سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 140    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (876) PDF  E-Pub
انگ اکر

5 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     103951   ڀيرا پڙهيو ويو

شيخ اياز جا لوڪ گيت ــ هڪ مطالعو


ڊاڪٽر فياض لطيف

 

شيخ اياز جا لوڪ گيت ــ هڪ مطالعو

 

  Abstract:

 

Shaikh Ayaz is not only a prominent modern Sindhi poet but also an excellent prose writer. His poetry is marvelously melodious, but his thought provoking prose, invokes innovative and daring dreams. Ayaz has introduced new trends and expressed modern sensibility in his writings. His poetry is replete with realistic canvas of his sand and soil. He has portrayed exalted experiences through his art and skill in his poems

 Ayaz has communicated his innermost emotions and feelings in all genres of his poetry, but his ballads are unique in all respects. His ballads, really, have enthralled his readers through magical qualities. Sublimity of feelings, delicacy of emotions, ease of expression and candor of thoughts add to the uniqueness of his ballads. Leaving the theme of Ayazs’ ballads aside, one is amazed to find his diction, rhythm, expression, aesthetic appeal and imagination at their apices. In folk ballads, there is an intense affection and attachment of Shaikh Ayaz with his cultural rites and rituals. He has not only used beautiful vocabulary of common men in his ballads but has also reinvigorated the traditions of rustic life in Sindh. His ballads portray life of a commoner and texture of Sindh as well as the picture of his own dreamlike feelings.

In this article, various extraordinary aspects of the poetry of Shaikh Ayaz, especially the aesthetic, creative and cultural qualities of his ballads have been evaluated and analyzed with many examples from his poetry. Especially focused is the fact that he is aesthetic and an artistic poet with an approach that defies description and vision with many vantage points.

 

 

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دؤر کان وٺي لوڪ گيتَ، لکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي جانچي ڏسنداسين ته، چٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته معلوم ٿيندو ته سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘ راڳ، رقص، ڀڄن يعني گائڪيءَ جي صورت ۾ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾ راڳ کي مليل صدين کان پوڄا عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. هندن جي مقدس ڌرمي ڪتاب ’گيتا‘ ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾ نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي لحاظ کان پڻ انهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انهن لفظن مان ’گيت‘ جنم ورتو آهي ۽ انهن لفظن جو مطلب ۽ مفهوم پڻ ’ڳائڻ‘ ئي آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لغت ۾،’گيت‘ جون معنائون ’راڳ، گانو، ڳاچُ، ڳيچ، ڀڄن، ڳائڻ، لات، ساراهه جو بيت‘ وغيره ڏنيون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته،’گيت‘ ماڻهوءَ جي وندر ورونهن سان گڏوگڏ هُن جي روح جا رزدان، سندس اندر جا عڪاس ۽ صدين کان انسان جا احساساتي همسفر ۽ همراز رهيا آهن. ماڻهن پنهنجون خوشيون ۽ خوبصورتيون، درد، عذاب، اذيتون، خواب ۽ حسرتون نه رڳو انهن گيتن ۾ سمايون ۽ انهن سان سَليون آهن، پر اهي انهن جي پوڄائن، پرارٿنائن، رقص، رنگينين، راحتن، چاهتن ۽ زندگيءَ جي ٻي هر ڪار وهنوار جو اَٽوٽ حصو رهيا آهن.

لوڪ گيت:

لوڪ گيت، لوڪ ادب جو وڏو اثاثو آهن. لوڪ ادب جي وڏي خصوصيت اها آهي، ته اهو زندگيءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. ان ۾ نه رڳو انسان جي اوائلي ۽ اوسر جي تاريخ جا احساساتي عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا، پر اهو انسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ڪار گذارين جو ڪارائتو ۽ اَملهه رڪارڊ پڻ پيش ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا جي لوڪ ادب جا اثر ان جي ڪلاسيڪي ادب تي نظر اچن ٿا ۽ ان ئي معياري ۽ جديد ادب کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. چاسر، ملٽن، گوئٽي ۽ شيڪسپيئر کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين سڀني سرجڻهارن تي لوڪ ادب خاص طرح لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن جو تمام گھڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي ۽ انهن جي ثقافتي رنگ، ٻوليءَ جو چَسُ، مٽيءَ سان موهه ۽ اُنسيت جي احساسن، سندن شاعريءَ کي وڏي جمالياتي سگهه ۽ فڪري سُرت عطا ڪئي آهي.

لوڪ گيتَ عام ماڻهوءَ جي روح جي صدا ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول جي پيداوار آهن. اهي ٻهراڙي جي عام ، اڻپڙهيلن ۽ سادن ماڻهن جي من مان ائين ڦُٽي نڪرندا آهن، جيئن صحرائن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ڌرتيءَ مان کنڀيون خودبخود ڦٽي پونديون آهن. لوڪ گيت انهن جي وندر ۽ ورونهن به هوندا آهن، ته سندن ڏکن ۽ سُکن جا ساٿي به. اهي گيت ئي هوندا آهن، جيڪي ڄم وقت کين سرهائي ۽ رقص جو سامان مهيا ڪندا ۽ موت وقت اوسارن ۽ المياتي آلاپن جو آٿت آڇي، سندن من جو  غبار ۽ بار  هلڪو ڪندا آهن.

لوڪ گيت ڪاغذن ۽ ڪتابن ۾ رهڻ کان وڌيڪ صدين کان ماڻهن جي دلين ۾ سينه به سينه محفوظ رهيا آهن. عام طرح سان لوڪ گيت جي پرک جا ٽي پيمانه مقرر  ڪيا ويا آهن.

” هڪ ته اسان جنهن کي لوڪ گيت چئون ٿا، ان ۾ تسلسل آهي يا نه، يعني اهو لوڪ گيت وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لڳاتار هلندو ٿو اچي يا نه.   ٻيو ــ تبديلي، يعني ته اهو  لوڪ گيت لڳاتار هلندو ته اچي ٿو، پر ڇا ان ۾ ڪي تبديليون آيون آهن. اهي تبديليون ٻن قسمن جون هونديون آهن. هڪ گيت جي لفظن جي وِسرڻ ڪري ماڻهو ان جي جاءِ تي نوان لفظ  (مصرع) داخل ڪندا آهن ۽ ٻي ته ماڻهو ان گيت کي ڳائيندي، ان جي ڌُن کي پنهنجي سهولت يا پسند مطابق بدلائيندا آهن. ٽيون ــ قبوليت، ڏسڻو  آهي ته جنهن سماج ۾ گيت جنم ورتو آهي، ان معاشري ان گيت کي قبول ڪيو آهي يا نه. يعني گيت پوري سماج ۾ مقبول ٿي لوڪ گيت بڻجي چڪو آهي يا نه. جيڪڏهن ان کي قبوليت نه ملندي، ته اهو گيت جنم وٺندي ئي ختم ٿي ويندو. لوڪ گيت جي هڪ سڃاڻ اها به آهي، ته ان جي جوڙڻ واري جي خبر ڪانه هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو جُڙڻ کان پوءِ اهو جڏهن مٿين ٽن مرحلن مان لنگهندو آهي، تڏهن ڪنهن کي ياد ئي نه رهندو آهي، ته ان جو  تخليقڪار ڪير هو“. (1)

حقيقت ۾ لوڪ گيت اجتمائي سوچ، احساسن ۽ آجپي جو اهڙو حسين روپ ۽ روح آهن، جن ۾  طبقاتي اوچ نيچ، ڌرمي ويڇن، خود غرضي ۽ خود مطلبيءَ بدران گڏيل محبت، محنت، خوابن، خوبصورتين، معصوم تمنائن ۽ متحرڪ جياپي جا موهيندڙ  منظر ۽ مظهر موجود ملن ٿا. رسول بخش پليجو لکي ٿو:

”گيت روءِ زمين تي ڳائجندا رهيا آهن ۽ ڳائجندا رهندا. اهي ايترو قديم آهن، جيتريون انسان جون آسون ۽ احساس. جڏهن جڏهن ڪا آس ڪر موڙي اُٿي ٿي، ڪو سور سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ کان نرم، سڀ کان نازڪ احساس گيتن ۾ سمايل آهن“(2).

دنيا ۾ گيتن سِرجڻ ۽ انهن کي ڳائڻ جي روايت قديم مصر ۽ ميسوپوٽاميا کان وٺي روم، يونان، چين، جاپان، هندستان، پاڪستان، عرب، فارس، پولينڊ، آئرلينڊ، يوگوسلاويا، ناروي، اٽلي، اسپين، فرانس، آفريڪا، آمريڪا ۽ ٻين انيڪ ملڪن تائين جي ماڻهن ۾ ملي ٿي.

شيخ اياز جا لوڪ گيت:

شيخ اياز جو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ شاعريءَ سان انوکو اُنس ۽ عشق رهيو آهي. خاص ڪري پنهنجي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ گيت /لوڪ گيت سان ته هن جو والهانه پيار آهي. هو پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو:

”منهنجي برصغير جي پوري ثقافت سان ائين والهانه محبت آهي، جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس جي يونان سان هئي. ڪيئي ڀيرا منهنجي دل چاهيو آهي، ته اردوءَ جي مشهور اديب ديوندر ستيارٿيءَ وانگر هن برصغير جو ڳوٺ ڳوٺ گهمان ۽ ان جا لوڪ گيت ٻُڌان، ان جا پهاڙ، نديون، محل سرايون، مندر، مسجدون، گُردئارا ڏسان ۽ انهن جي سموري سونهن ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي پنهنجن گيتن ۾ سميٽيان. مون کي اها ديو مالائي مورتي ڏاڍي وڻندي آهي ــ سرسوتي هنس تي وڃي رهي آهي. هن کي هڪ هٿ ۾ بنسري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪوئي ڪتاب آهي. مان ڀانيان ٿو، ته مان به گيت لکندي لکندي هن ڀوساگر مان پار تري ويندس ۽ پنهنجو موڪش پائيندس“(3)

شيخ اياز وٽ لوڪ گيت جي حوالي سان چار روايتون ملن ٿيون. پهرين سندس پنهنجي اصلوڪي مقامي لوڪ گيت جي روايت، جنهن ۾ قديم لوڪ گيت کان وٺي محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، هري دلگير، فاني ، دُکايل ۽ بَردي سنڌي تائين جا نالا شامل آهن. ٻي هندي لوڪ گيت جي روايت، ٽين پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۽ اردو لوڪ گيت جي روايت ۽ چوٿين دنيا ڀر جي ادب جي لوڪ گيتن جي مطالعي مان اخذ ڪيل اثرن جي روايت. انهن چئني روايتن کي مِلائي، اياز لوڪ گيت جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو نه رڳو آهنگ، احساس ۽ لفظي تاڃي پيٽو نرمل ۽ نرالو آهي، پر ان جو ترنم ۽ تاثير به لهرن جيان ماڻهوءَ جي جيءَ کي جهوليءَ ۾ جُهلائيندڙ ۽ روحاني تسڪين آڇيندڙ آهي.

خاص طرح اياز پنهنجي مقامي لوڪ گيتن جي رس ۽ روح کي پنهنجي خيال ۽ احساس جي پيالي ۾ پَرٽي ائين مِلائي ۽ رَلائي ڇڏيو آهي، جئين کير ۾کنڊ مِلي ۽ حائل ٿي ويندي آهي. اياز پاڻ کان اڳ واري موجود مڙني سنڌي لوڪ گيت جي روايتن جا نه رڳو سَنڌا ٽوڙيا آهن، پر لوڪ گيت جي نَين روايتن جا بنياد پڻ قائم ڪيا آهن، جن کي بلاشبه سندس همعصرن ۽ پوءِ جي دؤر جي شاعرن جي وڏي اڪثريت سَرهائيءَ سان قبوليو ۽ اَپنايو آهي.

شيخ اياز کي هندي شاعريءَ جو پڻ وسيع ۽ گهرو مطالعو هو. تلسي داس، اَمارو، ڪاليداس، ودياپتي ۽ ڪبير کان وٺي بهاري لال، مَلڪ محمد جائسي، سورداس، ڀوشن ۽ ميران تائين هن مڙني شاعرن جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهيو ۽ پروڙيو هو. خاص طرح اياز، ميران ٻائي جي گيتن جو وڏو مداح هو. هُن ميران جي ڳوڙهن مان پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جي  مِٽي ڳوهي، انهن ۾ اهڙو سُرُ، سوز ۽ گداز جو روح ڀريو آهي، جو انهن جا ٻول سُڻڻ ۽ پَڙهڻ سان دل خود بخود ’مي رقصم‘ بڻجي پوي ٿي.

شيخ اياز اردو گيت نگارن کان پڻ گھڻو متاثر نظر اچي ٿو. هن نه رڳو ميراجيءَ جي گيتن مان مڌ جا سرور ماڻيا آهن، پر امانت لکنوي، عظمت الله خان، آرزو لکنوي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي گيتن جي رس ۽ روح مان پڻ فڪري ۽ فني سندرتائون ماڻيون اَٿائين، جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو:

”مون کي تنوير نقويءَ جي گيتن کان سواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ جا گيت به وڻندا ها.... مون کي حفيظ جالندريءَ جو گيت، ’ڪاهن مُرلي والي نند ڪي لال بنسري بجائي جا‘ به ڏاڍو وڻيو هو. مجيد امجد، جو هڪ خاموش طبع شاعر هو، انهيءَ جا گيت به دلچسپ ها. قتيل شفائي، عبدالحميد ڀٽي، تاج سعيد، ساحر لڌيانوي، احمد راهي، عادل پرديپ، جميل الدين عالي، قيوم نظر، طفيل هوشيار پوري، ناصر شهزاد ۽ نگار صهبائيءَ جا گيت به مون پڙهيا آهن“(4)

اياز اردو جي گيت سرجڻهارن مان سڀ کان وڌيڪ ميراجيءَ کان مرغوب ۽ متاثر آهي. هن کي ڪاليج واري زماني ۾ ئي ميراجيءَ جي گيتن جي مطالعي جو موقعو مليو. ميراجيءَ جي گيتن جي ٻوليءَ جي مِٺاس ۽ ترنم جي تازگيءَ اياز جي من کي اهڙو موهيو، جو هن پنهنجون انيڪ محبتون هُن سان منسوب ڪيون آهن ۽ عمر ڀر هُن لاءِ مختلف موقعن تي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪندو رهيو آهي.

”دراصل سنڌيءَ ۾ گيت لکڻ جو چاهه مون کي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجهڻ لڳا ته اهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سِٽَ به ميراجيءَ تان ورتل نه آهي.... منهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾ ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هن سان ملان ها، ته سندس گهرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان ٻنهيءَ جون عادتون بلڪل مختلف هيون“(5)

اياز تي پنجابيءَ جي ماهيا ۽ پشتو جي ٽپو صنفن جا اثر به محسوس ٿين ٿا، جيڪي لوڪ گيتن جي صنف ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سچ ته اياز اهو وينجهار ڪلاڪار آهي، جنهن تخليق جي سفر ۾ هر مثبت اثر کي اَپنائي، ان کي پنهنجو اهڙو روح ۽ رنگ عطا ڪيو آهي، جنهن کي پَسي من سرهائي ۾ مور وانگر رقص ڪرڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.

شيخ اياز مشرق توڙي مغرب جي ادب ۽ آرٽ جا گهڻ رخا فني ۽ فڪري اثر قبول ڪيا آهن، جن تي تفصيلي اڀياس جي گهرج آهي، ان سان اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي نوان پهلو اُڀري سامهون اچي سگهن ٿا، پر خاص ڪري هن دنيا ڀر جي لوڪ ادب مان لوڪ گيت جي حوالي سان جيڪي اثر ورتا آهن، اهو اڀياس پڻ انتهائي دلچسپ ۽ لاڀائتو آهي، جنهن تي پاڻ هڪ طائرانه نظر وجهي ۽ لوڪ گيت جي حوالي سان مٿي ڪجهه مثال پيش ڪري آيا آهيون. اياز انهن گيت نگارن مان ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر رهيو آهي، پر سندس وڏو ڪمال اهو آهي، ته هن انهن اثرن کي پنهنجن لوڪ گيتن ۾ جنهن تخليقي انداز ۽ فنائتي نموني سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي، اهو انتهائي حُسناڪ ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي.

”مقامي لوڪ گيت جي روايت مان سڀ کان وڌيڪ اياز ٿر جي لوڪ گيتن کان متاثر رهيو آهي. صدين جي لوڪ ورثي ۾ ٿر جا لوڪ گيت خاص اهميت رکن ٿا. انهن لوڪ گيتن ۾ معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جا سمورا رواج، تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ سمايل آهن. شادي وهانءَ جون رسمون، فراق جا ڦَٽَ، سخاوت جو جذبو، قربانيءَ جو حوصلو، حُسن ۽ عشق جا داستان، ٽيج تهوار، ساوڻ جا سانگ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع انهن لوڪ گيتن ۾ ذڪر هيٺ آيل آهن. سُرن ۽ سازن جي آهنگ سان ملي، اهي لوڪ گيت اَمرتا ماڻي چڪا آهن“(6)

اياز ٿري لوڪ گيتن جو خوب حُسن ۽ هڳاءُ ماڻيو آهي. ’پڻياري، ڪجليَو، ڍاٽيئڙو، سائٻو (مڙس)، ڀئييو، ساوڻ ٽيج، لِيالو، جوڌاڻو، ڪيوڙو، امرائو، مڱريو، پيئو (پرين)، ڍولو، مهندي، ڪونجل، پڌارو، راسوڙا، همرچو ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن اياز کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي ۽ هُن انهن گيتن مان ڪيترن ئي ٿري لوڪ گيتن جي تضمين ۾ نئين انداز، ترنم ۽ احساس سان نوان لوڪ گيت سِرجيا آهن، جيڪي پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ به آهن، ته انهن ۾ ٿري ثقافت جي روح ۽ رَچاءَ جي رنگيني به آهي.

لاڙ جي لوڪ گيتن ۾ خاص ڪري مانجهيئڙو، ليالو، گولاڙو، لولي، جمالو ۽ ٻيا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن جا ٻول ۽ ترنم،  روح کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏن ٿا. ليالو، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جنهن جي ٻولن ۾ اهڙو ته غم ۽ گداز هوندو آهي، جو  ان جي ٻُڌڻ سان من جا ڦَٽَ اُکلي پون ٿا . ڍاٽيئڙو پڻ ڏک ۽ غم جو گيت آهي، جنهن جا ورلاپ نه فقط من ۾ وڍ وجهن ٿا، پر ان جا ٻول پڻ دل کي پنهنجي لهرن ۾ ٻوڙن ۽ تارن ٿا. گولاڙو، خوشي ۽ سرهائيءَ جو لوڪ گيت آهي، جيڪو جهمريون هڻندي ۽ ڏوڪين تي ناچ ڪندي ڳايو ويندو آهي. ان جي لفظ لفظ ۾کيج ۽ خوشيءَ جو احساس جهلڪي ٿو. اترادي گيتن ۾ ڇلڙو، موهيندڙ  ۽ محبت جو گيت آهي.

پيار، وڇوڙي، خوشي ۽ دردن جي گيتن سان گڏوگڏ ٻين انيڪ سماجي معاملن ۽ موضوعن تي لوڪ گيت ملن ٿا. جهڙوڪ: شادين مُرادين جي رسمن سان لاڳاپيل مڱڻي، ونواهه، ميندي، لانئن ۽ ڪنوار جي رخصتيءَ جا لوڪ گيت وغيره.ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڏِڻن جي نسبت سان اڪيچار لوڪ گيت آهن، جيڪي سنڌ جي سماجي جيوت ۽ ثقافتي حُسناڪي جو چٽو پٽو عڪس پيش ڪن ٿا. لوڪ گيتن جي ان سموري خزاني مان، شيخ اياز نه صرف گھڻو استفادو حاصل ڪيو آهي، پر لوڪ گيت کي نوان تخليقي رنگ ۽ حسين روپ پڻ عطا ڪيا آهن.

”سنڌيءَ ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هر دؤر ۾موجود رهيو آهي، پر خاص ڪري سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي رواج ۽ عروضي دؤر جي اوج دوران لوڪ گيتن کي نه رڳو نظر انداز ڪيو ويو، پر انهن کي دهڪاني ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جو وکر قرار ڏئي، نه رڳو معيوب سمجهيو ويو، پر انهن کي تخليقي ڪاروهنوار جي ڏيهه مان ئي نيڪالي ڏني وئي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي تسلط ٽٽڻ ۽ ان جي بي روح روايتن مان سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن حد تائين پاند آجي ٿيڻ بعد وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ شاعرن گيت لکڻ شروع ڪيا، ”اهڙي ريت سنڌي موزون شعر جي باغ ۾ هڪ نئون ٻوٽو اُسريو. اُن من موهيندڙ ٻوٽي جي خوش قسمتي اها ٿي، جو ان کي اياز جهڙو انوکو مالهي نصيب ٿيو. اياز کيس وڌائي ويجهائي اهڙو سرسبز ڪيو آهي، جو ڏسندي ڏسندي سندس سرهاڻ چوطرف ڦهلجي ويئي آهي“(7)

شيخ اياز نه صرف لوڪ گيت کي نئون جنم ڏنو آهي، پر هن گيت ۾ پڻ پنهنجن خيالن، خوابن، اُمنگن، ڏکن ۽ سُکن جي احساسن جو اصلي روح سمائي، ان کي انساني دل جي ڌڙڪنن سان هم آهنگ ڪيو آهي. اهو اياز جي ڏات جو معجزو چئجي، جو هن جي گيت جهڙو گيت، نه هن کان اڳ موجود هو ۽ نه ئي هن کان پوءِ نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو:  

”اياز کان اڳ سنڌيءَ ۾ گيت هڪ وساريل صنف هو. سواءِ هري دلگير جي، ورلي جديد شاعر گيت لکندا هئا. بيوس جي گيتن جو ڳاڻٽو گھڻو نه آهي ۽ هوند راج دُکايل کي به هڪ ابتدائي گيت نگار جي حيثيت ۾ اهميت حاصل آهي. فقط هري دلگير کي ئي صحيح معنى ۾ پهريون اهم گيت نگار شاعر سڏي سگهجي ٿو، جنهن گيت جي ٻولي، سٽاءَ ۽ موضوعن ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪئي. ان بعد اياز ان عمل کي هڪ تحريڪ جي صورت بخشي. هن اسلوب، گھاڙيٽي، سٽن جي ترتيب، ڇند ۽ عروض جي مختلف تجربن وسيلي سنڌي گيت کي روايتي گيت جي ڀيٽ ۾ هڪ مڪمل نئون ۽ دل لُڀائيندڙ روپ ڏنو“(8)

شيخ اياز شاعريءَ جي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ اساسي ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن ۾ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، اهو سچ ته امرت جيان نه رڳو سُرور آڇيندڙ آهي، پر احساساتي ۽ معنوي طرح موهيندڙ ۽ انتهائي حسين پڻ آهي. خاص ڪري هن جا جديد انداز ۾ لکيل لوڪ گيت جن ۾، ’سانوڻ ٽيج، لمڪيان ڙي لو، مڻهيار، چيڻو، ڪرهو، نئون جمالو، بادل ڙي، گيت پروليون، ديهاتي گيت، ڇيڄ ، همرچو‘ وغيره شامل آهن، اهي شاهڪار ۽ اَملهه آهن. اياز جا اهي لوڪ گيت سندس مختلف شعري مجموعن جهڙوڪ: ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (ص87، 90، 179)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (ص30، 33، 45)، ’وڄون وسڻ آئيون‘ (ص90، 103، 104، 106، 172، 173، 175، 176، 181، 192، 199، 200)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (ص317)، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (ص139) ۾ موجود ملن ٿا، جن جو تعداد ويهه کن آهي. سندس اهي لوڪ گيت پنهنجي انداز، لهجي، خيال، احساس، ترنم ۽ ٻوليءَ جي نرملتا جي لحاظ کان انتهائي خوبصورت ۽ من موهيندڙ لوڪ گيت آهن، جن بابت رسول بخش پليجو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:

”اياز سنڌي ٻوليءَ جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هو سنڌي لفظن جو وينجهار آهي. اکرن جا اَملهه ۽ بي بها خزانا، جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانهن ڪنهن ڌيان نه ٿي ڏنو، تن کي هن سهيڙي، اُجاري ۽ گهڙي منجهانئن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نوَ لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي عقل چرخ ٿي وڃي ٿو، خاص ڪري سندس گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن“(9)

اياز جا لوڪ گيت سچ ته موضوعاتي انفراديت، ٻوليءَ جي مٺاڻ، لهجي جي نفاست ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا حامل هجڻ سان گڏوگڏ ترنم جي تازگي، احساساتي معصوميت ۽ جمالياتي حوالي سان پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن. سندس لکيل ’لولي‘، ماءُ ۽ ممتا جي احساسن جو گيت آهي. ’لمڪيان ڙي لو‘، پورهئي سان پيار ۽ اجتماعي ايڪي جو گيت آهي. ’سانوڻ ٽيج‘، نو وَرنين ۽ ڪنوارين جو سرتين سان گڏجي سانوڻ جي نِکٽن، سَرهائين ۽ سندرتائن کي ملهائڻ جو گيت آهي. ’مڻهيار‘، کيج ، خوشي ۽ سينگار جو گيت آهي. ’ڪرهو‘، اوسيئڙي، انتظار، مسافت ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ’ڇيڄ‘، مُندن ۽ موسمن جي وري اچڻ تي وڇڙيل سڄڻن کي سارڻ ۽ پُڪارڻ جو گيت آهي. اهڙيءَ ريت ’همرچو‘، ٿر جي کيت مزدورن جي کيڙيءَ ۽ ميڙيءَ جي موسم جو گيت آهي. شيخ اياز پنهنجا لوڪ گيت، نه فقط جديد فني رنگ ۾ لکيا آهن، پر انهن ۾ هُن لوڪ روايتن کي قائم رکندي، نئين فڪر ۽ احساس جون جمالياتي نُدرتون پڻ پيدا ڪيون آهن.

”لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثارِ قديمه نه، پر سندن زندهه جذبن ۽ اُمنگن جا آئينا هوندا آهن“ (10)

شيخ اياز ڪنهن به لوڪ گيت لکڻ کان پهريان ان جي ثقافتي روح ۽ سماجي پسمنظر کي پوريءَ طور نه صرف سمجهيو ۽ پنهنجي هينئين سان هنڊايو آهي، پر ان جي لوڪ ترنم ۽ اصلي احساساتي تازگيءَ کي پڻ پنهنجي تخليقي اندر ۾ اُتاري، پَچائي، رَچائي، نئين نِکار ۽ نغمگيءَ جي نئين نُدرت سان پيش ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي فڪري جوهر ۽ جوت ۾ تازه دم ۽ پُراثر به آهي، ته موهيندڙ ۽ اندر ۾ رقص ۽ راحتن جون رنگينيون پيدا ڪندڙ به. اياز جي گيتن جي ٻولي اهڙي ته روان، رسيلي، سليس، سادي، تاثريت ۽ تازگي ڀري آهي، جو انهن جي فطري رڌم، لهرن جهڙي رواني ۽ رنگينيءَ ۾ ماڻهو من کان وجود تائين لمحي ٻُڏڻ ۽ لمحي اُپڙڻ لڳي ٿو. لفظن ۾ احساساتي ساءُ سان ڀرپور، معنوي تاثريت سان مالا مال ۽ ترنم جي انوکي تازگيءَ سان ٽمٽار اياز جو هي ’ڇيڄ‘ پڙهي ڏسو، جنهن جي سِٽَ سِٽَ ۾ پنهنجو احساساتي سواد، پنهنجي رومانوي رنگيني ۽ پنهنجي تخليقي حُسناڪي ۽ حسيت آهي. گيت جي ٻولن ۾ هڪ طرف پيار جي احساسن جي پالوٽ آهي، ته ٻي طرف لفظي ورجاءَ سان پيدا ڪيل نغمگيءَ جو ڪمال آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ ئي وقت رومانوي خيالن ۽ خوابن ۾ مگن به ڪري ڇڏي ٿو، ته موسيقيءَ جون لهرون ان کي مست بڻائي جهومائن ۽ نچائن به ٿيون. 

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!

هيءَ هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڌير ڀري هير، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڏات ڀري لات، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سوچ ڀري لوچ، هلي آءُ، هلي آءُ!

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!
                                (ڀونر ڀري آڪاس، ص90)

مٿئين گيت ۾ محبوب لاءِ هيج ڀري ڪوٺ جا حسين احساس اوريل آهن. پهرين سِٽَن ۾ پرين لاءِ کُليل ٻانهن جو ڀاڪرُ ۽ انهن ۾ اچڻ جي آڇ آهي. ’تون آءُ، هلي آءُ...... پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!.....‘ لفظ لفظ ۾ اَٿاهه پيار، سِڪَ ۽ اُڪير جي، سمنڊ جي وير جهڙي اُٿل آهي. ’تون آءُ‘ کان پوءِ ’هلي آءُ‘ لفظن ۾ اِلتجا به آهي، ته اُڪير به. جڏهن محبوب ٻه وکون کڻي اڳتي وڌي ٿو، ته سڄڻن جي آجيان ۾ وجود جو انگ انگ ٻَهڪي پوي ٿو ۽ مُرڪندڙ چپن تي خود بخود هي لفظ، ’پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!‘ مور جو رقص بڻجي جهومڻ لڳن ٿا.

 تنهن کان پوءِ گيت ۾ ارپنائن جو نرالو ۽ نرمل انداز سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريي ساهه، سنگ ڀريي انگ ۽ نينهن ڀريي ڏينهن‘ جون سموريون حُسناڪيون محبوبن حوالي ڪرڻ جي سرهائي ۽ سندرتا ملي ٿي، پر ’ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، ۽ سوچ ڀري لوچ‘ پڻ پريتم تان صدقي ڪرڻ ۽ گهورڻ جو ساهس ملي ٿو. لفظ سادا ۽ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه عام ۽ رواجي آهن، پر انهن ۾ موجود اڻ جهل جذبن ۽ احساسن جي سچائي، انهن کي موهيندڙ ۽ اثرائتو بڻائي ٿي.

گيت ۾ معنوي اثريت ۽ احساساتي تازگي ته ڪمال جي آهي ئي آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جو جمال به ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريو ساهه، سنگ ڀريا انگ، نينهن ڀريا ڏينهن، ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، سوچ ڀري لوچ‘ ڇا ته لفظن جو جَڙاءُ ۽ مُترنم قافين جو رَچاءُ آهي. لفظ لفظ پڙهندي، انهن کي اُچاريندي، دل پنهنجو پاڻ، نه فقط انهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي، پر انهن لفظن ۾ موجود اُڌمن، اُمنگن ۽ احساسن کي پنهنجا اُڌما محسوس ڪرڻ لڳي ٿي.

شيخ اياز لوڪ صنفن ۾ پنهنجي جديد فڪر ۽ فن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي مخصوص موضوع ۽ روايتي مواد کي پڻ قائم رکيو آهي. هن جو هڪ ’ڇيڄ‘ جيڪو روايتي ’ڇيڄ‘ جي اصلي رنگ ۽ معنوي روپ يعني ’طنز ۽ مزاح‘ تي مشتمل آهي، سو سندس شعري ڪتاب ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ملي ٿو. هِن ڇيڄ ۾ اياز سنڌ جي مَڪار وڏيري، جيڪو پنهنجن لاءِ سدائين شينهن وانگر خونخوار ۽ ٻين طاقتورن اڳيان گيدي ۽ گدڙ هوندو آهي، تنهن جي اصلي ڪردار ۽ ڪرتوتن کي عيان ڪري، ان تي ٺٺولي ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ ايتري ته اثرائتي ۽ ڀرپور آهي، جو سنڌ جي ويڪائو ۽ موقعي پرست وڏيري جو انيڪ ’ماسڪ‘ اوڙهيل چهرو عين بين سامهون اُڀري اچي ٿو. گيت ۾ ذڪر ڪيل ڪردار ’وڏيري‘ لاءِ ’هلِ، جهرڪي، نانگ، ساپو، ڌپ، ڏاند‘ وغيره جون تشبيهون ۽ تمثيلون اهڙيون ته تُز ۽ ٺَهڪندڙ استعمال ڪيون ويون آهن، جو اياز کي انهن لاءِ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

هُونءَ وڏيرو هِل ڙي!

ڏاڍي جو ڏهڪارُ، ته هُن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

هوُنءَ وڏيرو نانگُ ڙي!

بِگڙي جو سرڪار، هُن جو ساپي وارو سانگ ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!

لالَ جهندي جي اڳ تان ڏاڍو، مَڇري ٿو هو ڏاند ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!

ڇو ته وڏيرو ڏاند ڙي!

                 (وڄون وسڻ آئيون، ص192)

لوڪ گيت جي وڏي خوبي آهي ئي ٻول ۽ ٻوليءَ جي سلاست ۽ سَرلتا. توڙي جو شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ موضوعن، گھاڙيٽن ۽ اسلوبن جا انيڪ نوان تجربا ڪري، انهن کي نئون رنگ ۽ آهنگ عطا ڪيو آهي، پر هو ٻوليءَ ۽ لفظن جي چونڊ ۾ تمام گھڻو نفاست پسند، سُچيت ۽ سجاڳ آهي. هن نه رڳو پنهنجن گيتن ۾ روان، آسان ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيا آهن، پر ڪيترا ئي خارج ۽ متروڪ ٿي ويل لفظ ڪنهن سوناري ۽ گهاڙوءَ وانگر ٻيهر گهڙي ۽ اُجاري استعمال ۾ آندا آهن.

”شيخ اياز جي شاعري پڙهندي پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيندو ته، هن لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري پوءِ ويهي شعر گوئي ڪئي آهي. هن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، علم ۽ رولاڪين مان سِکيو آهي ۽ انهن متروڪ، پراڻن ۽ وساريل لفظن کي پهرين اپنايو ۽ پوءِ تخليق جو حصو بڻايو آهي. هن پنهنجن گيتن ۾ لفظ ٽاڪيا نه آهن، پوئيا به ناهن بلڪ انهن کي حل ڪيو آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾ ۽ خوشبو ساهن ۾ حل ٿي ويندي آهي“(11).

اياز جي هن لوڪ گيت ’چيڻو‘ کي ئي ڏسو، جنهن جو نه رڳو ماحول ۽ محاڪات، رواج ۽ رسم، ڪلچر ۽ تهذيبي رچاءُ نج ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ آهي، پر ان جي لفظيات، اظهار جي ادائگي ۽ لهجي جي نفاست ۽ رنگيني پڻ مخصوص زرعي سماج جي آهي، جنهن کي صنعتي ۽ شهري سماج جو ماڻهو تيستائين آسانيءَ سان سمجهي ۽ ان مان حقيقي حِظ حاصل ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين هو ان جي سموري پسمنظر ۽ ماحول کان واقف نه هوندو. هن گيت جي رنگ ۽ روح کي ’چيڻي‘ لفظ جي پسمنظر ۽ معنوي معلومات جي آشنائي کان سواءِ سمجهڻ مشڪل آهي، ڇو ته ’چيڻو‘ رڳو هڪ لفظ ئي نه آهي، پر هڪ اهڃاڻ آهي، سماجي جيوت ۽ جياپي جو اهم ۽ اَٽوٽ عنصر آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خاص طرح ٿر، ڪاڇي، ڪچي ۽ سنڌ جي ٻين اهڙن ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ غربت جهجهي، وسيلن ۽ معاشي ذريعن جي اَڻاٺ آهي، اُتي انهن جي زندگيءَ جو انحصار ’چيڻي‘ تي آهي. ’چيڻو‘ لفظ جي معنى جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ملي ٿي، ’چيڻو اناج جو هڪ قسم آهي، جنهن جي داڻي تي ست کَلُون چڙهيل هونديون آهن. چيڻي جو ڀَتُ نهايت لذيذ ٿيندو ۽ اهو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي‘.

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

وهجان ٿي ته ڏسي ٿو ڏير

منهنجي آهه مٿي ۾ مير

ڳولي گھاٽ ڪٿي ڪو گهير

وهنجي سهنجي ايندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

ڀَل تون گَجُ نه گُجريون آڻِ

ڀَل تون ٻي ڪا مومل ماڻِ

منهنجي ڪانه ڪڍين ٿو ڪاڻِ

روئي رَڇ ڀريندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

 

سارا ڏينهن ڏئين ٿو ڏنڀَ!

اهڙي رَهٽ نه ڪنهن جي رَنڀ

کوهي کوهي پنهنجا کنڀَ

آخر اُڏري ويندي سانءِ!

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

                                   (وِڄون وَسڻ آئيون، ص90)

شيخ اياز جي هن لوڪ گيت ۾، هڪ طرف ان محنت ڪش عورت جي جفاڪش جيون ۽ ڏکن ڏڌي زندگيءَ جو عڪس آهي، جنهن جي عام معمول ۾ چيڻو ڇڙڻ جي مشقت کان علاوه گهر جا ٻيا سمورا ڪم ڪار شامل آهن، ته ٻي طرف ساڻس گهر واري/ مڙس جي سخت رويي ۽ اوپري سلوڪ جي تصوير به عيان آهي، جيڪو ايتري محنت ۽ مشقت کان پوءِ به هُن مان راضي نه آهي.

لوڪ گيتَ انسان جي حقيقي اُڌمن، آرزوئن، مشاهدن ۽ محسوسات تي محيط اهڙو بي ساختا منظوم اظهار ٿين ٿا، جن ۾ عروض توڙي ڇند واري شاعريءَ جهڙو ڪو فني ساز ۽ سامان، فڪري پيچيدگي ۽ موضوعي پابندي ۽ پئد ڪونه آهي، پر هڪ آزاديءَ واري جولاني، جذبات جي اُڇل، لفظي شائستگي، ترنم جي انوکي تازگي، فڪري فرحت ۽ احساساتي تاثريت هوندي آهي. لوڪ گيتن جو ڪو مخصوص موضوع ۽ مواد نه هوندو آهي، پر اهي زندگيءَ جي هر رنگ ۽ روح سان ٽمٽار ۽ آڪاش جي وشال وسعتن وانگر حسين ڪئنواس رکندڙ هوندا آهن.

’لولي‘ پڻ ماءُ جو پنهنجن ٻچن لاءِ محبت جو نغمو آهي. اصل ۾ ’لولي‘، جنهن کي اردو، پنجابي ۽ هندي زبان ۾، ’لوري‘ چيو وڃي ٿو، سا لوڪ شاعريءَ جي نهايت ئي اهم ۽ اوائلي سُرائتي صنف آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته شاعريءَ ۾ سڀ کان اول اها صنف ئي تخليق ٿي هوندي، ڇوته  ’لولي‘ ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو نغمو ۽ پنهنجي اولاد لاءِ چيل’دعائيه گيت‘ آهي.

لولي، لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ماءُ جي ممتا، ان جي پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمندي، انهن جي آرام ۽ سڪون لاءِ دعائن ۽ دلي تمنائن جو ورد ۽ خاص ڪري هن جي داخلي احساسن، جذبن، اُلڪن ۽ دلي اُڌمن جو اظهار ٿيل هوندو آهي. لولي جي روايت دنيا جي هر ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿي. دنيا جي هر خطي ۽ ملڪن جي مائرن جا لفظ هڪ ٻئي کان مَٽيل، الڳ ۽ مختلف ٿي سگهن ٿا، پر انهن جو مجموعي جوهر ۽ روح يقينن ساڳيو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ ان جي بي لوث محبت جو جذبو هڪ ئي آهي، ڇو ته دنيا جي هر ماءُ جي ممتا جو رنگ ۽ روح يڪسان هوندو آهي.

دنيا جي هر ڪائي ماءُ پنهنجن ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي ۽ پر مشرقي عورت، خاص ڪري سنڌي ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجن محبتن جو مها ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتيندي آهي ۽ اهو پنهنجي احساساتي تاثر ۽ جذباتي هيج ۾ اهڙو ته پورالو، حسين، مترنم ۽ پُراثر هوندو آهي، جو ُان جا ٻول پٿر دلين کي به پِگهاري وجهندا آهن. روايتي ۽ رسمي لوڪ لولين جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو آهي، پر شيخ اياز فن توڙي فڪر جي لحاظ سان جيڪي جديد لوليون لکيون آهن، اهي به پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس لولي جا هي ٻول ٻُڌو:

منهنجيءَ ڇاتيءَ ڇولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

اهڙي ٻولي ڪابه نه جھڙي ٻاروتي جي ٻولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

سنڌڙيءَ جھڙي سينڌ نه ڪنهن کي، تنهنجي ڌرتي ڍولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

جنهن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انهيءَ جي گولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

مون جھڙي ڪا جھولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منهنجا، لولي!

                           (وِڄون وَسڻ آئيون، ص106)

مٿي ڏنل لوليءَ ۾ لفظ نه آهن، ڄڻ ساهن جي ڌڙڪن آهي، امڙ جي ڇُلندڙ ڇاتيءَ جو بي قابو اُڌمو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو بي چين روح آهي، جيڪو سِٽن  ۾ سرايت ڪري ويو آهي ۽ لوڪ گيت جي ٻول ٻول ۾ ٻُري ۽ ڌڙڪي رهيو آهي. لولي حقيقت ۾ پيار ۽ پينگهي جو گيت آهي. مائرون گھڻو ڪري پنهنجن ٻچڙن کي پينگهي يا پنهنجي هنج ۾ سمهاري، لوليءَ جا ٻول جهونگارينديون آهن، ۽ انهن ٻولن ۾ اهڙو ته مٺاس، موهه ۽ تاثير جو جادو هوندو آهي، جو گهڙي پل ۾ ٻار ننڊ جي پُرسڪون واديءَ ۾ آرامي ٿي ويندو آهي.

لولي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. شاعراڻي لولي، سينگار لولي، سُرائتي لولي (شاعرن/ سگهڙن جون لوڪ انداز ۾ جوڙيل لوليون)، مجازي لولي، پَرَ لولي (پيار جي ڪيفيتن ۽ محبوب جي اُڪنڊ ۽ اڪير ۾ جوڙيل لوليون)، واقعاتي لولي (حادثن ۽ سوانحن تي سرجيل لوليون)، وَرَ لولي (ورن کان وڇڙيل وَنين جي ورلاپن واريون لوليون)، ساکي لولي (مصيبت ۽ مشڪل کان ڇوٽڪاري جي لولي) وغيره، پر لوليءَ جي انهن سمورن قسمن ۾ عورت جي احساسن، اُڌمن، خيالن، خوابن، انتظار، وصال توڙي وڇوڙي جون ڪيفيتون پنهنجي پوري تاثر، حسيت ۽ حسناڪيءَ سان موجود ملن ٿيون.

شيخ اياز پڻ جديد انداز ۾ ڪجهه لوليون سرجيون آهن، جيڪي پنهنجي فهم، فراست، لهجي ۽ انداز ۾ لوڪ گيتن جو سندر نمونو آهن، پر انهن ۾ هن جديد دور جي حسيت ۽ حقيقت جي اُپٽار سان گڏوگڏ اهڙي تخليقي ۽ فني حسناڪي سمائي آهي، جيئن هيءَ لولي:

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

شال دولهه ٿئين، شال دودو ٿئين!

شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سِر ڏئين!

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

سو اسان مان نه آ، جو جيئي جُٺ ۾،

گهاءُ ڪو تو ڏٺو پيءُ جي پُٺ ۾؟

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

سنڌ جي سڏ تي شال گهوريو وڃين!

ڪاڪ وهندي رهي تون ڪڪوريو وڃين!

لوليون،

او اَبا!

لوليون! لوليون!

                   (وڄون وسڻ آئيون، ص103)

”اياز جون لوليون ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهن، جن ۾ هن نه فقط موضوعاتي ڪشادگي پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي نرمي، نفاست ۽ مڌرتا جو به بي مثال نمونو پيش ڪيو آهي.... هن جي لولين ۾ جيڪو سنڌ جو ثقافتي پسمنظر، فطرتي حسن، ٻوليءَ جي لطافت ۽ احساسن جي نواڻ آهي، سا ڪنهن جديد هيئت ۾ به ورلي ملندي...ان کان اڳ ۾ سنڌ ڪڏهن به اهڙي ’لولي‘ نه ٻُڌي هوندي، جنهن ۾ پنهنجي تهذيبي سفر ۽ شعوري حاصلات جو اهڙو نچوڙ پيش ڪيو ويو هجي.... اياز پنهنجن لولين ۾ جيڪا ممتا جي محبت ۽ وطن سان عشق واري جذبي جي شدت پيدا ڪئي آهي، سا قابل رشڪ آهي“(12).

شيخ اياز جي هيءَ لولي پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۾ جيتري گِهري، پُراثر ۽ تاريخي صداقتون رکندڙ آهي، ايتري ئي پنهنجي اظهار ۾ انوکي، لهجي ۾ نرمل ۽ احساس ۾ ڪيفيتن جا انيڪ عڪس پيش ڪندڙ آهي. شيخ اياز  پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا فني ۽ فڪري تجربا ڪيا آهن، جيترا برصغير ۾ ورلي ڪنهن ڪويءَ ڪيا هوندا، هن لوليءَ ۾ به هُن جي فني تجربن جي تخليقيت ۽ تخليقي حُسناڪي جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. لوليءَ جو هيئت ۽ سٽاءُ نظم وارو آهي، پر لهجو، ٻولَ، احساس ۽ ترنم گيت جو آهي، ته، ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جي نفاست ۽ اظهار جي بي ساختگي به هن ٻوليءَ ۾ ملي ٿي.     

جهوني ڪوڙ سان منهنجو جهيڙو هلندو آخر تائين،
نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين!
ڌرتيءَ جي دک ۾ آ منهنجو چاهه اِنهيءَ لَيءِ لال!
نئون نئون سُکُ جئن تون ماڻين، جيئين سدائين شال!
ممڪن آهه ته ڌرتيءَ جو دک پورو ڪونه ٿئي،
ممڪن آهه ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي!
ممڪن آهه ته مون کان پوءِ ڀي، ڏکيو بُکيو انسان،
ڳڀي ڳڀي لَيءِ ڳاٽ جُهڪائي، هجي اڃان حيران!
ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين!
تون به ائين ئي وڙهندو رهجانءِ، پنهنجي آخر تائين.
نيٺ ته ڊهندو ڪوڙ، سدائين جنهن کي ناهه ثبات،
نيٺ ته ڦُٽندو سچ جو سورج، نيٺ ته کُٽندي رات!
                                              (ڀونر ڀري آڪاس، ص179)

روايتي لوڪ گيت جي تخليق لاءِ ڪنهن مصنوعي مهارت ۽ فلسفياڻي فڪر جي ضرورت نه هوندي آهي، پر اهي لَئه، تاڙي جي تال ۽ خودساخته اندر جي جذباتي اُڇل مان جنم وٺندا آهن، پر اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ خارجي ۽ داخلي حقيقتن ۽ حُسناڪين جون اهڙيون نيون نرملتائون ۽ نُدرتون اوتيون آهن، جو اهي نه رڳو روايت جي روايت جو نئون ۽ جديد جنم محسوس ٿين ٿا، پر اهي سچ پچ پراڻي صراحيءَ ۾ اياز جي نئين اَمرت جو تاثير ۽ اَحساس پيش ڪن ٿا.

”اياز جي گيتن جي ٻولن ۾ عجيب رواني آهي...هن گھڻا تڻا گيت هندي ماترڪ ڇند تي لکيا آهن ۽ ڪيترا هندي ڇند ۽ فارسي وزن جي ميلاپ مان جوڙيل نَوَن ترنمي سانچن تي جوڙيل آهن. ڪجهه فارسي وزنن تي به ڪامياب گيت لکيا اٿس، پر هن فارسي وزن اهي استعمال ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ آهن“(13).

هڪ لحاظ کان اياز لوڪ گيتن جي آزاد ٻولن ۽ فطري ترنم جو شائق ۽ ان جي موسلا ڌار بارش جهڙي تاثر ۽ تازگيءَ جو قائل آهي ۽ ان سان شاعريءَ جا لوازمات لاڳو ڪرڻ، گيت جي معصوميت کي ميسارڻ برابر سمجهي ٿو. هو ان حوالي سان لکي ٿو.

”دراصل لوڪ گيت جي ترتيب، ان کي مخصوص ترنم يا بحر وزن ڏيڻ هڪ ادبي گناهه آهي، جنهن جو آءٌ به مرتڪب ٿيو آهيان. اهو ته ائين آهي، جيئن ٿر جا گل ٻوٽا ڪراچيءَ جي پارڪ ۾ لڳايا وڃن، اُهي گهڻو ڪري نه اُسرندا ۽ مُرجهائجي ويندا. لوڪ گيت انهن گلن وانگر آهن، جن جو ٻج نه لڳايو ويندو آهي، پر اهي ڌرتيءَ مان ازخود ڦٽندا آهن“(14).

اياز جا تخليق ڪيل لوڪ گيت به پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ فني پابندي، فڪري ڳوڙهائي ۽ جمالياتي ندرت، اياز جي پنهنجي شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي، پر ان ’شعوري ڪوشش‘ ۾ به اياز جي ’لاشعوري تخليقي سگهه ۽ سُرت‘ به شامل آهي، جنهن ڪري هُن جا لوڪ گيت مصنوعي ڀاسڻ بدران فطري حُسن ۽ حقيقتن سان سرشار محسوس ٿين ٿا. اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ اندروني ۽ صوتي ترنم پيدا ڪرڻ جي تجربن سان گڏوگڏ ڇند ۽ عروض تي گيت لکڻ جا پڻ ڪيئي تجربا ڪيا آهن. سندس هيءُ ٿري لوڪ گيت، ’لَمڪيان ڙي لو‘ پڙهو، جنهن کي هُن ’مفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجيو آهي. 

                                                 

                 لَمڪيان ڙي لو

آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو،

لَمڪيان ڙي لو.

کنڀ کِنياتا ڪِرن، لَمڪيان ڙي لو،

پَٽ ــ تِترَ پار جا،

روز اُتر کان اچن، لَمڪيان ڙي لو،

پنڌ پري هوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،

پارِ پرينءَ لوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،

تانگهه ڪئي تاوِڙي، لَمڪيان ڙي لو،

ڪانگ ڏسي ڪامڻي،

ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لَمڪيان ڙي لو،

       (وِڄون وَسڻ آئيون، ص172)

’لَمڪيان ڙي لو‘ بنيادي طور تي ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جيڪو ڏٿ چونڊڻ وقت ڪجهه سهيليون ۽ سرتيون پاڻ ۾ گڏجي ڪورس جي انداز ۾ چونديون آهن. ’لمڪيان‘ لفظ لمڪڻ مان نڪتل آهي، جيڪو لوڏ سان هلڻ ۽ چيلهه جي لچڪي سان ٽِلڻ  جي انداز ۽ عورت جي نِرت ـ ڪَلا جي احساس کي عيان ڪري ٿو. هن گيت ۾ موضوعاتي طور وڏي وسعت ۽ علامتي طرح وڏي گهرائي آهي. ’اُتر جي هير، کِنياتي جو کنڀ، تاوِڙي جي تانگهه، مينهن جو وَسڻ، ماڪ ۾ ڪانهن جو پُسڻ، ٻُٽي ٻانهن ۽ نِيرن سان ڀِنل نيڻ‘ سڀ علامتون آهن، جن کي اياز استعمال ڪري هڪ طرف لوڪ گيت کي پنهنجي لوڪ ثقافتي سچائين ۽ سماجي اهڃاڻن سان هم آهنگ ۽ اثرائتو ڪيو آهي، ته ٻي طرف ان ۾ شعري صلاحيت ۽ ترنم جي نئين تازگي پيدا ڪري، ان لوڪ گيت کي انوکي حُسناڪي ۽ حسيت عطا ڪئي آهي. 

حقيقت ۾ لوڪ گيت عام ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن، خاص ڪري عورت جي داخلي ڪرب ۽ قرار جي ڪيفيتن جا عڪاس هوندا آهن. اياز جي لوڪ گيت ’ساوڻ ٽيج‘ ۾ پڻ عورت جي اندر جي سرهائي، آترويلا ۽ انتظار جي مختلف ڪيفيتن جو عڪس ملي ٿو.                                        

سانوڻ ــ ٽيج

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

گج سوين تارڙا، واجهه وجهي وِڄ ڙي!

ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

 

هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!

راڻو نه راج ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

 

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!

توريءَ اُساٽ ڙي!

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

                   (وِڄون وَسڻ آئيون، ص173)

’سانوڻ ٽِيجَ‘ اصل ۾ هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو نوجوان ڇوڪريون سانوڻ جي سُهائي پَک ۽ اونداهي پَک جي ٽيج تي پاڻ ۾ گڏجي ڳائينديون، جهومنديون ۽ نچنديون آهن. هي سَرهائي ۽ وسڪاري جو لوڪ گيت آهي، جيڪو سانوڻ ــ رُت ۾ آڪاش ۾ ڀريل بادل ۽ وِڄن جا وراڪا پَسي، هيج مان نووَرنيون ۽ ڪنواريون نينگريون ڳائينديون آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٿر جون ڳڀرو نينگريون اڪثر ڪري وڻن ۾ پينگهون ٻَڌي ۽ ڪڏهن ترائين ڀَرِ تي هيءُ لوڪ گيت جهونگارينديون آهن، جنهن جي ٻولن ۽ جهونگار ۾ هڪ ئي وقت سرهائي جا احساس به هوندا آهن، ته پنهنجن کان وڇوڙي جو درد، سوز ۽ گداز به هوندو آهي، انهيءَ ڪري هيءُ لوڪ گيت لڙڪن ۽ مُرڪن جي مِليل جُليل ڪيفيتن جو آئينه دار آهي.

’هو جمالو‘ سنڌ جو تمام گھڻو مقبول لوڪ گيت آهي. هن لوڪ گيت ۽ ان جي پسمنظر بابت روايتي طرح مختلف ڪٿائون، حڪايتون ۽ قصا ملن ٿا، پر بنيادي طرح هي سورهيائي، ڪاميابي، سوڀ ۽ سرفرازيءَ جو گيت آهي.

روايتي ’هو جمالي‘ جي ٻولن، لفظي سٽاءَ ۽ احساساتي اُڇل جو پنهنجو رنگ آهي، جنهن ۾ توڙي جو خيال ۽ فڪر جي ڪا خاص گهرائي ۽ معنويت ڪو نه ٿي ملي، پر ان جي باوجود ان جي آهنگ ۽ ادا ۾ رقص جي ڪيفيت آهي، جيڪا ئي ان لوڪ گيت جي خاص خوبي ۽ خوبصورتي آهي، پر جديد دور ۾ جن شاعرن هي لوڪ گيت لکيو آهي، جن ۾ نياز همايوني، استاد بخاري، علي گل سانگي، شيخ اياز وغيره جا نالا شامل آهن، انهن هن لوڪ گيت ۾ گهڻو ڪري لوڪ آهنگ، ادا ۽ ترنم کي ته ساڳيءَ ريت قائم رکيو آهي، پر ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن، خيال جي اُڇل ۽ تخيل جي تازگيءَ کي پڻ اوليت ۽ اهميت ڏني آهي. خاص ڪري شيخ اياز هن لوڪ گيت ۾ نئين علامتن، استعارن ۽ ترڪيبن کي استعمال ڪري، ان ۾ نه رڳو نئون فڪري ۽ احساساتي رنگ ۽ روح بيدار ڪيو آهي، پر ان ۾ اندروني قافين، تجنيس حرفي ۽ صوتي سٽاءَ سان ترنم جو اهڙ رچاءُ ۽ نئون سيبائتوانداز تخليق ڪيو آهي، جيڪو من ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٻول ٻول سان دل خودبخود جهومڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿي. هيٺين لوڪ گيت جا ٻول هينئين سان هنڊايو ۽ ان جي تازي ترنم مان اوهان به حِظ ماڻي، ان جي تخليقي علامتن ۽ معنوي حُسناڪين مان حرارت حاصل ڪريو.   

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

هو جمالو!

جنهن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ ٿي،

هو جمالو!

جنهن جي ڦاٽ ڀڳا گهاٽ ٿي،

هو جمالو!

جنهن ۾ ٻيڙيون سائينءَ سيڙهيون ٿي،

هو جمالو!

جن جا پڳهه جڳهه جڳهه ٿي،

هو جمالو!

جن جا مانجهي ٿي منجهدار ۾،

هو جمالو!

اهي تري ويندا تار ۾،

هو جمالو!

(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص33)

شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ رسُ ڀري ٻولي ۽ اَروڪ ترنم جي استعمال کان علاوه عروضي وزن پڻ ورتايا آهن، جيئن پنهنجي لوڪ گيت ’لَمڪيان ڙي لو‘ کي ’مُفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجي، ان ۾ شعري نغمگي ۽ وڌيڪ رقص جي ڪيفيت ۽ رنگيني پيدا ڪئي اَٿائين.  ائين ئي سندس لوڪ گيت، ’همرچو‘ آهي، جنهن ۾ رقص ــ ڌن ۽ ٿري لوڪ ٻوليءَ جي سنگم سان اياز اهڙو رنگ رچايو آهي، جو هر ٻول سان من جھومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي سرسبز ۽ سَرهي تصوير اکين اڳيان اُڀري اچي ٿي.

’همرچو‘ لفظ جي معنى ’همراهه اچو‘ ٻُڌائي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ان لفظ جو اشتقاق ڪبو، ته ان جي معنى ٿيندي. (هم = اسان/ سڀ + رچو = جنبجي/ ملي وڃو) يعني اچو ته اسان سڀ ملي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ ان کي اُڪلايون. هن گيت مان هڪ طرف پورهيتن جي پاڻ ۾ ٻَڌي ۽ يڪجهتي نظر اچي ٿي، ته ٻي طرف هو پورهئي کي ڪهڙي نه پيار ۽ پنهنجائپ سان گڏيل سرگرميءَ طور اپنائي، ان کي جشن وانگر ملهائن ۽ ان مان محظوظ ٿين ٿا، ان جو  پڻ موهيندڙ احساس ملي ٿو.

گيت جا ٻول مترنم ۽ ان جو آهنگ ايترو سُريلو ۽ دلڪش آهي، جو بظاهر لفظن جي معنى ۽ مفهوم نه سمجهندڙ ماڻهو به جڏهن انهن کي سُڻي ٿو، تڏهن سندس سماعتون ان جي رسيلي ۽ روح کي لطف آڇيندڙ  سُرن جي سحر ۾ منڊجي وڃن ٿيون.

همرچو، روڪيو ميڙيو لا ـــ الا همرچوڙي لا.

(گڏجي ڪم ڪرڻ جو هي ميڙ  الا)

ڏور رهيو اسان جو ڏيسيڙو لا ـــ الا همرچوڙي لا.

(ڏور رهيو اسان جو ديسيئڙو)

ڏيسرو آ ڏيسيڙو لا ـــ الا همرچوڙي لا.

(پرديس کان  ڪو ڏيهي ايندو)

آسي ڪڏهان اوهان اوٺيڙ لا ـــ الا همرچوڙي لا.

(ايندو ڪڏهن اتان اوٺيڙو)

کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا ـــ الا همرچوڙي لا.

(اهو ڪا سُٺي خبر آڻيندو)

شيخ اياز پنهنجو لوڪ گيت ’همرچو‘ مٿئين ٿري لوڪ گيت کان متاثر ٿي ۽ ان جي تضمين ۾ لکيو آهي، پر اياز جي ’همرچي‘ ۾  نه رڳو نئين احساساتي ۽ جمالياتي رنگيني هن جي پنهنجي ۽ تخليقي آهي، پر ان ۾ اظهاريل ڪيترائي اهڃاڻ، علامتون ۽ عڪس جديد دؤر جا آهن، جن کي هن پنهنجي ڪمال فني ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، ’قدامت ۾ جدت ۽ جدت ۾ قدامت‘ جي سهڻي سنگم جو انوکو مثال پيش ڪيو آهي.

سُر ۽ سنگيت جي اعتبار کان هي لوڪ گيت، دنيا جي انهن اوائلي ۽ انوکي گيتن مان هڪ آهي، جيڪي هر دؤر ۾ ماڻهن جي موهه ۽ مزاج سان هم آهنگ رهيا ۽ انهن جي دلين کي انهن ڌڙڪايو آهي. هن لوڪ گيت جي وڏي فني خوبي ۽ خوبصورتي اها آهي، ته هي هڪ سُر بدران چئن سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي. هن گيت ۾ٽن سُرن شڙج (مڌم)، ڪومل ۽ ڌيوت (تيور) سان هڪ ٻي سُر پنچم کي ملائي، موسيقيءَ جو موهيندڙ مانڊاڻ پيدا ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هن گيت جي ردم  جي رنگيني ۽ سُرن جو سوز هر ماڻهوءَ جي روح کي موهي، ان کي ’مي رقصم‘ بڻائي ڇڏيندو آهي.

ٿر گيتن جي سرزمين آهي. فطري حُسن ۽ گلن جي هُٻڪارن جو اهڙو حسين ديس آهي، جنهن جي ڌرتيءَ جي دلفريب نظارن، دلڪش ۽ موهيندڙ ڪارونجهر جي سونهن ۽ قدرتي حُسناڪين کي پَسي اياز چيو هو، ’ٿر خدا جي مصوري آهي.‘ ’بادليئو‘ پڻ ٿر جو هڪ روايتي لوڪ گيت آهي، جنهن جي ترنم ۾ موسلا ڌار بارش جهڙي نغمگي ۽ ٻولن ۾ مينهن جي اُجري پاڻيءَ جهڙي شفافيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪندا آهن. کنوڻيون کيج مان چمڪنديون، چيٽ ۾ واهوندا ورندا ۽ چوماسي جون هوائون هيج مان گهُلنديون آهن، تڏهن ٿري نينگريون ۽ نووَرنيون سرتيون پاڻ ۾ گڏجي، بارش جي آمد تي سرهائي ۽ خوشيءَ مان هي گيت چونديون ۽ مينهوڳيءَ جو جشن ملهائينديون آهن.

شيخ اياز روايتي ’بادليئو‘ بدران ان گيت کي ’بادل ڙي‘ جي نالي سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي. ’بادليئو‘ لفظ کي پنهنجي هڪ جدا جاذبيت آهي، پر ’بادل‘ سان ’ڙي‘ جي تصغير ملائي، اياز ’بادلڙي‘ لفظ ۾ جيڪا ملائميت ۽ معصوميت پيدا ڪئي آهي، اها وڌيڪ موهيندڙ آهي، ڇو ته ان ۾ بارش جي احساس وانگر تاثر جي تازگي ۽ چِٽائيءَ جو عڪس وڌيڪ اُجرو ۽ آسيس آڇيندڙ محسوس ٿئي ٿو. اياز جي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ڪيفيت ۽ لئي ته ساڳي ’بادليئو‘ واري آهي، پر ان جي اظهار ۽ احساس ۾ پنهنجي هڪ نرالي فني نُدرت، الڳ ڪردارنگاري ۽ فڪري انفراديت ملي ٿي. آغا سليم جي اياز جي لوڪ گيتن  تي ڏنل اها راءِ گھڻي حد تائين درست آهي، ته ”اياز روايتي لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجا جديد لوڪ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرزِ احساس (Sensibility) جو اظهار ڪيو آهي“(15).

شيخ اياز پنهنجي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ماحول، محاڪات ۽ ترنم ته ٿري لوڪ گيت جو اوتيو ۽ اَپنايو آهي، پر ان ۾ هُن جي فڪر جو وسڪارو ۽ هن جي تخيلي حُسناڪي پنهنجي آهي، جنهن جو ون ۽ واس موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.

بادل ڙي، بادل ڙي! منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

گَجي گَجي گهنگهور گھٽائون آگم ۾ اُڀرن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

رُت آئي، رُت ويئي، جهوليءَ ۾ ٿا ڏينهن جهُلن،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

مون ڳهَليءَ جئن ڳولي ٿي، ڪجهه پن پن منجهه پون،

منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!

                              (ڪلهي پاتم ڪينرو، ص30)

اياز جي شاعريءَ ۾ سهري ۽ ڳيچ جون صورتون به ملن ٿيون. سندس شعري مجموعي ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ هڪ وائي ڏنل آهي، جيڪا لهجي توڙي اظهار ۽ احساس ۾ هر لحاظ کان وائي بدران سڀني وسبين لاڏي جو رنگ ۽ روپ پيش ڪري ٿي، پر خبر ناهي ڪهڙي خيال کان ان کي وائيءَ جي صنف طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءٌ ان کي ٻولن، خيال ۽ لهجي جي بنياد تي سهرو ۽ لاڏو سمجهان ٿو. اوهان خود ان کي پڙهي ۽ پُرجهي ڏسو.

ٿالهه کڻي روپڙو ميندي پُسايو،

دودل گهر آيو.

نڀ جيان نيرڙو تنبو لڳايو،

                                                                 دودل گهر آيو.

ڀورڙيون نينگريون ٻانهون وڌايو،

دودل گهر آيو.

ڏونڪلڙا ڀير تي وَر وَر وڄايو،

دودل گهر آيو.

دودلَ جو ديس لئه لايو سجايو،

دودل گهر آيو.

                                                                                                   (ص139)

اهڙيءَ ريت سندس ڪتاب، وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ شامل ڪيل ٻه وائيون، ’لوري ڪيئن لڳي، او آيل! آيل! لوري ڪيئن لڳي‘ (ص83). ۽ ’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي!‘ (ص179). پنهنجي احساس، اظهار ۽ ڌنڪ ۾ ’وائي‘ کان وڌيڪ ’لوڪ گيت‘ جو ساءُ ۽ سواد ڏين ٿيون.

 

نتيجو:

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن جا لوڪ گيت موضوعن جي انفراديت، لفظن جي نرمل انتخاب، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي نُدرت، احساس جي بي ساخته اُڇل، فني تجربن ۽ غَنائيت جي لحاظ کان بنهه ئي نرالا ۽ موهيندڙ آهن. مٿي ڏنل سندس لوڪ گيتن مان ڪنهن ۾ اوٺين جي مسافريءَ جي مشڪلن، ڏکن ۽ ڏولاون جي تصويرڪشي آهي، ته ڪنهن ۾ ڏُٿ چونڊيندڙ سرتين ۽ سهيلين جا پورهئي ۾ سرهائي محسوس ڪرڻ جا احساس ۽ رقص جون ڪيفيتون آهن، ته ڪنهن ۾ برساتي موسم، پرينءَ جي يادن ۽ سانوڻ ٽيج جي رسمن، رنگينين، راحتن ۽ موهيندڙ ماحول جو ذڪر آهي، ته ڪنهن ۾ پيار ڪندڙ دلين جي اُڌمن، اوجاڳن، انتظارن ۽ اوسيئڙن جا جيئرا جاڳندڙ، متحرڪ ۽ مضطرب عڪس آهن. هر گيت ۾ ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪرب، قرار، سانت، سرمستي، وصل ۽ وڇوڙيءَ جون ڪيفيتون، ان سان گڏوگڏ هر گيت ۾ پنهنجي مڌرتا ۽ موسيقيت آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ تي پنهنجي ڪيف جا قرار ۽ پنهنجي بي قراريءَ جون ڪيفيتون طاري ڪري ٿي.

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي بنيادي خوبي انهن جو لوڪ آهنگ، احساس ۽ نئين نويلي وينگس جي ڇير جي ڇم ڇم جھڙو ترنم آهي. هن جا لوڪ گيت پنهنجن لوڪ روايتن سان سلهاڙيل هجڻ باوجود انفرادي جوهر، خيال جي جدت، احساس جي نرملتا، جذباتي جولان، صوتي سندرتا، فڪري سلوڻائي، هئيتي تجربن، اظهار جي اَلبيلائي ۽ لفظي رچاءَ جي اَڇوتائي جي لحاظ کان پڻ موهيندڙ آهن ۽ انهن ۾ ترنم، ٻوليءَ جي رس ۽ آزاد اظهار جي جمال جا عنصر اياز جي ٻين شعري صنفن جي نسبت وڌيڪ ۽ نرالي انداز ۾ ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيت اياز جي محبوب ۽ مرغوب صنف رهي آهي ۽ هن پنهنجن شعري صنفن مان سڀ کان وڌيڪ گيتن ۽ لوڪ گيتن ۾، پنهنجي اندر جي ڪيفيتن جا جولان آسانيءَ سان اوريا ۽ پنهنجن جذبن جون جمالياتي ۽ تخليقي حُسناڪيون ڀرپوريت سان اظهاريون آهن. 

 

حوالا

 

  1. آغا، سليم، ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر“، (مضمون ترجمو) ”يورپ ۾ لوڪ گيتن جي روايت“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع، ص108، .109
  2. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 14.
  3. شيخ اياز، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص146، 147.
  4. شيخ اياز، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1996ع، ص115.
  5. شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1091، 1092.
  6. امراڻي، ڀارو، ”گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا“، نينهن پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر، 2004ع، ص7.
  7. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 16.
  8. سميجو، سحاق، ڊاڪٽر، ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“،روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2009ع،.
  9. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 15.
  10. آغا سليم، صدين جي صدا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.
  11. سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص36، 37
  12. حوالو ساڳيو، ص31.
  13. جويو، تاج، ”سنڌي گيت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1980ع، ص53.
  14. شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.
  15. آغا، سليم، ”صدين جي صدا “، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.