سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 140    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (945) PDF  E-Pub
انگ اکر

5 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     106192   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي اساسي شاعريءَ جو فلسفو: مختصر جائزو


رب ڏنو   ’راز ‘ شاهاڻي

 

سنڌي اساسي  شاعريءَ جو فلسفو: مختصر جائزو

(A short analysis of Philosophy of Classical Sindhi Poetry)

 

Abstract:

 

Sindhi is one the ancient languages; also alive, along with it, is its classical past. It is rich in its unique cultural traditions and huge resources of classical and modern literature. The tradition of Sindhi poetry, in terms of folk songs, goes back to thousands of years.  However, we have first available songs dating back to 1290 AD only. The earliest recorded verses of Sindhi poetry are based on folk tales with an attached philosophical or Sufi connotation. Classical Sindhi poetry is a valuable asset of the Sindhi literature, which is overwhelming with high moral and human values and philosophical meaning. The classical Sindhi poetry provides the ideological framework to modern Sindhi poets. Classical poets preached humanism, and universal love. In addition, classical Sindhi poets effectively opposed all types of extremism and hatemongering.

In this paper, literary, moral and philosophical values of classical Sindhi poetry are discussed which are unique in many ways. The poetry of Qazi Qadan, Makhdoom Nooh, Shah Karim Bulari Waro, Shah Lutufullah Qadri, Meyun Shah Ina’t Rizivi, Shah Abdul Latif Bhittai, Rohal Faqeer, Schal Sarmast, Bhai Chain Ry Sami, Sufi Dalpat, and  Khalifo Nabi Bux Laghari,  et al have been analyzed for their contributions.

 

لفظ ”اساس“ جي معنيٰ، ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ جُلدي سنڌي لُغت موجب  :  اساس: ذ(ع) بنياد/ پيڙهه (1) ڄاڻايل آهي. اُن لحاظ کان ’اساسي شاعري‘ جي  اصطلاح جو مطلب :“ بُنيادي/ ابتدائي/ شروعاتي” شاعري ٿيندو .  جنهن کي ڪلاسيڪل شاعري به سڏيو وڃي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعري ڪهڙي دور جي سڏجي ٿي، اِن حوالي سان تمام گهڻو لکجي چُڪو آهي. پر جڏهن اساسي شاعريءَ جو اصطلاح (Term)استعمال ٿئي ٿو ته اُن جو مطلب بُنيادي سان گڏ موزون ڪلام به آهي. علامه  عمر بن محمد دائودپوٽو  ابتدائي شاعريءَ بابت لکي ٿو:

”اگرچه سنڌي زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس موزون ڪلام تقريبن 11 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ٿيو. اهو ڪلام آهي سيد عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت، جي سندس خاص مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف “بيان العارفين“ ۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044 هجريءَ ۾ قلمبند ڪيا. پر انهي عرصي کان گهڻو گهڻو وقت اڳي، سنڌي نظم جو پڙاڏو ڪن تي پوي ٿو.” هُو اڳتي هلي لکي ٿو: “ پر راڄي فقير کان گهڻو اڳي قاضي قادن جو اسم گرامي اچي ٿو. سندس وسيع ڪلام مان فقط ست بيت ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. اهي سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن تارن وانگر چمڪندڙ آهن. ”علامه دائودپوٽو اڳئين صفحي تي وضاحت ڪندي لکي ٿو: “ مٿين حقيقيتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۽ پنڌرهين صدي جي اوائل ۾ ٿي آهي. ان کان اڳ سنڌي شعر تي ايترو ته ڌنڌ چڙهيل آهي، جو نور جو هڪ ترورو به نظر نٿو اچي.“(2)

علامه دادئوپوٽي پنهنجي راءِ ۾ ”اساسي“ يا ”ڪلاسيڪل“ جو لفظ استعمال نه ڪيو آهي، بلڪه اُن بدران ”موزون ڪلام“ جو لفظ ڪتب آندو آهي. اندازو آهي ته شايد، شاعريءَ لاءِ تڏهن ”اساسي“ يا ”ڪلاسيڪل“ جو اصطلاح مروج نه هئو، تنهنڪري علامه دائودپوٽي ”موزون ڪلام“ جي ابتدا جي ڳالهه ڪئي آهي. هُو قاضي قادن جي ڪلام کي ثريا جي ستن تارن وانگر چمڪندڙ سڏي ٿو، جنهن جو مطلب ته سندس لفظن ۾  اِهو ”موزون ڪلام“ ٺهيو. ته پاڻ به اِن ڪلام يعني قاضي قادن کان اساسي شاعريءَ جي ابتدا سمجهون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ به علامه دائودپوٽي جي راءِ سان مِلندڙ جُلندڙ آهي.

”غالبا نائين صدي هجري (15 صدي عيسوي) کان وٺي سنڌ جي ڀلارن بزرگن، عالمن ۽ عارفن انساني اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح واسطي پنهنجي تلقين ۽ تبليغ کي سنڌي شعر ذريعي عام ڪرڻ شروع ڪيو. تزڪيه نفس ۽ اخلاقي تربيت خاطر خالق جي شناس، مخلوق سان همدردي، حق ۽ حقيقت جي تلاش وغيره سندن شاعريءَ جا اهم باب بنيا، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ محض ”ڳالهه ۽ بيان“ جي بدران ”فڪر ۽ معنيٰ“ جا پيوند لڳڻ شروع ٿيا. آسانيءَ خاطر قصن ۽ ڳالهين جي قالب کي تمثيل طور استعمال ڪري، حق ۽ حقيقت جي نُڪتن کي نروار ڪيو ويو ۽ انساني اخلاق ۽ روحاني سربلندي جي راه کي روشن ڪيو ويو. فڪر ۽ خيال سان لبريز هن اخلاقي ۽ عارفانه شاعريءَ جي شروعات سان ، ”سنڌي اساسي شاعري“ جو سلو سائو ٿيو جو اسان کي قاضي قادن (870- 958 هه) جي ڪلام ۾ نکرندو نظر اچي ٿو“(3) 

علامه دادئوپوٽي ۽ ڊاڪٽر بلوچ، اساسي شاعريءَ جي ابتدا سان گڏ اُن جي موضوع ۽ فلسفي تي به روشني وڌي، جنهن سان اسان جي گهڻي رهنمائي ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته اُن جو فلسفو ۽ اخلاقي قدر ئي اسان جو بُنيادي موضوع آهي.  سنڌي اساسي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته سمورن اساسي/ ڪلاسيڪل شاعرن جا موضوع: فطري، انساني، اخلاقي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن تي مشتمل آهن .  اِهو ڪلام  سرحدي حد بندين، مذهبي رنگ ۽ نسل کان بالاتر آهي، جيڪو پنهنجي فلسفي ۾ بين القواميت پڻ رکي ٿو. منجهس فطرت جي عڪاسي ۽ انساني قدرن مزاج، نفسيات ۽ حقيقت پسنديءَ جي وڏي ترجماني آهي. اُها غاصباڻي يا جابراڻي سوچ ۽ پرماريت لاءِ همدرداڻو رويو رکڻ بدران مظلوميت جو طرفدار آهي ۽ منجهس اعليٰ انساني قدرن جو زوردار بيان ۽ آفاقي پيغام سمايل آهي.

’’اساسي يا بنيادي شاعري (Basic Poetry) جو بنياد يا اساس، سٺن انساني قدرن واري فهم ۽ فڪر تي رچيل شاعريءَ تي آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا فقط شاعراڻين خوبين جي اظهار بدران،  ڪا سٺي مقصد واري معنيٰ سمايل هوندي آهي. دنيا جي هر ٻيءَ زبان وانگر سنڌي زبان جي اساسي شاعريءَ جو اساس/بنياد ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه، ۽ معاشري ۾ سٺين خوبين واري ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور، سنڌي اساسي شاعري انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي .سنڌي اساسي شاعري، صوفين سالڪن ۽ وڏي نظر ۽ وڏيءَ دل وارن دانائن ۽ دردمندن جو ڪلام ۽ پيغام آهي جنهن ۾انسان جي عارضي زندگي ۽ سندس دائمي بقاءَ سان لاڳاپيل حقيقتن جا اهڃاڻ سمايل آهن..‘‘ (4)

 

اساسي شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي طرف اچڻ کان اڳ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي فلسفياڻي پسمنظر تي نظر وجهنداسين. انسان جي فڪري ارتقا کان وٺي سنڌي ماڻهن جي فلسفياڻي ۽ فڪري پهلوءَ تي  سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي، پر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘ ۾ ان اهم موضوع تي ڪافي مدلل بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ هُن قديم آريه دور کان ويدڪ فڪري دور، ٻُڌمت، چارواڪ فلسفو، اسلام ۽ تصوف جي، سنڌي سماج ۽ شاعريءَ تي فڪري اثرن جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ اڳتي هلي اُن فڪري ارتقا جا سرا، سنڌي اساسي شاعريءَ جي فڪر سان ڳنڍڻ (align) ڪرڻ جي علمي ڪوشش به ڪئي آهي. هُو لکي ٿو:

’’سنڌ جي صوفي مت ۾ موت، فنا، پاڻ سڃاڻڻ جي وڏي اهميت آهي. انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ کان پوءِ سنڌ جي صوفي فڪر ۾ زندگيءَ بابت مثبت رويو پيدا ٿيو آهي. اسان جي اساسي شاعريءَ ۾ تصوف جا مثبت لاڙا موجود آهن. اساسي شاعري انساني زندگي مقصديت، پيار، محبت جهڙن جذبن سان پر آهي. سنڌي ماڻهوءَ جي نفسيات کي غور سان ڏٺو وڃي ته منجهس وجودي فڪر، عدم تشدد، امن پرستي، پيار ۽ سڪيولر جذبا موجود آهن“.

ساڳئي ڪتاب ۾ اهم اساسي شاعرن جي فڪر جي سري هيٺ قاضي قادن جي شعري فڪر بابت هُو لکي ٿو: ’’قاضي قادن جي شاعري ۾ تصوف (Mysticism) . جو فڪر موجود آهي ۽ ان وقت ننڍي کنڊ ۾ تصوف هونئن به ڇانيل هو. سنڌ بنيادي  طرح وجودي فڪر جي ئي سرزمين هئي تنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ تصوف جو اثر سنڌ وڌيڪ قول ڪيو هو، تنهن ڪري قاضي قادن جهڙو ڄاڻو عالم ماڻهو فڪري طرح تصوف جو ئي قائل هو.‘‘ (5)

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي راءِ جي روشنيءَ ۾سنڌي اساسي شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۾ اڃا به سولائي ٿي آهي. بقول هُن جي، اساسي شاعريءَجو فلسفو تصوف جي وجودي فڪري جي زير اثر پروان چڙهيو ۽ اُن جو ابتدائي اثر قاضي قادن ورتو. اُها حقيقت پنهنجي جاءِ تي بجاءَ پر اساسي ڪلام جي ڳوڙهي ۽ گهڻ رُخي مطالعي بعد اُن ڳالهه کي رد نه ڪري سگهبو ته اساسي شاعرن جي اُتساهه جا ذريعا (Source of inspiration) جو هڪ ڪارڻ سنڌ جون قديم روايتون به رهيون آهن. سنڌ پنهنجي سماجي قدرن، رسم رواج ۽ روايتن جي لحاظ کان دُنيا جو مُنفرد خطو آهي. مرڻن پرڻن تي ناراضگيون ختم، مهمان نوازي، آئي جو آڌرڀاءُ، اڙئي جو آڌار، ننگن تي نثار ٿيڻ يا سامن تي سِر ڏيڻ جا مثال رُڳو سنڌ ۾ ملن ٿا ۽ اُهي يقينن ڪنهن تهذيب يافته  (Well Cultured)قوم جون نشانيون آهن. اهڙي شاندار سماجي ۽ ثقافتي ورثي جو اثر، اُتان جي شاعرن ڀرپور انداز ۾ ورتو. اساسي شاعرن سنڌ جي ثقافتي روايتن جي اثر کان پاڻ نه بچايو هوندو بلڪه هُو اُن جا امين ۽ راوي آهن. هُنن بدليل دور ۾Induct   ٿيندڙ نين روايتن کي ڏسي، سنڌ جي شاهوڪار تهذيب جا لازوال مثال، پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا ۽ ماڻهن کي تهذيب جو دامن نه ڇڏڻ جا درس به ڏنا.

قاضي قادن (1551– 1463ع) کي، سنڌي ءَ جو پهريون اساسي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. قاضي قادن پنهنجي ڪلام ۾، تنهن دور جي سماجي حالتن جي عڪاسي سان گڏ، سنڌي شاعريءَ ۾ نوان  فڪري لاڙا پڻ متعارف ڪيا. هُو پهريون شاعر هو، جنهن جوڳين ۽ سنياسين، گھاتن ۽ کاهوڙين جي ڪردارن کي هڪ الڳ نظر سان ڏٺو ۽ اُن کي اجاگر ڪيو. هُو هڪ قادرالڪلام شاعر هو. سندس سياسي يا مذهبي لاڙن  کان هٽي هُن جي ڪلام کي ڏسبو ته اُهو زمان شناسيءَ کان علاوه تصوف جي تعريف، پاڻ سُڃاڻ، اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ فلسفياڻن خيالن سان پُر آهي. سندس هيٺيان بيت معنيٰ ۽ مفهُوم جي لحاظ کان انتهائي ڳوڙها،فڪر انگيز ۽ نصيحت آموز آهن:

سڄڻ منجهه هُئام، مون ويٺي واڪ ٿيا،

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هئين جاڙ وڌام.(6)

(قاضي قادن)

هي بيت ’پاڻ سُڃاڻ‘ جو وسيع مفهُوم رکي ٿو.  انسان پنهنجي اندر جي آرسيءَ ۾ ليئو پائي جڏهن پاڻ سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس حق ۽ باطل، بُري ۽ ڀلي جو فرق واضح نظر اچڻ لڳندو آهي ۽ جڏهن انسان اُهي ڳُڻ ڳولهي لهي ٿو ته هُوهڪ ڪامل انسان بڻجي پوي ٿو. قاضي صاحب هن بيت ۾ ٻُڌائي ٿو اي انسان! اُهي سمورا ڳُڻ تو ۾ خود موجود آهن ۽ تُون اُنهن جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا نه هڻ بلڪه پنهنجي اندر منجهه ڏس ته تُنهنجي رهنمائي ٿئي ۽ تُون انسانيت جو معراج ماڻين.

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙيئي،

هيڪائين هيڪ ٿئــو، ويئي سڀ جهت(7)

(قاضي قادن)

مٿئين بيت ۾ ’سائر‘ کي ڏاڍ جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي ۽ شاعر چوي ٿو ته  ظلم جي لت سان هُو هر هڪ کي ناحق ٻوڙي  ماري رهيو آهي. علامتي معنيٰ ۾  اِها ڌارين حُڪمرانن جي ظلم طرف اشارو آهي ته ظلم ۽ جبر سان، سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ناس ڪيو پيو وڃي.

سيئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻان،

اکر اڳيان اُڀري، واڳُون ٿي وريام.(8)

(قاضي قادن)

قاضي قادن هن بيت ۾در اصل ڳالهه علم ۽ عمل جي ڪئي آهي، نه ته اکر (علم) ۽ ڪتاب ڀلا بلا ۽ مانگر مڇ ڇو ٿيندا؟ علم تي عمل نه ڪرڻ جو مثال آهي، جيڪو هتي قاضي قادن شاندار نموني ڏنوآهي. علم عمل جو نالو آهي. ڪنهن اهلِ علم، انسان دوست شخص کان ذهن ۽ ضمير جي ابتڙ ڪوئي ڪم سرزد ٿئي ته فهم جو عُنصر اُن کي ادراڪ ۽ پڇتاءُ جو احساس ڏياري ٿو. اهڙو احساس جنهن ۾ هُو شعور ۽ ساڃهه کي پاڻ ڏانهن واڳون بڻجي ورندي محسوس ڪري ٿو، جنهن جو نقش مٿئين بيت ۾ چٽيل آهي. ڪمال جو مثال عجب انداز ۾ ڏنل آهي. هيءَ سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو روح پرور، سبق آموز ۽ ناصحاڻي انداز جو هڪ شاهڪار مثال آهي.

قاضي قادن يا ان کان پوءِ جي نامور اساسي/ ڪلاسيڪل شاعرن مخدوم نوح، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو،  سچل سرمست، سامي، بيدل روحل فقير، صوفي دلپت، خليفو نبي بخش لغاريءَ تائين شاعرن جي ڪلام ۾ هڪ ثقافتي روايتن جا اولڙا ۽ ٻيو عام ماڻهوءَ جي افلاس، درد ۽ محرومين جي ترجماني ملي ٿي. اساسي شاعري پنهنجي جوهر ۾ لافانيت ۽ آفاقيت رکي ٿي، اُها فڪر، فلسفي ۽ موضوعاتي لحاظ کان تمام وسيع ۽ شاهوڪار آهي. فلاح انسانيت، اخلاص سان ڀرپور ناصحاڻي پيغام جو ڀنڊار منجهس سمايل آهي.منجهس انساني ڳُڻ ۽ اوصاف بهترين نموني بيان ڪيل آهن. اخلاقيات، سماجيات، باهمي امن، ڀائيچارو، پيار، محبت، وطن جي حُب ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جا منجهس درس سمايل ۽ سمجهايل آهن، جنهن کي ڪنهن سماج جي اخلاقي ۽ تهذيبي تربيت واسطي بُنيادي پٿر قرار ڏجي ته وڌاءُ ڪونهي. سنڌ جي سماجي نفسيات، رسم رواج، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي آبياريءَ ۾ اساسي /ڪلاسيڪل شاعريءَ جو نمايان ڪردار ۽ اثر آهي.

قاضي قادن کانپوءِ مخدوم نوحرحه ۽ شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو، اهم اساسي شاعر آهن. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سندن شاعري نهايت اثرائتي، فڪر جي حوالي سان پنهنجي دور جي ترجمان آهي. ٻنهي شاعرن جو ڪلام تعداد جي لحاظ کان گهٽ پر نهايت پرُاثر پيغام رکي ٿو. سندن سوچ تي تنهن دور جي حالتن ۽ واقعن جو به وڏو اثر هئو. اِهي ارغون ۽ ترخان دور حُڪمرانيءَ جا ڏهاڙا هُئا. سنڌ تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پئي ويا. روايتن مُطابق گهڻائي سنڌي عالم ۽ فاضل،  ظُلمن کان تنگ اچي سنڌ ڇڏي چُڪا هُئا. سنڌي ماڻهوءَ جا حق بي درديءَ سان غضب ڪيا پئي ويا. ٻنهي شاعرن جي دل ۽ دماغ تي اهڙين حالتن جو گهرو اثر هو.

 

پيئي جا پرڀات،ماڪ نه ڀانيو ماڙها،

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.(9)

--

اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.

(مخدوم نوح)

مخدوم نوح جي مٿين بيتن ۾ نهايت پرُاثر پيغام ڏنل آهي ۽ جِن ۾، اساسي شاعريءَ جي فڪر، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چُڪو آهي، جي ڀرپور ترجماني آهي. ماڪ ڦُڙن کي رات جي ڳوڙهن سان تشبيهه ڏئي، مظلوم ماڻهن جي حال تي وهائڻ جي ڳالهه پنهنجي دور جي بي رحم حالتن جو روئيداد آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي ماڻهوءَ جو احساس، اُن جو شاعر ڪيڏي دردانگيز انداز ۾ بيان ڪري رهيو هو يا پاڻ سُڃاڻ جو اعليٰ مثال بيت نمبر ٻه ۾ ڏنل آهي. کُليل اکين سان ڪجهه نظر نه اچڻ ۽ اکين کي ٻوٽڻ (اندر ۾ جهاتي پائڻ) سان حق يا بُري ۽ ڀلي جو فرق نظر اچڻ يا محبوب پسڻ يا اهڙن مثالن سان ماڻهن جي سوچ يا اخلاقي تربيت جا مثال، سنڌي اساسي شاعريءَ جا انوکا ترين مثال آهن.

شاهه ڪريم کي به پنهنجي دور جي سماجي ۽ سياسي حالتن بيحد جهنجهوڙيو.  هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، بيتن ذريعي اهڙين حالتن ڏانهن اشارا به ڪيا آهن. هُن عام ماڻهوءَ جا احساس محسوس ڪندي ڪلام  چيو ۽ پنهنجي اسلوب ۽ انداز بيان ۾ ناڪاري روايتن کي ننديو.  

ور سا سُڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪڙو

سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪمائين.(10)

--

مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪري

اکڙيون توهي، مڇڻ وهين وسهي.(11)

(شاهه ڪريم)

شاهه ڪريم جا مٿيان بيت پنهنجي معنيٰ ۾ نصيحت آموزيءَ جو وڏو پيغام رکن ٿا.مذڪوره بيت اعليٰ انساني قدرن جو آئيندار به آهن. منجهن اهڙن قدرن جي پاسداريءَ تي زور ڀريل آهي. بيت نمبر هِڪ ۾ شاهه ڪريم چوي ٿو: جتي عادل، صاف گو ۽ سچار ماڻهن جي کوٽ هُجي يا اُهي اقليت ۾ هُجن، سمجهجهي ته اُتي ڪُوڙ جو ڪاروبار هلي ٿو،  اهڙو ماڳ ئي ترڪ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سندس نظر ۾،  اِن ۾ انسانيت جو فلاح ناهي. ٻئي بيت ۾ مصنوعي (دُنياوي) عيش و عشرت جو اِنڪاري خيال سمايل آهي. شاهه ڪريم فرمائي ٿو  دُنياوي عيش عشرت جو عارضي خيال هڪدم ته ماڻهوءَ کي مُتاثر ڪري پاڻ ڏانهن ڇِڪي ٿو،  پر اِهو هٿن مان نڪرندي به ويرم ڪو نه ٿو لڳي، تنهنڪري اهڙو عارضي سُک پسي اکيون پوري نه ويهڻ گهُرجي پر حقيقي خوشيءَ لاءِ جستجو ڪجي.

شاهه لطيف کان اڳ جي اساسي/ڪلاسيڪل شاعريءَ جا ٻه وڏا نالا شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنات رضوي آهن.  ٻنهي جو ڪلام معنوي اعتبار کان نهايت ڳوڙهو آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جا ٻه رسالا “سنڌي رسالو” ۽ “منهاج المعرفت” موجود آهن. محققن سندس بيتن جو ڳاڻيٽو ڪٿي ساڍا ٽي سو ته ڪٿي چار سو کن ڏسيو آهي.  سندس ڪلام نهايت فصيح و بليغ آهي، جنهن ۾ تصوف جا باريڪ نُڪتا سمجهايل آهن. محققن شاهه لطيف ۽ اُن کان اڳ جي اساسي شاعريءَ جي وچ ۾ لطف الله قادريءَ جي ڪلام کي اهم ڪڙي سڏيو آهي.  هِن جي ڪلام ۾ فڪر، خيال، فلسفي ۽ نفسيات جا ڳوڙها نُڪتا بيان ٿيل آهن.

ُحسن حبيبن جو، پسين جي هيڪار

ته تو تي سڀ ڄمار، وڃي اُڃ ورهين جي.(12)

(لطف الله قادري)

ٻُجهي تئن اٻوجهه، ڄاڻ وڃائي پانهنجو

هوئين تئن سٻوجهه، ته ٻجهه م ٻڙيءَ جيترو.(13)

(لطف الله قادري)

ميين شاهه عنات، شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو ٻيو وڏو اهم نالو، جنهن جو  ڪلام  ڪتابي صورت ۾، ڊاڪٽر بلوچ ترتيب ڏنو آهي. ميين شاهه جي ڪلام جي عظمت جو اندازو اُن مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس بيان جي وسعت ۽ مضمون جي وضاحت واري خاص خصوصيت جو ، شاهه جي اسلوب تي  اثر تسليم ڪيو ويو آهي.

چرخو ائين چور، جيئن ڀونءَ ڀڻڪو نه سُڻي،

آڌيءَ جو عنات چئي، اُٿي آتڻ اور،

تهان پوءِ تور، ته تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي.(14)

(شاهه عنات رضوي)

هن بيت ۾  نهايت معنيٰ خيز ڳالهه ٿيل آهي. خُدا جي عبادت ( نيڪي جا ڪم) ائين ڪرڻ گهرجن، جيئن آسپاس کي ڪا خبر نه پوي. اڌرات جو اُٿي آتڻ اوريندين، خالق حقيقي کي ٻاڏائيندي راضي ڪندين ته تُنهنجي سڀ سڻائي ٿيندي، ڇو ته اُن  سان ئي مُشڪلن مان پار اُڪاري سگهجي ٿو. توڪل الله تي ڪامل يقين جو نهايت دل سوز پيغام شاهه عنات جي هِن بيت ۾ سمايل آهي. انسان جي هٻڇي من  لاءِ هدايت جو هيءَ هڪ زبردست مثال آهي.

شاهه لطيف جي شاعري اساسي/ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو اڻٽُٽ حصو آهي. اُن کانسواءِ اساسي/ ڪلاسيڪل شاعري جي تاريخ اڻپوري رهندي. شاهه لطيف سنڌي سماج جو مزاج شناس شاعر هئو. سندس شاعريءَ ۾ انساني قدرن، روايتن رواداري، وطن جي حُب، اخلاقيات ۽ پيار محبت جو زوردار پيغام سمايل آهي ته ساڳي جاءِ تي اُها تنگ نظري، انتهاپسندي، اسهپ، مذهبي رنگ نسل جي تفريق ۽ تعصب جي پڻ خلاف آهي. شاهه جي فڪر بابت گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي، هتي سندس شاعريءَ مان چند مثال پيش ڪجن ٿا:

اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين

دغا تُنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان

مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.

---

صوفي لاڪوفي، ڪون ڀائينس ڪير،

منجهيان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهس پير،

جنين ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.(15)

 

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،

گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،

صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام،

ته نانگا تُنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.(16)

(شاهه عبداللطيف)

شاهه جي شاعري يا فلسفي جا ڳُڻ بيان ڪرڻ بابت هي مختصر مقالو ناڪافي آهي يا چند صفحن ۾ اُن جو احاطو ممڪن نه آهي، تنهنڪري اُن جو هر بيت ۽ هِڪ هِڪ سٽ جو مطالعو غور سان ڪبو ته پڙهندڙ اُن جي پيغام ۽ فلسفي کي خودبخود سمجهي سگهندو، جو شاهه جي هر سٽ فلاح انسانيت ۽ دعوت محبت جي لازوال پيغام سان ٽمٽار آهي. مٿي پيش ڪيل ٽئي بيت اُن جا روشن مثال آهن.

شاهه لطيف جو همعصر، خواجا محمد زمان لنواريءَ وارو، جنهن جو شعر به فلسفيائي نُڪتن سان پُر آهي. سندس ڪلام فڪري لحاظ کان انتهائي ڳوڙهو آهي. حيرت آهي ته سنڌ جي هنن ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ تي محققن خاطر خواه ڌيان ڏنو آهي نه اُن جي ڪا گهڻي تشهير ۽ تشريح ڪئي آهي ورنه اهڙو ڪلام، جنهن ۾ ههڙو پيغام ۽ فلسفياڻه خيال سمايل هُجن، اُهو ڪنهن شاهوڪارادب جو ترجمان۽ تهذيب يافته قوم جي اهم اُهڃاڻ کان گهٽ نه آهي.

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌُوئي ورق وجود جو

تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.(17)

 

سڪ روحاني ساميين، جسمي جاهلن

ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي.(18)

(خواجه محمد زمان)

خواجا محمد زمان جي ٻنهي بيتن ۾ شعري فلسفي ۽ ناصحاڻه انداز جي عڪاسي، زبردست مثالن سان ٿيل آهي. پرينءَ جي پسڻ لاءِ اندر کي صاف رکڻ ۽ ساميين کي روح ۾ سڪ جي ۽ جاهلن (دنيادارن) کي مادي شين جي طلب کي ٻگهن جي مڇي ماڻڻ سان مُشابهت ڏيڻ جو انداز نهايت ٺهڪندڙ ۽ نرالو آهي. خواجه صاحب جو سمورو ڪلام اهڙن فلسفياڻن نُڪتن سان ڀرپور آهي.

شاهه جي تسلسل جو  اهم شاعر سچل سرمست، جنهن کي اساسي/ ڪلاسيڪل شاعرن ۾ منفرد حيثيت حاصل آهي. سچل سرمستي ۽ وجداني ڪيفيت ۾ سماج جي بدبودار روايتن خلاف جيڪو نعرو پنهنجي شعرن وسيلي بلند ڪيو، اُن کي کيس ممتاز حيثيت بخشي ڇڏي.

مُلان تُون محبت جو، چُڪو ڪين چکين

کڻيو ڪارنهن ڪُنڊ ۾، مُنهن تي پيو مکين

سبق سورائتن سکيو، سو جي تُون سکين

ته رِحل سڀ رکين، مُلان مسجد ڪُنڊ ۾.

--

ٻيائي ٻانهپ ڇڏ، سچا آءُ احديت ۾،

لحمون وحمون لڏ، ته پاڪائي پاڪ ٿئين.(19)

(سچل)

سچل جا ٻيئي بيت سندس انداز سرمستيءَ جا واضح مثال آهن. بيتن منجهان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سندس دور مذهبي حوالي سان شدت پسنديءَ جو دور هئو، جنهن ۾ سچل پنهنجي واشگاف ڪلام وسيلي انسانيت، ميٺ محبت ۽ پيار جو درس ڏيندي، خلق کي حقيقي آفاقي پيغام ڏي مائل ٿيڻ لاءِ قائل ڪري رهيو هئو. جهڙوڪ ٻئين نمبر بيت جي فلسفي مان واضح جهلڪي رهيو آهي، جنهن ۾ سچل فرمائي ٿو:  اي بندا! ٻيائي واري ٻانهپ (دنيا وارن جي غلامي، جِي حضوري) ڇڏ ۽ خُدا جي هيڪڙائي جو قائل ٿيءُ،  اُن جي ذات پاڪ سان ٻئي ڪنهن کي شريڪ نه سمجهه ته جيئن تُنهنجي زندگيءَ جو سفر سڦلو ٿئي.

سچل کانپوءِ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري مان چونڊ پيش ڪرڻ اڳ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته اُنهن شاعرن، قاضي قادن، بلڙي شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ سچل جي تنوار کي پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻائي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ڪلام وسيلي ساڳيو پيغام عام ڪرڻ جو سهرو پنهنجي سر کنيو. سندن شاعري کي اُن سلسلي جو تسلسل مڃڻ ۾ ڪو عار نه آهي:

ويدن جا وادي، اسين آهيون ڪين ڪي،

اٽڪل اُستادي، نه ڪي ڄاڻون چت ۾.(20)

(سامي)

دُنيا ڪارڻ دين کي، تون ورسيو وسارين،

کٽي بازي بانورا، هٿين ٿو هارين،

ماري من مُراد چوي، جي وحدت ڏي وارين،

ته جاڏي نهارين، تاڏي سڄڻ پسين سامهون.(21)

(مراد فقير)

جي ڀانئين پسان پرين کي، ته اندر ۾ وجهه ليئو،

پپر ۾ پرميشور، ته ٻٻر ۾ ڪو ٻيو،

اسلام ته آيو الله کان، ته ڪفر ڪنهن ڪيو،

جي ڪعبو خانو خدا جو، ته ديول ڏوهه ڪيو،

مڙهي ۽ مسجد ۾، روشن هڪ ڏيئو،

اچي ڪيئن پيو، دلپت خلل هن خلق ۾.(22)

(صوفي دلپت)

 

ٻيڙا  مکي ٻار ۾، وڌائون واري،

سڙهه کڻي ساڃا ٿيا،  ساجهر سينگاري،

هليا هڪاري، الله سندي آسري.(23)

(خليفو نبي بخش)

وحدت ويسه ساڻ سدائين شوقون رهه شاد

مذهب واري قيد ڪون بيدل، عشق ڪندو آزاد.(24)

(بيدل)

نتيجو:

مٿي پيش ڪيل ڪلام جي مطالعي مان نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته اساسي (ڪلاسيڪل) شاعريءَ جي روپ ۾ سنڌي ڪلام جو فڪري پهلو ۽ فلسفو انتهائي وسيع، شاهوڪار ۽ آفاقي آهي، جنهن منجهه ڪائنات جي ڪُل موجودات، اُن جي هاڪاري پهلوئن ۽ موضوعن کي سموهڻ جي ڪوشش ڪندي، عالم اقوام جي خوشحاليءَ جو آفاقي پيغام ”عالم سڀ آباد ڪرين“ جي  صورت ۾ واضع نموني ڏنو ويو آهي.  اساسي (ڪلاسيڪل) شاعريءَ جي هِڪ هِڪ پهلو ۽ موضوع تي الڳ سان بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هِن مختصر مقالي ۾ دِشوار آهي، اُن جي لاءِ وڏو وقت درڪار آهي ۽ جنهن تي اڳتي هلي باقاعدگي سان ڪم جي قوي اُميد ڪجي ٿي ته جيئن  اساسي (ڪلاسيڪل) ڪلام جو پيغام عام ٿيڻ ۾ مدد فراهم ٿئي ته اُن ۾ فقط محددو موضوع نه پر ڪائناتي تصورِ تصوف تحت انساني تهذيب جي پُوري تاريخ ۽ قديم روايتن جا شاندار مثال سموهيندي، سنڌي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي ۽ ناڪاره انساني عملن ۽ پهلوئن، روين ۽ رنجشن، اسهپ، انتهاپسندي، سختگيري، نفرت ۽ ناراضگين کي کُلي عام ننديو ويو آهي بلڪه اعليٰ اخلاقي قدرن جو په در په بيان، ذهني ۽ روحاني تربيت جو بي مثال پيغام آهي، جيڪو اساسي (ڪلاسيڪل)شاعريءَ جو هڪ روشن پهلو آهي.

مٿي پيش ڪيل سمورو ڪلام،سنڌ جي اساسي (ڪلاسيڪل)شاعريءَ جي شاهوڪار دور سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ بُنيادي (اساسي) دورجي شاعرن: قاضي قادن، مخدوم نوح، بلڙي شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضويءَ کان علاوه بعد جي ڪلاسيڪل شاعرن شاهه عبدالطيف ڀٽائي، خواجا محمد زمان لنواريءَ وارو، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ سامي ۽ ويجهي ماضيءَ يعني ٽالپر ۽ انگريز دور جا شاعر فقير قادر بخش بيدل،  صوفي دلپت، روحل فقير، مُراد فقير، خليفو نبي بخش لغاري ۽ ٻين جي ڪلام تي مُبني آهي، جنهن ۾ فلسفياڻن خيالن، فڪر۽ اعليٰ انساني اخلاقي قدرن جي پاسداريءَ جو درس ڏنل آهي.

 

حوالا

  1. بلوچ، نبي بخش (ڊاڪٽر )، 1998ع: ”سنڌي لغت (هڪ جلدي)“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. دائودپوٽا، عمر بن محمد (علامه)، 1978ع: ”مقالا ۽ مضمون“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ص 17
  3. بلوچ، نبي بخش (ڊاڪٽر)، (تحقيق ۽ تصحيح)، 2004ع: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“،  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ص  22-21
  4. http://dic.sindhila.educ.pk/define
  5. ميمڻ، عبدالغفور، (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2017ع، ص80
  6. ٺڪر، هيرو، 1996ع: ”قاضي قادن جو ڪلام (سنڌ ۾ اُن جو اڀياس)“ روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو، ص 106
  7. دائودپوٽو، عمر بن محمد (علامه)، 1978ع: ”مقالا ۽ مضمون“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ص 17
  8. ايضا ص 43
  9. ايضا ص 17
  10. دائودپوٽو، عمر بن محمد (علامه)، 1937ع: ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“، مولوي عبدالصمد شريف الدين پروپرائيٽر بمبمي
  11. ايضا ص 107
  12. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، 2004ع: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ انسٽيٽوٽ آف سنڌ الاجي، ص 47
  13. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، 2004ع: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ انسٽيٽوٽ آف سنڌ الاجي، ص 32
  14. حامي، عطا محمد، 1981ع: ” ڪلاسيڪي شاعري“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص10
  15. قناصرو، منظور احمد، 2009ع: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي حيات و افڪار (اردو)”، ص 160
  16. ايضا ص347
  17. دائودپوٽا، عمر بن محمد (علامه)، 1994ع: ”ابيات سنڌي“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ص 83
  18. ايضا ص 73
  19. انصاري، عثمان علي (مرتب)، 1958ع: ”رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)“، سنڌي ادبي بورڊ، ص 57
  20. ڀٽي رشيد، 2010ع:’تصوف اور ڪلاسيڪي سندهي شاعري‘ ، سنڌي ادبي سنگت، ص 77
  21. ايضا ص 79
  22. ايضا ص 83
  23. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)،(مرتب)، 2005ع: ”خليفي نبي بخش جو رسالو“ سنڌي ادبي بورڊ، ص 19
  24. ڀٽي رشيد، 2010ع:’تصوف اور ڪلاسيڪي سندهي شاعري‘ ، سنڌي ادبي سنگت، ص 91