرداني ڪندا هئا. انهن کي گهڻو نوازيندا هئا. تڏهن شاعرن جي دل ۾ شاعريءَ جو جذبو پيدا ٿيو ۽ شاعراڻو شعور جاڳيو، جنهن سبب اتان جي شاعرن، پنهنجي ذوق کي زنده رکيو ۽ نتيجي ۾ لسٻيلو شاعرن سگهڙن ۽ سالڪن جو مرڪز بڻجي ويو. جن پنهنجن مربي، ڄامن جا ڳڻ ڳايا، اهڙي طرح انهن حاڪمن جو نانءُ ناموس هنڌين ماڳهين مشهور ٿي ويو.[106]
ڄام امير خان اول خود وڏو داناءُ ۽ عقلمند هو، تنهن نه فقط پنهنجي تر جي شاعرن تي هٿ رکيو، بلڪ جيڪو به ٻاهران سگهڙ شاعر ڏانهس آيو، تنهن کي به مالامال ڪري عزت آبرو ڏياريندو هو.[107]
لسٻيلي جي شاعرن جو سرتاج شيخ ابراهيم، ڄام ميرخان جي ملڪ ۾ اڳ ئي مشهور هو، تنهن جو نانءُ ٻڌي سنڌ جو شاعر ڪبير شاهه ڪهي ساڻس مقابلي لاءِ لسٻيلي ۾ وڃي پهتو.[108]
ڪبير شاهه جي ڪٽنب مان احمد شاهه وڏو سگهڙ پيدا ٿيو، جنهن کي شاعريءَ جي ڏات پڻ ورثي ۾ ملي ۽ کيس ٻيلي جي اُتم شاعري پڻ ورثي ۾ ملي.[109] ان کان علاوه عيدن شاهه نالي هڪ سگهڙ جو شايد سنڌ جو هو، سو به شيخ ابراهيم وٽ هلي آيو ۽ پنهنجي سگهڙپائيءَ جا جوهر ڏيکاريائين.[110] شيخ حمر، شيخ ابراهيم ۽ شاعرنم ٻيلي جا مکيه شاعر هئا، جن زندگيءَ جي هر موضوع تي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. عام سنڌي شاعرن وانگر سنڌ جي مشهور عشقيه داستانن ۽ افسانن کي تاڃي پيٽي ۾ آندو آهي ۽ انهن کي ڳايو آهي. ان کان علاوه ڏٺ، پرولي، ڳجهارت، سينگار وارن سگهڙائپ جي نقطن کي ۽ قلات ۽ لسٻيلي وارين جنگين تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن جو اندازو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ مان لڳائي سگهجي ٿو.
شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي معرڪن ۽ صحبت جي اثر ڪري صفر براديو، مگيو براديو، سندس ڀاءُ محراب براديو، نم شاعر ۽ ٻيا ٻيلي جا مشهور شاعر ٿيا. ان کان سواءِ خود شيخ خاندان ۾ شاعريءَ جو تڏو لڳي ويو[111]. ايتري تائين جو سندس خاندان ۾ شيخ سائينداد، شيخ الهداد، شيخ الهڏنو، شيخ سنگر، شيخ مٺو، شيخ عثمان، جنگو عارب ۽ محمد احسان به ناميارا شاعر ٿي گذريا آهن.[112]
شيخ سائينداد وڏو سگهڙ ۽ شاعر هو. وٽس بيتن، ڳجهارتن، هنرن، سينگار، ڏهس نامي، منظوم روايتن ۽ ڪُهنن قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪمي ڪانه هئي. اهو سڄو گڻ کيس ياد هو. لسٻيلي بلوچستان جي ادب تي وڏو احسان ڪيائين، جو انهيءَ سڄي خزاني کي هڪ ڪتاب ۾ قلمبند ڪري ڇڏيائين.[113]
اهوئي سبب هو جو ٻيلي جي شاعري بلوچستان ۾ سنڌي ادب جي لازوال خزاني جي حيثيت رکي ٿي، 20 صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌ توڙي بلوچستان جي ڏات ڌڻين ٻنهي صوبن ڏانهن پنهنجي اچ وڃ سان پنهنجن تخليقن ذريعي، سنڌي علم ۽ ادب جي شمع کي روشن رکندي، ان کي مختلف صنفن سان مالامال ڪري ڇڏيو. ٻنهي خطن جي اهڙن ادبي ناتن سبب سنڌي ادب ۾ مختلف بابن جو اضافو ٿيو.
بلوچستان جي شاعرن ۽ ليکڪن جي سنڌ طرف اچ وڃ:
جاگرافيائي لحاظ کان جيئن ته ٻئي صوبا هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، جنهن ڪري آسانيءَ سان ٻنهي طرفن جا ماڻهو اچ وڃ ڪري ٿي سگهيا. سماجي، سياسي، علمي، ادبي ۽ معاشي حالتن جي پورائي لاءِ اڪثر ماڻهو اچ وڃ جاري رکڻ تي مجبور ٿيو وڃن. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي ڏات ڌڻين به بلوچستان کان سنڌ طرف پنهنجي اچ وڃ جاري رکي، بلڪ ڪي ته هميشه لاءِ سنڌ جا رهواسي ٿي، هن سرزمين کي پنهنجي ماترڀوميءَ جو درجو ڏيئي، هن ئي سرزمين ۾ دفن ٿيا. هيٺ بلوچستان جي ڏات ڌڻين جي مختصر سوانح سان گڏ سندن ادبي خذمتن جو جائزو پيش ڪجي ٿو، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ادبي ناتن جو پتو پوي ٿو.
عثمان احساني: عثمان احسانيءَ بابت گهڻو احوال ميسر ٿي ڪونه سگهيو آهي، هو سنه 1640ع ڌاري ڀاڳناڙيءَ کان اچي لکي تعلقي سکر ۾ رهيو. سندس تخلصُ ’احساني‘ هو ۽ هو مخدوم پير محمد لکويءَ جو همعصر هو. سندس تصنيف جو نالو ’وطن نامه‘ آهي، جنهن ۾ موت جو ذڪر گهڻو ٿيل آهي.[114]
فقير صاحبڏنو تنيو: اصل ۾ ڳوٺ ڊاڊ تنيو تعلقي ميرپور، ضلعي ڪڇي جو ويٺل هو. پاڻ هڪ اهل الله ۽ بزرگ شخص هو. هن خطي کان علاوه سنڌ جي شڪارپور ۾ سندس ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا. هو شڪارپور جي بزرگ شاعر خواجه فقيرالله علويءَ جو معتقد ٿيو.[115] ۽ ڪافي عرصي تائين اتي رهيو. اهو ئي سبب آهي، جو ان کي هرڪو شڪارپور جو رهاڪو سمجهندو هو ۽ شڪارپور جو ڄاڻايو ويو آهي.
پاڻ ڪهنه مشق شاعر، سگهڙ ۽ اهل الله بزرگ هو. ڪاوڙ وقت اڪثر سندس وات کان نڪتل ٻول جيئن جو تيئن رب پاڪ جي درگاهه ۾ قبول پوندا هئا. خاص طور سندس پِٽ پاراتي وارا ڪيترائي شعر خطي ۾ مشهور واقعن ۽ ڪرامتن جي حيثيت ۾ اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
سندس هڪ مشهور مدح ”اغثني جي مداح“ نالي سنڌ کان علاوه بلوچستان ۾ به ماڻهن کي چڱيءَ طرح ياد آهي. ان ئي نالي سان سندس هڪ ديوان ”مدح اغثني“ شڪارپور سنڌ مان شايع ٿيو، جيڪو اڄڪلهه ناپيد آهي.[116]
پنهنجي آخري عمر شڪارپور جي قاضين جي مسجد ۾ پيش امام ٿي گذاريائين. شڪارپور جو مشهور بزرگ مولانا ميرعبدالاحد علوي سندس خاص مريد ۽ شاگرد هو، جنهن کانئس سموري تعليم حاصل ڪئي.[117] سندس وفات بابت ڪو مستند سن ڪونه ملي سگهيو آهي. ڪجهه محققن 1841ع ۽ 1834ع لکيو آهي، پر پڪو پختو سن علائقي جي روايتن ۽ سندس ڳوٺ تمبو واري مشهور ڪرامت کان پوءِ سندس وفات 1300 هجريءَ ڌاري چئي وڃي ٿي. هي ڪرامت به ان ئي سن جي آهي، جنهن موجب سندس وفات 18 صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ٿي هوندي. وصيت موجب سندس ميت شڪارپور مان کڻائي سندس مرشد جي ڳوٺ فتح پور شريف تعلقي ميرپور ضلعي ڪڇي ۾ دفنايو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جن پنهنجن تصنيفن ۾ سندس ڪجهه احوال لکيو آهي.
شڪارپور جو مشهور شاعر محمد عارف ”صنعت“ شڪارپوري به سندس مريد ۽ شاگرد هو، جو پاڻ به صاحب ديوان هو، کيس علم ۽ ادب سان گهڻو پيار هو. کيس پارسي ۽ عربي زبانن تي پورو عبور حاصل هو.[118]
نانڪ يوسف: هي اصل ۾ جهل مگسي ضلعي ڪڇي بلوچستان جو ويٺل هو. سندس والد جو نالو محمد هاشم هو. پاڻ ذات جو کوکر هو. سندس ولادت 1792ع جهل مگسي شهر ۾ ٿي.[119] سنڌ جي هفت زبان شاعر سچل سرمست وٽان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو علائقو ڇڏي اچي درازا وسايائين ۽ ان جو مريد ٿيو، جتي روحاني فيض حاصل ڪيائين. پاڻ سنڌي زبان جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ڪلام جو مجموعو ”نانڪ يوسف جو ڪلام“ نالي سنڌي ادبي بورڊ کان 1983ع ۾ شايع ڪرايو آهي. پاڻ 1853ع (1269 هجريءَ) ۾ ڳوٺ اڳڙن ۾ وفات ڪيائين.[120]
حاجي پريل خان: 1852ع ڌاري ڀاڳناڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ذات جو مگسي هو. بعد ۾ هالا نوان ضلعي حيدرآباد سنڌ لڏي اچي ويٺو، جتي پوليس کاتي ۾ ملازم ٿيو. هالا ۾ مخدوم امين محمد ”امين“ 13 سجاده نشين درگاه حضرت مخدوم نوح هالا جي صحبت ۾ رهندي، نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ ان جي خدمت ۾ ئي شاعري شروع ڪيائين. 1911ع ۾ اتي ئي وفات ڪيائين، سندس ڪلام گم آهي. هڪ ٻه مرثيه موجود آهن.[121]
تاج محمد ”تاجل“ بروهي: براهوي زبان جو بهترين شاعر تاج محمد ”تاجل“ 1858ع[122] ۾ ڳوٺ ٻڍو نزد ڀاڳ ضلعي ڪڇي جي محمد صادق بروهيءَ جي گهر ۾ تولد ٿيو.[123] ڪڇيءَ ۾ زمينداري سندن گذر سفر هو. براهوي زبان کان علاوه سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، فارسي، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ به شاعري ڪندو هو.[124]
سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام کان بيحد متاثر هو. ان ڪري سنڌيءَ ۾ به شاعري شروع ڪيائين،[125] جيڪا انهن جي ڪلام کان متاثر ٿيل لڳي ٿي.
تاجل جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، ان جو سمورو ڪلام تصوف تي مبني آهي. سنڌي زبان کان براهوي زبان ۾ وڌيڪ شاعري ڪئي اٿائين. هو اوليائن جي درگاهن جي زيارتن جو بيحد شوقين هو، ان ڪري سنڌ جي ڀٽائي، قلندر، سرمست جون اڪثر زيارتون ڪرڻ ايندو هو.
ڪڇيءَ جي علائقي ۾ سندس سنڌي ڪلام وڏي مقبوليت رکي ٿو. پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيندو به هو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ اکين کان انڌو ٿي پيو ۽ 1945ع ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.[126]
شمس الدين ”بلبل“: شمس الدين ولد بهادر خان ذات شينو 1857ع ڌاري ڀاڳناڙي علائقي ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ هميشه لاءِ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ لڏي اچي ويٺو. سنڌ جي هن مايه ناز اديب، صحافي ۽ شاعر کي سنڌ ۾ بلند پايي جو شاعر، اديب ۽ صحافي مڃيو وڃي ٿو. ڪيترن رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، جن ۾ ’معاون سنڌ‘ ۽ ’آفتاب‘ شامل آهن. 1919ع ۾ وفات ڪيائين.[127]
سنڌي شاعريءَ ۾ طنز و مزاح ۽ ظرافت جي ڪري مشهور هو. سندس ڪلام طنز و مزاح تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس دؤر جي سماج ۽ سياسي حالات جو آئينو آهي. بلبل جو مقصد مسلمانن کي سندن صحيح مقام ڏي موٽائڻ هو. هن طنز ۾ تيز نشتر ڀري ڇڏيا.[128]
سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن سندس زندگيءَ تي مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، رحيمداد مولائي شيدائي، غلام محمد گرامي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پير علي محمد راشدي، شري ليلارام، ديوان داس ڀارت، عبدالواحد سنڌي،[129] ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن.
1904ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام طرفان جاري ڪيل رسالي ”رسالة المدرسه“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ هو مزاحيه نظم ۽ مضمون شايع ڪندو هو، جيڪي عام ماڻهن ۾ پسند ڪيا ويندا هئا.[130]
صوفي رکيل شاهه: صوفي رکيل شاهه ولد نورمحمد شاهه 1262هه/ 1845ع[131] ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور ضلعي ڪڇي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ سندس والدين لڏي اچي گنداواه جي ڀرسان ڳوٺ فتحپور ضلعي ڪڇي ۾ ويٺا. پاڻ سنڌي، بلوچي، فارسي، اردو ۽ عربي زبانن جا بلند پايي جا شاعر هئا. سندس مرشد ميرانپور جهوڪ شريف وارو بزرگ سيد عبدالستار شاهه جن هو. جهوڪ شريف جي بزرگن سان اڪثر سندن روح رهاڻيون ٿينديون هيون. پاڻ 1942ع ۾ وفات ڪيائين[132]. سندس سوانح حيات ۽ ڪلام جو گڏيل مجموعو ”بحرالعشق“ سندس ٿرپارڪر جي هڪ مريد هرگن داس ولد سيٺ ڪندن داس پارواڻي ٽيون ڀيرو 1968ع ۾ ڪراچيءَ کان شايع ڪرايو. هن کان اڳ پهريون ڀيرو نٿرمل لوڪومل صرف ڪلامن جو مجموعو ”بحرالعشق“ 1944ع ۾ شايع ڪرايو هو. جڏهن ته ٻئي ڀيري مسٽر محمد علي آنريري مئجسٽريٽ رتوديرو ۽ پيربخش صاحب جن گڏجي شايع ڪرايو هو. جيڪب آباد جي هڪ مريد به سندس رسالو ڇپايو آهي.
اڪثر محققن سندس زندگي ۽ سوانح تي قلم کنيو آهي. سنڌ جون ريڊيو ۽ ٽي. وي اسٽيشنون به اڪثر سندس ڪلام پيش ڪنديون آهن. سندس هڪ شاگرد ۽ مريد صوفي پهلوان فقير جيڪب آباد جي ويجهو ڳوٺ رندواهي ۾ رهندو هو، جيڪو پڻ صاحب ديوان شاعر هو، تنهن سان اڪثر هت اچي رهاڻيون ڪندو هو. پهلوان فقير سنڌي ۽ سرائيڪيءَ کان علاوه بلوچيءَ جو به ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي[133]. سندس ڪلامن جو مجموعو ”دعوت العشق“ سندس فرزند رند علي جيڪب آباد مان 1983ع ۾ ٻيهر شايع ڪرايو، جيڪو سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
سيد رکيل شاهه جي سوانح حيات ۽ ڪجهه منتخب ڪلام سبيءَ جي هڪ شاعر عبدالرحمان غور جن ڪوئيٽا مان به شايع ڪرائي، سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو.[134]
مولوي قادربخش گولو: مولوي قادربخش بنگل خان گولي جي گهر ڳوٺ عاشق آباد صحبت پور، تعلقي جهٽ پٽ، ضلعي جعفرآباد ۾ 1837ع ڌاري تولد ٿيو[135] ۽ 1922ع ۾ وفات ڪيائين.[136] پاڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. پنهنجي وقت جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي. شروع ۾ ڳوٺ رستم ضلعي شڪارپور سنڌ جي مولوي محمد عبدالستار صاحب جي مدرسي مان علم حاصل ڪيائين. پنج سال لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي مَٽيون ڀريائين ۽ سندس سجاده نشين ميان محمد ڪامل وٽ رهيو.[137]
مولوي صاحب پاڻ يڪتاري تي ڳائيندو به هو. سندس ڀائٽي مولوي احمد خان گولي ”گلزار ڪاپاري“ نالي سندس ڪلام جو مجموعو غالبن 1960ع ۾ جيڪب آباد مان شايع ڪرايو. ان وقت جهٽ پٽ ۽ اوسته محمد تعلقا جيڪب آباد سنڌ ۾ شامل هئا. سندس هڪ ڪافي پوري سنڌ ۾ مشهور ٿي، جنهن سبب کيس سنڌي ادب ۾ مقبوليت حاصل ٿي. ڪافي آهي:
”اڪ ٿيا ٿي انار، سڄڻ تنهنجي سانگي“
سندس سوانح حيات ۽ ڪلامن جي تجزيي لاءِ سنڌ جي احمد علي شاهه[138] ۽ ڊاڪٽر غلام نبي صابر سڌايي[139] جن به لکيو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”گلزار ڪاپاري“ سنڌي ادب ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. مولوي صاحب جي مزار تي هرسال ذوالحج مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي.[140]
گل محمد ”زيب“ مگسي: جهل مگسيءَ جي نواب قيصرخان مگسيءَ جو فرزند هو. 1895ع ڌاري ضلعي ڪڇي ۾ تولد ٿيو، ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين[141]. سندس تخلص ”زيب“ هو. پاڻ سنڌي سرائيڪي، عربي ۽ فارسي زبانن جو شاعر هو. سندس فارسي شاعريءَ جا ٻه ديوان شايع ٿيل آهن، جن مان ”خزينة الاشعار“ 1933ع ۾ ڇپيو. سندس اردو ڪلام لاهور جي اخبار ’زميندار‘ ۾ شايع ٿيندو هو.[142] سندس ٻيو ديوان ”گلدسته زيب“ به شايع ٿيل آهي.[143] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ پير علي محمد راشدي جن سندس سوانح تي لکيو آهي.
پاڻ اڪثر ڪري شهدادڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ سنڌ جي ادبي حلقن سان رهاڻيون ڪندو هو. 1953ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ وفات ڪيائين. سندس مڙهه اصل ڳوٺ کڻائي دفن ڪيو ويو.[144]
نسيم تلوي: اصل ۾ سبي ضلعي جي ڳوٺ تلي جو رهواسي هو. پاڻ ذات جو سيلاچي هو. پير علي محمد راشدي کيس لياري ڪراچي جو بلوچ لکيو آهي.[145] جڏهن ته محترم جمعه تيجاڻي پنجاب جو ڄاڻايو آهي[146]. بلوچستان کان سنڌ طرف لڏي ڪراچي وڃي وسايائين. جتي اردو ۾ ”بلوچستان جديد“ اخبار جاري ڪيائين. پاڻ سنڌي به لکي ڄاڻيندو هو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلايائين، جنهن سبب جيل به ڪاٽيائين.
فيضل فقير: 1883ع ۾ لاشاري قبيلي جي فرد خان محمد لاشاري جي گهر گاجان تعلقي ميرپور ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو[147]. مرشد جي تلاش ۾ سيد رکيل شاهه صوفيءَ وٽ فتح پور شريف وڃي پهتو، جيڪو سندس مرشد ۽ استاد هو.[148] سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، براهوي، بلوچي زبانن ۾ شاعري ڪيائين.[149] مرشد جي حڪم ۽ اجازت سان اوسته محمد تعلقي ۾ گنداخه جي ڀرسان هڪ هنڌ ويهي عبادت الاهي شروع ڪيائين. 8 نومبر 1957ع تي پنهنجي ئي نالي واري ڳوٺ فيضل فقير ۾ وفات ڪيائين.[150] سندس پورو نالو فيض محمد هو. سندس ڪلام جو بياض پونئيرن وٽ موجود آهي. ڪلام جو مجموعو ”گلشن اشعار“ بلوچ اڪيڊمي ڪوئيٽا وارن 1968ع ۾ شايع ڪرايو آهي. ڪجهه ڪلام اوسته محمد جي ڪاليج ميگزين ۾ شايع ٿيو آهي[151]. تازو سندس پونئيرن رسالو به ڇپايو آهي.
سيد چيزل شاهه: سيد رکيل شاهه صوفي القادري جو فرزند ارجمند ۽ سجاده نشين سن 1332 هجريءَ ڌاري ڳوٺ فتحپور شريف ۾ تولد ٿيو[152]. سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي زبانن جو بلند پايي جو شاعر هو. سندس ڪلام ۾ ڪافيون، دوهڙا ۽ سِه حرفيون چيل آهن. سنڌ جي ريڊيو ۽ ٽي. وي اسٽيشن تي سندس ڪلام نشر ڪيو ويندو آهي. سندس هڪ مريد فتح چند ڪارڙا سندس ڪلام جو مجموعو ”بحرالعميق“ ڪراچيءَ مان شايع ڪرايو، جيڪو سنڌي ادب ۾ نمايان جاءِ والاريندو. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ اميرعلي شيخ نالي هڪ شاگرد سندس سوانح ۽ ڪلامن جي جائزي تي مبني مونوگراف به پيش ڪيو آهي.[153] سندس ڪلام سنڌ جي ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ به شايع ٿيو آهي. پاڻ 16 مئي 1984ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين، جتان سندس ميت کڻائي، سندن اباڻي ڳوٺ فتح پور شريف واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. سنڌ ۾ سَوَن جي تعداد ۾ سندس مريد ۽ معتقد هئا، جن وٽ اڪثر اچي رهاڻيون ڪندو هو. چيزل شاهه وفات تائين پهلوان فقير جيڪب آباد واري ۽ فتحپور شريف ۾ پنهنجي والد سيد رکيل شاهه جي هرسال ٿيندڙ ميلن جي پاڻ نگراني ڪندو هو.
نورمحمد پروانو: پاڻ 15 فيبروري 1918ع تي مرحوم مهردل پندراڻي بروهي جي گهر ڳوٺ پندراڻ تعلقي اوسته محمد، ضلعي نصيرآباد بلوچستان ۾ تولد ٿيو[154]. 1935ع ۾ سبي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. پنج درجا انگريزيءَ جا پڙهڻ بعد اسڪول ڇڏي ڏنائين ۽ صحافت اختيار ڪيائين.
سن 38-1939ع ۾ ”ڪمال هند“ اخبار جو جيڪب آباد لاءِ نمائندو مقرر ٿيو. 1948ع ۾ جيڪب آباد جي هڪ هفت روزه سنڌي اخبار ”نوجوان“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو[155]. سندس ڪافي رشتيدار جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ موجود آهن. سنڌي، اردو ۽ بروهي زبانن ۾ شاعري ڪري ٿو. 1960ع ۾ مستونگ بلوچستان کان بروهي زبان ۾ هڪ هفت روزه اخبار ”ايلم“ نالي جاري ڪيائين، جيڪا اڄ تائين لڳاتار جاري آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقائي اخبارن ۾ سڀ کان وڏي ۽ پراڻي اخبار جي حيثيت رکي ٿي.
براهوي زبانن ۾ ”بروهي قائده“ ڪتاب شايع ڪيائين[156]. 17 آڪٽوبر 1984ع تي راقم کي ايلم اخبار جو سب ايڊيٽر مقرر ڪيائين. جيڪب آباد توڙي سنڌ جي نامور محققن، جهڙوڪ رحيمداد مولائي شيدائي، تراب بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، مرحوم عبدالڪريم گدائي جن سان گهرا تعلقات رهيا آهن. جيڪب آباد جي ادبي ۽ صحافتي حلقن سان اڪثر روح رهاڻيون ڪندو رهندو آهي. سندس زندگيءَ بابت ڪجهه مواد هتان جي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهي.[157]
عبدالعزيز جروار: پاڻ 1922ع ڌاري ڳوٺ جروار تعلقي جهٽ پٽ ضلعي نصيرآباد ۾ پيدا ٿيو. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان منشي فاضل ۽ اديب فاضل ڪيائين. کين اهو فخر حاصل آهي ته سندس امتحان جا پيپر جامع الاظهر قاهره ۽ مصر ڏانهن جاچ لاءِ ويا هئا، جتي کيس گولڊ ميڊل جو حقدار قرار ڏنو ويو. پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري استاد مولوي نورمحمد کوسي کان حاصل ڪئي. سنڌيءَ کان علاوه سرائيڪي، اردو، بلوچي ۽ فارسي زبانن ۾ به شاعري ڪندو آهي.[158]
جيڪب آباد ۾ اڪثر اچي رهندو آهي، جتي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن سان روح رهاڻيون پيو ڪري ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو آهي. جيڪب آباد جا عوامي شاعر مرحوم عبدالڪريم گدائي ۽ مرحوم غلام قادر ”قيس“ سندس گهرا دوست هئا. روزنامه ’سارنگ‘ ۾ فتاح عابد جن سندس زندگي ۽ ڪلام بابت مضمون به لکيو آهي.
رشيد احمد لاشاري: 8 اپريل 1922ع ۾ ڳوٺ ملگزار تعلقي جهٽ پٽ (ضلعي سبيءَ) ۾ زرڪ خان لاشاريءَ جي گهر ۾ تولد ٿيو. روزگار سانگي سندس وڏن سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد جي ڪنڌڪوٽ شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.[159] ڪنڌڪوٽ مان فائنل پاس ڪرڻ بعد مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولانا عبدالحڪيم، مولانا حبيب الله ۽ مولانا فقير محمد ڪنڌڪوٽيءَ وٽان فارسي ۽ عربي پڙهيو.
1944ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان شامل ٿيو. 1949ع ۾ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽي مٿس خاص نوازش فرمائي کيس ضلعي حيدرآباد لاءِ اردو ٽيچر مقرر ڪيو. اتان ترقي ڪندي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو[160].
1956ع ۾ بيمار ٿيڻ سبب نوڪري ڇڏي ڪراچي وڃي آباد ٿيو، جتي فلمن لاءِ مڪالما ۽ گيت لکڻ شروع ڪيائين. سندس يادگار فلمن مان سسئي پنهون، پرديسي، عمرمارئي، هماري زبان ۽ نئي ڪرن مشهور آهن.
پاڻ سنڌي، اردو، سرائيڪي، فارسي، پنجابي، بلوچي، پشتو، انگريزي ۽ عربي ٻولين ۾ وڏي مهارت رکندو هو. شاعريءَ جي فن ۾ پوريءَ طرح ڄاڻ رکندو هو.
سندس تصنيفن جو انداز ايترو آهي جو هت لکڻ جي گنجائش ڪونه آهي، تنهن هوندي به شاهه جو رسالو، سچل سرمست جو رسالو، ڪليات گدا، شڪنتلا، روح لطيف ۽ يوسف زليخا قابل ذڪر آهن[161]. پاڻ 1970ع ۾ وفات ڪئي. سندس خاندان اڄ به جيڪب آباد ضلعي ۾ موجود آهي[162].
مولانا عبدالباقي درخاني: سندس ولادت جو سن معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. پاڻ ڳوٺ درخان نزد ڍاڍر ۾ پيدا ٿيو. سموري تعليم پنهنجي والد مولانا عبدالله رئيساڻيءَ کان حاصل ڪيائين. 1950ع ۾ ڪوئيٽا کان ماهوار اردو ’معلم‘ جاري ڪيائين. سنڌي، اردو، بروهي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ لکندو هو ۽ شاعري به ڪندو هو. سندس سنڌي شاعري دستاب ٿي ڪونه سگهي. ڍاڍر ۾ بروهي ادبي سنگت قائم ڪيائين.[163] سنڌ جي بروهي اديبن ۽ شاعرن سان اچي رهاڻيون ڪندو هو. بروهي زبان ۾ سندس ڪجهه ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن پهريون ڀيرو ”معلم“ ۾ سنڌي، بروهي ۽ بلوچي زبانن کي روشناس ڪرايو.[164] ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس پسنديده سنڌي ليکڪ هو.[165] ڪوئيٽا جي ڪيترن ئي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جي ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. 27 مارچ 1985ع تي پنهنجي ڳوٺ ڍاڍر ۾ وفات ڪئي.[166]
ملڪ محمد رمضان بلوچ: 1922ع ۾ بارج خان ڊومڪي بلوچ جي گهر لهڙي ضلعي ڪڇيءَ ۾ پيدا ٿيو.[167] ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سنڌي، اردو، بروهي ۽ بلوچيءَ ۾ لکندو آهي. 1946ع ۾ قلات جي رياست ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هفت روزه ”الحق“ سبي، ماهنامه ”معلم“ ڪوئيٽا ۽ ”تنظيم“ جو ايڊيٽر رهيو آهي[168]. 1954ع کان مستونگ ۾ هفت روزه ”ساربان“ جاري ڪيائين. جيڪب آباد جي سالياني ميلي جي مشاعرن ۾ هرسال شرڪت ڪندو آهي.
ارباب خان کوسو: 1923ع ڌاري ڳوٺ ڊگهي، تعلقي جهٽ پٽ ضلعي نصيرآباد (بلوچستان) جي کوسي خاندان جي هڪ فرد بهرام خان جي گهر ۾ ڄائو. 14 سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيائين. سنڌي، اردو، بروهي ۽ بلوچيءَ ۾ ڳائڻ سان گڏ شاعري به ڪندو هو. 1958ع ۾ جيڪب آباد ۾ اچي ”ارباب آرٽ سرڪل“ قائم ڪيائين.[169] پنهنجي شاعري پاڻ به ڳايائين. جيڪب آباد جي ادبي ۽ ثقافتي حلقن سان سٺي اُٿ ويهه هئس. تاريخ 27 آڪٽوبر 1994ع تي وفات ڪيائين.
ڪرم شاهه: 1902ع ۾ مٺڙي ضلعي ڪڇيءَ ۾ ڄائو. پيري مريديءَ باوجود مزدوري ڪندو هو؛ ان ڪري جيڪب آباد لڏي اچي ويٺو. سنڌيءَ ۾ سٺي شاعري ڪندو هو. پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيندو هو. ستر سالن جي عمر ۾ 1972ع ۾ وفات ڪئي.[170]
غوث بخش بروهي فراقي: 1937ع ۾ ڳوٺ مهرڳڙهه ضلعي ڪڇيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1954ع ۾ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ عبدالشڪور اجميري وٽ ڊرائيوري ڪرڻ لڳو. قلندر جي عقيدت سبب 1972ع ۾ ڊرائيوري ڇڏي قلندر شهباز جي دروازي جي سامهون سڳڙن جو دڪان وٺي سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪيائين.[171] اڃا تائين اتي رهيل آهي.
سنڌي سان گڏ اردوءَ ۾ شاعري ڪري ٿو. سندس ڪلام جو مجموعو ”جستجوئي قلندر“ نالي 1974ع ۾ شايع ٿيو. سيد رکيل شاهه ۽ سيد چيزل شاهه جو به عقيدتمند آهي، ان ڪري هرسال ميلي جي موقعي تي ٽي ڏينهن سڳڙن جو دڪان اچي قائم ڪندو آهي.
قاضي عبدالڪريم ”ذبيح“ بروهي: 1924ع ۾ محمد صالح روديني زئي جي گهر ڳوٺ کيرٿر (بلوچستان) ۾ ڄائو. سندس خاندان ڪجهه وقت کان پوءِ ڏڪار سبب اهو علائقو ڇڏي ڳوٺ فريدآباد تعلقي ميهڙ ضلعي دادو (سنڌ) ۾ اچي ويٺو. پاڻ اتي ديني تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي ۽ فارسي مدرسھ اشرفيھ شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت علامه ابوبڪر شبليءَ سان تعلق به رهيو، جنهن سبب کيس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.[172]
سندس اردو ۽ سنڌيءَ جا اخلاقي، مذهبي ۽ تحريڪي مضمون ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ روزانه الوحيد نمايان حيثيت رکي ٿي. پاڻ ”نقش ذبيح“ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيائون.[173] درس و تدريس جو بيحد شوق رکندو هو، ان ڪري فريدآباد ۾ مدرسه عربيه محمديه قائم ڪيائين. جتي علمي ادبي ۽ ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ 16 جنوري 1958ع تي فريدآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس لائق فرزند عبدالقيوم ”جوهر“ بروهي سنڌي ۽ بروهي زبانن جو معروف شاعر ۽ اديب آهي پاڻ به علمي ادبي ۽ ديني خدمتن کي جاري رکيو پيو اچي.
محمد اسحاق سوز: 1946ع ۾ مولوي عطامحمد بروهيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ شيخ واصل جديد آباد ضلعي قلات (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان هر سياري جي موسم ۾ ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جي شهدادڪوٽ شهر ۾ اچي رهندو هو. ان ڪري پرائمري تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. سنڌي ۽ بروهي زبانن جو بلند پايي جو شاعر مڃيو وڃي ٿو. بروهي زبان ۾ سندس ڪجهه ڪتاب شايع ٿيل آهن، سنڌي شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد ڇٽل ۽ نظام الدين گوپانگ آهن.[174]
الياس پرويز: 1935ع ۾ ڳوٺ بکرڙو ضلعي ڪڇي (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. 1954ع کان صحافت ۾ پير پاتائين ۽ سبيءَ کان هڪ هفت روزه اردو اخبار ”حقيقت“ جاري ڪيائين. 1958ع ۾ صدر ايوب واري مارشل لا ۾ عوامي حقوق سلب ٿيڻ خلاف زوردار آواز اٿارڻ جي ڪري 1960ع ۾ سندس اخبار جو ڊڪلريشن رد ڪيو ويو. 1961ع ۾ سبي ڇڏي جيڪب آباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ هفت روزه سنڌي اخبار ”مساوات“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.[175]
سندس اخباري ايڊيٽوريل وڏي اهميت جا حامل آهن. سنڌيءَ ۾ پاڻ سٺو نثرنويس هو. سنڌي ادب سان کيس بيحد لڳاءُ هو، جيڪب آباد جي ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل هئس. پاڻ 18 جون 1985ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين، جتي کيس دفن ڪيو ويو.
لياقت بروهي: 2 جنوري 1954ع تي ڳوٺ ڊگهي تعلقي جهٽ پٽ بلوچستان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو نورمحمد آهي. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. 1980ع ۾ جيڪب آباد جي سنڌي اخبار هفت روزه ”آواز“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.[176] ان کان علاوه روزانه ”سارنگ“ جيڪب آباد جو اسٽاف رپورٽر به رهيو. سنڌي، اردو ۽ بروهي زبانن ۾ لکندو آهي. اڄڪلهه روزانه ”جنگ“ ڪوئيٽا جو جهٽ پٽ شهر لاءِ نمائندو آهي. جيڪب آباد جي ادبي ۽ صحافتي حلقن سان اڪثر رهاڻيون ڪندو رهندو آهي. هڪ قومپرست سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ بلوچستان نيشنل الائنس سان واسطو رکي ٿو.
سنڌ جي شاعرن ۽ ليکڪن جي بلوچستان طرف اچ وڃ:
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته جاگرافيائي لحاظ کان ٻئي صوبا پاڻ ۾ مليل آهن، ان ڪري ماڻهن جي اچ وڃ آسانيءَ سان جاري آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جا به ڪيئي ليکڪ پنهنجي ادبي اڃ اجهائڻ لاءِ بلوچستان طرف ويندا رهيا آهن. بلڪ ڪي ته هميشه لاءِ اتان جا ٿي ويا ۽ اتي ئي وفات ڪري ويا. هيٺ اهڙن ڏات ڌڻين جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي مختصر روشني وجهجي ٿي، جنهن سان ٻنهي صوبن جي ادبي ناتن جو پتو پوي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752-1689ع): سنڌي ٻوليءَ جو هي بين الاقوامي حيثيت رکندڙ شاعر ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. کيس سير ۽ سياحت جو شوق هو. شاهه صاحب جي سوانح لکندڙن جو هن ڳالهه تي پورو اتفاق آهي ته شاهه سائين ارغونن جي وڌندڙ دشمنيءَ کان تنگ ٿي، پنهنجي محبوب وطن کي الوداع چئي، ڪيترائي سال سير ۽ سياحت ۾ رهيو ۽ پري پري جا سفر ڪيا. هنگلاج، حب، لاهوت لامڪان توڙي ڪيچ مڪران[177] ۽ پٻ جبل جا پاسا ان شوق ۾ گهميا.[178]
شاهه لطيف کي جبل گهمڻ ڏاڍو وڻندو هو. گهڻو ڪري مينهن جي موسم ۾ اهي ڏينهن ٻاهر سفر ۾ گذاريندو هو. مهينن جا مهينا هو سنياسين ۽ جوڳين سان گڏجي گنجي ٽڪر يا لسٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گهمندو هو. ٽي ورهيه لاڳيتا هندن فقيرن جي سنگت ۾ گذاريائين ۽ لاهوت، تاني ۽ سپڙ سخي جون زيارتون ڪيائين.[179]
شاهه لطيف حيدرآباد کان ڪراچي وارو رستو وٺي ڀنڀور وڃي سسئي پنهونءَ جي ڦوڙائي جو احوال حاصل ڪيو.[180] حب درياهه کي اورانگهڻ کان پوءِ بيابان لتاڙيندو ۽ وارين جا دڙا اڪرندو ٽڪريون لنگهندو، آخر پنهنجي منزل هنگلاج پهتو.[181] ڪراچيءَ کان هنگلاج 20 ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڪراچيءَ کان تقريباً 17 ڪلوميٽرن تي حب ندي آهي، جتي شاهه عبداللطيف پهرين منزل ڪئي.[182] حب ندي پريان پٻ جبل اتر کان ڏکڻ سمنڊ جي ڪناري تائين هڪ ڪنڌي ٺاهيو بيٺو آهي.[183]
ٿي سگهي ٿو ته شاهه لطيف ڪابل ۽ قنڌار به ويو هجي. ان لاءِ ڪو مستند احوال ڪونه ٿو ملي. بلوچستان جي عشقيه داستان سسئي پنهونءَ کي شاهه سائين ڇهن سرن ۾ ڳايو آهي. ان کان علاوه سُر پرڀاتيءَ ۾ لسٻيلي جي هڪ حاڪم سپڙ سخي جي تعريف به ڪئي آهي. ظاهري طور اهي بيت ان سخيءَ جي ياد ۾ آهن، جو سخين جو به سردار هو.[184] شاهه لطيف بلوچستان جي تاريخي ماڳن کي پنهنجي شعر ۾ جاءِ ڏني آهي. بلوچستان جي ميد ۽ مڇي ڦاسائيندڙن کي به ياد ڪيو آهي. سونمياڻيءَ جي تاريخي قصي، ميربحر مورڙو ۽ مانگر مڇ جي قصي کي بيان ڪيو اٿس. ان دؤر ۾ اهو علائقو سنڌ ۾ شامل هوندو هو. ان جو حاڪم راجا دلوراءِ هو. بعد ۾ ڄامن ان کي بلوچستان ۾ شامل ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪيو.[185]
شاهه سائين بلوچستان سان تعلق رکندڙ پنهنجي شاعريءَ ۾ بلوچيءَ جا لفظ به استعمال ڪيا آهن. اهوئي سبب آهي جو بلوچستان جي هڪ اهم محقق ميرگل خان نصير ان تي بلوچ هئڻ جو گمان ظاهر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪوهه و جبل، دشت ۽ پٽن کي به ياد ڪيو آهي، جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته هو بلوچ هو.[186]
هن علائقي جي زبانن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر شاهه صاحب پنهنجي خطي جي شاعريءَ ۾ بروهي زبان جا لفظ به استعمال ڪيا آهن. ائين لڳي ٿو ته هو بروهي زبان چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو:
هر داسا هن حال جي، هتي هوت ڏٺام.
پوءِ پذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو.
داسا= هاڻي، داڪا= هِتان. داڙي= هِتي. هنداڙي= اِتي.
پذيري= پوءِ.
شاهه جو رسالو جابلو سنڌي ٻوليءَ سان ڀريو پيو آهي، جنهن کي اڪثر ڪچهرين ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. خاص طور سسئي پنهونءَ بابت شاهه جا سڀ سُر وڌيڪ مقبوليت رکن ٿا. ايتري تائين جو ماڻهن بر زبان اهي ياد ڪري ڇڏيا آهن.
لس ۾ ڪبير شاهه، سانوڻ فقير، عبدالله خان ڀنڀرو ۽ شيخ ابراهيم،[187] کان علاوه بلوچستان جا سگهڙ، سالڪ ۽ ڳائڻا اڪثر شاهه کي ياد ڪيو اچن. انهن ٻولن سان گڏ هو پنهنجن قولن ۽ ٻولن ۾ به سسئي پنهونءَ جي قصي کي ڪچهرين ۾ نروار ڪن ٿا. سسئي پنهونءَ جي داستان بابت اڄ به ان خطي ۾ ڳاهون ڳائجن ٿيون. مڪران کان لسٻيلي ۽ سبيءَ کان ڪڇي ۽ جهل مگسيءَ تائين خاص طور ”ناڙيءَ“ جي بيرون علائقي ۾ ان قصي کي وڏي اهميت حاصل آهي. جهل مگسيءَ جا سگهڙ ان کي وڏي چاهه سان ڳائيندا رهندا آهن.[188]
شاهه لطيف جي شاعريءَ کان سواءِ بلوچستان خطي جي شاعرن جهڙوڪ: سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، مولوي قادربخش گولو ۽ فيضل فقير ۽ ٻين جي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو ته اها به شاهه جي شاعريءَ کان متاثر نظر اچي ٿي، جن پنهنجي خطي جي هن مقبول عشقيه داستانن کي ياد ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح خطي جا سگهڙ به ان جذبي کان سرشار آهن، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته شاهه جي شاعري پوري بلوچستان جي شاعرن، سگهڙن ۽ سالڪن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو: تحقيق ڀٽائي صاحب سنڌ توڙي ٻيلي جي شاعرن جو سرتاج ۽ اُستاد هو. شاهه جي شاعرانه سخا ۽ لٽ مان سنڌي ٻوليءَ جي هر شاعر هر هنڌ ورڇ ورتي آهي. سنڌ جي اولهندي جبلن البته سنڌ ۽ ٻيلي جي وچ ۾ ماڻهن جي آمد و رفت کي مشڪل بنايو، مگر شاهه صاحب جا بيت درياهه مٿان ٽپندا، نئن تان ڪڏندا، جبل لتاڙيندا وڃي پار پيا ۽ لسٻيلي ۾ به شاهه صاحب جي بيتن جو اهوئي چرچو ۽ ذوق جاري رهيو، جهڙو سنڌ ۾ ٿيو. اسان ٻيلي جي هر سگهڙ ۽ سمجهو واتان ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌا. غور بعد معلوم ٿئي ٿو ته ٻيلي ڏانهن ويندي شاهه بلاول جو تڪيو شاهه جي شعر جو هڪ پهريون ۽ اهم اڏو ۽ اجهو ٿي رهيو آهي، جتي گهڻي مدت کان شعر جي رهاڻ ۽ سلوڪ وارا وقت بوقت سنڌ جي طرفان ايندا رهيا آهن. بنده راقم کي ٻيلي ۾ معلوم ٿيو ته هن وقت به شاهه بلاول تي ڪو هڪ سالڪ رهي ٿو، جو شاهه جي شعر جو وڏو واقف ۽ وينجهار آهي. شاهه بلاول جو تڪيو سنڌ ۽ ٻيلي جي عرفات آهي، جتي شاهه جي شعر ۽ ٻيلي جي دردمند دلين جو مدت کان ميڙائو ٿيو. انهيءَ اثر جي جهلڪ اسان کي ٻيلي جي پهرين شاعر شيخ حمر (شاهه جو همعصر) جي بيتن ۾ واضح طور نظر اچي ٿي. شيخ ابراهيم جي بيتن جو رُخ به ساڳيو آهي. انهن شاعرن جي بيتن جي رنگ توڙي بوءِ جو سرچشمو يقيني طور ڀٽائي صاحب جا بيت آهن. شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاهه جي بيتن ۾ به شاهه جو اثر نظر اچي ٿو.[189]
اهڙيءَ طرح لسٻيلي جو شاعر شيخ حمر اصل کان فقير ۽ درويش هو. ننڍي هوندي کان پنهنجي مڪتب ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو. شاهه لطيف جو همعصر هو. پاڻ حج تي ويندي رستي تي وفات ڪيائين. غالباً هي سندس ٻيو حج هو. خان نصير خان اعظم جي نياڻيءَ جي شاديءَ واري روايت مان گمان نڪري ٿو ته شيخ حمر 1750-1776ع واري عرصي دوران وفات ڪئي.[190]
شيخ حمر جو پٽ شيخ ابراهيم[191] ٻيلي جي شاعرن ۾ ناليوارو شاعر ٿيو. ڪبيرشاهه ۽ شيخ ابراهيم جا ماري ڄام مير خان (1776-1818ع) جي دؤر ۾ تقريباً 1776ع کان 1781ع دوران مارڪا ٿيندا رهيا.[192]
جيتوڻيڪ شيخ حمر شاهه لطيف جو همعصر هو، پر سندس بيتن مان شاهه لطيف جي بيتن واري بوءِ اچي ٿي. تنهن هوندي به هن جي شاعريءَ ۾ شاهه جي نقالي ڪونه ٿي نظر اچي.
شيخ خاندان ۾ شيخ ابراهيم ننڍي وهيءَ کان ئي شاعري شروع ڪئي، جنهن سبب وڏي مقبوليت حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو سنڌ جي نامياري شاعر ڪبيرشاهه ان جو نالو ٻڌي ٻيلي وڃي ساڻس مارڪا ڪيا، جيڪي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جي وفات 1806ع کان پوءِ ٻڌائي آهي.[193] سندس قصا خاص طور سسئي پنهونءَ بابت وڏي اهميت رکن ٿا. سندس شاعري ٻيلاين جا ٻول ڪتاب ۾ موجود آهي.
ڪبير شاهه: ڪبيرشاهه 86-1776ع واري عرصي ۾ شايد اٿل آيو ۽ رهي پيو غالباً 13 صدي هجريءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ وفات ڪيائين.[194]
مٽياري ساداتن جي ڳاڙهيا پاڙي مان هو. ڪلهوڙن مان پسند جي شادي ڪرڻ تي سندس خاندان جي ناراضگيءَ سبب سنڌ ڇڏي ٻيلو وسايائين.[195] ڪبير شاهه کان سواءِ سندس ڀاءُ محمد شاهه جي اولاد مان احمد شاهه پٽ علي بخش شاهه به ناليوارو شاعر ٿيو. احمد شاهه، ڪبير شاهه جي باقي خاندان جو اڪيلو شاعر ۽ لسٻيلي جي وڏن شاعرن مان ڄڻ آخري ڏيئو هو.[196]
شيخ ابراهيم ٻيلي جي شاعرن جو ڄڻ اڏو ۽ اجهو هو؛ بلڪ عام شاعريءَ جي ڪسوٽي هو، جنهن تي هرڪنهن شاعر اچي ٿي پنهنجو جوهر ڏيکاريو. ڪبير شاهه سنڌ مان ڪهي اچي شيخ حمر جي شاعريءَ جو خزانو کوليو. شيخ ابراهيم اڪيلو ڄڻ هڪ هٿ هو. جڏهن ڪبير شاهه جو ٻيو هٿ هن هٿ تي لڳو، تڏهن تاڙي وڳي ۽ ٻيلي ۾ سنڌي شاعريءَ جو غلغلو ٿيو.[197]
ڪبير شاهه جي ٻيلي وڃڻ ۽ مارڪا ڪرڻ کان پوءِ، ان جي شاعريءَ جو اثر ٻيلي ۾ عام ٿي ويو ۽ ٻيلي جي شاعريءَ کي عروج ۽ فروغ نصيب ٿيو. انهيءَ ڳالهه جو لسٻيلي جي هرهڪ سگهڙ کي احساس ۽ اعتراف هو، ٻي معنيٰ ۾ اهو سنڌ جو ٻيلي جي شاعريءَ تي هڪ احسان آهي.[198] ڪبير شاهه جي زبان وڌيڪ معياري ۽ صاف هئي، ڇوته هو خاص سنڌ جي سرزمين جو نيپاج هو. سينگار شاعريءَ ۾ پڻ کيس وڏي دسترس هئي، جنهن ۾ لسٻيلي وارن کان سرس ۽ سوايو هو.[199] انهن ڏينهن ۾ راڄن شاهه جو غالباً ڪبير شاهه جي خاندان مان هو. ڄام مير خان جي دعوت تي ٻيلي شهر ويو. اتي نم شاعر سان ملاقات ڪيائين.[200] مختلف سُرن تي مارڪو ڪيائين ۽ بيتن جي ڏي وٺ ٿي.
ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي: (1866-1953ع) سنڌ جو سچو مؤرخ سنڌي، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين جو ماهر انگريزي، پارسي ۽ عربيءَ جو ڄاڻو ويهن ورهين جي عمر ۾ ايڪسائيز کاتي جي نوڪريءَ سان لڳو ۽ اتان انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت هن شروع کان پئي ڪئي.[201] هن هونئن ته ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، پر سندس ”قديم سنڌ“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ٻه اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن تي ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ بلوچستان جا سنڌي محاورا به شامل آهن. جيتوڻيڪ بلوچستان وڃڻ جو سندس ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي. مگر ڀانئجي ٿو ته هي اتان جي ٻولين تي ڪم ڪرڻ وقت ضرور اوڏانهن ويو هوندو، ڇوته اتان جي بلوچي، بروهي ۽ سنڌي محاورن تي ڪجهه لکڻ مان ظاهر آهي ته اتي وڃي ئي مطالعو ڪرڻ بعد ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ کي هن بلوچستان جي نه صرف ڪجهه سنڌي محاورن کان روشناس ڪرايو، بلڪ اتان جي بروهي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين کي به سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو. خاص طور لاسيءَ[202] تي هن ڪافي ڪم ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو.
الهبچايو يارمحمد سمون (1912-1958ع): مرحوم پنهنجي ادبي تخليقن جي ڪري سنڌي ادب ۾ انفرادي حيثيت رکي ٿو. سندس زبانداني، انشاپردازي، طرز تحرير ۽ اسلوب نگارش جو مثال ئي ڪونه ٿو ملي.[203]
”سير ڪوهستان“ سندس لافاني شاهڪار آهي. ان ڪتاب ۾ سندس عبادت آرائي، لفظن جي چونڊ ۽ جڙت، محاورن جي صحت، بندش جي چستي، منظرڪشي ۽ رنگين بيانيءَ جو عظيم مثال آهي. ملير ڳوٺ ضلعي ڪراچيءَ جي سمان خاندان جو هي چشم و چراغ سنڌ سان ملحق بلوچستان جي ڪوهستاني علائقي جو به نفس نفيس دورو ڪري اتان جي رهواسين جي رسم رواج، تهذيب و تمدن، رهڻي ڪهڻي، کاڌ خوراڪ، ايمانداري ۽ مهمان نوازيءَ تي قلم کڻي سنڌي ادب کي سير ڪوهستان جي صورت ۾ هڪ مثالي تحفو پيش ڪيو آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڪورس تي رکيل آهي.
پنهنجي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”مون کي سفر ۾ ڪي ٿورڙا اهڙا ڳوٺ نظر آيا، جتي ويهارو کن جهڳا گڏ اڏيل هئا. ورنه پنجن ڇهن ڪوهن تي ٻه ٻه جهوپڙيون اڏيل ڏٺيون ٿي، ٻيو ٿيو ڀلو ڪي جبل چوٽ تي ڪي اڌو ڪرن ۾ ته ڪي تري ۾ رهيا پيا هئا.“[204]
الهبچايي سمي بلوچستان جي هن ڪوهستان علائقي جي رهڻي ڪهڻيءَ تي قلم کڻي سنڌي ادب ۾ هڪ بيش بها تاليف پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪوهستان جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ جي ڀرپور ترجماني موجود آهي.[205]
رحيمداد مولائي شيدائي: پاڻ 1891ع ۾ شير محمد بروهيءَ جي گهر سکر ۾ پيدا ٿيو. خالد ڪرم مينگل سندس ولادت جو سن 1894ع لکيو آهي.[206] 1939ع ۾ ريلوي ۾ ملازم ٿيو. سندس والد به ريلوي ۾ ملازم هو. 1919ع ۾ شادي ڪيائين. 12 فيبروري 1978ع تي ڪنگز هل سکر ۾ وفات ڪيائين.[207] سندس تخلص ”مولائي شيدائي“ پير علي محمد راشدي ۽ مولانا دين محمد وفائي طرفان رکيو ويو.[208]
پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪيئي ڪتاب لکيائين: ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۽ ”جنت السنڌ“ ٻه اهڙا ڪتاب آهن، جن جي تصنيف سان سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. ان ڪري ڪتابن ۾ سندس حوالا تمام گهڻا هوندا آهن. هن سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي مقالا به لکيا.[209]
بلوچستان بابت سندس سڀ کان اهم ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ آهي، جيڪو هن بلوچستان جي تاريخ تي لکيو، ان کان علاوه ”تاريخ قلات“ به اردو ۾ لکيو، جنهن سبب اڪثر بلوچستان طرف سندس اچ وڃ ٿيندي هئي. اردوءَ کان علاوه هو بروهي زبان ۾ لکندو هو، سندس بروهي زبان جا مقالا هفت روزه ايلم مستونگ ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
بلوچستان جي تاريخ لکي هن سنڌي ادب کي بلوچستان جي تاريخ کان روشناس ڪري وڏي اهميت حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: سنڌ توڙي پاڪستان جو نامور مؤرخ، ليکڪ ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع تي رئيس علي محمد لغاريءَ جي گهر ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفرخان لغاريءَ ۾ پيدا ٿيو.[210] ابتدائي تعليم سنڌ جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو: ”ڊاڪٽر صاحب جو علمي سرگرميون تيز آهن. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ هيءَ ٻي اٿل آهي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جي چاليهن جلدن جا مرتب آهن، شاهه عنايت، خليفي نبي بخش، لطف الله قادري ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام مرتب ڪري مڪمل مقدمن سان شايع ڪيو اٿن. ٻيلي جي شاعريءَ تي پنهنجي تصنيف ”ٻيلاين جا ٻول“ جو ٻيو سڌاريل ڇاپو شايع ڪيو اٿن.“[211]
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1951ع ۾ پڌرو ٿيو. پاڻ هي ڪتاب وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ تيار ڪيو. جون 1946ع ۾ لسٻيلي جي شهر اٿل وڃي اتان جي شاعرن ۽ سگهڙن مان شيخ سائينداد، شيخ الهڏني، عزيز ٻڍڙي ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيائين. ٻيلي جي نامور شاعر شيخ ابراهيم ۽ سنڌ جي شاعر ڪبيرشاهه جي مارڪن جا بيت هٿ ڪري، ان ڪتاب ۾ قلمبند ڪيائين. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام هٿ ڪيائين. سندس هن ڪاوش سنڌي ادب کي بلوچستان جي لاسي محاوري کان متعارف ڪيو.[212]
پهلوان فقير (1303-1385 هجري): پهلوان فقير جيڪب آباد جي ويجهي ڳوٺ جانيديري ۾ 1303 هجريءَ ڌاري ٻڍي فقير ڊومڪي بلوچ جي گهر ڄائو. سندس والد ”پهلوان“ نالو رکيو. پاڻ اهل الله ۽ بزرگ شخص هو. 35 سالن جي عمر ۾ ڪامل پير کان تلقين وٺڻ جو کيس شوق پيدا ٿيو. سندس نظر فتح پور شريف واري بزرگ درويش ۽ صوفي شاعر سيد رکيل شاهه جو انتخاب ڪيو.[213] جيڪو بعد ۾ سندس روحاني پيشوا ۽ استاد ٿيو. سندس روح رهاڻين کيس شاعر به بڻائي ڇڏيو. اڪثر سندس روحاني ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون.[214]
سيد رکيل شاهه پنهنجن هٿن سان سندس دستاربندي ڪئي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ بلوچيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. سندس ڪلام جو ديوان ”دعوت العشق“ ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ شايع ٿيو. پنهنجي مرشد سيد رکيل شاهه جي سخت بيماريءَ جو احوال ٻڌي بيمار ٿي پيو ۽ 6 جمادي الثاني 1358 ۾ هي فاني دنيا ڇڏيائين.
فيض محمد بروهي: هو محمد پور اڍو تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد جو رهواسي هو. سنڌي ۽ بروهي زبانن ۾ شاعري ڪندو هو. ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين. سنڌي ۽ بروهي زبان ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيائين. 3 جون 1981ع تي پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.[215]
عبدالڪريم ”تراب“ بروهي : 15 جنوري 1913ع، لاڙڪاڻي ۾ مير شادي خان مينگل بروهي جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. سنڌي، سرائيڪي، اردو، بلوچي، فارسي ۽ بروهي زبانن ۾ نظم ۽ نثر نويسي ڪري ٿو.[216] ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جي ڪيترن ئي مشاعرن ۽ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ ”ڪنوار جو آئينو“ ڪتاب ڇپيل اٿس، جيڪو ترجمو آهي. بروهي زبان ۾ ڪافي ڪتاب لکيا اٿائين، پر شايع ڪونه ٿي سگهيا آهن.
جوهر بروهي: 29 جنوري 1950ع ۾ عبدالڪريم ”ذبيح“ بروهيءَ جي گهر فريدآباد تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. سندس نالو عبدالقيوم ۽ تخلص ”جوهر“ آهي. سنڌي، بروهي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ۽ نثر نويسي ڪري ٿو. فريدآباد ۾ بروهي پبليڪيشن نالي هڪ ادارو قائم ڪيو اٿس، جتان ”سنگت“ ڪتابي سلسلي جا اٽڪل 18 ڪتاب بروهي زبان ۾ شايع ڪيا اٿس.[217] ڪوئيٽا ۽ خضدار ريڊيو ۽ ٽي. وي اسٽيشن جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيو آهي.
حڪيم گلاب خان ”مهجور“: 20 جولاءِ 1934ع تي بروهي خاندان جي هڪ فرد ميرگل خان پندراڻيءَ جي گهر محمد پور اڍو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. خانگي طور حڪمت ڪندو آهي. معروف مورخ ۽ ليکڪ مرحوم مولائي شيدائيءَ جي رهنمائيءَ ۾ نظم ۽ نثر به لکڻ شروع ڪيائين. سنڌي، بروهي ۽ اردو زبانن ۾ لکي ٿو.[218] ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جي شاعرن ۾ شريڪ ٿيو آهي. ’بزم مولائي شيدائي‘ محمد پور اڍو ضلعي جيڪب آباد جو سرپرست ۽ روح روان آهي، جنهن پاران ”پندراڻ نامه“ ڪتاب شايع ڪرايو اٿس.
احسن خاراني: عبدالغفور ولد شير محمد خاراني بروهي 29 مارچ 1941ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيائين. سنڌي، بروهي ۽ بلوچيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس بروهي ۽ بلوچي ٻولين جا ٽي غزلن جا غنچا ”ديوان احسن“، ”جذبات احسن“ ۽ ”گلدسته عبدالغفور“[219] ڪوئيٽا مان شايع ٿيل آهن. ”احسن“ سندس تخلص هو. شهدادڪوٽ ۾ بروهي سنڌي ادب سنگت جو قيام عمل ۾ آندائين. ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو. 4 فيبروري 1983ع تي مالي مشڪلاتن کان مجبور ٿي بندوق جي فائر سان پنهنجو انت آندائين.[220]
عزيز الله ”عزيز“ بروهي: پاڻ 1 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رسول بخش بروهي تعلقي ڳڙهي خيري ضلعي جيڪب آباد ۾ مولانا عبدالحڪيم پندراڻيءَ جي گهر ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي ڪري سائنس ٽيچر مقرر ٿيو.[221] 1974ع کان سنڌي ۽ بروهي زبانن ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ تمام تيزيءَ سان نالي وارو ليکڪ ليکجڻ ۾ آيو. نثر توڙي نظم به لکي ٿو. بزم مولائي شيدائي محمد پور اڍو طرفان سندس سنڌي ڪتاب ”قدرت جون سائنسي ڪاريگريون“1981ع ۾ شايع ٿيو. راقم جي معاونت سان 1983ع کان ڪپوت نالي هڪ ڇهه ماهي ڪتابي سلسلو بزم مولائي شيدائي محمد پور اڍو طرفان شروع ڪيائين، جيڪو بروهي زبان ۾ آهي، ڪوئيٽا جي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ اسٽيشن جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿئي ٿو. 1980ع کان ڪيترائي دفعا براهوي آرٽس اڪيڊمي ڪوئيٽا ۽ براهوئي ادبي سوسائٽي ڪوئيٽا طرفان محترم جوهر بروهي، حڪيم گلاب خان مهجور ۽ راقم سان گڏجي سنڌي ۽ براهوي زبانن جي گڏيل مشاعرن ۽ محفل موسيقيءَ ۾ شريڪ ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ کان ڊاڪٽر ادل سومرو، خالد آزاد، امان شيخ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر بلوچستان جي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا رهن ٿا.
ثقافتي ناتا:
اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته نه صرف سبيءَ جو خطو بلڪ پورو بلوچستان صوبو قنڌار سميت قديم سنڌ ۾ شامل هوندو هو، جنهن سبب ان علائقي جي ثقافت تي سنڌي ثقافت جو اثر ٿيڻ لازمي امر آهي. اهوئي سبب آهي جو هن علائقي ۾ اچڻ وارو ڪڏهن به اهو محسوس ڪري ڪونه سگهندو ته ڪو هي علائقو غير سنڌي آهي، ڇوته هر طرف سنڌي ثقافت نمايان پئي نظر ايندي.
مهرڳڙهه جي کوٽائيءَ مان سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن جو اندازو اتان مليل شين جي ڏسڻ سان ٿي سگهي ٿو. موهن جو دڙو ۽ مهرڳڙهه جون تهذيبون هڪ ئي تمدن سان تعلق رکن ٿيون. هن خطي جا ماڻهو صاف سٿري زندگي گذاريندا هئا. لطافت ۽ شائستگيءَ مان سندن هڪ ئي ثقافت جا اهڃاڻ ملن ٿا. ٺڪر، ٽامي ۽ جست جا ٿانوَ، آئينه، بڪل، زيور ۽ ٻيون سينگار جون شيون، تفريح وندر، مڇيءَ جو شڪار ۽ ناچ گانن جي شوق واريون خوبيون ٻنهي خطن جي ثقافتي لاڳاپن سان تعلق رکن ٿيون.
سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جو سنڌ جي اولهه وارن علائقن خاص طور پاڪستان جي مغربي سرحدن سان لاڳو ملڪن جي تهذيب سان گهرو تعلق هجڻ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇوته هي علائقو هڪ ئي قديم تهذيب جو اهم حصو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ محمد ادريس صديقي لکي ٿو:
”بلوچستان انهن ايراضين جي وچ ۾ واقع هجڻ سبب هن تهذيب جي گويا هڪ ڳانڍاپي جي حيثيت رکي ٿو ۽ اتر ۽ ڏکڻ بلوچستان جي پهاڙي علائقن ۾ سر آريوال اسٽائين ۽ هارگيوز 1922ع ۾ ٽال بلوچستان وٽ هڪ قبرستان دريافت ڪيو ۽ سر آريوال اسٽائين 1928ع ۾ گهڻيون مکيه جايون ڳولي لڌيون، جن ۾ ستگاجن دؤر شاهي تمب، ماهي ندر، ڊبرڪوٽ، پيراڻو، گندئي مغل، گندئي شور ۽ جنگل قابل ذڪر آهن.[222]
هو وڌيڪ لکي ٿو ته، قديم دور ۾ اتر ايران ۽ اولهه افغانستان بولان لڪ جي ذريعي سنڌو ماٿريءَ سان مليل جليل هئا. انهن علائقن ۾ ٽامو ڳاريو ويندو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اتفاقي طور ٽامي ۽ ٽين جي ملاوٽ ڪچي ڌاتو پگهارڻ سان ڪٺ جو پتو پوي ۽ اها دريافت بولان لڪ جي ذريعي سنڌو ماٿريءَ ۾ آندي ويئي. هن سلسلي ۾ هي ڳالهه وڏي اهميت رکي ٿي. سنڌو ماٿريءَ مان هٿ آيل چاقو، خنجر ۽ سوسا، آناوا مان هٿ آيل ڳچ چاقو خنجرن سان وڏي مشابهت رکن ٿا.“[223]
هوڏانهن آمري دڙي مان لڌل مٽيءَ جا برتن بلوچستان جي مٽيءَ وارن ٿانوَن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. موهن جي دڙي واري دؤر ۾ به عربن جي دؤر جا سنڌ ۽ بلوچستان جي نال ڪلي، شاهي تمپ (مڪران)، ڊبرڪوٽ ۽ آمريءَ مان هڪجهڙا برتن هٿ آيا آهن.[224] هي حقيقت ٻنهي خطن جي پاڻ ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي ميل جول جو واضح ثبوت آهي.
رشتيداريون: سنڌ ۽ بلوچستان جي ثقافتي ناتن تي اسان جڏهن گهري نظر وجهون ٿا ته سسئي پنهونءَ جو قصو اسان کي نمايان نظر اچي ٿو. بلوچستان جي هڪ شهزادي جو سنڌ جي هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ڪري هميشه لاءِ سنڌ کي پنهنجو وطن بڻائي ويهڻ وارا اهڃاڻ پڻ آڳاٽي دؤر جا يادگار ثقافتي لاڳاپن جي حيثيت رکن ٿا.
جڏهن بلوچ قبيلن ۽ سنڌ جي ٻين قبيلن جي وچ ۾ مشترڪه رهڻي ڪهڻيءَ جا بنياد پيا ۽ جڏهن کان بلوچ قبيلا سنڌ ۾ آيا ته هميشه لاءِ سنڌي ٿي ويهي رهيا. سنڌ ۽ بلوچستان جي قبيلن جو پاڻ ۾ ميلاپ ۽ مشترڪه ثقافت جو هي اوائلي باب هو. جنهن جي اثر هيٺ ايندڙ صدين ۾ ”سنڌي بلوچ“ قبيلن جي فردن پاڻ کي سومرو خان، دودو خان، چنيسر خان، ننگر خان، لاکو خان، سهڻو خان، ٺڪر خان، سمو خان ۽ تماچي خان سڏيو ته سنڌ جي ڪن ٻين قبيلن جي فردن پاڻ کي آري، آريسر، پنهون، چنو، هوت، حمر (حمل) بلوچ خان، بلوچو، ٻاروچو، چاڪر ۽ گهرام وغيره سڏايو.[225]
ٽالپرن جي دؤر ۾ خان خداداد خان قلات جهالاوان جي سرداريءَ جي دعويدار سردار نورالدين مينگل کي قتل ڪرايو هو، جنهن جي لسٻيلي وارن ڄامن سان قديم زماني کان رشتيداري هئي. اها رشتيداري هن طرح شروع ٿي جو قديم زماني کان ڀوت ان علائقي ۾ وڏي نالي واري قوم ليکي ويندي هئي، جنهن پوءِ ڀوتاڻي سردار خيل جي حيثيت اختيار ڪئي. سردار ڀوتاڻي کي ٻه نياڻيون هيون، جنهن مان هڪ سنڌ جي مير علي مراد خان ٽالپور کي ڏنل هئي ۽ ٻي نورالدين مينگل جي خاندان مان مير ولي محمد شاهيزئي کي ڏنل هئي. مير علي مراد خان ٽالپور جي ڌيءَ ڄام ميرخان لسٻيلي واري جي والده هئي.[226]
اهڙيءَ طرح ميرن مان مير غلام علي خان ٽالپور قلات جي مير محمد نصير خان جي ڀائٽي سان وڏي ڌام ڌوم سان ڀاڳ ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.[227]
راڳ رهاڻ: راڳ رهاڻ جون محفلون انسان لاءِ روحاني غذا جي حيثيت رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو قديم زماني کان راڳ رهاڻ جون محفلون اڪثر سنڌ ۽ بلوچستان جي ثقافتي ناتن جو اهم سبب رهيون آهن. هي محفلون ميلن ملاکڙن کان علاوه شادين براتين ۽ درگاهن تي عام جام ٿين ٿيون.
سماع جون محفلون صوفين لاءِ روحاني غذا جي حيثيت رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو سمن ۽ ارغونن جي دؤر ۾ اهڙين محفلن زور ورتو.[228] ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ بيت گهڻي انداز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي خطن ۾ ڳائجڻ ۾ آيون.[229] جن کي ماڻهن وڏي اتساهه سان پسند ڪيو.[230] ان موقعي تي يڪتارو، سرندو، نڙ، بين، مرلي، دلو، طبلو، دهل، ڍولڪ، چنگ، رباب ۽ شرنائي ٻنهي علائقن جا مقبول ترين ساز بڻيا ۽ وڏي شوق سان ٻڌجڻ ۾ آيا.
درگاهن تي سماع جون وڏيون محفلون لڳڻ شروع ٿيون ۽ شاهه لطيف جون ڪافيون محفلن جو روح بڻجي ويون. ايتري تائين جو ٻنهي علائقن ۾ شاهه لطيف سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جو روح ليکجڻ ۾ آيو. سنڌ جي اهڙين محفلن ۾ ريڊيو اسٽيشن ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين سنڌي فنڪار پيدا ٿيا. ٻنهي علائقن جا فنڪار اڪثر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ثقافتي ناتن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ استاد اميد علي خان نه صرف سنڌ ۾ بلڪ بلوچستان ۽ ٻاهرين ملڪن افغانستان ۽ يورپ ۾ به پنهنجي فن جو جادو جڳايو، ان ڪري رياست جهل مگسيءَ جو نواب سيف الله خان مگسي، پير نجم الدين گيلاني (ڪوئيٽا وارو) سندس راڳ جا وڏا مداح هئا ۽ اڪثر ساڻس محفلون ڪندا هئا.[231]
استاد ارباب خان کوسو هن خطي جو اهو اهم فنڪار هو، جنهن سنڌ جي سياسي رهنمائن جي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو. اهڙن رهنمائن ۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو شامل آهن. ارباب خان کوسي 1958ع ۾ ڳوٺ ڊگهي تعلقي جهٽ پٽ بلوچستان کان هلي جيڪب آباد سنڌ ۾ ارباب آرٽس اڪيڊمي نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن ۾ پوري سنڌ، بلوچستان مان سوين شاگرد اچي فن موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪن ٿا، جن مان ڪجهه فنڪار ٻنهي علائقن ۾ يڪسان مقبوليت رکن ٿا، جن ۾ رحيم ناز، بشير احمد، جمال شاهه، محمد صالح تنيو، ابراهيم شاهه ڪهيري، حاجي خان ۽ عمر شاد بلوچستان مان ۽ لوڪ ڊانسر قنبر بروهي، نجف علي، خادم ديوانو، عبدالرزاق جمالي ۽ فياض احمد سنڌ مان وڏي مقبوليت جا مالڪ آهن، جيڪي ٻنهي علائقن جي ٽي. ويءَ ۽ ريڊيو اسٽيشن کان علاوه درگاهن ۽ ٻين نجي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهن ٿا.[232]
مشهور طبلي نواز استاد امام بخش خان (پيرني، ڪوئيٽا واري) طبلي جو فن جيڪب آباد ۾ آندو.[233] جنهن سبب هن خطي ۾ معروف فنڪار پيدا ٿيا، جيڪي ٻنهي علائقن ۾ مقبول آهن.
پوشاڪ: هن خطي جي قديم زماني کان سنڌ سان وابستگيءَ سبب ظاهر آهي ته لباس به هڪجهڙائي هوندا. ڪاڪو ڀيرومل ان بابت لکي ٿو ته، سنڌ جي روماسا بابت هڪ راڳ ۾ تُڪ چيل آهي ته هڪ لڱا هو نئين قسم جو لباس پهري چوڻ لڳي ته هاڻ مان قنڌارڻ لڳان ٿي. ان وقت قنڌار پرڳڻو گندار نالي هڪ هندو جي گورنريءَ ۾ هو. ظاهر آهي ته قديم زماني کان سنڌ ۽ قنڌار وارن جي پاڻ ۾ گهڻي لهه وچڙ رهي هوندي.[234]
سنسڪرت ۾ ”آج“ معنيٰ ٻڪر (آجا معنيٰ ٻڪري) ۽ آجين واس معنيٰ ٻڪري جي کل سان ڍڪيل يا ٻڪريءَ جي کل پهريل (ماڻهو). اها سنڌو ماڻهن جي آڳاٽي پوشاڪ هئي. افغانستان، بلوچستان ۽ ٿٻيٽ جا رهاڪو اڄ تائين کلن جا ٺهيل پوستين ۽ اوني ڪپڙو ڍڪين ٿا.[235]
هن خطي جا ماڻهو سنڌ جي رهواسين وانگر هوند آهر لباس پائين ٿا. وائل جا ڦيڙها، ڪمرڪ يا بافتي جون سٿڻون ۽ قميصون ٻهراڙيءَ ۾ عام جام استعمال ٿين. اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپي وڏي شوق ۽ چاهه سان ڪم آڻين. اجرڪون اڪثر ڪلهن تي رکن.[236] عورتون ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڇيٽ استعمال ڪن. ٻيا رنگ به ڪم آڻين ٿيون. قميصون اڪثر گگهن جي صورت ۾ استعمال ڪن ٿيون، جيڪي وڏا ۽ ويڪرين ٻانهن سان هوندا آهن.[237]
خطي جي پوشاڪ سنڌ سان ايتري مشابهت رکي ٿي، جو جهل مگسيءَ جا نواب جيڪي ڪلهوڙن جا مريد هئا، سي پنهنجي پوشاڪ ڪلهوڙن جهڙي پائيندا هئا. مگسي اصل ۾ ڄام نندي جي اولاد مان آهن.[238]
بلوچ، بروهي ۽ پٺاڻ عورتون پنهنجي پنهنجي طريقي سان گگها تيار ڪري استعمال ڪن ٿيون. چولن جون ٻانهون سوڙهيون ڪرائي پائين. بلوچستان جي سماٽ جون عورتون به ان طرح جا گگها پائين.[239]
انگوڇي ۽ لانڪ جو رواج هيٺين علائقن ۾ موجود آهي، جڏهن ته مٿئين علائقن ۾ لانڪ بلڪل ڪونه استعمال ٿئي.
زيور: موهن جي دڙي توڙي رگ ويد واري زماني ۾ زالون ۽ مرد عام طرح زيور پائيندا هئا. اڄ به ڪيترا ڪڇي، مارواڙي ۽ ٻيا مرد ڳچيءَ ۾ چانديءَ ۽ سون جي هسي، ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون ۽ ٻانهن ۾ پٽو پائين. منڊين ۽ ڇلن جو رواج ڀائيبندن ۾ عام هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.[240]
اوڏن جون عورتون عاج جون چوڙيون ۽ ٻانهون استعمال ڪن ٿيون. هي قديم سنڌ جو رواج آهي.[241] سنڌ جي سماٽ جي عورتن ۾ به پائڻ جو رواج عام هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي.
موجوده دؤر ۾ عورتون سنڌين وانگر زيور پائڻ جون شوقين آهن. منڊيون، ڪنگڻ، هسيون، ويڙهه، هار، پازيب، ڇير، چوٽيون، ڦل، چوڙا، نٿ، بولا ۽ گج عام جام استعمال ڪن ٿيون.[242]
ماڻهن کان علاوه قديم زماني وانگر جانورن مثلاً: گهوڙن، مينهن، اٺن، ڏاندن ۽ ٻڪرين کي به هار، مڻڪا ۽ موتي پارايا وڃن ٿا.[243]
قديم زماني جي زيورن بابت مولائي شيدائي لکي ٿو: مرد ۽ عورتون زيور عام جام پائيندا هئا. جيئن ته هسي، ٻانهين، بازوبند، منڊيون وغيره. مردن کان سواءِ زالون هيٺيان زيور پائينديون هيون، منگليون، پازيب ۽ پَنڙا. ڪي زالون ٺونٺ کان وٺي ڪلهي تائين ٻانهين چاڙهينديون هيون. هيرن ۽ جواهرن هٿ لڳڻ مان اها مراد آهي ته ماڻهو قيمتي پٿر به زيورن طور ڪم آڻيندا هئا. يونانين ۽ عربن سنڌي مردن جي ڪنن ۾ سچن موتين جا والا پيل ڏٺا هئا. اميراڻي طبقي جا مرد به زيور پائيندا هئا.[244]
قديم زماني جي ان رسم کي جاري رکندي، بلوچستان جي هن خطي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جا مرد اڄ به ڪنن ۾ واليون هٿن ۾ منڊيون ۽ ڪڙا پائين ٿا. ان کان علاوه ڳچيءَ ۾ مڻڪن جا هار به پائين. درگاهن تي اڪثر اهڙي قسم جا ماڻهو نظر ايندا آهن.
رانديون ۽ وندر: خطي جا ماڻهو سنڌ جي ماڻهن وانگر مختلف قسمن جي راندين جا شوقين آهن، جيڪي منجهن قديم زماني کان مروج آهن. ميلن ملاکڙن کان علاوه ٻين خوشين جي موقعن تي گهوڙا ڊوڙ ٻين جانورن جي ڊوڙ ۽ نشانه بازي سندن اهم وندر جي حيثيت رکي ٿي.[245] ڪڪڙين جا آنا اوٻاري پاڻ ۾ ويڙهائڻ سندن اهم مشغلو آهي. ملهه، ڪشتي، ڪوڏي ڪوڏي سندن پراڻيون رانديون آهن. عالمن جي تحقيق موجب ملهه، موهن جي دڙي واري دؤر ۾ به کيڏي ويندي هئي.[246] هي راند نه صرف سنڌ ۽ بلوچستان بلڪه پنجاب جي بهاولپور ۽ مختلف تبديلين سان افغانستان ۽ روس ۾ به کيڏي وڃي ٿي.[247] انهيءَ کان ٿوري مختلف طريقي سان ڪرغستان، ازبڪستان ۽ جپان ۾ به ملهه کيڏي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ ڀٽ شاهه، قلندر شهباز، سچل سرمست، شاهه صدرالدين، عمر پيراڻي پور، دولهه نظر محمد شاهه ڦلڪارا، گل غيبي، غلام شاهه، شاهه ديوانو، گاجي شاهه، شاهه حسين، شاهه گودڙيو، ميهر شاهه، سمن سرڪار، ساجن سوائي، حسن بخش شاهه ڊٺڙو شريف، شاهه قادري، پير پٺو، مغل ڀين[248] کان علاوه بلوچستان ۾ فتح پور ۾ سيد رکيل شاهه، صحبت پور ۾ مولوي قادر بخش گولو، گنداواهه ۾ فيضل فقير ۽ پير حسن حب ندي جا اهم ميلا به لڳن ٿا، جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل سنڌي رانديون ڪرايون وڃن ٿيون.
خطي جا ماڻهو سنڌ وانگر ملهه کان علاوه ٻلهاڙو، نَوَ ٽڻ، ڇهه ٽڻ، شينهن چمبو ۽ ونجهوٽي عام جام ڪن، ٻارن ۾ بلورن، لاٽن، ڏيٽي ڏڪر،[249] ڏاڪي چم چلهر،[250] سَٽ ڪُٽ عام رانديون آهن. تتر، تلور، چڪور، سهو، هرڻ، گڊا، سها ۽ مڇين جو شڪار پڻ ڪيو وڃي ٿو. پهاڙي علائقن ۾ چراغ جو به شڪار ٿئي ٿو.
ناچ: سنڌ ۾ ناچ جو رواج اسلام کان اڳ جو آهي، ڇوته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ جي سمن واري حدن ۾ داخل ٿيو، تڏهن اتان جا ماڻهو سندس استقبال لاءِ نچندا ڪڏندا ۽ ٽپندا آيا.[251] قديم وابستگيءَ سبب شيدين، بروهين، بلوچن ۽ ٻين قومن جي اچڻ ڪري همبوڇيون ۽ ڏانڊيا ناچ به سنڌ ۾ رائج ٿيا.[252]
ناچ خطي وارن جي پسنديده وندر آهي. شادين مرادين جي موقعن تي خطي جا بروهي لنگها شرنائين جي ڌن تي نه صرف ڳائين بلڪ دهلن سميت پاڻ به مختلف قسمن جا ناچ ڪن ٿا، جن کي پسند ڪندي سنڌ جي اترين علائقن جا ماڻهو انهن کي پنهنجن خوشين جي موقعي تي به آڻين ٿا.
[1] خان ايف اي، ”رپورٽ آف دي ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي“، ڊيلي ڊان ڪراچي، پاڪستان ڊي نمبر، 23 مارچ، 1959ع، ص 3.
[2] انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا، واليوم 7، انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا لميٽيڊ لنڊن، 1960ع، ص 59.
[3] هيگ ايم آر، ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ڪيگان پاؤل، لنڊن، 1894ع، ص 12-21.
[4] ايضاً.
[5] ايضاً.
[6] ريپسن اي جي، ”دي ڪيمبريج هسٽري آف انڊيا“، چاند ائنڊ ڪو فائونٽين، دهلي، 1950ع، ص341.
[7] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچ سيريز نمبر1، سکر 1941ع، ص 26.
[8] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 70.
[9] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 15-378.
[10] ”بلوچستان ٿرو دي ايجز“ گزيٽيئر، 1901ع، ص 181.
[11] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 74-107.
[12] بلوچستان ٿرو دي ايجز، 1901ع، ص 181 ۽ ڏسو ڊسٽرڪٽ سينسر گزيٽيئر مڪران ۽ فاران ڊسٽرڪٽس بامبي دي ٽائيم پريس، 1907ع، ص 60.
[13] علي ڪوفي، ”چچ نامو“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1953ع، ص 68.
[14] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 215.
[15] ايضاً، ص 236.
[16] جي ٽاڊ، ”دي ائنلس ائنڊ ائنٽيڪيو ٽيز آف راجسٿان“، واليوم 1، ڪلڪتا، 1894ع، ص239.
[17] آر. ايڇ. هيوگز بيولر، ”امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا“ واليوم 1، بلوچستان سيريز ڪلڪتا، 1908ع، ص 165.
[18] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 313.
[19] خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1959ع، ص 65.
[20] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 345-347 ۽ پڻ ڏسو مير گل خان نصير جو ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ اقبال اسٽيشنري مارٽ ڪوئيٽا، 1952ع، ص 20
[21] ايضاً، ص 354.
[22] ايم ايل ڊيمز، ”پاپولر پوئٽري آف بلوچ“، دي ٿري ييئرس وار لنڊن، 1907ع، ص 23.
[23] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 354.
[24] بگٽي قربان علي، ”مير چاڪر خان رند“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، مارچ 1982ع، ص 48.
[25] نذير احمد شاهه، ”سبي تاريخ ڪي آئيني ۾“، ماهوار زينه ڪوئيٽا، جنوري- فيبروري 1989ع، ص 41.
[26] سيد مير محمد بن سيد جلال تتوي، ”ترخان نامه“، تصحيح و حواشي: سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 14.
[27] مير معصوم بکري، تاريخ معصومي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1953ع، ص 125.
[28] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 384.
[29] اعجازالحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“، جلد ٻيو، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1974ع، ص 412.
[30] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڊسمبر 1981ع، ص 263.
[31] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، ڇاپو ٻيو، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1973ع، ص13.
[32] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 462.
[33] ايضاً، 522.
[34] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڊسمبر، 1981ع، ص 27.
[35] غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور حصو ڇهون، جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌي ترجمو، 1964ع، ص 842.
[36] مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڊسمبر 1988ع، ص 263.
[37] ايضاً، ص 264.
[38] مهر غلام رسول، ”تاريخ ڪلهوڙا“، حصو پهريون، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1974ع، ص 412.
[39] رحيمداد شيدائي مولائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 586.
[40] ايضاً، ص 587.
[41] ايضاً، ص 618.
[42] اي ڊبليو هيوجس، ”بلوچستان“، لنڊن، 1877ع، ص 90-91.
[43] قليچ بيگ فريدون بيگ، ”هسٽري آف سنڌ“، دي چچنامه ڪراچي، واليوم-2، 1900ع، ص210.
[44] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 341ع، ڇاپو ٻيو.
[45] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 714.
[46] قريشي عبدالرزاق، ”مشاهير جيڪب آباد“، شاهين بوڪ ڊيپو، جيڪب آباد، 1973ع، ص 6.
[47] خان قلات جي وزير جي عهدي جو نالو آهي.
[48] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچ اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 361.
[49] ايضاً، ص 626.
[50] سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر، ”جيڪب آباد جي تاريخ تي هڪ نظر“، مخزن حقيقت جو هار، سنڌ هارس ائنڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1987ع، ص 16.
[51] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1973ع، ص 364.
[52] لالا هيتو رام ،”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1973ع، ص 683.
[53] رامچند ايس کتري، ”شري هنگلاج جي ياترا“، اڇي قبر رامپارٽ روڊ ڪراچي، 73-1974ع، ص 177.
[54] ايضاً،
[55] ڊسٽرڪٽ سينسس رپورٽ آف مڪران، ڊسٽرڪٽ 1961ع، ص 1-14.
[56] ايضاً.ص 1-14.
[57] ايضاً.
[58] بلوچ، ملڪ محمد سعيد، ”بلوچستان ماقبل تاريخ“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1971ع، ص161.
[59] ايضاً
[60] هولڊچ، ”دي جتس آف انڊيا“، اي هسٽاريڪل نيريٽو لنڊن، 1910ع، ص 289.
[61] سجرڊ ويسٽپال هيلبش، ”دي جت آف پاڪستان“، ڊانڪرائنڊ هيمبلاٽ برلن، 1964ع، ص10-106.
[62] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سسئي پنهون“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 5-27.
[63] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 579.
[64] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 431.
[65] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 85.
[66] ايڇ. ٽي سورلي، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، همغري ملفورڊ لنڊن، 1940ع، ص 75.
[67] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، 1959ع، ص 389.
[68] ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”حقيقت جو هار“، مخزن سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1987ع، ص 8.
[69] ايس. پي ڇٻلاڻي، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، مترجم: سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي ۽ حيدرآباد، 1958ع، ص 143.
[70] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1973ع، ص 601.
[71] ايضاً.
[72] ايس. پي ڇٻلاڻي، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، مترجم: سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڪراچي، 1958ع، ص 16.
[73] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 136.
[74] ايس. پي ڇٻلاڻي، ڊاڪٽر، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، مترجم: سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڪراچي، 1958ع، ص 154.
[75] سمو الهه بچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو پنجون، 1971ع، ص 20.
[76] ايضاً
[77] ايضاً، 22.
[78] عبدالغفور، ”هِلار“ ماهوار اولس ڪوئيٽا، جنوري- فيبروري 1987ع، ص 45.
[79] رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 559.
[80] صديقي، نذير احمد، پروفيسر، ”شڪارپور جو مختصر اقتصادي جائزو“، شڪارپور ماضي ۽ حال جشن شڪارپور، پبليڪيشن ڪاميٽي شڪارپور، 1984ع، ص 257.
[81] ايضاً، 258.
[82] انصاري الهه جڙيو، ”ٽالپورن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو واپار“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، مارچ 1986ع، ص 17.
[83] ايضاً، ص 21.
[84] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 192.
[85] انور رومان، پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل- گزيٽيئر“ حصو ٻيو، بينظير انٽر پرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 318.
[86] ڪريم بخش خالد، ”سکر سونهارو“، ماهوار پيغام، ڪراچي، فيبروري- مارچ 1982ع، ص11.
[87] انور رومان، پروفيسر، ”بلوچستان ڪي قبائل“، گزيٽيئر ترجمو، حصو اول بينظير انٽرپرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص 129.
[88] بشير احمد بهار، ”مير جعفر خان جمالي“، سبد گل مخزن، ڊگري ڪاليج اوسته محمد، بلوچستان، 85-1986ع، ص 47.
[89] بشير احمد وارثي ،”تذڪره مگسي معه تاريخ“، مدير رهبر سنڌ، رتو ديرو ، 1957ع، ص 47.
[90] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 467.
[91] هينري پاٽينجر ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1986ع، ص 19.
[92] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 385.
[93] يوري گنڪو فسڪي، ”پاڪستان جون قومون“، اردو ترجمو، مرزا اشفاق بيگ، دارالاشاعت ماسڪو، 1974ع، ص 200.
[94] هينري پاٽينجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 302.
[95] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد، جلد ٽيون،، 53-1952ع، ص 113.
[96] ٻوهيو الهداد، ڊاڪٽر، ”ادب جا فڪري محرڪ“، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1984ع، ص 25.
[97] سڌايو، غلام نبي صابر، ”جيڪب آباد قديم جديد“، مخزن سنڌ هارس ائنڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1984ع، ص 10.
[98] سدا رنگاڻي ايڇ. آءِ، ”پرشن پوئيٽس آف سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1966ع، ص 6.
[99] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 176.
[100] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1980ع، ص 128.
[101] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1980ع، ص 146.
[102] ايضاً، ص 223
[103] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، ڇاپو ٻيو، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1970ع، ص13.
[104] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1980ع، ص 252.
[105] عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تهذيبي ۽ تاريخي عمل جي روشنيءَ ۾ جائزو“، مقالا، بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1988ع، ص84.
[106] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص83.
[107] ايضاً.
[108] ايضاً، ص 84.
[109] ايضاً، ص 102.
[110] ايضاً.
[111] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص293.
[112] ايضاً، ص 321.
[113] ايضاً
[114] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، جلد اول، آر. ايم احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1963ع، ص 213 ۽ پڻ ڏسو سيد فياض محمود مزيد خاص تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪ و هند، جلد تيرهون، پنجاب يونيورسٽي لاهور، 1971ع، ص 500.
[115] لطف الله بدوي، تذڪره لطفي، حصو ٻيو، آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، 56-1955ع، ص 31-130.
[116] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1976ع، ص 45.
[117] سومرو، عبدالخالق، ”راز“ ڊاڪٽر، ”شڪارپور ماضي ۽ حال“، جشن شڪارپور پبليڪيشن ڪاميٽي شڪارپور، 1984ع، ص 145.
[118] مولانا، غلام مصطفيٰ قاسمي، ”الرحيم مشاهير نمبر“، شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد، ¾، 1967ع، ص 152.
[119] ڊاڪٽر تنوير عباسي، مرتب: ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1983ع، ص 21 ۽ ڏسو قاضي علي اڪبر درازيءَ جو ڪتاب ”دولهه درازي“، سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي، خيرپور، سال ۽ ص 72-82.
[120] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، حصه اول، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، 52-1953ع، ص 194.
[121] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”ياد رفتگان“، هالا نوان، ڇاپو پهريون، 1953ع، ص 12.
[122] بروهي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر، ”بروهي ادب ۽ زبان جي مختصر تاريخ“، اردو بورڊ، لاهور، 1982ع، ص 120.
[123] پروفيسر، عبدالرزاق صابر، ”ڪلام تاجل“، بروهي ادبي سوسائٽي ڪوئيٽا، 1988ع، ص 14.
[124] ايضاً، ص 21.
[125] ايضاً، ص 29.
[126] ايضاً، ص 18.
[127] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”يادِ رفتگان“، هالا نوان، ڇاپو پهريون، 1953ع، ص 15.
[128] جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1980ع، ص 122.
[129] شعبان بخت، ”شمس الدين بلبل“، ماهوار پيغام، ڪراچي، آڪٽوبر- نومبر، 1984ع، ص 64.
[130] ملڪاڻي، منگهارام پروفيسر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع، ص 254.
[131] نٿر لوڪومل، مرتب: ”بحرالعشق“، صوفي رکيل شاهه جو رسالو ٽيڪنيڪل پرنٽرز، ڪراچي، ڇاپو ٽيون، 1968ع، ص درج نه آهي.
[132] ايضاً.
[133] مگسي، حماد الله مقالو، ”پهلوان فقير“، ماهوار اولس (بلوچي) ڪوئيٽا، آگسٽ 1988ع، ص30.
[134] عبدالرحمان، غور، ”صوفي رکيل شاهه“، شخصيت نمبر، ماهوار معلم اداره ادب ڪوئيٽا، 1957ع.
[135] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص 211.
[136] گولو، احمد خان مولوي، ”گلزار ڪاپاري“، سجاده نشين، عاشق آباد، صحبت پور سال درج نه آهي. ص 7.
[137] ايضاً، ص 4.
[138] احمد علي شاهه، ”مولوي قادربخش گولو“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، آڪٽوبر- نومبر 1984ع، ص 56.
[139] سڌايو، غلام نبي صابر، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو، 1979ع، ص 5.
[140] گولو احمد خان مولوي، ”گلزار ڪاپاري“، سجاده نشين، عاشق آباد، محبت پور، سال درج نه آهي، ص 7.
[141] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”ياد رفتگان“، هالا نوان، ڇاپو پهريون، 1953ع، ص 50.
[142] پير علي محمد راشدي، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص287.
[143] بشير احمد وارثي، ”تذڪره مگسي مئه تاريخ“، مدير رهبر سنڌ، رتوديرو، 1957ع، ص 37.
[144] مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”ياد رفتگان“، هالا نوان، ڇاپو پهريون، 1953ع، ص 50.
[145] پير علي محمد راشدي، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، جلد ٻيو، 1980ع، ص 367.
[146] نعيم، جمع تيجاڻي، ”قلندر نمبر“، ماهوار نئين زندگي، 1975ع، ص 31.
[147] بروهي، عبدالرحمان،، ڊاڪٽر، ”قديم براهوي شعراء“، جلد اول، ڪوئيٽا، 1968ع، ص 7-8-9.
[148] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص 205.
[149] زبيراڻي پير محمد، ”بولان نامه“، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1967ع، ص 170-172.
[150] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1968ع، ص 209.
[151] احمد ڊي بلوچ، ”سبدگل“، مخزن ڊگري ڪاليج اوسته محمد، ضلعو نصيرآباد، بلوچستان، 85-1986ع، ص 32-33.
[152] ڪارڙا فتح چند ڪنيالال، ”بحرالعميق“، چيزل شاهه جو رسالو، فتح ڪلاٿ هائوس جيڪب آباد، 1987ع، ص 4.
[153] شيخ، اميرعلي، ”صوفي چيزل شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو“، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس، سنڌي شعبو، ايم سنڌي مونوگراف، سال 1989ع.
[154] بروهي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر، ”براهوئي زبان و ادب ڪي مختصر تاريخ“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1982ع، ص 145.
[155] جوهر بروهي، ٽه ماهي سنگت سلسلي جو ڪتاب ”سهيل“، بروهي پبليڪيشن، فريد آباد، ضلعو دادو، 1984ع، ص 15.
[156] عبدالقيوم بيدار، ٽه ماهي سنگت سلسلي جو ڪتاب ”آدينڪ“، بروهي پبليڪيشن، فريد آباد، ضلعو دادو، 1958ع، ص 31.
[157] سڌايو، غلام مرتضيٰ، ”آزاديءِ صحافت ڪي چند علمبردار“، جيڪب آباد ۽ وقت جون ويرون مخزن، سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1985ع، ص 34.
[158] ساڻس ملاقات، 3 مئي، 1982ع، سارنگ پريس، جيڪب آباد.
[159] ميمڻ، بشير احمد، ”رشيد احمد لاشاري“، روزانه عبرت، حيدرآباد، 8 اپريل 1987ع، ص 3.
[160] ايضاً،
[161] عصمت ڏاهري، ”رشيد احمد لاشاري“، مخزن، ”پيغام محبت“، سنڌ هارس ائنڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، 1988ع، ص 85.
[162] ايضاً.
[163] عبدالقيوم بيدار، ”مولانا عبدالباقي درخاني“، ٽه ماهي سنگت سلسلي جو ڪتاب آدنيڪ بروهي، پبليڪيشن، فريدآباد ضلعو دادو، 1985ع، ص 44.
[164] بلوچ، ملڪ محمد رمضان، ”مولانا عبدالباقي درخاني“، ٽه ماهي سنگت سلسلي جو ڪتاب، ”تاجل“، 1986ع، ص 7، بروهي پبلڪيشن، فريدآباد، ضلعو دادو.
[165] جتڪ طاهره احساس، ”مولانا عبدالباقي درخاني“، ماهوار طوطڪي ڪوئيٽا، 1983ع، ص10.
[166] نورمحمد پروانو، ”مولانا عبدالباقي درخاني“، هفت روزه ايلم، مستونگ بلوچستان، 3 اپريل، 1985ع، ص 6.
[167] انعام الحق ڪوثر، ”نبي ڪريم صلعم ذڪر مبارڪ بلوچستان ۾“، اسلام پبليڪيشن، لاهور، 1983ع، ص 78.
[168] ايضاً.
[169] جمالي، عبدالرزاق، ”جيڪب آباد ۾ فن موسيقيءَ جي ارتقا“، حقيقت جو هار مخزن سنڌ هارس ائنڊ ڪئٽل شو، جيڪب آباد، 1987ع، ص 24.
[170] ملاقات اڪبر لاشاري، 1987-12-1، جيڪب آباد.
[171] غوث بخش فراقي، ”جستجوئي قلندر“، شهباز روڊ، سيوهڻ، جنوري 1974ع، ص 7.
[172] بروهي، علي احمد شاد انٽرويو جوهر بروهي، ايڊيٽر ”گودي“، سڪينه بروهي پبليڪيشن، حيدرآباد، 1986ع، ص 55-56.
[173] ايضاً.
[174] غلام مصطفيٰ ”مشتاق“، ”لاڙڪاڻي ضلعي جا زنده شاعر“، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ميونسپل امپلائيز يونين لاڙڪاڻو، 1984ع، ص 315، ۽ ڏسو جوهر بروهيءَ جو ٽه ماهي سنگت سلسلي جو آدينڪ، 1958ع، ص 32.
[175] مساوات اخبار جو مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر فيض بخشاپوري آهي.
[176] آواز اخبار جو مالڪ چيف ايڊيٽر: مرحوم غلام حيدر شيخ هو. اخبار ان جي وفات بعد بند ٿي وئي.
[177] گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، ”مقدمه لطيفي“، ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي، يونيورسٽي، ڇاپو ٽيون، 1977ع، ص 29.
[178] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي“، آر. ايم. ايڇ برادرس، حيدرآباد، جلد اول، ڇاپو ٽيون، 1963ع، ص 510.
[179] مرزا قليچ بيگ، ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1972ع، ص 15.
[180] شاهواڻي، غلام محمد ابراهيم، ”شاهه جو رسالو“، آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، 60-1961ع، ص 10.
[181] ايس ايم جهانگياڻي، ”شاهه عبداللطيف ائنڊ هز ٽائيمز“، دهلي يونيورسٽي، 1987ع، ص 13.
[182] سڌايو، غلام نبي ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري“، پي. ايڇ. ڊي ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سال 1988ع، ص 220.
[183] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، مرتب: ”لطيف ساگره“ مخزن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1979ع، ص 24.
[184] لطف الله بدوي، ”تذڪره لطفي ”آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، جلد اول، ڇاپو ٽيون، 1963ع، ص 541 ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1970ع، ص 83.
[185] لهڙي سراج الدين، ”شاهه لطيف ۽ بلوچستان“، ماهوار اولس ڪوئيٽا، (بروهي حصو) فيبروري، مارچ 1983ع، ص 42.
[186] ميرگل خان نصير مرحوم، ”چي شاهه لطيف بلوچي ات؟“، ماهوار اولس ڪوئيٽا، نومبر- ڊسمبر، 1984ع، ص 18 ۽ پڻ ڏسو عزيزالله عزيز بروهيءَ جو مضمون ”شاهه ڀٽائي ۽ دل بلوچاني مهرءَ حب“ ماهوار اولس ڪوئيٽا، جون- جولاءِ، 1985ع، ص 7-8.
[187] سمون الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص 72-74.
[188] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سسئي پنهون“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 38.
[189] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص30-131.
[190] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص277.
[191] انعام الحق ڪوثر، ڊاڪٽر، ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور، 1976ع، ص 94.
[192] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”بيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص275.
[193] ايضاً، ص 290-292.
[194] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص 338.
[195] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص338-335.
[196] ايضاً، ص 338.
[197] ايضاً، ص 293.
[198] ايضاً، ص 134.
[199] ايضاً، ص 272.
[200] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، ص386.
[201] آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو. 1980ع، تعارف.
[202] آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1972ع، ص 56-159.
[203] سمون الهه بچايو يارمحمد مرحوم، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو پنجون، 1971ع، ص تعارف.
[204] ايضاً، ص 14.
[205] ايضاً، ص 14.
[206] مينگل خالد ڪرم خان، ”مولائي شيدائي“، ماهوار احوال، خضدار، فيبروري- مارچ 1979ع، ص 39.
[207] نور محمد پروانو ”رحيمداد مولائي شيدائي“، ماهوار احوال، خضدار، مارچ 1978ع، ص 9-15.
[208] جوهر بروهي، ”مولائي شيدائي“، ٽه ماهي سنگت سلسلي جو ڪتاب، آدينڪ، بروهي، پبليڪيشن، فريد آباد، ضلعو دادو، سنڌ 8/1958ع، ص 33.
[209] جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، سرهه ڪتاب گهر، حيدرآباد، 1973ع، ص 250.
[210] بلوچ، چاڪر خان رند، ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“، ماهوار بلوچي دنيا، ملتان، فيبروري، 1981ع، ص 4.
[211] جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، سرهه ڪتاب گهر، حيدرآباد، 1973ع، ص 249.
[212] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”ٻيلاين جا ٻول“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 1970ع، مهاڳ.
[213] فقير غلام سرور، مرتب: ”دعوت العشق“، درگاهه پهلوان فقير رند، واهي جيڪب آباد، 1983ع، ص تعارف.
[214] بگٽي، حمادالله، ”پهلوان فقير“، ماهوار اولس ڪوئيٽا، آگسٽ 1988ع، ص 21.
[215] جوهر بروهي سنگت سلسلي جو آدينڪ بروهي پبليڪيشن، فريدآباد، 1985ع، ص 23.
[216] عبدالقادر اسير، ”درستي راستي“، ماهوار احوال، خضدار، اپريل، مئي، 1979ع، ص 35.
[217] عبدالقيوم بيدار، ”بروهي اديب ۽ شاعر“، سنگت سلسلي جو ڪتاب، آدينڪ بروهي پبليڪيشن، فريدآباد، ضلعو دادو 1985ع، ص 39.
[218] عزيزالله بروهي، ”پندراڻ نامه“، بزم مولائي شيدائي، محمد پور اڍو، ضلعو جيڪب آباد، 1985ع، ص تعارف.
[219] جوهر بروهي، ”احسن خاراني“، سنگت سلسلي جو ڪتاب ”آدينڪ“ بروهي پبليڪيشن فريدآباد، ضلعو دادو 1985ع، ص 25.
[220] جروار، نذير احمد، ڊاڪٽر، عبدالغفور احسن خاراني سنگت سلسلي جو ”سوغات“ بروهي پبليڪيشن، فريدآباد، ضلعو دادو، 1983ع، ص 23 ۽ پڻ ڏسو غلام مصطفيٰ مشتاق جو مضمون ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ميونسپل امپلائيز يونين لاڙڪاڻو 1984ع، ص 315.
[221] جوڻيجو، محمد عالم بيوس، ”قدرت جون سائنسي ڪاريگريون“، بزم مولائي شيدائي، 1981ع، تعارف.
[222] محمد ادريس صديقي، ”سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979ع، ص21.
[223] ايضاً، ص 83.
[224] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص203-382.
[225] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”سسئي پنهون“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع، ص 46-47.
[226] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 432-433.
[227] قليچ بيگ فريدون بيگ، ”هسٽري آف سنڌ“، دي چچنامه، ڪراچي، واليوم 2، 1900ع، ص21.
[228] علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“، مترجم: امير احمد مخدوم، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، ص 377.
[229] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 139.
[230] ايضاً.
[231] شيخ، غلام حسين، ”استاد اميد علي خان“، ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، ڊسمبر 1971ع، ص26.
[232] جمالي، عبدالرزاق، ”جيڪب آباد ۾ فن موسيقيءَ جي ارتقا“، سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو، جيڪب آباد، مخزن، 1987ع، ص 24.
[233] ايضاً.
[234] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 260.
[235] ايضاً، 310۽ پڻ ڏسو بلوچستان ڪي قبائل، جلد اول، ص 149.
[236] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 114.
[237] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽر پرائيزرز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص283.
[238] لالا هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“، بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، 1973ع، ص 192 ۽ پڻ ڏسو بشير احمد وارثي جو ڪتاب ”تذڪره مگسي معه تاريخ“ مدير اعليٰ رهبر سنڌ رتو ديرو، 1957ع، ص29.
[239] انور رومان، ”بلوچستان ڪي قبائل“، جلد اول، بينظير انٽر پرائيزز، ڪوئيٽا، 87-1986ع، ص283.
[240] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 317.
[241] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 565.
[242] سمو الهبچايو يارمحمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1955ع، ص 12 ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، سنڌالاجي ڄام شورو، 1977ع، ص 117.
[243] آڏواڻي ڀيرومل، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1980ع، ص 318.
[244] رحيمداد مولائي شيدائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع، ص 24 ۽ پڻ ڏسو هينري پاٽنجر ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1986ع، ص13-14.
[245] ڊينس بري، ڊاڪٽر مترجم: ڪامل القادري، ”براهوي رسوم“، نسا ٽريڊرز ڪوئيٽا، 1984ع، ص103.
[246] ابڙو، نصرت حسين، ”ملهه ۽ ملاکڙا“، ماهوار پيغام، ڪراچي، جولاءِ- آگسٽ، 1988ع، ص38.
[247] ايضاً.
[248] درمحمد ڪمال، ”سنڌ ۾ ملهه جي سرپرستي“، ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، ڊسمبر 1980ع، ص 26. ۽ پڻ ڏسو ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر جو ڪتاب ”تذڪره صوفيائي بلوچستان“، اردو اڪيڊمي، لاهور، 1976ع، ص 46.
[249] سنڌ ۾ هن راند کي اٽي ڏڪر چون، ڏسو ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ص 137.
[250] چلهر کي هن خطي ۾ ”چنهر“ چون ٿا.
[251] علي ڪوفي، ”چچنامو“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 1976ع، ص 324.
[252] الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1977ع، ص 140.