سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 140    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (876) PDF  E-Pub
انگ اکر

5 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     103969   ڀيرا پڙهيو ويو

ايڊيٽوريل


”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل جو چوٿون شمارو توهان جي هٿن ۾ آهي. اسان کي خوشي آهي ته هميشه وانگر هي پرچو به وقت تي پڌرو ڪري رهيا آهيون، گذريل پرچن وانگر هن ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات بابت تحقيقي مقالا ترجيحي بنيادن تي ڏنا ويا آهن. هن نئين شماري ۾ ڪجهه سينيئر ليکڪن سان گڏ ڪجهه نوجوان ليکڪن جا مقالا به شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن تحقيق جي ميدان ۾ نوجوان نسل کي موقعا فراهم ٿين، سندن مقالا ماهرن/ايڊيٽوريل بورڊ جي منظوريءَ بعد شايع ڪيا ويا آهن.

                سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي جديد ۽ سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي گنجائش هميشھ موجود رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ مقابلي بازي جو دؤر آهي، جنهن ڪري اڪثر لکندڙ، تحقيق جي معيار تي پورا نه لهندڙ مضمونَ به اسان کي موڪلين ٿا. کين گذارش آهي ته تحقيق جي اصولن کي لاڳو ڪن؛ حوالا، حاشيه ۽ انهيءَ مقالي جو انگريزيءَ ۾ مختصر تت ضرور شامل ڪن؛ حوالا اصلي ٻوليءَ ۾ لکيل ۽ ترجمو ڪيل پڻ شامل هئڻ گهرجي، انٽرنيٽ تان ورتل حوالن جو تفصيل تاريخ سان ڏيڻ ضروري آهي. اسان هن ريسرچ جرنل کي ايڇ. اِي. سي ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميه وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، انهن جي گهُرجن کي پورو ڪندي جلدي توهان کي اها خوشخبري ڏينداسين ته هيءُ جرنل ايڇ.اِي.سي وٽ مڃتا ماڻي چڪو آهي. هن ريسرچ جرنل جي تياريءَ ۾ سب ايڊيٽر شوڪت چاچڙ، جرنل جي ايڊيٽوريل بورڊ ۽ ماهرن جي ڪاميٽيءَ جا پڻ شڪر گذار آهيون، جيڪي رات ڏينهن پنهنجو نُور نچوئي هن تحقيقي ڪم ۾ سهڪار ڪن ٿا.

                اميد ته اسان جي هيءَ ڪوشش به ساب پوندي.

 

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

ايڊيٽر