سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017)
ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN ISSN: 2519-9765
قيمت 140    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (959) PDF  E-Pub
انگ اکر

5 January 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     108208   ڀيرا پڙهيو ويو

لاڙي لهجو: سرسري ۽ تاريخي جائزو


حافظ حبيب سنڌي

 

لاڙي لهجو: سرسري ۽ تاريخي جائزو

A Historic & General Overview of the Laari Dialect of Sindhi

 

Abstract:

 

Going through the pages of ages, territory of Laar stands out holding a unique historic stature.  Local people used to travel to various countries, e.g. Arabia, Iran, Afghanistan & India etc. even before advent of Islam. They had been maintaining commercial, social, and cultural ties with them. This human movement would not only have impacted economics but culture and language also. Exchange of many words would have taken place, consequently scores of Sindhi words entered in Iranian and Arabic dictionaries.

Quite a few accents of Laar exist toward Southern shoreline of Laar. Different accents of Muhanki, Jatki, Manjarai, Kakrali, Kharai, Jati, Maandar, and Kachhaki languages are spoken, even today, within territorial limits of coastline of Laar.

In addition, Shikarko and Bheelko accents are also spoken. However, due to being in the vicinity of Kachh, and due to dwelling on the coastline, effect of Kachhi accent is noticeable on the languages of Bheels, Shikaris, and even Muslim folks. Furthermore, other communities like, Kolhis, Samis, and Kokris have their distinct accents. Different accents of Laar are highlighted in this paper.

 

سنڌ جي ڌرتي صدين کان شاندار تهذيب جي مالڪ رهي آهي. سنڌ جي تاريخ مختلف ڪتابن ۾ قديم زماني کان ڄاڻايل آهي. تاريخ جي ورق گردانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو، اسلام جي آمد کان به اڳ مختلف ملڪن عربستان، ايران، افغانستان ۽ هندستان وغيره سان واپاري سماجي، ثقافتي ۽ تجارتي ڳنڍ سنڍ رکندا هئا. (اطهر مبارڪپوري: 1965-ص 19)

سنڌ جي الهندي طرف وارن جا واپاري بندرگاھ: بندر عباس، مسقط، يمن ۽ بصري کان سنڌ جي سامونڊي ۽ درياهي بندرن تي ڊاٻو ڪندا، گجرات پاسي سامونڊي ڪناري تي وسندڙ شهر ۽ واپاري منڊين تائين ويندا هئا. اهڙيءَ طرح اسلام جي آمد کان اڳ، لاڙ جا هندو واپاري به ايران، عربستان بلخ ۽ بخارا تائين ويندا هئا. انهيءَ اچ - وڃ ۽ واپاري ڏي وٺ جو اثر جيئن ملڪ جي اقتصادي حالت تي ٿيو، تيئن هن خطي جي ثقافت ۽ ٻوليءَ تي به ٿيو هوندو. ڪيترن ئي لفظن جي ڏي-وٺ ٿي، ڪيترائي سنڌي لفظ ايراني ۽ عربي لغت ۾ داخل ٿي ويا اهڙيءَ طرح هزارين عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ، محاورا سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا. (الانا: 1971ع: ص 163)

عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تازين کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي، عرب حڪومت جي ابتدائي زماني ۾بلڪه ان کان به اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزمره واري ۽ تجارتي توڙي واپارجي استعمال واري هئي. اسلامي حڪومت جي ابتدائي دور ۾عربي سرڪاري ۽ دفتري زبان جي حيثيت ورتي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي سنڌ جي عام ماڻهن واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول هئي. انهيءَ دعوى جو دليل عرب سياحن جي هيٺ ڏنل بيان مان ملي ٿو: (الانا: 1971ع: ص 163)

مشهور مؤرخ ابوالحسن (957ع) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”سنڌ جي زبان هندوستان کان مختلف آهي. سنڌ اسلامي ملڪن جي قريب تر آهي. مهانگر يعني ولڀ راءَ جي سلطنت جي تختگاه جي ٻولي”کڙي“ آهي. هيءَ انهيءَ طرف ۽ پسگردائي جي زبان آهي مگر” ثقيل“ (ڳري) آهي“.(مسعودي: 1960ع-ص 288)

مؤرخ اصطخريءَ جو بيان آهي: ”منصوره، ملتان ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ماڻهن جي ٻولي سنڌي عربي آهي“. (اصطخري: 1960 – ص 375)

وري بشاري مقدسيءَ (980ع) ۾ هن طرح لکيو:

”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي، هن سان هڪ سئوڳوٺ مليل آهن. هتي جا رهاڪوزياده تر هندو آهن. سمنڊ جو پاڻي طغياني (ويرچڙهڻ) وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي. هتي جا باشندا واپاري آهن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالهائين ٿا. صوبي جو بندرگاھ گھڻي آمدنيءَ وارو شهر آهي“. (بشاري:1960-ص:385)

مٿي ڄاڻايل مؤرخن سياحن جي حالات تي نظر وجھبي ته لاڙ جي بندرن تي ٻين ملڪن جي واپارين ۽ تاجرن وانگر عرب واپارين جي آمد ودرفت ھوندي هئي، انهيءَ ڪري لاڙي ٻوليءَ جا ڪيترائي  لفظ عربي لغت ۾ داخل ٿي ويا.

 ڊاڪٽرغلام علي الانا پنهنجي ڊي-فل مقالي ۾ سيد سليمان ندويءَ جو حوالو ڏيندي، عربي ٻوليءَ ۾ لاڙي لهجي جا لفظن جي نشاندهي ڪندي لکيو آهي ته: ”لاڙ جي بندرن تي ٻين ملڪن جي واپارين وانگر عرب واپارين جي به آمدرفت رهندي هئي، تنهنڪري لاڙي لهجي جا ڪيترئي لفظ، عربي لغت ۾ داخل ٿي ويا، انهن مان ڪي لفظ هي آهن:

لاڙي سنڌي لفظ

عربي لفظ

لاڙي سنڌي لفظ

عربي لفظ

ڪتڻ (ڪپهه)

قيطون

سندراهه (ڪپڙي جو قسم

سندن، سندس به چون

سنداڻ (لوهارڪو لفظ)

سَندَان

کنڊ

قند

ڪک (طب جو لفظ)

ڪُخ

جت

زُط

چندن

صندل

واڻيا

بنيانه

سڙهه (ٻيڙيءَ جو سڙهه)

شرعھ

آڪرو

عاڪره

پلنگ (جهاز رانيءَ جو لفظ)

بلنج

ڪَپُور

ڪافُور

هنڊول

هندول

چيٽ (ڪپڙي جو قسم (8)

شيتِ

ڪرمچ

قرمز

نير (نيل-رنگ) (9)

نِيلَج

ڪرڻ ڦول (طبي ٻوٽي)

قرنفل

جاءِ ڦل

جاءِ فول

تُوتيو

توتيھ

مِکَ (هڏن جي مڃ)

مِخ

ڀت

بَهطھ

ٿوم

فُومَ (هيءُ قرآن پاڪ ۾ آهي)

 

 

ازرَق

اجرڪ

 

 

ڀنگ

بَنجَ

 

انهيءَ طرح لاڙي لهجي ۾ ٻين ڌارين ٻولين جا لفظ به ملن ٿا. جن ۾ ملباري، ملائي ۽ تيلگو لفظ، لاڙي لهجي ۾گڏجي ويا آهن. ان کان علاوه پورچوگيزي لفظ به سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن وانگر لاڙي لهجي ۾ شامل ٿي ويا آهن. (الانا:1971ع:ص -155)                                               

پورچوگيزي لفظ

لاڙي اچار

پورچوگيزي لفظ

لاڙي اچار

Ambār

انباري

Bafo

ٻاڦ

Batel

بتيلو

Bucha

ٻوچ، ٻُجي، ٻُچو

Chahi

ڇاهه،ڇا (لسي)

Limano

ليمو

Leilāno

نيلام

Pagār

پگهار

Falto

فالٽو

Fita

ڦِيٿ

Pipa

پيپ

Pistola

پستول

Recibo

رسيد

Sabano

صابڻ

Tabāco

تماک

Tronco

ترنگ

ڄاڻايل بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي زبان عرب دور ۾ به هڪ معياري ۽ روزمره واري زبان هئي،جيڪا عرب توڙي ٻين ملڪن جي واپارين کي به سِکڻي پوندي هئي.               

  قديم سياحن ۽ مؤرخن نه صرف مٿيان حوالا ڏنا آهن، پر انهن پنهنجي تحقيقي ڪتابن ۾ لاڙي سنڌي لهجي بابت ۽ ان جي قديم رسم الخط جا آڳاٽا احوال به ڏنا آهن. انهيءَ مان چڱيءَ ريت اهو معلوم ٿئي ٿو ته لاڙي سنڌي لاءِ هڪ عليحده رسم الخط (لکڻ جو طريقو) به رائج هو. هن ڏس ۾ابن نديم (955ع) ۽ البيرونيءَ جا بيان سنڌي زبان جي تاريڪ پهلوئن تي روشني وجھن ٿا. ابن نديم پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب“الفهرست”۾ هن طرح لکي ٿو؛ سنڌ جي ماڻهن جون ٻوليون ۽ مذهب باهم مختلف آهن ۽ رسم الخط متعدد آهن. سنڌ ۾ويندڙ هڪ سياح مون کي ٻڌايو ته سنڌي ٻوليءَ جا تقريباً 200 رسم الخط آهن. ان ساڳئي سياح ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهن ۾عام طرح 9 رسم الخط رائج العمل آهن. (ابن نديم:1962:ص3-4)                                      

البيرونيءَ جو بيان وڌيڪ وضاحت وارو آهي. هو لکي ٿو ته:                                           خطي ۾ سامونڊي ساحل تائين، ”مالُوشائو“ نالي جيڪو ڏکڻ سنڌ Interior Sindh ۾ رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي ”مالواڙي“ به چيو ويندو آهي. بَهمۡنَوَا (المنصوره) ”سَئنڌُو“ رسم الخط  ڪم ايندو آهي. لاڙي خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندو آهي. ارِدَ_ناگري، خط ڀاٽيا ۽ ٻين خطن ۾ گھڻو ڪم آڻبو هو. (الانا:1971:ص163)                                                                                                         

     عرب سياحن جي مٿي ڏنل تفصيل مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ توڙي اسلامي حڪومت جي ابتدائي دور ۾سنڌي زبان ڌار ڌار رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي.عرب سياحن جي راستگوئي جو ثبوت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن مان ملي ٿو. ان کان علاوه سنڌ جي ڏاکڻي ساحلي پٽيءَ تي مختلف رسم الخط مروج هوندا هئا، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب سنڌي صورتخطيءَ ۾11 خط لکيا آهن. انهن ۾عربي، سنڌي خط، رومن خط، ديوناگري خط، ٺٽي جا ڀاٽيا ۽ لوهاڻا خط، لاڙائي(موڏا)، ونگائي، راجائي، خواجڪي، ٺٽائي ميمڻن جا خط، ۽ ڏاکڻي لوهاڻا وغيره. انهيءَ کان سواءِ ڀانڪي خط به هن پٽيءَ ۾ وڏي اهميت جو حامل هو. جڏهن ته سنڌ جي لاڙ توڙي سنڌ جي مختلف علائقن ۾لاڙي لهجو عام هو. لاڙي لهجي جا ڌار ڌار محاورا يا اُپ کهجا، ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي واري چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪن ٿا- ايراضيءَ جي لب ولهجي جي ڦير گهير ۾ ڌار ڌار اصطلاحن، پهاڪن جي ڦير گهير صرف ٻڌڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، لاڙ جا 3 اُپ لهجا به بيان ڪيا آهن:

  1. ڪينجهر وارو اُپ لهجو
  2. جاتيءَ وارو اُپ لهجو
  3. ماڃر جو اُپ لهجو

 جڏهن ته ان وقت پوريءَ سنڌ ۾خداوادي، شڪارپوري، سکر ۽ سيوهاڻي لهجا پڻ رائج هئا. اڄ به مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿوته سنڌ جي لاڙ جي ڏاکڻي ساحلي پٽيءَ ۾ مختلف لاڙي لهجا رائج آهن. لاڙ جي هن پٽيءَ ۾ مهاڻڪي، جتڪي، ماڃر جي، ڪڪرالي، کاري، جاتيءَ، مانڌر ۽ ڪڇيڪي جا ٻوليائي لهجا عام آهن. ٻولي انهن جا جداجدا لهجا اڄ به ساحلي پٽيءَ جي حدن ۾ رائج آهن. لاڙي لهجي جي وڏي خوبي اها آهي ته لاڙ واسي پنهنجي سنڌي زبان جي شاهوڪاري بيان ڪندي اڄ به اهو محاورو چون ٿا، ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ ...انهيءَ محاوري جي مدِنظر اسان هن علائقي جي رهواسين جا پنهنجي پنهنجي علائقائي حدن ۾ جيڪي لهجا ڳالهائين، انهن کي اسين مختلف لهجن ۾ ورهائي سگھون ٿا، جيئن مهاڻڪو لهجو، جن جو تعلق درياهه سان آهي. مهاڻا، جيڪي درياهه ۾ ٻيڙين وسيلي رهي پنهنجو گذارو ڪن ٿا، انهن جي لهجي تي ٻين قبيلن جي لهجي جھڙوڪ: کارائي، ڪڇيڪو ۽ جتڪي لهجي جو ڪافي اثر آهي، تنهن هوندي به مهاڻن جو پنهنجو ذاتي لهجو برقرار آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٿين ٽنهي لهجن وارا لفظ  به ڳالهايا وڃن ٿا. پراهو به تڏهن جڏهن هو انهن ماڻهن سان ڳالهائين ٿا.(حبيب: 1994:ص43)

راقم پنهنجي هڪ پراڻي مضمون ۾ ڄاڻايو هو ته لاڙ ۾ مذڪوره لهجن کان سواءِ شڪارڪو ۽ ڀيلڪو لهجو به ڳالهايو وڃي ٿو. پر انهن تي به ساحلي پٽيءَ تي رهڻ سبب ۽ ڪڇ کي ويجھو هئڻ ڪري انهن شڪارين، ڀيلن توڙي مسلمان قوم جي فردن تي ڪڇي لهجي جو به اثر ملي ٿو. مذڪوره مقامي لهجن کان سواءِ هتي ڪولهيڪو لهجو،ساميڪو لهجو۽ ڪوڪڙين ۾ خاص لهجوملي ٿو.

ان کان سواءِ محقق مرحوم محمد سومار شيخ ٻين ڪمن سان گڏو گڏ لسانيات تي پڻ زوردار قلم کنيو، سندس تحريرن مان اهم نڪتن تي روشني پوي ٿي.

سنسڪرت کان سنڌي گهڻو قديم هئي ۽ سنسڪرت تي صوتياتي اثر اٽڪل روءِ 75 سيڪڙو ڇانيل هو. سنڌي زبان لاءِ ٻه وڏا انقلاب آيا. هڪ آرين کان الڳ وارين قومن وارو انقلاب ۽ ٻيو آرين جي اچڻ وارو انقلاب انهن ٻنهي انقلابن مان ۽ ٻولين جي ميل ميلاپ مان هڪ نئين مبهم ٻوليءَ جنم ورتو، جنهن جا آثار آرين کان اڳ به موجود هئا ۽ آرين جي اچڻ وقت اهي آثار چٽا ٿيا ۽ انهيءَ ڪري هڪ نئين ٻولي پيدا ٿي. جنهن کي پراڪرت ٿو چئجي.(ابن نديم 1962 ص 3) پر اسان کي ڪجھه آثار ڏسندي لاڙ پٽ جي اندر هڪ اهڙي تحرير به پٿرن تي اڪريل نظر آئي. جيڪا دنيا جي قديم ترين 9 رسم الخطن ڀيٽڻ سان معلوم ٿيو ته هزارين سال اڳ به لاڙ ۾ اهڙي ٻولي هئي، جيڪا باقاعده تحريري صورت ۾ موجود هئي. سنڌ جي هڪ ٻئي محقق مرحوم تاج صحرائيءَ کي جڏهن راقم، اها اُڪريل تحرير ڏيکاري، جيڪا هڪ درمياني سٽ جنهن ۾ 12 اکر موجود هئا. پاڻ اها تحرير ڏسي ڪري حيران ٿي ويو ۽ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته: حافظ صاحب! اها تحرير ته موهن جي دڙي واري تحرير کان به 5 هزار سال اڳ جي ڀائنجي ٿو... انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته؛ گويا لاڙ ۾ به قديم ترين تهذيب موجود هئي ۽ ان کي پنهنجو هڪ الڳ رسم الخط به هو.             

بهرحال، موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن کان پوءِ آريا آيا ۽ اهي قديم قومن سان مليا ته انهن جي تهذيب، مذهب ۽ ٻوليءَ تي سنڌيت جوتمام وڏو اثر پيو. انهن جي مقدس زبان ”ديوئي“ به سنڌي لفظن جي اجتماع جي سامهون سينو ساهي نه سگھي ۽ پنهنجو وجود وڃائي ويٺي.

اڳتي هلي لاڙ پَٽَ ۾ پوءِ، ”لاڙائي موڏا“ رسم الخط رواج ورتو ۽ انهيءَ مذڪوره ”لاڙائي موڏا“ رسم الخط جيڪو لاڙ جي ماڻهن اختيار ڪيو هو،اهو موهن جي دڙي جي خاتمي کان پوءِ، هتي جي تعليمي قدرن کي آبياري بخشڻ لاءِ لاڙ جي رهواسين رسم الخط اختيار ڪيو، انهيءَ رسم الخط کي بدين ضلعي جا ڀان اڄ به دهرائيندا پيا اچن.                                                                           

”لاڙائي موڏا“ مان وري ٻين مختلف رسم الخطن جنم ورتو. انهن ۾ ونگائي، خوجڪي، واڻڪي ۽ ميمڻڪي قابلِ ذڪر آهن. واضح رهي ته لاڙ جي ڀانن جي رسم الخط جنهن کي عام طور ”ڀانڪي“ چئجي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ”وهي لور“ يا ”ڀانن جون وهيون“ وغيره انهن ڀانن جي پنهنجي خانداني زبان جي لکت ۾ اڄ به موجود آهي. ٽنڊي باگي جي وُهڻاين واري ڳوٺ ۾ ڀانن جا لکيل مختلف قومن جاشجرا انهن چوپڙن ۾ موجود آهن.

انهيءَ حوالي سان 1980ع ڌاري راقم جي ملاقات بدين ۾ محقق محمد سومار شيخ سان ٿي. ان وقت پاڻ لاڙ ادبي سوسائٽيءَ پاران قائم ڪيل لائبريري ۾ حسبِ معمول لکپڙهه جي ڪم ۾ رڌل هو ۽ سندس اڳيان اڳيئن دور جي واڻين واپارين جي اوڌر جي چوپڙن ۽ کنڌي جي بندين جيئان ڊگھا ۽ ڳاڙهي رنگ جا چوپڙا کليل نظر آيا. مون کانئس پڇيو ته  هي واڻڪيون بنديون ڇو کوليو ويٺا آهيو؟... ڪنهن تي قرض ٿا گهرو ڇا. منهنجي سوال تي هن وراڻيو ته: ”اهي واڻيڪا نه بلڪه ڀانڪا چوپڙا آهن!“

مون پوءِ حيرت مان وڌيڪ تفصيل پڇيا ته هن ٻڌايو ته: ”توهان ضرور ٻڌو هوندو ته ڀانڪي ٻوليءَ ۾ لکيل سنڌي قومن جا شجره آهن، وهڻائي وارن ڀانن جي گھرن ۾ انهن جون ته پيتيون ڀريون پيون آهن. آئون اها زبان سکان پيو.... دعا ڪجو“! هيءُ سمن جي دورکان هڪ ناياب مواد آهي. مون وري کانئس سوال ڪيو ته ڇا هي واڻڪيءَ ۾آهن. هن چيو ته نه! واڻڪي،خوجڪي ۽ ميمڻڪي وغيره اهي سڀ ته انهيءَ مان ئي نڪتل آهن! هن اهو به ٻڌايو ته موهن جي دڙي جي تحرير سان هن جي تحرير جي بيهڪ ملي ٿي. پوءِ مون کي هن ڀانڪي زبان جي الفابيٽ به سمجھائي ۽ لکي به ڏيکاري هئي.

مرحوم محمد سومارشيخ پوءِ ڀانڪي ٻوليءَ جي”الفابيٽ“ به جوڙي هئي، راقم  جو ڏاڏو مرحوم ڳالھه ڪندو هو ته وهڻاين وارن ڀانن مان ڀاڳو ڀان جي خاندان مان فقير عالي ڀان (هن جو ڪجهه اولاد سجاول شهر ۾رهي ٿو) اسان وٽ هر سال شجرو لکڻ ايندو هو. ڀانن جي قوم مان ڀانڪي تحريرجا وڏا پارکو جيڪي ڀانڪي زبان تي عبور رکندا هئا،انهن جا نالا هن طرح ملي سگھيا آهن. جکيوڀان، احمد جکيوڀان، ڀاڱو ڀان، سڄڻ ڀان، ڪهرڀان، اسحاق ڀان، سومارڀان، هاشم ڀان، عالي ڀان، قاضي محمد سليمان ڀان (هن صاحب جو هڪ ڪتاب به لکيل آهي). موريوڀان، الهڏنو ڀان، احمد ڀان، عرس ڀان ”وهين“ لکڻ جا ماهر ٿي گذريا آهن.                                                                                              

ان کان علاوه نئين کوجنا موجب آمريڪا جي ساحلي رياست ۾ جيڪا ”اسپينش“ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي،انهن جي لکت ۽ ڳالهائڻ ۾لاڙي ٻوليءَجا هزارين اهڙا الفاظ ملن ٿا، جيڪي بلڪل لاڙيءَ ٻوليءَ جا آهن. اهڙو اظهار راقم سان منصور ٿَلهي فون تي ڪيو هو. هو اتي رهي تحقيق ڪري رهيو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته راڳي عزيز بلوچ جيڪو اتي 40 سال رهي اتي جي ماڻهن کي سنڌي موسيقي به سيکاري هئي، جيڪا اڄ به اتي رائج آهي.                                    

لاڙي لهجي جون انوکيون خصوصيتون به انيڪ آهن- لاڙي خاص لفظ، پهاڪا چوڻيون ۽ اصطلاح به منفرد ۽ دلچسپ آهن. (الانا : 1971)

لاڙ کانسواءِ سنڌ جي مختلف علائقن جي مختلف لهجن تي اڃا به تحقيق جي سخت ضرورت آهي. خاص طرح لاڙ جي ڀانن جي انهن ڀانن کي سرڪاري سطح تي ماهوار معاوضو ڏئي ڪري نه صرف انهن کان اهي سڀئي ”وهي لور“ جيڪي ڀانن وٽ محفوظ آهن، انهن جا ترجما ڪرائي انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائڻ جي ضرورت آهي، بلڪه انهن ”وهي لور“ وارن مڙني چوپڙن کي محفوظ ڪرايو وڃي. جيئن سنڌ جو هيءُ اهم تاريخي قلمي ذخيرو محفوظ ٿي سگهي. ٽنڊي باگي لڳ ”وُهڻاين“ ۾ ڪجهه گهرن جي اندر پيتين ۽ صندوقن ۾ بند سنڌ جو هيءُ بي بها خزانو هڪ عاليشان لائبرريءَ جي المارين ۾ منتقل ڪيو وڃي، جيئن انهيءَ ناياب ۽ اڻلڀ خزاني جوترجمو ٿي سگھي.

 

 

 

حوالا ۽ واڌارا :

 

  1. قاضي اطهر مبارڪپوري/“عرب وهند عهدِ رسالت مين” ، ندوة المصنفين، جامع مسجد، دهلي_ سال1965ع، ص:12 کان ص: 32 تائين.
  2. خواجه غلام علي الانا/ “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ_ ڊي _فل (سنڌيءَ) لاءِ 1971ع ۾ پيش ڪيل ٿيسز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي سنڌ، ڇاپو پهريون، ڊسمبر 1977ع مطابق ذوالحج 1397ھ / ص: 163
  3. ساڳيو ڪتاب: مختلف حوالا، باب چوٿون.
  4. ابوالحسن مسعودي/ “مروج الذهب ومعادن الجوهر”_ دارالمصنفين اعظم ڳڙھ، اردو ترجمو: “هندوستان عرب کي نظر مين”_جلد اول، سال 1960ع، ص: 88_ 92 ، ص: 38
  5. ابن خرداد اصطخري/ المسالڪ والممالڪ_مطبوعه :لنڊن، سال 1960ع ،ص؛60،ص:70،ص: 373، 374
  6. بشاري مقدسي/“احسن التقاسيم في معرفة القاسيم”، اردو ترجمو،“هندستان عربون کي نظر مين”،جلد اول، دارالمصنفين، اعظم گڙھ،1960ع _ص:385
  7. اطهر مبارڪپوري /“هندستان ۾ عربومن کي حکومتين ”پروگريسي بُڪس_40 بي،اردو بازار لاهور، بار اول ،1989 ع، ص: 54 ،55، / بن شهريار /عجائب الهند، 1960ع ص: 202
  8. سليمان ندوي/“ عرب و هند کي تعلقات” هندستاني اکيڊمي، الله آباد، 1928ع، _ ص: 63
  9. حافظ حبيب سنڌي،“ماڃر،ڪڪراله ۽ کاري جي ٻولي،سنڌي ٻوليءَجوبااختيارادارو،حيدرآباد،سال 1994ع، ص:42
  10. 13حافظ، حبيب سنڌي،“ماڃر،ڪڪراله ۽ کاري جي ٻولي،سنڌي ٻوليءَ جوبااختيارادارو،حيدرآباد سال 1994ع،ص:43
  11. ابن نديم /“الفهرست”، اردو ترجمو؛ “هندوستان عربون کي نطر مين”_جلد دوم، دارالمصنفين،اعظم گڙھ، 1962ع، ص:3، ص: 4،
  12. خواجه غلام علي الانا/ “سنڌي صورتخطي” سنڌي زبان پبليڪيشن سال 1964ع _ص:5
  13. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر/ “لاڙ صدين کان” _لاڙ ادبي ڪميٽي بدين،ڇاپو پهريون، سال 2001 ع، بمضمون، “ساڳين صفتن وارا ماڻهو” / ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو،لاڙ صدين کان سيمينار 1998ع، ص:74 ، 81  
  14. راقم جي ڊائري 1990ع، “اهي آثار” مئي1990ع ۾ محترم تاج صحرائي سان گڏ ڏٺا ويا وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو ڇپيل  مضمون “ٿرڙيءَ واري ٻولي”سنڌي ٻولي جرنل_سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ.
  15. هڪڙو، انورفگار، ڊاڪٽر، مضمون ”ساڳين صفتن وارا ماڻهو“/(لاڙ صدين کان)سيمينار بدين،سال1998ع
  16. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر /”لاڙ صدين کان“ سيمينار بدين، سال1998ع -ص:80، 81 .
  17. شيخ محمد سومار / بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ ،لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، سال1984ع. ص:110 کان 117، ايضاً_ 121،   راقم جي ڊائري سال 1980ع.
  18. آمريڪا مان گهمڻ آيل سنڌي محققق، منصور ٿلهي جو فون تي ڪيل انٽرويو، تارخ 24 مئي 2017ع.