ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | ISSN: 2519-9765 |
قيمت | 140 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (945) PDF E-Pub |
انگ اکر | 5 January 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 106190 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڊاڪٽر حاڪم علي ٻرڙو /
ڊاڪٽر منظور احمد ويسريو
سنڌ جو لعل شهباز قلندر
(زندگي، شخصيت، ڪردار ۽ پيغام)
Lal Shahbaz Qalandar: His life & message
Abstract:
Uthman Marvandi; the great saint of the Sufi legacy in Sindh, called Lal Shehbaz Qalandar, has been prominent figure of mystic wisdom in Sindh. This article would excavate the diverse aspects of his personality via basic notions of mystic message and the ideal character of Shahbaz Qalandar. In the same realm, we would enlighten his personality in terms of his life, education and the entitlement as Qalandari embedded with his name. How did he reach Sindh and stayed in Sehwan Sharif Sindh where he invigorated his spiritual wisdom and preached the enormous message of peace and truth and upheld the legacy of mysticism.
سنڌ جي قدامت ۽ عظمت هنڌين ماڳين مشهور آهي، هيءَ ڌرتي صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، ان عظمت ۽ شهرت جا ڪيئي حوالا آهن، جن مان هڪ اهم ۽ مشهور حوالو حضرت عثمان مروندي باالمعروف لعل شهباز قلندر آهي. حضرت لعل شهباز قلندر انهن اوليائن مان آهي جن جي عظمت ۽ شهرت پوري دنيا ۾ مشهور آهي. بقول محمد خان مجيدي:
ولي ڪو آهي سنڌ جو آهي، ولي ڪو هند جو آهي،
مگر تنهنجي ولايت جو آهي، نه آهي دنگ دستوري (1)
اباڻو وطن: قلندر لعل شهباز جي اباڻي وطن جي حوالي سان ڪجھه اختلاف ملن ٿا، بقول: ضياء الدين ايس بلبل:
“There is controversy regarding the name of the place of his birth. The names suggested as against Marwarnd are Marrand, Marvand Mainmand. The trouble has arisen on account of absence of any name of Marwand in history or geography, in Aizerbaijan in which the place of birth of the Qalandar is said to have been situated according to the majority opinion. As Marrand is mentioned as the name of one place in Aizerbaijan, some historians have come to the conclusion that he was born here.” (2)
ان سلسلي ۾ پروفيسر محبوب علي چنا، پنهنجي مضمون:
”حضرت عثمان مروندي ۽ سيوهڻ جي نگري“ ۾ پنهنجي تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”آخر بنده تحقيق شروع ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتو ته حضرت لعل شهباز ”مرندي“ آهي ۽ نه ”مروندي“ جيئن عام طرح مشهور آهي. انگريزي ڪتابن ”ايران- ماضي ۽ حال از ڊونالڊ- اين ولبر ۽ افغانستان از فريزرٽٽلر“ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هرات کان اتر ۾ ڪشڪ نالي شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان جون حدون ملن ٿيون. ان کان به اتر ۾ 160 ميل خشڪ ۽ جابلو ملڪ ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان نالي “مرو” (Meru) جو عربن جي ڏينهن ۾ خراسان جي اڳوڻي گاديءَ جو هنڌ هو اتي سڪندر جي وقت جا کنڊرات پسجن ٿا. هي شهر علم عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز رهيو آهي. سلجوقين ڏينهن ۾ هن ۾ يونيورسٽي هئي. ڪيترن ئي سياسي حڪمرانن جي جمع جو لقمو رهيو. هاڻي روس جي حدود جي اندر آهي. آذربائيجان جي گاديءَ جو هنڌ تبريز آهي. هي تهذيب، علم ۽ عرفان، قدامت ۽ سير و تفريح جو سينٽر رهيو آهي. ان جي مضافات ۾ سياحن کي مراغه، ”مرند“ ۽ ريزايه جا شهر ملن ٿا. مرند جو شهر اتر اولھه ۾ چاليھه ميلن تي واقع آهي. هاڻي جيڪڏهن افغانستان جو سابق شهر ”مرو“ وٺون ته اهو ”مرو“ آهي ۽ نه ئي ”مروند“ جيئن عام طرح مشهور آهي ان ڪري آذربائيجان پرڳڻي جي شهر ”مرند“ کي لعل شهباز مولد سمجھبو”.(3)
مطلب ته لعل شهباز قلندر جو اباڻو وطن آذربائيجان آهي. ۽ شهر جو نالو مرند” آهي. بقول اقبال احمد:
ترجمو: ”مرند، مان مروندي ٿيڻ ڪا تعجب جي ڳالھه نه آهي.“ (4)
خاندان:
”حضرت لعل شهباز قلندر اعلى خاندان سان تعلق رکندا هئا. سندس والدين نهايت پرهيزگار ۽ نيڪ هئا. سندن والد بزرگوار سيد ڪبير الدين پنهنجي وقت جو بزرگ عالم، عامل ڪامل، ولي ۽ عابد زاهد هو ۽ هميشه عبادت الاهي ۾ مستغرق رهندو هو. هن بزرگ مرند جي والي سلطان شاهه جي پاڪ سيرت دختر نيڪ اختر سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس شهنشاھ قلندر تولد ٿيو. ڪن روايتن موجب سندن والد جو نالو ابراهيم ۽ لقب ڪبير ڄاڻايو ويو آهي. حضرت جن جا وڏا اصلي عراق جا باشندا هئا. ڪن سببن ڪري اتان هجرت ڪري ايران جي مشهور شهر ”مشهد مقدس“ ۾ اچي رهيا. اتان لڏي افغانستان ۾ آيا ۽ آذربائيجان ۽ تبريز درميان ”مرند“ ۾ اچي مستقل طور رهيا.“ (5)
ان حوالي سان ”قلندر نامو“ جو مصنف لکي ٿو ته:
”حضرت قلندر جي والد ماجد حضرت شاھ روشن ضمير سيد ڪبير قدس سره ٻڍاپڻ تائين شادي خيرمرادي ڪانه ڪئي هئي. ساري عمر گران مايه پنهنجي تنهائي ۽ تجرد جي گوشي ۾ گذاري هئائون. تنهن جو سبب استغراق دائمي هو. هميشه حق جي مشاهدي ۾ محو رهيا. ان ڪري دنيوي دادگير کان بي خبر رهيا. پوءِ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺائون ته حضرت لعل شهباز عالم ارواح مان کين ٿو چوي ته ”بابا مون کي پنهنجي پشت مبارڪ مان ٻاهر آڻيو، حضرت ڪبير روشن ضمير فرمايو ته: ”بابا ظهور پر نور اوهان جو بهتر آهي ته بهشت ۾ ٿئي ۽ نه اسان جي پشت ۾.“ شهباز جواب ڏنو ۽ فرمايو ته نبين ولين جي طريقي موجب دار دنيا ۾ ظهور ڪرڻ وارو ۽ خاص ۽ عام تي پنهنجي فيض جو انعام پورو ڪرڻ ضرور آهي. هاڻي توهان حضرت جن کي جڳائي ته عقد نڪاح جو ڪريو ۽ فيض جي درياءَ جو قلف کوليو. ”انهيءَ اشارت فيض بشارت موجب حضرت سيد ڪبير جي عقد نڪاح جي جستجو جو گفتگو ڪرڻ ٿيو. اوچتو بادشاھ عالي جاھ سلطان شاھ والي مروند جي اعاده باطنيءَ سان انهيءَ خبر تي اطلاع لڌو ۽ انهيءَ مائٽيءَ ۾ سعادت دارين سمجھي پنهنجي نياڻي حضرت ڪبير جي راڻي ڪيائين جا ظاهري باطني حسن ۾ ساري خلق مان ممتاز ۽ پاڪ پاڪيزگيءَ ۾ سڄي عالم کان سرفراز هئي.“ (6)
پيدائش:
مولانا مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي لکڻي مطابق:
”هي عام نظريو هو ته حضرت لعل شهباز جي ولادت 538ھه ۾ ٿي ۽ پاڻ 112 ورھيه زنده رهي، 650ھه ۾ انتقال ڪيائون. پر جيئن ته بزرگ جي سوانحه مبارڪ جي هر ڪڙي تحقيق طلب آهي، سندن وفات جو محققانه سن بنده جي تحقيق مطابق سن 673ھه آهي ڇو ته 650ھه مطابق 1252ع وقت سلطان بلبن اڃا سلطاني جون واڳون نه ورتيون هيون. هو صاحب 662ھه 1265ع ۾ مَسَ سلطان بنيو. ان حساب سان سن ولادت ۾ به ڦيرو ايندو، جيڪڏهن سندن عمر اگر 112 سال ليکبي. ورنه عمر جي مدت پڻ تحقيق طلب آهي.“ (7)
قلندر لعل شهباز جي جنم جي حوالي سان مختلف عالمن جي بيان ڪيل تاريخن جي جائزي کان پوءِ ڊاڪٽر حيدر سنڌي پنهنجي تصنيف “حياتِ قلندر شهباز” ۾ لکي ٿو ته: ترجمو:
”...قلندر شهباز جي عمر 112 سال ٻڌائي وڃي ٿي. ان لحاظ کان جڏهن سڀني تصنيفن جو جائزو وٺون ٿا ته گھڻن جو فيصلو سال 538ھه جي چوڌاري گھمي ٿو. 538 عدد تي غور ڪرڻ سان هڪڙو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته ڪٿي عدد ۾ ڏجي عدد کي ڪاتب طرفان اڳيان پويان رکڻ ۾ غلطي ته ناهي ٿي؟ ڇو ته هر طرح جي تحقيق سان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سندن ولادت جو سن 538ھه ئي آهي.“ (8)
هڪ مشهور ۽ مستند ڪتاب ”خزينه الاصفياء“ جي حوالي سان حيدر سنڌي لکي ٿو ته: هڪ مشهور ۽ مستند ڪتاب ’خزينه الاصفياء‘ ۾ پڻ ٽي قطعا ڏنل آهن. انهن ٽنهي جو تعلق بحث هيٺ آيل نڪتن تي آهي. ’از فلڪ ڪرامتا‘ سان سال 538 بڻجــــي ٿو، جيــڪو ولادت جو ســــال طيءِ ڪري ٿو. ٻئي قطــعي ۾ لفظ ”ولي الله“ آهي، جيڪو لعل شهباز جي عمر 112 سال ثابت ڪري ٿو ۽ ٽئي قطعي ۾ جيڪو لفظ ”برحمته“ موجود آهي ان جا عدد 650 آهن 7 انهن عددن مان سندن رحلت جو سال ثابت ٿئي ٿو جيڪو يقينن 650 ھ ئي آهي ڇو ته 835 ھ ۽ سن 650 ھه جو فرق به 112 سال آهي.“ (9)
نسبت جو سلسلو:
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪتاب ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي حوالي سان لکي ٿو ته سندن نالو مبارڪ سيد عثمان هو ۽ حسيني ساداتن مان آهي. نسب شريف تيرهن واسطن سان امام جعفر صادق سان ٿو پهچي. هن طرح سان شجرو آهي:
”سيد عثمان مروندي بن ڪبير الدين بن شمس الدين بن سيد نور شاھه بن سيد محمود شاھه بن سيد احمد شاھه بن سيد هادي شاھه بن سيد مهدي شاھه بن سيد منتخب بن سيد غالب بن سيد منصور بن سيد اسماعيل بن سيد امام جعفر رضه تعالى عنهم اجمعين.“ (10)
تعليم ۽ تربيت:
جيئن ته حضرت قلندر لعل شهباز جو والد پنهنجي دور جو يگانو عالم ۽ درويش صفت انسان هو ۽ پاڻ تبريز جي عالمن ۽ مشائخن ۾ اهم مقام رکندا هئا. جنهن ڪري قلندر شهباز جي نشو ۽ نما، تعليم ۽ تربيت سندس نگرانيءَ ۾ ٿي. پاڻ جڏهن ستن سالن جا ٿيا ته قرآن پاڪ حفظ ڪيائون. اهڙيءَ طرح پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي حافظ قرآن بڻيا. انهيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ ۾ به مهارت حاصل ڪيائون. فارسيءَ ۾ سندن مهارت جو پتو فارسيءَ ۾ سندس لکيل تصنيفن ۽ ڪلام مان پوي ٿو.
لعل شهباز جا لقب القاب:
قلندر لعل شهباز جو اصل نالو سيد عثمان هو. پر سندن ڪيترائي لقب مشهور آهن. جيئن لعل، شهباز، قلندر، سيف اللسان، شمس الدين، مهدي، مخدوم وغيره انهن لقبن جي تفصيل لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته:
کين ”لعل“ لقب انهيءَ سبب پيو هو جو گھڻو ڪري سرخ لباس ڍڪيندا هئا. جيئن اسان مٿي هڪ نقل ۾ اشارو لکيو آهي ته بابا ابراهيم قدس سره کين سرخ لباس ۾ ڏٺو هو جھروڪ ”شيخ سيد جلال الدين بخاري“ قدس سره کي جلال الدين سرخ ڪري سڏيندا آهن. جيئن انهن جو لقب به سرخ آهي تيئن حضرت شهباز بلند پرواز جو لقب به ”لعل“ آهي. اڪثر انهيءَ لقب سان پيو سڏجي.
شهباز جو لقب ته سندن مشهور آهي، سو ان ڪري جو کين مرشد صاحب ائين سڏيو آهي. هي به معلوم هجي ته پنهنجي مرشد جي سڀني مريدن کان ولايت ۾ فائق هئا تنهنڪري کين پنهنجي مرشد کان ”شهباز“ جو لقب مليو. ”قلندر“ لقب انهيءَ ڪري پين جو مشرب قلندري اختيار ڪيو هئائون، انهيءَ ڪري قلندر جي لقب سان مشهور ٿيا. ”سيف اللسان“ لقب انهيءَ ڪري پين جو جيڪي چوندا هئا، اهو ٿي پوندو هو. مهدي لقب انهيءَ ڪري پين جو ماڻهن منجھس گمان ڪيو ته آخر زماني جو مهدي موعود آهي، جيئن ته سيد صديق حسن خان، جو نهايت مشهور عالم محدث هو، ڪتاب حج الڪرامته ۾ لکيو آهي ته حضرت شهباز قلندر ۾ به ماڻهن مهدي هئڻ جو گمان ڪيو هو ۽ جيڪي حضرت قلندر جا تابع آهن، سي هن کي قلندر ڪري چوندا آهن.
شمس الدين لقب انهيءَ ڪري پين جو دين اسلام جي لاءِ سوجھرو هيا، يعني دين اسلام کي تمام روشن ڪيائون جو وري انهيءَ لقب سان مشهور ٿيا. مخدوم لقب انهيءَ ڪري پيو هون جو ظاهري علم کان تمام واقف هئا جيئن ظاهري عالمن کي مخدوم ڪري چئبو آهي، پاڻ جڏهن سيوستان ۾ آيا، تڏهين سندن اچڻ جي تاريخ ڪنهن قابل ”شمس الدين“ جي ترجمي مان ڪڍي آهي جو هي لفظ چيا اٿس: ”نمود آفتاب دين“ جيئن مٿي اسان لکيو آهي، اتان پروڙڻ گھرجي.“(11)
قلندر شهباز جي ”لعل“ لقب متعلق هڪ ٻي روايت به مشهور آهي. جيڪا هن ريت آهي ته:
”هڪ ڏينهن جذبي جي حالت ۾ اچي ننڍا پٿر ڪڻي مٿي هوا ۾ اڇلائي ڪرڻ مهل انهن کي جھوليءَ ۾ جھلي کيڏي رهيا هئا. اهو ڏسي هڪ شخص چين ته اوهان ائين پٿرن سان کيڏي رهيا آهيو، اوهان ته خدا جا ولي آهيو پٿرن بجاءِ اوهان کي ته ”لعلن“ سان کيڏڻ گھرجي. اهو ٻڌي بزرگ جھوليءَ کي کڻي ڇڏيو. جھوليءَ وارا پٿر زمين تي ڪرڻ سان لعل بڻجي ويا. ان کان پوءِ سڀئي ماڻهو کين لعل سڏڻ لڳا.“ (12)
قلندر لعل شهباز ۾ ٻين ڪيترين ئي خوبين سان گڏ سخاوت جو جذبو پڻ موجود هو. انهيءَ ڪري پاڻ ”سخي شهباز قلندر“ جي لقب سان پڻ مشهور آهن.
بيعت:
ابتدائي تعليم جي تڪميل کان پوءِ قلندر لعل شهباز کي ڪامل مرشد جي تلاش هئي. ان حوالي سان به ڪجھه روايتون ملن ٿيون بقول رقيه غلام نبيءَ جي:
”حضرت شهباز قلندر روحاني راز، الاهي عشق جي رمزن ۽ حقيقي حال جي حاصلات لاءِ جنهن پهرئين مرشد جي دست بيعت ڪئي ان لاءِ مختلف روايتون آهن پهرئين روايت موجب هو شيخ بابا ابراهيم جو مريد ٿيو. ٻي روايت پٽاندر شيخ بهاول الدين ملتاني جو نالو اچي ٿو. ٽين روايت مطابق شيخ جمال مجرد مصري جو نالو نروار ٿئي ٿو. جنهن جو سلسلو هيئن ذڪر ڪيل آهي: سيد عثمان مروندي مريد شيخ جمال مجرد، مريد شيخ بابا ابراهيم مريد شيخ ياقل شهيد مريد مسڪين شهيد مريد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر رضه عنه“. (13)
ان حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته:
”تحقيقي هي آهي ته حضرت شهباز بابا ابراهيم جو مريد هو. حضرت ابراهيم مريد شاھ جمال مجرد جو هو، جو هڪ سڄو سال هن صاحبِ ڪمال جي خدمت عالي درجت ۾ رهي ڪماليت کي پهتو. فرقو خلافت ۽ اجازت ملين ۽ پڻ هڪ سنگ مقبول، جنهن کي هينئر “گلوبند” ڪري چون ٿا، جو بابا ابراهيم کي سيد جمال کان پهتو هو سو به حضرت شهباز کي بابا ابراهيم عطا ڪيو“ (14)
انهن حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته قلندر لعل شهباز سڀ کان پهرين حضرت بابا ابراهيم جو مريد ٿيو، ۽ روحاني علم اول ان کان حاصل ڪيائين.
قلندر مسلڪ:
قلندري طريقي بابت ميمڻ مجيد لکي ٿو ته:
”قلندر حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضع ڪيل اصطلاح آهي. قلندر، ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجن ارادن، خواهشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاهي رهي، ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري، يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجھ جو مرڪز ۽ محور بنائڻ قلندري طريقي جي خصوصيت آهي. انهيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جو بنياد ٻن ڳالهين تي آهي: زهد ۽ محبت. مطلب ته فقط هڪ جو ٿي رهڻ ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ ۽ انهن سان ڪوبه لڳ لاڳاپو نه رکڻ ان طريقيڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي آهي ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ آهي.“(15)
وري اڳتي مستيءَ متعلق لکي ٿو ته:
”مستيءَ جي تعريف هن طرح ڪري سگھجي ٿي ته ”مستي عشقِ الاهيءَ جي حد ڪمال جي نشاني آهي ۽ عشق جي انتهائي منزل آهي. مطلب ته قلندري طريقو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ مستي، جوش، جذبي، محويت ۽ استغراق تي گھڻو زور ڏئي ٿو. قلندري طريقو حضرت سيد جمال مجرد کان شروع ٿيو، جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو. چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شهباز جو قلندري مسلڪ، سيد جمال مجرد جي سلسلي سان ملي ٿو.“ (16)
علامه اقبال به قلندريت جو اهو مفهوم بيان ڪري ٿو. اقبال جي نظر ۾ قلندر اهو آهي جنهن جي دل ۾ دنيا جي خطرن ۽ ڏکيائن جو خوف نه هجي، بقول اقبال:
آن ہزار خوف ہوں لیکن زبان ہو دل کی رفیق
یہی رہا ہے ازل سے قلندروں کا طریق
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ مطابق حضرت لعل شهباز جو قلندري مسلڪ، حضرت امام زين العابدين کان ٿيندو، حضور ﷺ تائين پهچي ٿو. ان حوالي سان هو لکي ٿو ته:
”تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سلسلو قلندري شاھه جمال مجرد قدس سره کان حضرت علي رضه بن امام موسى ڪاظم تائين منتهي ٿو ٿئي. حضرت علي رضا پنهنجي پدر بزرگوار امام موسى ڪاظم جو مريد هو ۽ امام جعفر صادق جو هو ۽ وري حضرت امام زين العابدين جو هو واري حضرت حسين شهيدن ڪربلا جو ۽ سيد الشهداءَ واري سندس والد ماجد حضرت امير المومنين المسلمين حضرت علي ڪرم الله وجه جو ۽ حضرت شير خدا سرورِ ڪائنات حضرت محمد مصطفى نبي الاولين والآخرين وسيلتنا في الدارين جو آهي.“ (17)
ساگر ڪانڌڙو، ڊاڪٽر دُرشهوار سيد جي حوالي سان ان سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”قلندري سلسلو رسول ڪريم ﷺ کان حضرت علي ڪرم الله وجه ڏي منتقل ٿيو، پر تصوف جا تمام گھڻا سلسلا حضرت عليرضه جي نگرانيءَ ۾ پروان چڙهيا، دراصل قلندري سلسلو سڀ کان پهريائين حضرت عزيز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هڪ صحابي هو، جن کي رسول ڪريم ﷺ جن قلندر چوندا هئا، اويس قرني کي به هڪ عظيم قلندر مڃيو وڃي ٿو.“ (18)
سير سفر:
حضرت شهباز قلندر روحاني فيض حاصل ڪرڻ ۽ دين جي تبليغ ۽ تشهير جي سلسلي ۾ پوري حياتي سير ۽ سفر ۾ گذاري. ان دوران سندس ملاقاتون مختلف صوفي بزرگن ۽ وقت جي اوليائن سان ٿيون. جن کان پاڻ فيض پرايائون. سندن سير ۽ سفر جو احوال بيان ڪندي ڊاڪٽر يعقوب مغل لکي ٿو ته:
”لعل شهباز سير و سياحت جو آغاز ايران کان ڪيو ۽ سڀ کان پهرئين حضرت امام رضه جي مزار تي اعتڪاف ۾ ويٺو، جيڪو چاليهن ڏينهن تائين جاري رهيو. پاڻ اتان عراق ويو. جتي امام ابو حنيفه جي درگاھ تي حاضر ٿيو. ان بعد بغداد کان حجاز مقدس تائين پيادل سفر ڪيائين. ان سفر دوران پهريائين ڪربلا معلى، ان کان پوءِ نجف شريف ۾ حضرت علي ڪرم الله وجھه جي روضي تي حاضري ڏنائين، ان کان پوءِ حرمين شريفين پيادل روانو ٿيو. حج بيت الله ادا ڪرڻ کان پوءِ مدينه منوره ۾ خشوع ۽ خضوع سان عبادت ڪيائين.“(19)
”روايت ۾ آيو آهي ته اتان کيس بشارت ملي ته هندوستان ۾ الله جا بندا سندس ملاقات لاءِ منتظر آهن. اتي وڃي دين جي نعمت سان ”هند“ ۽ ”سنڌ“ جي ماڻهن کي نوازيو. واپسي ۾ ٻيو حج بيت الله ادا ڪري بغداد ۾ پير عبدالقادر جيلاني جي ٻيهر حاضري ڏيڻ کان پوءِ ايران ۽ مڪران کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو.“ (20)
حج ادا ڪرڻ کان پوءِ حضرت لعل شهباز ايران ۽ مڪران کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿيو بقول انعام محمد:
“After performing Hajj and paying homage at the sacred places, Hazarat Qalandar now entered the third pahse of his life and left Marwand for India travelling through the Mekran Coast. Enroute Hazrat Qalandar Stayued in the Valey of Panj-Goor Pasni, Lahoot-Lamakan, and ultimately reached Multan where he met Hazrat Shaikh Bahauddin Zakaria Sharwardy, Hazrat Baba Farid, and Hazrat Makhdooom Surkh Bokhari, the great saints who were at this time in Multan.” (21)
مٿئين حوالي ۾ ڪن بزرگن جا نالا ڏنل آهن. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته قلندر لعل شهباز جي انهن ٽنهي بزرگن حضرت غوث بهاؤل الدين زڪريا ملتاني، شيخ فريد الدين شڪر گنج، سيد جلال سُرخ بخاري سان سندن صحبت هوندي هئي ۽ هي چارئي يار گڏجي سير ڪندا هئا. ڏھ سال ملتان ۾ رهڻ کان پوءِ روايتن موجب پنهنجي مرشد جي هدايت تي سنڌ ڏانهن سفر اختيار ڪيائون. پهريائين سڄي سنڌ گھمي پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيا. هڪ روايت موجب قلندر لعل شهباز سيوهڻ اچڻ وقت پهريائين لڪيءَ ۾ وڃي حضرت علي مڪيءَ جي پوٽي حضرت شاھ صدر الدين سان ملاقات ڪئي. بقول انعام محمد:
“Hazrat Qalandar reached a place Called “Laki” where Hazrat Shah Saddar was living and after paying his respects to this great pioneer and Mujahid saint, Hazrat Qalandar proceeded to Sehwan which is at a short distance. Sehwan was ruled by an evil, corrupted and ruthless Hindu Ruyles King Jessar also called Charbat. Sehwan at this period was a den of Idolatory, debauchery, vices, immorality, and prostition and gambling. Hazrat Qalandar chose a central place in the heart of the evil city of Sehwan surrounded by the evil Raja Jessar and his equally evil people.” (22)
سيوهڻ ۾ قيام:
مختلف روايتن ۾ اچي ٿو ته حضرت لعل شهباز قلندر سيوهڻ ۾ هڪ سال رهيو. ان ڳالھ جي تصديق ”قلندر نامو“ مان پڻ ٿئي ٿي. بقول مصنف: ”ملتان کان پوءِ سيوستان ۾ سن 649ھ ۾ تشريف فرما ٿيا. جيئن ڪنهن قابل سندن سيوستان ۾ تشريف فرمائڻ جي تاريخ پارسيءَ ۾ هن طرح چئي آهي: قطعه:
چون باز آشيان قدس شهباز، سيوستان را نموده جنت آسا،
خرد تاريخ آن ازروئي ”اخلاص“ ”نمود آفتابِ دين“ بگفتا.
اخلاص جو پهريون لفظ الف تنهنجا عدد به پوئين مصرع جي ”نمود آفتابِ دين، جي لفظن جي عددن سان حساب ڪيا ته سن 649ھ معلوم ٿئي ٿو، انهيءَ وقت ۾ سندن ڄمار هڪ سو يارهن ورهيه هئي جو مٿئين تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي.“ (23)
حضرت لعل شهباز قلندر سيوهڻ ۾ هڪ سال گذاريو پر پنهنجي علم، فضل، عمل ۽ ڪردار سان ان بگڙيل معاشري کي سنواري سڌاري ۽ اسلام جي روشنيءَ سان اهڙو منور ڪيو جو اڄ به سندن فيض ۽ برڪتون جاري آهن ۽ اڄ به سنڌ جو عوام کيس پنهنجو روحاني رهبر مڃي ٿو.
مريد ۽ صحبتي:
حضرت لعل شهباز قلندر جن جي شخصيت ايتري ته پرڪشش هئي جو ماڻهو خود بخود ساڻس ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سندن فيض جي چشمي مان پنهنجي روحاني اُڃ اجھائيندا هئا. جن صاحبن سندن بزرگي مان فيض پرايو انهن ۾ سيد بدر الدين ولد صدر الدين بکري، حاجي اسماعيل پنهور، شيخ مکڻ، سيد نظر شاھ، سيد اسد شاھ، سيد نهال شاھ نوري، سڪندر بودلو، سيد مير ڪلان، شاھ گودڙو وغيره شامل آهن.
وفات: تاريخ ۽ تحقيق جي روءِ سان سندن مستند تاريخ وفات 21 شعبان 673ھ آهي.
روضو مبارڪ: حضرت لعل شهباز قلندر، سيوهڻ شريف جتي اچي رهيا اتي ئي سندن آخري آرام گاھ آهي. حضرت لعل شهباز جي درگاھ جي تعمير مختلف حڪمرانن جي دور ۾ ٿيندي رهي آهي. سڀ کان پهريان درگاھ جي تعمير 757ھه ۾ ملڪ اختيار الدين ڪرائي هئي، جيڪو فيروز شاھ بادشاھ جي دور ۾ سيوستان ۾ حاڪم ۽ ناظم هو. تنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ ترخاني پنهنجي دور ۾ نيئن سري سان مقبري جو گبنذ تعمير ڪرايو. ان کان پوءِ مرزا جاني بيگ جي پٽ مرزا غازي بيگ، جهانگير بادشاھ جي وقت ۾ روضي جي اڳيان عمارت تعمير ڪرائي رهيو هو ته وفات ڪري ويو جنهن ڪري عمارت مڪمل نه ٿي سگھي. ان کان پوءِ سيد بهوره عرف ديندار خان بخاري خانقاھ جي عمارت تيار ڪرائي ۽ خانقاھ جي صحن کي رنگا رنگي ڪاشيءَ جي سرن سان رنگين ڪرايائين ۽ مسجد به اڏايائين. اڳتي وري 1173ھه ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي فرش سنگين به ڪرايو اڳيان دروازو بلند حجره وانگي به وجھرايو.(24)
1970ع واري ڏهاڪي ۾ سابق وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو هڪ خوبصورت دروازي جو نذرانو پيش ڪيو. جنهن کي سونو دروازو “Golden Gate” چيو وڃي ٿو 8X12 فوٽ جو اهو دروازو درگاھ جي احاطي ۾ ڏکڻ طرف لڳايو ويو آهي. (25) جيڪو ايراني ڪاريگرن جي مهارت جو انمول نمونو ۽ تاريخي يادگار پڻ آهي.
تنهن کان پوءِ جڏهن 1994ع ۾ روضو مبارڪ شهيد ٿيو ته 23 نومبر 1994 تي ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بنظير ڀٽو، دي ڊولپمينٽ آف ورڪس آف درگاھ حضرت لعل شهباز فيز-I (The Development of works of Dargah Lal Shahbaz Phase-I) اسڪيم تحت جي نئين قلندر لعل شهباز سوني گبنذ واري روضي مبارڪ جي منصوبي جي سنگ بنياد پنهنجن هٿن سان پاڻ رکيو هو، هينئر پڻ روضي مبارڪ جو نئون گبنذ 2013ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي دلچسپيءَ سان تياريءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي.(26)
قلندر جو ميلو يا عرس:
حضرت قلندر شهباز جو ميلو هر سال 18 شعبان کان 20 شعبان تائين ملهايو ويندو آهي. ”ميلو يا ميڙو“ سنڌي لفظ آهي، عربيءَ ۾ ان کي ”عرس“ چوندا آهن. قلندر جو ميلو هر سال نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قلندر شهباز جا عقيدتمند هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿي، پنهنجون روحاني رسمون ادا ڪري، روحاني سڪون حاصل ڪن ٿا.
قلندر شهباز جي ميلي کي منظم انداز ۾ منعقد ڪرڻ ۽ قلندر لعل شهباز جي شخصيت ۽ انهن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 1961ع ۾ قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي قائم ڪئي وئي. جنهن ان حوالي سان ڪجھ ڪتاب پڻ شايع ڪيا. هاڻي اها ساڳي ڪميٽي ”شهباز ميلا ڪميٽي“ جي صورت ۾ هر سال قلندر لعل شهباز جي عرس جي پروقار موقعي تي نه رڳو شايانِ شان طريقي سان ميلو منعقد ڪرائيندي آهي، پر هر سال شهباز سووينئر پڻ شايع ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه اها ”ميلا ڪميٽي“ هر سال ميلي جي موقعي تي زرعي ۽ صنعتي نمائش، ملاکڙو، سگھڙن جي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس ۽ ڪلچرل شو وغيره تقريبون پڻ منعقد ڪرائيندي آهي.
قلندر شهباز جي ميلي جي خاص ڳالھه ميلي جون ڌمالون آهن. جيڪي ٽيئي ڏينهن لڳنديون رهنديون آهن. هن قديم رسم ۾ قلندر جا ٻاهران آيل زيارتي، درگاھه جي ڪافين جا فقير توڙي ٻيا ايندڙ زائرين پنهنجن پنهنجن گروهن سان پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي اچي ڌمال هڻندا آهن. نغارن، دهلن، شرنائين، نادن، نفيلن ۽ نعرن سان ماڻهو جوش جنون جي ڪيفيت ۾ اچي نچڻ لڳندا آهن. ڌمال هڻڻ لاءِ عمر ۽ جنس جو ڪو به قيد ڪونهي، پوڙهو، پڪو، ٻار ۽ عورتون، حال کان بي حال ٿي هن سرور واري ڪيفيت ۾ حصو وٺن ٿا. اها ڌمال ڪو عام ناچ نه آهي بلڪه اها هڪ خاص روحاني ڪيفيت طاري ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. جيئن ان حوالي سان هڪ هنڌ انعام محمد لکي ٿو ته:
“Hazrat Qalandar performed a dance called “DHAMMAL” which is similar to the one popularly known as the whirling dance of the Durveshes of the Rumi sect. The Dhammal of Hazrat Qalandar was with the same object but of a different style. The idea underalying Dhammal is dance of Trance, where the mind is conncerntrated on the name of the Creator and the whole body moves in devotion. There is complete coordination between soul mind and body all the three functioning in deep contemplation of the name of Allah.
قلندر لعل شهباز عالم ۽ شاعر:
حضرت لعل قلندر شهباز نه صرف قلندري مسلڪ سان تعلق رکندڙ درويش، بزرگ ۽ ولي الله هئا بلڪه بلند پايه عالم، استاد، مقرر، اديب ۽ شاعر پڻ هئا. کين عربي ۽ فارسي علوم ۽ ادب تي دسترس حاصل هو. ان سان گڏو گڏ سندن قرآن پاڪ، حديث مبارڪ ۽ فقه جو مطالعو پڻ وسيع هو. سندن لکيل ڪيترا ڪتاب مدرسن جي نصاب ۾ شامل هئا، جن مان خاص ڪتابن جا نالا هي آهن. عقد، اجناس، ميزان صرف، صرف صغير قسم ٻيو وغيره.(28)
قلندر شهباز جي علم ۽ ادب متعلق مختلف عالمن ۽ سوانح نگارن جون روايتون ملن ٿيون. ان حوالي سان رقيه غلام نبي، انگريز عالم برٽن جي ڪتاب ”هسٽري آف سنڌ“ جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”قلندر شهباز وڏو عالم ۽ لسانيات جو ماهر هو، صرف نحو ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. منهنجي وقت ۾ سندس هي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا: عربي صرف نحو ان سان گڏ ميزان صرف ۽ صرف صغير مشهور آهي.“ (29)
وري اڳتي لکي ٿي ته:
”سندس ٻيا ڪتاب ”عقد ۽ وجود العاشقين“ تمام مشهور آهن. ڪتاب ”ميزانِ صرف“ جي شرح مولوي عبدالحئي لکنوي ڪئي آهي جيڪا اڄ به مدرسن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. سندس ٻئي ڪتاب ”عقد“ جي شرح علامه محمود ٽٺوي ڏهين صدي هجري ۾ لکي آهي. مخدوم محمد هاشم ٽٺوي پنهنجي ڪتاب ”مدح“ ۾ پڻ حضرت شهباز قلندر جي تصنيف جو ذڪر ڪيو آهي.“ (30)
”حيات قلندر“ جو مصنف ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي پڻ پنهنجي تصنيف ۾ مختلف ۾ مختلف عالمن جي شهباز قلندر جي علمي فضليت تي روشني وڌي آهي. ان سلسلي ۾ هو لکي ٿو ته: ترجمو:
”سنڌ جي قديم تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۽ ”تذڪره شهباز“ گواھه آهن ته قلندر شهباز عالم فاضل هو. پاڻ جيڪو سيوهڻ ۾ بلند پايي جو اقامتي مدرسو قائم ڪيو هو، ان ۾ سنڌ ۽ هند کان سواءِ ايران، مصر ۽ بصره وغيره کان شاگرد اچي مهينا ۽ سال قيام ڪندا هئا ۽ سَنَدَ يافته ٿي وطن موٽي ويندا هئا. مصدقا شاهديون اُهي به موجود آهن ته قلندر شهباز عربي گرامر، عربي لسانيات ۽ عربي شاعري جا قاعدن ۽ ضابطن متعلق چار ڪتاب لکيا هئا جيڪي ان مدرسي جي نصاب جو حصو هئا. ٻين لفظن ۾ ان ڳالھه جي تصديق ٿي وئي ته شهباز قلندر مدرسي ۾ اهڙا عالم فاضل ماڻهو پيدا ڪندو هو جن کي عربي، فارسي علمن ۽ شاعري توڙي گرامر تي پورو پورو عبور هوندو هو.“ (31)
حضرت شهباز قلندر هڪ قادر الڪلام شاعر پڻ هو. سندس ڪلام ديوان يا ڪليات جي شڪل ۾ ته موجود ناهي پر ڪجھه مضمونن، مقالن ۽ تذڪرن ۾ سندس ڪلام نقل ڪيل ملي ٿو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدامجيد قلندر شهباز جي هڪ نعت ۽ ڏھه غزل جمع ڪري پيش ڪيا آهن انهن جي مطالعي مان قلندر شهباز جي شاعريءَ جو ڪجھه اندازو ٿئي ٿو. ان حوالي سان علي سفيان آفاقي لکي ٿو ته: ترجمو:
”حضرت شهباز قلندر کي شاعريءَ سان به غير معمولي دلچسپي هئي. سندن مجموعه ڪلام ”عشقيه“ نالي سان منسوب آهي. حضرت ڪڏهن ڪڏهن وجد جي حالت ۾ بي مثال ۽ بي نظير شعر چئي ويندو هو. عثمان سندن تخلص هو ۽ ڪن جاين تي پاڻ پنهنجو ذڪر پنهنجن شعرن ۾ شهباز طور به ڪيو اٿن. سندن ڪلام ۾ الله سان عشق جو پرتو ۽ تصوف جو ذڪر نمايان آهي ۽ عشق و ڪيف جون ڪيفيتن کي نهايت ئي عمدي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي.“ (32)
ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي، پنهنجي تصنيف ”حيات قلندر“ ۾ سندن شاعريءَ جو اردو ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ سندن غزل، بيت ۽ رباعيون شامل آهن. انهن ۾ غزلن جو تعداد 42، بيتن جو تعداد 6 ۽ رباعين جو تعداد 100 آهي. شاعري جي ان ترجمي کان پهرين ڪلام تي روشني وجھندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ترجمو:
”جيڪي شعر يا ڪلام سندن نالي سان منسوب آهي، اهو فارسي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن جو موضوع الحامي ۽ آفاقي آهي ۽ اهڙو ئي آهي جھڙو سندن روحاني هستي جي شايان شان ٿي سگھي ٿو. هئيت ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان اهڙي شاعريءَ کي ”منقبت“ يا ”مناقبا“ چيو وڃي ٿو. هن مسودي ۾ شامل سندن شاعري به ڊگھن منقبت تي مبني آهي. نظم هئڻ جي ڪري ياد ڪرائڻ يا رکڻ ۾ آسان آهي. سندن هر شاگرد عام طور ۽ سندن معتقد خاص طور تي شاعري سينه به سينه ياد رکي آهي ۽ هو ان محفل ۽ مجلس ۾ فخر سان ڳائيندا ۽ ٻڌائيندا آهن جتي سندن مرشد متعلق ذڪر ٿئي ٿو. صدين کان هر سالياني عرس تي اهو ڪلام پيش ڪيو ويندو رهيو آهي.“(33)
ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي قلندر لعل شهباز جي ڪلام جو جيڪو اردو ترجمو ڪيو آهي. ان ترجمي جي مدد سان پتو پوي ٿو ته قلندر لعل شهباز قادر الڪلام شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود آهن جيڪي ڪنهن موزون ڪلام ۾ هئڻ گھرجن. شرين بياني سندس ڪلام جي اهم خوبي آهي. سندن ڪلام آفاقي آهي ۽ تصوف جي باريڪ نڪتن سان ٽمٽار آهي.
سندس ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته الله سان عشق ۽ الله تعالى جي قربت ان سان گڏ حضور پاڪ ﷺ سان محبت ۽ سندن اطاعت، خالص نيت سان عبادت ڪرڻ، موت کي ياد رکڻ، صبر، شڪر توڪل، عاجزي، انڪساري ۽ انسانن سان محبت ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ سندس ڪلام جا اهم موضوع آهن.
حضرت شهباز قلندر الله تعالى جي ديدار جو هر وقت طلبگار آهي. ان لاءِ فرمائي ٿو.
از محبت فراق چگويم درد دل
از شربت وصال عطا باکدا نما(34)
ترجمو: دوست جي فراق ۾ دلي ڪيفيت کي ڪيئن بيان ڪريان. بس هن عاشق صادق کي پنهنجي ديدار سان نواز.
هر وقت دل ۾ الله تعالى جو ذڪر ڪرڻ کپي ڇاڪاڻ ته اها اعلى عبادت آهي ان لاءِ فرمائين ٿا ته:
بيادِ خدا باش هر دم حضور
حضوري خدارا لقا خوشتر است (35)
ترجمو: گھڙي دل ۾ الله جي ياد کي آباد رکو، ڇو ته الله تعالى جي عبادت ۽ رياضت ئي احسن ترين عمل آهي.
حضور پاڪ ﷺ کي ٻنهي جهانن جو سردار ۽ تخليق آدم جو مقصد مڃي ٿو.
فرمائي ٿو ته:
آن شاہر ہ عالم عرپے محمدؐ ست
مقصود بود آدم عرپے محمدؐ ست(36)
ترجمو: ٻنهي جهانن جو سردار محمد ﷺ عربي آهي، آدم جي تخليق جو مقصد به محمد عربي آهي. اڳتي فرمائي ٿو ته اسان کي پنهنجن خطائن تي شرمسار هئڻ جي ضرورت ڪونهي جو اسان جو پيشوا حضور ﷺ جن آهن.
ما راز جرم حال پریشان خود چہ غم
چو پیسو کارم عرپے محمدؐ ست (37)
ترجمو: اسان کي پنهنجن گناهن تي شرمسار ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇو ته اسان جو رهنما ته حضرت محمد عربي آهي.
مطلب ته سندن ڪلام الله ۽ ان جي محبوب حضرت محمد ﷺ جن جي عشق سان ٽمٽار آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر اين. بي.جي قاضي سندن ڪلام جو تت مختصر لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:
“In conclusion, it may be said, that Lal Shahbaz Qalanndar was not only an enthusiastic missionary of Islam, but also a highly inspired saint, combining in himself the exoteric knowledge of religion and the esoteric gnosis of the Divine and lived a life of a Sufi, leading people from darkness to light and showing them the way from the creation to the creator, bringing them in close divine contact with the Highest Reality and making people feel his living role and individuality even after his physical death.” (38)
قلندر شهباز جو پيغام:
قلندر لعل شهباز، جنهن وقت سنڌ ۾ آيو ته ان وقت خاص طور تي سيوهڻ شريف ۾ جهالت، انڌير، بدڪاري جھڙيون برائيون عروج تي هيون. هن ڪامل ولي انهن براين کي ڏاڍ، زور، جبر ۽ قتل غارت کان سواءِ پنهنجي علمي بصيرت، عمل ۽ ڪردار ذريعي نه صرف سيوهڻ، سنڌ بلڪ پوري برصغير ۾ اسلام جي روشني ڦهلائي ۽ هر طرف وحدانيت جو پرچار ٿيڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته سندن پيغام اسلام جو آفاقي پيغام هو. سندن اعلى سوچ، تصوف جي فلسفي، انسانيت جي خدمت جي جذبي ماڻهن کي ايترو ته متاثر ڪيو جو ٿورڙي عرصي ۾ هزارين ماڻهو سندن معتقد ۽ مريد بڻجي ويا.
سندن نظر ۾ سڀئي انسان برابر آهن. ڪو به ڪنهن کان مٿاهون نه آهي، سواءِ چڱن عملن جي پاڻ بغير ڪنهن تعصب نسلي ڀيد ڀاءُ ۽ فرق جي سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ۽ ماڻهن کي ايثار، ڀائيچاري، اخوت، اتحاد ۽ امن جو درس ڏنو. اهوئي سبب آهي جو هر مڪتبِه فڪر سندس فلسفي تي ايمان رکي ٿو ۽ سندس معتقد آهي.
موجوده وقت ۾ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اسان هن عظيم فلسفي ۽ انسانيت جي محسن جي ڏنل پيغام تي عمل ڪريون. ڇاڪاڻ ته سندس عمل نه صرف ماضي لاءِ آهي بلڪه حال لاءِ به آهي ۽ هر وقت لاءِ پڻ.
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪـــوڙين ڪن سلام، آڳھه اچيو ان جي. (شاھ)
حوالا