ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | ISSN: 2519-9765 |
قيمت | 140 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (945) PDF E-Pub |
انگ اکر | 5 January 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 106196 ڀيرا پڙهيو ويو |
منصور ٿلهو
سنڌي ۽ اسپيني ٻوليءَ جو آواز ’ڃ‘: هڪ جائزو
Sound of the Letter’ڃ‘ in Sindhi and Spanish: A Review
Abstract:
The Sindhi language has its place among ancient languages of the world; she belongs to the rich Indus civilization. Linguists have shared many characteristics of the Sindhi language. Included in her vocab, are the letters about which average Sindhi folk opine that there are no words or proper nouns to start with. Well, this is never the case. Research indicates that certain words / proper nouns did start with sounds like (ڃ) and (ڙ) ، (ڻ)
Spanish, like Sindhi, is also an ancient language. Many words of both languages sound alike and manifest same meaning. These words are in hundreds, and are spoken in both of these languages. This proves that these languages have been in close contact and have enjoyed intimate relationship. This contact was due to old seaports on the shoreline of the territorial Sindh. This paper looks at certain Spanish words that include Sindhi sound ڃ.
سنڌي ٻولي، دنيا جي قديم ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي، هيءَ ٻولي هڪ شاهوڪار سنڌو تهذيب سان تعلق رکي ٿي.سنڌي ٻوليءَ جون انيڪ خوبيون، لسانيات جي ماهرن بيان ڪيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ شامل ڪجھه اکر اهڙا به آهن، جن بابت عام سنڌي صرف اهو ڄاڻي ٿو ته انهن اکرن سان ڪوبه لفظ يا اسم خاص ڪونه آهي .پر ائين هرگز ناهي، تحقيق ڪجي ته اهڙن آوازن : ’ڃ‘،’ڙ‘ ،’ڻ‘ سان به ماضيءَ ۾ ڪي لفظ/اسم اچاريا ويندا هئا. مثال: ’ڃُوڃڻ‘ انهيءَ ونگ کي چيو ويندو هو، جيڪو لاڙ جا مالوند ماڻهو ڳئون يا مينهن جي ڏهائيءَ وقت ان جي پوئين ڄنگهن ۾ وجهندا آهن(1) سنڌيءَ جيان اسپيني ٻولي به پراڻي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي. ٻنهي ٻولين جا ڪيترائي لفظ هڪ جھڙا وَرنَ (اچار) ڪڍندڙ ۽ ساڳيون معنائون ظاهر ڪندڙ آهن.اهي لفظ سوَن جي تعداد ۾ آهن،جيڪي ٻنهي(سنڌي ۽ اسپيني) ٻولين ۾ ڳالهايا وڃن ٿا، جنهن مان اِها ثابتي ملي ٿي ته آڳاٽي وقت ۾ ٻنهي ٻولين جو پاڻ ۾ گهرو تعلق، لڳ لاڳاپو ۽ ويجهڙائپ رهي آهي. اهو لاڳاپو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي پراڻن بندرگاهن جيڪي سنڌ جا مشهور بندرگاهه هئا، انهن وسيلي جڙيو آهي.
اسپيني ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا اُچار ڪڍندڙ لفظ اڄ به ڳالهايا وڃن ٿا. ايسپاڃول (ESPANOL) ٻولي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ اسپانش (SPANISH) چوندا آهن.۽ سنڌيءَ ۾ اسپيني يا اسپانوي چون ٿا.
ايسپاڃول (ESPANOL) لفظ ۾ ’ڃ‘ جو آواز ’N‘ شامل آهي، اها ٻولي کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي آهي . هن ٻوليءَ جي اکر پٽيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جھڙا اکر آهن، جنهن ۾ اکر اين ’N‘ جي مٿان هڪ ننڍڙي مَد يا لڪير ڏنل آهي، جنهن جو اچار ’ايڃي‘ سان ڪڍيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ آواز ڪن لفظن جي منڍ ۾ ته ڪِن لفظن جي وچ ۽ آخر ۾ ايندو آهي.
مثال طور: ڃُوڃَڻُ، اَڃا ، مُڃَ ، ڄَڃَ ، ڄاڃي ، وَڃو ، وَڃي پيو ، ڪاڃا ، ڪاڃو ، آنڃو ، اَڃو.
اسپانوي يا اسپيني ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ (N)آواز لفظ جي مُنڍَ ۽ وچَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي،سنڌي ۽ اسپيني ٻولين جي لکتن ’ڃ‘ (N) ۾ فرق آهي، پر اچار ساڳيو اٿن.اهو فرق رسم الخط جي حوالي سان ڏسن ۾ اچي ٿو.
مثال: ڃي گئي يا ڃي گي (NENGUE) ڇوڪريءَ جو نالو يا خاص نالو (NIK NAME) هن لفظ جون ٻيون معنائون به آهن.
ڃي گئي (NENGUE) آواز جي وچ ۾ آواز اين ’N‘ جو آواز يعني ’ن‘ اتي خاموش آهي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ’ن‘ جو آواز وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي ،ان جو اچار ڪو نه ڪڍيو ويندو آهي.
مثال طور: تنهنجو، منهنجو، سَهنجو، تنهنجي، منهنجي، ڪنهن، تنهن، ڪنڌيون ، سٻاجھڙيون، ستابڙيون، سانوريون، ارڏيون،ترايون، وسايون،آهيون وغيره.
سنڌي ٻوليءَ جو آواز ”ڃ“:
ڃُوڃڻ سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آهي ،جيڪو سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ اڄ به مالوند ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. کير ڏيندڙ جانور جھڙوڪ :ڳئون يا مينهن کي ڀاڳيا ڏُهائيءَ جي وقت پوين ڄنگهن ۾ جيڪو ونگ وجھندا آهن، ان کي لاڙ ۽ ڪوهستان (خاص طور تي ٿاڻي بولا خان کان ٺٽي تائين) ۾ ’ڃُوڃڻ‘ چوندا آهن.
جئين ته ’ڃ‘ آواز وارا لفظ قديم زرعي دور کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عام وهنوار واري ٻوليءَ مان ختم ٿي ويا آهن. پر هي آواز ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ هڪ لفظ ’ڃ‘آواز جي باقيات طور اڄ به استعمال ۾ آهي.
اتر سنڌ ۾ ”ڃ“ آواز ”ن“ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري اتي ”ڃوڃڻ“يعني وَنگ کي ”نونڃڻ“ چوندا آهن.ٻئي طرف ٿر واري علائقي ۾ ان ساڳئي لفظ کي ”نهنجن“ چيو ويندو آهي.ان کان سواءِ ڏهائي جي وقت ڳَئون جو ڦر گابو يا گابيءَ کي، ڳئون جي اڳينءَ ڄنگھه سان وَنگ ڏئي ٻڌبي آهي،ان کي پڻ ”ڃوڃڻ“ چوندا آهن،(2)
شاعر محمد بخش ”مشڪور“ ڦلڪاري پنهنجي شاعري جي ڪتاب ’سنڌ ۽ سَچ جي ساڃاهه‘ ۾ ”ڃ“ آواز کي، لفظ جي منڍ ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ”ڃوڃڻ“ لفظ کي گم ٿيڻ کان بچائي ورتو.
مثال طور:
ِڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، سارا دلبر دوست،
پنهنجو هڏ ۽ پوست، ڄم نه ڪانئر ڪُک جو،
*
ِڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪهڙي ڪرين ڪٿ،
آهن سڀ ڪجھه هٿ، هلائين ته هاج ٿئي.(3)
*
ِڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، من ٿئي مشڪور،
ڇو ٿو پچائين پور، اُٿ ته ماڻيون آجپو.(4)
*
وائي
ڃُوڃڻ سارا آءُ ڇني تون،تُرهو ڪج تيار
هلڻو آ هن پار او ساٿي!
گونگي ٻولي ڪير سمجهي، چاهت ڪر پچار،
هلڻو آ هن پار او ساٿي!(5)
سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ ٻين ٻولين ۾ به ’ڃ‘ آواز وارا لفظ آهن،جن جي منڍ ۾ ’ڃ‘استعمال ٿيل آهي، جيئن يوڪرين ۽ سربين وغيره، پر انهن ٻولين جون لپيون، کاٻي کان ساڄي پاسي آهن. انهن ٻولين جو رسم الخط رومن اکرن وانگر آهي، پر ڪيترن ئي لفظن جا اچارتبديل آهن ۽ ’ڃ‘ آواز جون شڪليون به مٽيل آهن.
اسپيني ٻوليءَ جا لفظ جن جي منڍ ۾ ’ڃ‘ (N) آواز ڪتب آيل آهي، هي هيٺ ڏنل ڪجهه لفظ آهن:
ڃاندو (NANDO) اهڙو وڏو پکي جيڪو اُڏامي نه سگهي.(RTHEA).
ڃاتو (NATO) بينو نڪ، اُهو نڪ جنهن جي چنهب يا چوٽي مٿي هجي (PUG-NOSE).
ڃوڃو (NONO) ملائڻ، مدڙڻ،جوڙڻ (BLAND).
ڃُو (NU) جانور جو قسم، مينهن جو قسم (WILDE BEAST).(6)
ڃامي (NAME) پٽاٽو (YAM)
ڃاما (NAPA) اضافي رقم (EXTRA AMOUNT)
ڃوڃيئر (NONEAR) زور سان روئڻ، شڪايتي انداز ۾ گھوڙاڙي، اباڙي.TO WHINE)) (7) آواز.
البانيه (ALBNIA) ٻوليءَ ۾ آواز ’ڃ‘ (NJ) انگريزي اکرن اين جَي
”NJ“ کي ملائي ٺاهيو ويو آهي.
البانيه ٻوليءَ جا اُهي لفظ جن جي منڍ يا مُهڙَ ۾ (ڃ) ”NJ“آواز استعمال ڪيو ويو آهي.
ڃولا (NJOLLA) چٽو،داغ ،ڪپڙي تي نشان.
ڃزي (NJAZI) ماڻهوءَ جو نالو.
ڃيرڪ (NJERIKE) ٻي عورت.
ڪو ماڻهو پهرين گهرواريءَ جي مرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ٻيءَ عورت سان شادي ڪري کيس گهر ۾ آڻيندو ته ان کي ڃيرڪ (NJERIKE) يعني ’ٻي عورت‘سڏيندا آهن.
گا (GA ) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ (NY) آواز انگريزي اکرن اين ۽ واءِ کي ملائي ’ڃ‘ (NY) جو اکر جوڙيو ويو آهي.
سَر بيئن (SERBIAN) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ جو آواز ( ) ڪن لفظن جي مُنڍَ ۾ آيل آهي.
ڃُخُ ( ) واڌ ويج يا وڌڻ (FLAIR)
ڃِيوا ( ) زمين، ڌرتي (FIELD)
ڃَينا ( ) ( ) هِن جو: مونث (HER)
ڃيگو وو ( ) ( ) هُن جو: مذڪر (HIS)
سريبا ٻوليءَ ۾ ”گ“ جو آواز ( ) جي شڪل .
مٿين لفظن ۾ ڪي آواز ”B“ ،”N“ جن جون شڪليون وارا آهن. ”موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن جھڙيون آهن، جن جي پڙهڻي ۾ ”B“، ”ن“ ”N“ جڏهن ته سربين ٻوليءَ ۾ ”وَ“، ”B“ ۽ اِي ” “ هي نشاني اڳي اکر کي هيٺ ڇڪي،”ي“ ۽ زيِر وارو عمل ڏيکاريندي آهي.
ڃُشنڪا يا ڃوشڪا ( ) ٻوٿ، ٿوٽي، سونڊ، بونڊارو
سربئين ٻوليءَ ۾ اکر ”ش“ جا ٻه گهر ” “ آهن.
ڃُشيتي يا ڃوشيتي لفظ تي ( ) لفظ وو (BO)
يوڪرين ٻوليءَ ۾ ”ڃ“ وارو آواز (HH) ٻه ٽي ايل آهي
اَڃا (AHHA) ڇوڪريءَ جو نالو
زاوَداڃا ( ) مزو، ذائقو
اِواڃا (IBAHHA) ڇوڪريءَ جو نالو
اسپيني ٻوليءَ جا اُهي لفظ جن جي وَچَ ۽ آخر ۾آواز ڃ (N) جو استعمال ٿيل آهي.
1. |
سوڃيا |
SONIA |
ڇوڪريءَ جو نالو . |
NAME OF GIRL |
2. |
پوڃو |
PONO |
مڪو |
PUNCH |
3. |
تاماڃو |
TAMANO |
رقم |
AMOUNT |
4. |
سوئيڃو |
SUENO |
خواب |
DREAM |
5. |
نيڃوس |
NINOS |
خواب |
DREAM |
6. |
اُڃا |
UNA |
َ نَهَه |
NAIL |
7. |
اسپاڃا |
SPANA |
ملڪ جو نالو |
SPAIN |
8. |
راپيڃا يا ريپيڃا |
RAPINA |
قبضو ڪرڻ يا طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ |
RAPINE |
9. |
ريڃيدو |
RENIDO |
راضي نه ٿيڻ، متفق نه ٿيڻ |
VARIANCE |
10. |
سَيڃالار |
SENALAR |
سنگنل |
SIGNAL |
11. |
پيڃا |
PENA |
ميووي جو نالو |
PINE APPLE |
12. |
مُڃيڪا |
MUNECA |
گُڏي |
DOLL |
13. |
اَڃو |
ANO |
سال |
YEAR |
14. |
بانڃو |
BANO |
غصل خانو |
BATHROOM |
15. |
روڃو سو |
RONOSO |
ميرو |
DIRTY -MANGY |
16. |
سِڃَي |
SINE |
ٿيئيٽر |
THEATER |
17. |
مڃانا |
MANANA |
سُڀاڻي |
TOMORROW |
18. |
نِيڃو |
NINO |
ڇوڪَر، ننڍڙو ٻار |
BOY |
19. |
نيڃا |
NINA |
ڇوڪَري، ننڍڙي ٻارڙي |
GIRL |
20. |
سي ڃوريا |
SENORIA |
ڇوڪريءَ جو نالو |
NAEM OF GIRL |
21. |
سي ڃور |
SENOR |
سائين، وڏو، سَر |
SIR |
22. |
اُڃاس |
UNAS |
ٿههَ ،(جمع) |
NAILS |
23. |
اوتوڃو |
OTONO |
ڪرڻ |
FALL |
24. |
آڃِيل |
ANIL |
رنگ، بلو رنگ،گُلي |
INDIGO-BLVING |
25. |
آڃوراسا |
ONORANZA |
غمگين،ڏک،تڪليف |
LONGING-YEARNING |
26. |
آڃورار |
ANORAR |
ياد ڪرڻ |
DESEAR TO MISS |
27. |
آڃوسو |
ANOSO |
پوڙهو، پڪيءَ عمر وارو |
AGED OLD |
28. |
ڪاڃا |
CANA |
ڪانو، ڪک ڪانو |
CAN |
29. |
ڪاڃادا |
CANDA |
چاڙ، وهڪرو |
SULY-RAVIN |
30. |
ڪاڃامو |
CANAMO |
ڀنگ |
HEMP |
جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سائين‘ (SIR) جو لفظ وڏي احترام وارو آهي، مانُ مرتبو رکندڙ اُستاد ، بزرگ ماڻهو يا ڪنهن شخصيت جي لاءِ ’سائين‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويندوآهي.تيئن اسپيني ٻوليءَ ۾ سَيڃور (SENOR) جو لفظ احترام ڪرڻ جي لاءِ اُستاد ،پروفيسر، ليڪچرار ۽ ڪنهن خاص ماڻهو جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر لفظن جون هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن، جيڪي جملي جي بيهڪ سان اُهي لفظ پنهنجون معنائون ظاهر ڪندا آهن . تيئن اسپيني ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن .مٿين لفظن جون ٻيون به معنائون آهن.
اسپيني ٻوليءَ ۾ آواز ’ڃ‘ (N) سان ماڻهن (مرد ۽ عورت) جا نالا،هنن لفظن جون ٻيون به معنائون آهن.هتي صرف نالن جي حوالي سان ذڪر ڪجي ٿو.
ڪاڃيرو (CANERO) ماڻهوءَ جو نالو
ڪاڃامو (CANAMO) ماڻهوءَ جو نالو
ڪاڃو ن (CANON) ماڻهوءَ جو نالو
داڃو (DANO) ماڻهوءَ جو نالو ، سُور درد ، زخمي ،ٽٽل، ڀڳل (DAMAGE)
دُئيڃو (DUENO) ماڻهوءَ جو نالو ۽ مالڪ.
سيساڃا (CAZANA) عورت جو نالو.
اسپيني ٻوليءَ ۾ زيڊ(Z) آواز جو اُچار ’س‘ ڪڍيو ويندو آهي.
سربــيا يا سربئن (SERBIAN) ٻوليءَ ۾ آواز ( ) ’ڃ‘
هِن آواز ’ ‘ جي سنڌي آواز ’ڃ‘ ۽ اسپيني آواز ’ڃ‘ (N) کان لکت مختلف آهي سر بيا زبان کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي آهي .هن ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ رومن رسم الخط ٻوليءَ جا اکر شامل آهن، پر ڪِن اکرن جا اچار مختلف آهن.
سر بـيا ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ ، آواز وارا لفظ :
1 : ڃيوا (H NBA) زمين، ڌرتي. سربيا ٻوليءَ ۾ (B) آواز جو اُچار ’و‘ سان ڪڍيو ويندو آهي.۽ اکر ’ ‘ جو اُچار ’ي‘ سان ڪڍيو ويندو آهي، هيءُ آواز ’N‘ ڪنهن ٻي آواز جي پٺيان (H N) لڳائبو ته اُن کي هيٺ ڇڪيندو آهي.
مثال : ڃَي ( )
2 :ڃينا ( ) هن جو (مونث) (HER) سر بيا ٻوليءَ ۾ اکر ’ايڇ‘(H) جو اُچار ’ن‘ (N) ڪڍيو ويندو آهي.
3 : ڃيگو وو ( ) جي معنيٰ ،هن لفظ ۾ جو (مذڪر) (HIS) سربين ٻولي ’گ‘ جو آواز ( )
4 : ڃُمنشڪا ( ) جي معنيٰ ٻُوٿ ،ٿوڻي ،سونڊ، بونڊارو.
5 : ڃُشيتي ( ) سٽڪڻ، سنگهڻ.
يوڪرين (UKRAIN) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘آواز جي شڪل (HH) ٻٽي ايڇ سان ڪڍيو ويندو آهي.
اَڃا (AHHA) ڇوڪريءَ جو نالو
زاوَ داڃا ( ) مزو، ذائقو.
اِواڃا (IBAHHA) ڇوڪريءَ جو نالو.
ترڪش (TURKISH) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ وارا آواز (NN) ٻٽي اين سان ڪڍيا ۽ پڙهيا ويندا آهي.
آڃي (ANNE) ماءُ کي چوندا آهن.
گا ( ) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ وارو آواز ’NY ‘ اين واءِ کي ملائي ’ڃ‘ جو آواز ٺاهيو ويو آهي.
1: اُنڃي (ONYE) بي عزتي.
گا ( ) ٻولي کاٻي کان ساڄي پاسي جي طرف لکي ويندي آهي،هن ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ رومن ٻوليءَ جا اکر آهن.جن جا اُچار مختلف آهن.
2 : ڃِي (NYE) ماءُ (MOTHER)
3 : ڃَڃون ( ) ڏند (هِڪُ ڏند)
4: ڃَڃون جِي (NYANY)NJII) ڏندَ (ٻٽيهه)
5 : ڃَڃو (NYANY ) ماڻهوءَ جو نالو
6 : ڃامي (NYAME) الله ،خدا (GOD)
البانيه (ALBANIA) ٻوليءَ ۾ ’ڃ‘ جو آواز ’NJ‘ اين ۽ جَي کي ملائڻ سان لکيو ويو آهي.
ڃَ (NJ) جي معنيٰ 1:هِڪَ نمبر
مٿيان آواز ’ڃ‘ وارا لفظ آمريڪا جي بيسٽ وسيٽرن هوٽل نيويارڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن کان مليا، جيڪي سربيان، يوڪرين، ترڪش ۽ اسپيني ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان ڪچهريون ڪندي ڪٺي ڪيا آهن. اُهي انگريزي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي پنهنجين مادري ٻولين جا لفظ به اچاري ويندا هئا، خاص طور اسپيني ڇوڪريون گهڻا لفظ استعمال ڪنديون هيون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪافي بيتن ۾ پڻ ’ڃ‘ اکر وارا ڪيترائي لفظ استعمال ٿيل آهن. ’ڃ‘ وارو آواز لفظن جي وچ ۾ ۽ ڪن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي.
مثال: رُڃن ۾ رَڙ ٿي؛ موڙي مڃر ٽاريون؛ ڀيلو ڀيري ڀَڃُ وڃي ڪيچ چئيج وغيره.
حوالا