ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2017) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | ISSN: 2519-9765 |
قيمت | 140 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (944) PDF E-Pub |
انگ اکر | 5 January 2018 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 106186 ڀيرا پڙهيو ويو |
نصير مرزا
خيرالنساء جعفري : شخصيت ۽ فن –هڪ اڀياس
Khairu-nnisa Jafery: A Study of her Personality and Literary work
Abstract:
Khairu-nnisa Jafery is said to be an idiosyncratic female Sindhi writer. She was born on 17th August 1947 in Hyderabad. She wrote her 1st story in 1974 at the age of 27. She wrote 9 exceptional stories in 24 years till her death in 1998. She wrote / delivered approximately 14 speeches, and some 5 obituaries.
Like Maanik, Khairu-nnisa Jafery, was recognized as a bold story writer. To add to that, she was an extremely simple, straightforward, altruistic, and brave woman.
Using her fictional characters craftily, she has psychoanalyzed the scenarios immaculately. That’s exactly what Elliot did. Her stories magnificently depict psychological, innermost, mental, and emotional female moods.
This paper highlights her life and literary contributions.
خيرالنساء جعفري 17 هين آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. 1974ع ۾ پهرين ڪهاڻي ستاويهن ورهين جي ڄمار ۾ لکيائين. ۽ 1998ع ۾ وفات تائين، هن 24 سالن ۾ 9 منفرد ڪهاڻيون لکيون. بيروزگاري ۽ بندوق، تخليق جو موت، 1967، 68، 1969 ”پيڙا جو پڙلاءُ“. ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“، ”ڪهڙو برانڊ ۽ ڪهڙو سگريٽ“، ”قربتون ۽ فاصلا“، ”ٽٽل سوچون“، ”ميونسپالٽي ۽ ڪُتا“. هن لڳ ڀڳ اٺن کن ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا. اهڙن ليکڪن جا نالا آهن: جيجي زرينه بلوچ، اياز لطيف پليجو، نذير ناز ، الطاف شيخ ۽ شعبان وسطڙو وغيره.
هن تيرهن ياچوڏهن جي لڳ ڀڳ تقريرون لکيون (ڪيون). پنج کن تعزيتي مضمون پڻ لکيا، جن ۾ نامياري ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي، بابت تعزيتي مضمون پڙهي نسيم کرل نياپو موڪليس، خيرالنساء، مون تي جي اهڙو مضمون لکين ته آئون اڄ ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان، هن هندستان جي سياحت بابت ڏاڍو زبردست سفرنامو لکيو، ”مارو ريءَ ملير“ اگرچه هن ڀلي پار، ايران ۽ ڏور اوڀر جا به سفر ڪيا ۽ پڪ سان انهن سفرن بابت به نوٽس هن ورتا هوندا پر شايد اُهي هو َ باقائده لکي نه سگهي.
سنڌي ادب ۾ ماڻڪ وانگر خيرالنساءِ جعفريءَ کي به بيباڪ ڪهاڻيڪار سڏيو ويو، پر گڏوگڏ هو بيحد سادي، صاف گو، همدرد سڀاءُ ۽ بهادر عورت پڻ هئي. شوڪت حسين شوري هن لاءِ لکي ٿو ته: ’’ خيرالنساء هڪ دلير خاتون ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار هئي، ڳالهائڻ جي کُلي۽ حاضر دماغ، هوءَ غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي سگه رکندي هئي، ڪهڙو به خانان خان هجي، خيرالنساء کيس منهن تي سچ چئي ڏيندي هئي‘‘(1)
سندس مامي حميد جعفريءَ تازو ئي هي جهان ڇڏيو آهي، بقول هن جي ته ’خيرالنساء پهرين، خاڪي نما ڪهاڻي، خود حميد جعفريءَ بابت ئي لکي هئي، جنهن جو عنوان هن رکيو ”بيروزگاري ۽ بندوق“ جيڪا ماهوار ’سوجهرو‘ ۾ شايع ٿي.‘ جنهن جو مطلب هي ته پهرين ڪهاڻي لاءِ هن کي گهر ۾ ئي ڪردار ميسر ٿي مليو، جنهن کان اتساهه وٺي، هن اها ڪهاڻي لکي. هيءَ خيرالنساءِ جي مختصر ترين ڪهاڻي هئي ۽ ڊيمي سائيز جي صرف سوا ٻن صفحن تي مشتمل هئي.
پهرين ڪهاڻيءَ ۾ خيرالنساء فرسٽ پرسن (متڪلم) ۾ پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرائيندي لکيو: مون کي مليريا جي موسمي تپ وانگر هڪ دؤرر پوندو آهي، جيڪو جسم کي ٻارڻ بدران ذهن تپائيندو آهي، آئون ان تپ جي توَ کان وڦلڻ لڳندي آهيان. مون هي ڪهاڻي ائين ئي لکي. (2)
ڪهاڻيءَ ”بيروزگاري ۽ بندوق“ ۾ لکيائين: منهنجو مامو جو عمر ۾ مون کان اٺ نوَ سال وڏو آهي، پر علم، تجربي ذهانت مطلب ته هر ڏس ۾ مون کان گهڻو وڏو آهي، سو مون کي اڪثر چوندو آهي شعوري طور تي رڳو ٻن ماڻهن ۾ مون ڳالهه مان ڳالهه پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ڏٺي، هڪ جسٽس ڪياني ۽ ٻي (خيرالنساءِ) تو ۾ ! خيرالنساءِ ان ڪهاڻي ۾ اڳتي هلي پُر مزاح انداز ۾ انهيءَ بي روزگار مامي بابت لکيو: آئون پڇندي آهيانس ته تنهنجي آخري خواهش؟ چوندو اٿم هڪ بندوق آڻي ڏي، ان سان سڀني جوانن (بيرزوگارن) جو خون ڪري ڇڏيان“(3).
بقول حميد جعفري، خيرالنساءِ جعفريءَ جي ٻي ڪهاڻي هئي ”تخليق جو موت“. هن، هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ٻئي مامي عزيز جعفري جي ڪمهلي لاڏاڻي تي لکي هئي. ان ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو ته: ”تخليق جو موت“ سندس مامي عزيز جي مرتئِي تي لکيل هڪ مرثيي جهڙي ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ سندس بيان ڪيل واقعا ۽ وارتائون، ان سان سندس جهيڙا ۽ ميڙا، عزيز جو ايڪسيڊنٽ ۽ موت، پڙهندڙ جي نڙيءَ ۾ ڳنڍو بڻجي ويا ۽ اکيون پوسرڻ لڳيون ۽ خبر نه پئي ته ڪيئن لڙڪ مڙي آيا ۽ ماڻهو سڏڪڻ لڳو!“(4)
خيرالنساء جي والده امان شيرين هڪ معصوم، ساده، پر بيساختگي سان ڳالهائيندڙ خاتون هئي. هن جو والد صاحب، پروفيسر احمد علي خواجه جعفري، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جو شاگرد ۽ ذاتي طرح سان امام غزالي جو شائق هو. احمد علي خواجه صاحب، اسلامڪ ڪلچر جو پروفيسر هئو، پر عام زندگي ۾، سدائين فلاسافيڪل ۽ منجهيل اسلامي ۽ فڪري مامرن تي ڳالهائيندو هو. خيرالنساءِ جي گهر ۾ انهن ئي فڪري موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي مون اڪثر ٻڌي . خيرالنساءِجي امان شيرين خواجه، هڪڙي يگاني اثنا عشري شيعه خاتون هئي ۽ ڪربلا جي واقعي تي سدائين زارو قطار روئيندي رهندي هئي. خيرالنساءِ جو خاندان 1947ع کان اڳي ئي تلهار مان لڏي حيدرآباد ٽنڊي ولي محمد ۾ اچي رهيو. پر پوءِ به تلهار سان، هن جو واسطو رابطو سدائين رهيو، جو خيرالنساء جو ناناڻو گهر ۽ ماما ۽ انهن جو اولاد، اڄ به تلهار ۾ رهن وسن ٿا.
خيرالنساءِ، سانورن ساروپن، مناسب قد بدن واري هڪ اهڙي پياري خاتون هئي، جيڪا ڏسڻ وائسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪڙي خالص ڳوٺاڻي سنڌياڻي عورت جو ڏيک ڏيندي هئي پر ٻئي پاسي، عام زندگي ۾ سادي سودي نظر ايندڙ هن خيرالنساءِ، شعبهءِ نفسيات جي چونڊ ڪئي ۽ نفسيات جي موضوع تي ماسٽرس جي ڊگري وٺي، سنڌيونيورسٽي ۾ ليڪچرر ۽ آخر ۾ شعبي جي چيئرپرسن پڻ ٿي.
هن کي جوانيءَ ۾ ئي ذاتي پريشانين ڪري شگر جي تڪليف شروع ٿي پئي جنهن سبب دل ۽ ڪرنگهي جي تڪليف ۾ هوءَ وٺجي وئي ۽ پوءِ اهي ئي بيماريون، بالآخر هن جي لاڏاڻي جو سبب به بڻيون.
خيرالنساء جعفري لکيو : ”آئون بنا مرضيءَ جي 17 آگسٽ 1947 خميس ڏينهن، حيدرآباد ۾ ڄائي هئس! وقت پنهنجو پاڻ گذرندو آهي پر ڪجهه ماڻهو وقت کي پنهنجي مرضيءَ تي گذاريندا آهن، پر آئون انهن مان آهيان جن کي وقت پنهنجي مرضيءَ گذاريندا آهن، پر آئون انهن مان آهيان جن کي وقت پنهنجي مرضيءَ سان گذاريندو آهي. هوس، پوءِ هن لکيو ته ڪو وقت ايندو، جڏهن خيرالنساء هن دنيا ۾ نه هوندي پر ان وقت جي مون وٽ ڪا تاريخ ڪونهي“(4) افسوس جو جنهن تاريخ جي خبر هُن کي نه هئي، اُها بالآخر 4 مارچ 1998ع ثابت ٿي. خيرالنساء لکيو ”1974 جو وقت آيو، جو ڪهاڻيڪار نه هوندي به ڇهه ست ڪهاڻيون لکي ڇڏيم، جن 1977ع کان 1978ع تائين ڪافي مڃتا ماڻي، هندستان ويس، ’آرسي‘ رسالي لاءِ ”مارو ريءَ ملير“ نالي سان ٻن قسطن ۾ سفرنامو لکيم. ڪجهه سهڻن ماڻهن جي ڪتابن تي مهاڳ لکيم، ادبي شامن ۾ تقريرون ڪيم.(5)
سندس پوءِ اهڙين تحرين تقرير جو پهريون مجموعو 1992ع ۾ شايع ٿيو ”منهنجو تخليقي سفر“، جيڪو سنڌيڪا پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ٿيو. خيرالنساء پنهنجي اهڙين تحرير واري هن ڪتاب کي، خوشدلي سان. ”منهنجو اسٽور روم“ سڏيو. ان کان اڳ 1978ع ڌاري به سندس ڪهاڻين جو مجموعو شايع ٿيو”تخليق جو موت“.
خيرالنساءَ، ڇاڪاڻ ته تلهار جي اثناعشري شيعه خواجه خاندان ۾ ڄائي هئي ۽ سارو محرم الحرام جو مهينو، اسٽيشن روڊ تي ”محفلَ حسيني“، پوءِ ٽنڊي آغا ۽ ٽنڊي ٺوڙهي جي مجلسن ۾ پڻ شرڪت ڪندي هئي. هن جي هڪڙي شخصيت جا انيڪ روپ هئا. هُوءَ ليکڪا هئي،مقرر، ۽ سنڌيونيورسٽي جي نفسيات شعبي جي ذهين پروفيسر پڻ.
خيرالنساءَ لکيو ته عزيز(مامو) منهنجي ناني جو همشڪل هو ۽ منهنجو دوست هو. سندس انهيءَ ڪهاڻيءَ ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ پڻ خيرالنساءَ جي قلم ۾ نامياري اردو ليکڪا عصمت چغتائيءَ واري چُلبلائپ هئي. لکيو اٿس، عزيز کي عزيز ڪري ته هاڻي ٿي سڏيان، سامهون هوندو هو ته هميشه يزيد ڪري ڪوٺيندي هئي مانس!
خيرالنساء هيءَ ڪهاڻي 25 ورهين جي ڄمار ۾ لکي. 1974ع ۾ بقول خيرالنساءَ: انگريزي محاوري مطابق، عزيز وات ۾ سونو چمچو ساڻ ڪري ڄائو هو. ۽ مان به! فلم ڏسڻ جو شوقين، هو به هو ۽ آئون به .
جن ماڻهن عصمت چغتائي جو پنهنجي سڳي ڀاءُ مرزا عظيم بيگ چغتائي تي لکيل خطرناڪ خاڪو، ”دوزخي“ پڙهيو هوندوَ، انهن ڄاتو هوندو، ته ان ئي اسٽائيل سان خيرالنساءَ، پنهنجي مرحوم مامي تي هيءَ ڪهاڻي ٺوڪي وڄائي لکي هئي. عصمت چغتائي، عظيم بيگ چغتائي کي دوزخي ۽ يزيد لکيو، خيرالنساء پنهنجي مامي عزيز کي عزيز بدران ڀوڳ ۾ يزيد لکيو. بقول خيرالنساء عزيز ننڍڙو هوندو هئو، ته سندس نانو، هن جا ننڍڙا ننڍڙا پير اکين تي رکي، چوندو هو: هي منهنجو ڪعبو آهي ڪعبو.
عزيز تڪڙ تڪڙ ۾ ڪوسا ڪوسا برياني جا گرهه کڻندو هو، ته چوندو ويندو هو گهر جي روٽي پاڻي ۾ واقعي به معراج جو مزو آهي، معراج جو !
”تخليق جو موت“ کان سواءِ خيرالنساءَجهڙي باشعور ليکڪا، ڪڏهن نه وسرندڙ. ڪردارن کي کڻي جيڪي جيڪي به لاجواب ليک لکيا، هيءَ ڪهاڻي انهن ۾ سهاڳ جي ڦُلي سمان آهي.
ان کان پوءِ ”حُويلي کان هاسٽل تائين“. هي ڪهاڻي حويلي جي گهٽيل ماحول مان نڪري هاسٽل جي آزاد فضا ۽ جنسيات جي موضوع تي آهي، سندس هن ڪهاڻي ايتري ته شهرت ماڻي جو هندي تلگو، اردو، چيني ۽ مليالم ٻولين ۾ پڻ ان جو ترجمو ٿيو. هن ڪهاڻيءَ جو بنيادي ٿيم، ’هم جنس پرستي‘ هو، ڪهاڻيءَ ۾ نوجوان انساني جذبن جي اپٽار ۽ احساسن کي لفظ ڏيڻ ۾ خيرالنساءَ پنهنجي پوري مهارت جو مظاهرو ڪيو. نقادن لکيو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ خيرالنساء جو انداز بيان ... ڪهاڻيءَ جو جديد ترين انداز آهي“.
هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪردارن ذريعي نفسياتي ڇنڊڇاڻ جو اسلوب اختيار ڪيو بلڪل ائين جيئن ايليٽ پنهنجي افسانوي ادب ۾ ڪيو هو، هن جي ڪهاڻين ۾ عورتن جي نفسياتي، ذهني ۽ جذباتي ۽ داخلي ڪيفيتن جي عڪاسي انتهائي شاندار نموني ٿيل آهي.
هن ڪهاڻيءَ جي نائڪه سلطانه جي تن من جي ڪهاڻيءَ جو بيان عام رواجي ڪهاڻيڪار ائين لفظن ۾ ڪري ئي نه سگهي ها، جيئن خيرالنساء، نفسيات جي علم سبب ڪري سگهي هئي. اها به ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نئين ڳالهه هئي. ليسبينزم جو حوالو ته زرينه بلوچ جي ڪهاڻي ”جيجي“ ۾ به هو ته نورالهدى جي ڪن ڪهاڻين ۾ به، پر ان کي محض مشآهداڻي بنياد تي آندو.... پر خيرالنساء وٽ سلطانه جي ڪردار جو نفسياتي ڇيد آهي، سندا انساني ضرورتن جو سائنسي جواز آهي“ (6)
خيرالنساء پنهنجي ڪهاڻيءَ جي Content اسلوب ۽ اڻت ۾، نفسياتدان، فلاسفر، اداس ۽ رومينٽڪ روح هئي. پر اهڙي هُوءَ صرف، پنهنجن ڪهاڻين ۾ ئي نظر آئي. يعني هڪ گمڀير ليکڪا، پر ڪهاڻيءَ کان ٻاهر، خيرالنساءَ جيڪي جيڪي مهاڳ لکيا، سفر نامو تحرير ڪيو يا ڪنهن ادبي سماجي تقريب ۾ تقرير ڪئي، هن جي هر ادا ۾ چلولائپ، طنز ۽ کل ڀوڳ وارا جملا ضرور موجود هوندا هئا. هُوءَ باءِ نيچر زبردست ”سينس آف هيومر“ جي مالڪ هئي. هڪ انٽرويو ۾ پڇيو هيو مانس:
ٻئي انٽرويؤَ ۾ گلبدن جاويد پڇيس: ڪهاڻي ’تخليق جي موت‘ کان پوءِ پڙهندڙن کي ٻيو ڪو شاهڪار ڇو نه ڏيئي سگهيا آهيو؟
وراڻيائين: منهنجي ڪا ”شاهڪار“ ڪهاڻي، ايڏو ڪمائتي ڪٿ ثابت ٿيندي... جيڏي گرمين ۽ تتل اُس ۾: ”شاهڪار“ لان ڪمائتي لڳي سگهي ٿي!(8)
عبدالقادر جوڻيجي پڇيو هوس:
وراڻيائين: ڏُڌ ولوڙيان ها.....!
پڇيائينس: ”ڇا ڇا پڙهندي آهين ۽ ڇو پڙهندي آهين“؟
وراڻيائين: ”اڄڪلهه رڳو آيت الڪرسي پڙهندي آهيان“.(9)
ڪنهن مقرر ادبي تقريب ۾ چيو پئي ته: قمر شهباز! هڪ ئي وقت ليکڪ، شاعر اداڪار ۽ صلاڪار آهي..
تنهن تي خيرالنساءَ ٺهه پهه چيو: ”قمر شهباز، جيڪڏهن چار شاديون ڪري ها، ته انهن سان به هڪ جهڙوئي انصاف ڪري ها!“
ڪنهن پڇيس: دنيا ۾ اگر ناري جو ، وجود نه هجي ها ته؟
ورڻيائين: ”بدڪاري“ شايد پوءِ به هجي ها!
پڇيو ويس: عورت جي محبت جو انجام.
مرڪندي وراڻيائين: آغاز اداڪاري، وچ ريا ڪاري ۽ انجام ڪاروڪاري(10)
ادي تنوير جوڻيجو جي حوالي سان تقرير ۾ لکيائين: ”ڌيءَ صائمه کي ڪا ڪڙي گوري گهوٽي، ماکيءَ ۾ ملائي ڏيندي آهيان، تڏهن چوندي آهيانس. پي امان... ماسي تنوير جي ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ ۽ دل ۾ دعا ڪندي آهيان شال وڏي ٿي سندس جيان ٿئي...
ڊاڪٽر قمر جهان مرزا صاحبه پخته سانوري خاتون آهي، سو ميڪ اپ ۾ گهڻو پائوڊر واپرائڻ سبب، ادي خيرو، ڊاڪٽر قمر کي سدائين پاؤڊر پُتلي سڏيندي هئي!
پاڻ بابت هڪ مضمون ۾ لکيائين: ”اڳي رش ۾ ڦاسندي هئس، ته ريڙهن وارا چوندا هئا.. اي خاله ،ذرا جگه دي... پوءِ چوڻ لڳا. اي امان، ذرا جگه دي .هاڻي چوندا اٿم. اي بُـڙهيا ذرا جگه دي“!
گهڻا پئسا هٿ اچن ته ڇا ڪرين؟
وراڻيائين... صائمه کي هڪ ٻئي مٿان آئيس ڪريم کارائيندي آهيان، پوءِ هُوءَ بيمار ٿي پوندي آهي ته، هن جي علاج تي، ٻيڻا ٽيڻا پئسا خرچ ڪندي آهيان (10)
ادي نذير ناز پڇيس: سڀ کان ڪوڙو رشتو ؟
ورڻيائين: زال ۽ مڙس جو.
سڀ کان سچو رشتو؟
وراڻيائين: ماءُ ۽ اولاد جو.
خيرالنساء، هر وقت موڊ ۾ هوندي هئي ۽ تخليقي ۽ پُر مزاح جملن ڳالهائڻ لاءِ هر گهڙي شگفته شگفته رهندي هئي.
ڪنهن پڇيس: ”مردُ ڪڏهن قابلِ رحم ٿيندو آهي؟
وراڻيائين: جڏهن هُو اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي.
لکڻ، خيرالنساءَ جو پيشن (Passion) هو. نجات جو ذريعو ۽ ڪيٿارسس، لکي نه سگهندي هئي، ته پنهنجي سوچ ۾ لکندي هئي، اهڙي صورتحال ۾ رهندي آخري وقت ۾ ، جڏهن شگر، دل ۽ ڪرنگهي جي تڪليف ۾ آئي... هن محض لکڻ جي مشق جاري رکڻ لاءِ رسڪ کڻي خطرناڪ آپريشن ڪرايو، اِهو ڄاڻندي به ته هوءَ ان آپريشن بعد، ذهني طرح سان مفلوج ۽ محتاج به ٿي سگهي پئي. پر باوجود منع ڪرڻ جي، هن مامي حميد جعفريءَ کي دليل ڏنو ”جيڪو انسان پنهنجي هٿ ۾ لکڻ لاءِ قلم ۽ پڙهڻ لاءِ هٿن ۾ ڪتاب سنڀالي نه سگهي، ان جي جيئڻ جو، باقي ڪهڙو جواز آهي“!
حوالا