اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)

ڪتاب جو نالو اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)
ليکڪ الطاف حسين وڌو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-031-9
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (408) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     5018   ڀيرا پڙهيو ويو

باب چوٿون


اڪائونٽنگ/ حساب داري  جي مساوات ۽ گوشوارا

Accounting Equation and Statements

 

 

اثاثا، لهڻيدارن جا حق ۽ جائداد جا حق

Assets, Liabilities and Capital

            ڪا به قيمتي شيءِ، جيڪا ڪاروباري اداري وٽ يا ڪنهن شخص وٽ هجي، ان کي اثاثو سڏايو وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪنهن به ڪاروباري اداري جي حاصل ڪيل جائداد کي اثاثاAssets  چئجي ٿو جڏهن ته انهن ۾ جملي حق ۽ دعوائون جيڪي ان جائداد ۾ هجن تنهن کي مالڪاڻا حق چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ڪاروبار جا جملي اثاثا Rs. 100000 آهن ته ان ۾ مالڪاڻه حق ۽ دعوائون به Rs. 100000 جون هئڻ کپن.

            مالڪاڻي ۽ لهڻيدارن جي حقن Equity کي وري ٻن اصولن ۾ ورهايو وڃي ٿو جنهن ۾ لهڻيدارن جا حق ۽ مالڪاڻه حق شامل آهن. لهڻيدارن جي حقن Equity کي Debits تصور ڪيو ويندو آهي جنهن کي لهڻيدارن جا حق چئجي. جڏهن ته مالڪن جي حقن Equity کي مالڪاڻه حق ڪري چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح وڌيڪ هيٺ ڏنل اڪائونٽنگ / حساب داري  مساوات جو تصور قائم ٿي ويو يعني.

مالڪاڻا حق (سرمايو)

+

واجبات

=

اثاثا

 

capital

+

Liabilities

=

Assets

             

            پر جيڪڏهن صورتحال زياده قرض واري آهي ته پوءِ وري لهڻيدارن کي اثاثن تي ترجيحي حق حاصل هوندا آهن ان ڪري لهڻيدارن جي حقن کي مساوات ۾ اثاثن واري پاسي منتقل ڪري سگھجي ٿو.

مالڪاڻا حق (سرمايو)

=

واجبات

+

اثاثا

 

capital

=

Liabilities

+

Assets

 

ڏيتيون ليتيون ۽ اڪائونٽنگ / حساب داري  مساوات

Transactions and Accounting  equation

               

            جيڪي به ڏيتيون ليتيون هجن خواھ اهي سادي طرح سان هل ٿيندڙ هجن يا بلڪل مشڪل هجن اهي ڪائونٽنگ جي بنيادي مساواتن ۾ رهي ڪري طئي ڪيون وينديون آهن. فرض ڪريو ته پنهنجو ٽيڪسي جو ڪاروبار کولي ٻيو جنهن جو نالو رکيائين ’آزاد ٽيڪسي‘ جيئن ئي ڪاروباري هلت شروع ٿيندي ته پهرين مهيني ۾ مختلف وهنوارون هيٺين ريت رڪارڊ ڪيون ويون.

“a” ڏيتي ليتي

            فراز Rs.100,000 بينڪ ۾ جمع ڪرايا، جنهن جي ڪمپني جو نالو هيو ’آزاد ٽيڪسي‘ ان جو اثر ظاهر ٿيندو ته Rs.100000 رقم اثاثن ۾ وڌي وئي ۽ پڻ آزاد ٽيڪسي جي مالڪاڻي حقن ۾ Rs. 100000 جو اضافو ٿيندو. هتي ظاهر ٿيندو ته فراز جي گھر ۽ ٻين ڪاروباري تفصيلاتي کاتن جو هن  سان ڪو به تعلق نه هوندو ڇاڪاڻ ته ڪاروباري هئيت  جي جدا گانه حيثيت آهي.

 

 

_____Capital_____

 

Assets

Azad Taxi, Capital

=

Cash

100,000

 

(a)100,000

“a” ڏيتي ليتي

              فراز Rs. 86000 رقم جي عيوض زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هاڻي هن ۾ اثاثن جي جوڙ جڪ ته تبديل ٿيندي پر جملي اثاثا ساڳيا رهندا.

_____Assets_____

Cash

=

_____Capital_____

Azad Taxi, Capital

 

Cash

+

Land

100,000

Bal.

100,000

 

 

 

(b)

-86,000

 

+86000

________

Bal.

14,000

 

86000

100,000

“b” ڏيتي ليتي

            روان مهيني ۾ آزاد ٽيڪسي پيٽرول ۽ ٻيون واهپي جون شيون خريد ڪيون جنهن جي  ادائگي  نزديڪي  وقت  ۾  ڏني  ويندي. اهڙي  ڏيتي ليتي   کي  اوڌر  جي  خريد   Purchase on Account چيو وڃي ٿو. اهڙي واجبات جيڪا پيدا ٿيندي ان کي اوڌر وارو کاتو Accounts Payable چيو ويندو. استعمال ٿيندڙ شيونconsumable commodities  جيڪي خريد ڪيون وڃن ٿيون. مثلاً سامان Supplies جنهن کي يا ته اڳواٽ خرچ Prepaid Expense يا اثاثا Assets چيو ويندو.

            عملي طور تي لهڻيدارن کان جدا جدا ٿيل خريداري جدا جدا داخلا ڪئي ويندي پر هتي ان کي هڪ گروپ تحت خريداري تحت رکيو ويندو آهي. ان جو اثر اثاثا ۽ واجبات Rs.8000 تحت وڌندا. ان جي داخلا هيٺين طريقي ٿيندي.

 

Assets

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

14000

 

86000

 

 

100,000

 

(c)

 

+8000

 

+8000

 

 

 

Bal.

14000

8000

86000

8000

 

100000

 

“c” ڏيتي ليتي

روان مهيني ۾ لهڻيدارن کي Rs. 7000 ادا ڪيا ويا جنهن ڪري 7000 روپين جا اثاثا ۽ قرض پڻ لٿا. ان بعد مساوات کي هيٺيون اثر ظاهر ٿيندو.

 

_____Assets_____

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

14000

8000

86000

8000

 

100000

 

(d)

-7000

_____

_____

-7000

 

 

 

Bal.

7000

8000

86000

1000

 

100000

 

“ d” ڏيتي ليتي

آزاد ٽيڪسي ان اصول تحت هلائي پئي وڃي ته اها خرچ ڪڍي وڌيڪ آمدني ڪمائڻ جو ذريعو بنجي ته جيئن مالڪاڻا حق وڌن مثلاً پيٽرول وغيره جي قيمت، سامان، ڊرائيور جي پگھار، مسواڙ ۽ ٻيا جملي خرچ جيڪي ڪنهن ڪاروبار هلائڻ لاءِ ضروري هوندا آهن.

            عموماً اسان جڏهن خدمتون يا سامان ڪسٽمر کي وڪڻندا آهيون ته جيئن آمدني وڌائي سگھجي، ان لاءِ جدا جدا لفظ به استعمال ڪري سگھجن ٿا. مثلاً وڪرو Sale ڪنهن به سامان جي وڪري لاءِ خدمتون في جي وصولي جيئن ڊاڪٽر مريضن کان في وصول ڪئي. مسواڙ ۽ ٻيا اهڙا خرچ جيڪي آمدني جي حصول دوران ڪيا ويا انهن کي خرچ Expense چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ پگھارون سامان ترسيلي اثاثا ۽ خدمتون جيڪي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڏنيون وڃن، انهن کي ڪارونهوار وارا خرچ  Operating Expenses  آمدني جون حاصلات Revenue جيڪڏهن خرچن کان وڌيڪ هوندا ته ان کي صافي منافعو Net Profit يا Net Income چيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن خرچ آمدنيءَ کان گھڻا هوندا ته پوءِ ان کي صافي نقصان Net Loss چيو وڃي ٿو. جيئن ته هر ڏيتي ليتيءَ جو نه ته نقصان نه وري فائدو لهڻ مقصود آهي تنهن ڪري ڪنهن وقت پڄاڻي تي صافي نفعو يا نقصان ڪڍيو ويندو آهي.

“e” ڏيتي ليتي

            پهرين مهيني ۾ آزاد ٽيڪسي جو ڪرايو Rs.75000 رقم وصول ڪئي. ان ڪري رقم Rs.75000 اثاثن ۾ ۽ آمدني حاصلات Revenue Rs.75000 جا مالڪاڻه حق Owner’s Equity وڌنديون. جيئن ته ان دوران خرچ به ٿيا تنهن ڪري انهن خرچن کي تنهن محصولات مان برابر ڪري ڇڏينداسين. اهڙيءَ ريت مساوات تي هيٺين ريت فرق ظاهر ٿيندو.

 

Assets

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

7000

8000

86000

1000

 

100000

 

(e)

+75000

 

 

 

 

+75000

Fares earned

Bal.

82,000

8000

86000

1000

 

175000

 

“e” ڏيتي ليتي

       پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪاروبار پنهنجون خدمتون يا شيون اوڌر تي به ساک وارين ڌرين کي ڏيندو آهي. جيڪي ٿوري عرصي ۾ وصول ڪري سگھجن ٿيون. انهن کي اوڌر/کنڌو  Accounts Receivables  به چئجي ٿو. اهڙي اوڌر جي موٽ وري ڪيش جي صورت ۾ ٿئي ٿي. تنهن بعد جڏهن اها اوڌر موڙي جي صورت ۾ وصول ٿي وڃي ته پوءِ ان جو اوترو ئي اثر اوڌر/کنڌو Accounts Receivables جي گھٽجي وڃڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، ڇو ته اوتري رقم يا ڪيش وڌي وصول ٿي ويندي.

“f” ڏيتي ليتي

            گھڻائي خرچ هلندڙ مهيني ۾ پهريائين ادا ڪيا ويا، جيئن پگھارون Rs.10000، مسواڙ  Rs 2000، عام سهولتون Rs.3500 Utility، گڏيل خرچ Miscellaneous Expense  Rs.7500  ان جو اثر اهو پوندو ته جملي موڙي ڪيش ۽ جملي مالڪاڻا حق به گھٽجندا. ان جو اثر هيٺين ريت ظاهر ڪيو ويندو.

 

Assets

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

82000

8000

86000

1000

 

175000

 

(f)

-23000

 

 

_____

 

-10,000

Wages exp.

 

 

 

_____

____

_____

 

____

 

-2000

Rent expense

-3500

Utilities exp.

-7500

Misc. expense

Bal.

59000

8000

86000

 

1000

 

152000

 

                                                           “f” ڏيتي ليتي                                

“g” ڏيتي ليتي

            مهيني جي آخر ۾ اهو معلوم ٿيو ته موجوده سامان Supplies on hand Rs.500 آهي جڏهن ته  Rs.8000-7500  ڪاروباري ونهوار دوران استعمال ٿي چڪو ان جي اثر تحت عام استعمال لاءِ سامان اثاثن مان ۽ جملي مالڪاڻا حق به اوترا ئي گھٽبا.

 

Assets

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

59000

8000

86000

1000

 

152000

 

(g)

_____

-7500

____

____

 

-7500

Supplies Exp.

Bal.

59000

500

86000

1000

 

144500

 

ڏيتي ليتي “g”

ڏيتي ليتي “h”

مهيني جي آخر ۾ آزاد ٽيڪسي Rs.11000 پنهنجي استعمال لاءِ ڪاروبار مان ڪڍايا ان تحت Rs.11000 موڙي گھٽبي ۽ اوترائي مالڪاڻا حق به گھٽبا. ڇاڪاڻ ته پئسه ڪڍرائڻ ڪاروباري خرچن جو حصو نه آهن. ان جو اثر هيٺين ريت ظاهر ٿيندو.

 

Assets

 

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Bal.

59000

1000

86000

1000

 

144500

 

(h)

-11000

____

____

____

 

11,000

Drawing

Bal.

48000

500

86000

1000

 

133500

 

 

 


تت/اختصار

Summary

هاڻي جملي مٿي ڏنل ڏيتي ليتين جو اثر اسان هڪ ٽيبل تحت ظاهر ڪنداسين جنهن لاءِ هيٺين ريت ٿيندي.

  1. هر ڏيتي ليتي جي اثر جو وڌاء يا گھٽاء کي هڪ يا وڌيڪ عنصرن جي وڌاءَ يا گھٽاءَ کي اڪائونٽنگ “حساب داري” جي مساوات ۾ ظاهر ڪري سگھجي ٿو.
  2. مساوات جي ٻنهي پاسن جي برابري جي هجڻ تي هميشه برقرار رکيو وڃي.
 
   

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اڪائونٽنگ حساب داري  جا بيان / گوشوارا

Accounting Statements

                  ڪنهن به نجي ڪاروبار Sole proprietorship جي بنيادي بيانن ۾ پوتاميل Balance Sheet ۽ آمدني جا بيان Income Statement شامل هوندا آهن، پر انهن سان گڏ ٽئين قسم جا مالڪاڻا بيان جيڪي هوند گھٽ استعمال ٿيندا آهن تنهن ۾ مالڪاڻن حقن جا بيان   Capital Statement به شامل آهي

 

Assets

=

Liabilities

+

Capital

 

 

Cash+

Supplies+

Land

=

Accounts Payable

+

Azad Taxi Capital

 

(a)

+100000

 

 

 

 

 

100000

 

(b)

-86000

 

+86000

 

 

 

 

 

14000

 

86000

 

 

100000

 

(c)

 

+8000

 

+8000

 

 

 

 

14000

8000

86000

8000

 

100000

 

(d)`

-7000

 

 

-7000

 

 

 

 

7000

8000

86000

 

 

100000

 

(e)

+75000

 

 

 

1000

 

+75000

Fares earned

 

82000

8000

86000

 

1000

 

175000

 

 

 

 

 

 

 

 

-10,000

Wages exp.

(f)

-23,000

 

 

 

 

 

-2000

Rent expense

 

 

 

 

 

 

 

-3500

Utilities exp.

 

 

 

 

 

 

 

-7500

Misc. expense

 

59000

8000

86000

 

1000

 

152,000

 

(g)

 

-7500

 

 

 

 

-7500

Supplies exp.

 

59000

500

86000

 

1000

 

144500

 

(h)

-11000

 

 

 

 

 

11,000

Drawing

 

48000

500

86000

 

1000

 

133500

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

انهن ۾ جيڪي انگن اکرن Data جي ترتيب ٿئي ٿي سا هيٺين ريت آهي.

پوتا ميل

Balance Sheet

هن ۾ اثاثن جي لسٽ واجبات ۽ مالڪاڻا حق شامل ٿين ٿا. جيڪي ڪنهن خاص ڪاروبار جا هجڻ ضروري آهن تن کي ڪنهن خاص مدي جي پڄاڻي تي ڏيکاري سگھجي.

آمدني جا گوشوارا

Income Statement

آمدني ۽ خرچ جيڪي ڪنهن خاص ڪاروبار ڪارونهوار جي دوران مهيني يا سال جي پڄاڻي تي آخري ڏهاڙي تي ڪري ان کي آمدني جي گوشوارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

مالڪاڻا حقن جا گوشوارا

Capital Statement

ڪنهن سال جي پڄاڻي تي آخري ڏهاڙي تي مالڪاڻي حقن جي تت ۾ ڏيکاريل عملي تبديلين کي آخري ڏهاڙي تي  ظاهر ڪري ان کي مالڪاڻه حقن جا گوشوارا چئجن.

ان کان علاوه مالياتي حالتن ۾ تبديلي جو گوشوارو Statement for changes in financial position  پڻ تيار ڪيو ويندو آهي. جيڪو مالڪاڻا حق رکندڙن ۽ لهڻيدارن لاءِ مؤثر ثابت ٿيندو آهي ته هو پنهنجي ڪارونهوار کي درست حالت ۾ ڏسي اڳتي هلي سگھن. هن ئي باب ۾ انهن کي وضاحت سان بيان ڪيو ويندو.

پوتا ميل

Balance Sheet

            آزاد ٽيڪسي جا اثاثا، واجبات ۽ مالڪاڻي حقن کي مهيني جي آخر ۾ اڳي ئي ڏيکاري چڪا آهيون جنهن کي پوتاميل جو رپورٽ فارم Report Form پڻ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻئي فارم ۾ اثاثن کي کٻي هت تي ۽ واجبات ۽ مالڪاڻي حقن کي سڄي هٿ تي رکيو ويندو آهي جنهن کي ٻئي باب ۾ سمجھايو ويندو. ان اڪائونٽ فارم Account Form of Balance Sheet  ۾ واجبات کي مالڪاڻي حقن واري حصي Capital Section ۾ هيٺين ريت داخلا ڪئي ويندي آهي.

آمدني جا گوشوارا

Income Statement

            مهيني جي پڄاڻي تائين آزاد ٽيڪسي جي هلڻ مان جيڪا آمدني Revenue حاصل ٿيندي ان تي آيل لاڳو خرچن جي ڪري يا ته جملي مالڪاڻا حقن ۾ وڌاءُ ٿيندو يا گھٽتائي ايندي. هن سلسلي ۾ Rs.44800 جي آمدني رپورٽ ٿي ان کي گوشواري ۾ هيٺين ريت داخلا ڪري ڏيکاري ويندي.

Azad Taxi

Income Statement

For month ended March 31, 2010

Fares earned…………………………………………….

 

 Rs. 75000.00

Income Statement

Operating expenses:

 

 

Wages expense………………………………

10,000.00

 

 

Rent expense………………………………….

2000.00

 

 

Supplies expense…………………………….

7500.00

 

 

Utilities expense………………………………

3200.00

 

 

Miscellaneous expense………………………

7500.00

 

 

Total operating expenses………………………

30200.00

 

Net Income………………………………………………………………

Rs.44800.00

 

 

مالڪاڻا حقن جا گوشوارا

Capital Statement

جڏهن اسان ڀيٽ ڪندا سين ته خبر پوندي ته شروع ۾ Rs.100000 مهيني جي شروعات ۾ سيڙپ ڪاري ڪئي ويئي هئي. جڏهن ته پوتاميل Balance Sheet ۾ اها وڌي Rs.127500 ڏيکاري وئي. جنهن تحت مالڪاڻا حق Rs. 27500 وڌيا. اهڙي ريت جملي مالڪاڻا حقن ۾ وڌاءُ مثلاً Rs. 44800  صافي آمدني جو وڌڻ 2. مالڪ Rs.11000 ڪاروبار مان ڪڍرايا. اهڙي طرح Capital Statement جيڪا مٿي ڏيکاريل آهي اها پوتاميل ۽ آمدني جي گوشوارن ۾ ڳانڍاپو ظاهر ڪري ٿي.

Azad Taxi

Income Statement

For month ended March 31, 2010

Capital, March 1, 2010……………………….

 

100000.00

Capital Statement

Net Income for the month……………………

44800.00

 

Less withdrawals………………………………

11,000.00

 

 

Increase in Capital…………………………….

 

     33800.00

 

Capital, March 31, 2010……………………..

 

  133800.00

 

 

Azad Taxi

Balance Statement

For month ended March 31, 2010

Assets

Assets:

 

Cash…………………………………………….

48300.00

 Balance Sheet

Supplies……………………………………….

500.00

Land …………………………………………….

86000.00

Total assets……………………………………

134800.00

Liabilities

Liabilities

 

 

Accounts Payable……………………………..

1000.00

 

Capital

Azad Taxi, Capital……………………………………….

133800.00

 

Total Liablities and Capital………………………………

134800.00

 

 

 

ڪارپوريشن جا بيان / گوشوارا

Statement for Corporation

ڪاروباري ادارن Business Enterprises جنهن جي اثاثن جو حجم گھڻو هوندو آهي انهن کي اڪثر ڪري ڪارپوريشن چيو ويندو آهي. جتي گھڻائي اسٽاڪ رکندڙ پڻ ان ۾ شامل هجن ٿا. ڪارپوريٽ فارم به گھڻو استعمال ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ انهن وٽ محدود اسٽاڪ رکندڙ شامل هوندا آهن. جيڪڏهن آزاد ٽيڪسي کي ڪارپوريشن تصور ڪيو وڃي ۽ مالڪاڻا حقن کي اسٽاڪ کي حصص تصور ڪجن ته پوءِ مهيني جي آخر ۾ هيٺين ريت پوتاميل ٺاهي ويندي.

Azad Taxi  Corporation

Balance Sheet

For month ended March March 31, 2010

Assets

Current Assets

 

 

Cash

Rs: 42000.00

 

Supplies

500.00

 

Land

86000.00

Total Assets 

Rs: 128500.00

Current Liabilities

 

 

Accounts payable

1000.00

Total Liabilities

1000.00

 

Capital  Stock

100,000.00

 

 

Retained Earnings

27500.00

127500.00

Total liabilities and capital

Rs: 128500.00

            پوتاميل ۾ فرق صرف ايتروآهي ته اڳ ۾ ڏيکاريل پوتاميل ۽ مٿي داخل ٿيل پوتاميل جي Capital Section ۾ اسٽاڪ رکندڙن جي سيڙپ ڪاري کي Investment of Stock holders Rs.100000 ۽ گڏيل محصولات Accumulated Earnings کي Rs.27500 ظاهر ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ڪارپوريٽ سطح تي ڪنهن جي شناخت ظاهر نه ڪئي ويندي آهي.

            عام ڪاروبار ۽ ڪارپوريٽ ڪاروبار جي مالڪاڻي حقن جي گوشوارن ۾ فرق پڻ اهو به پڻ ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته هن ۾ اڻ ورهايل آمدنيءَ جا گوشواراStatement  Retained Earnings ۾ آيل تبديلين کي ظاهر ڪيو ويندو آهي هيٺ ڏنل ننڍين تبديلين کي هن ترتيب سان ظاهر ڪري سگھجي ٿو.

Azad Taxi

Retained Earning Statement

For month ended March 31, 2010

Net Income for the month……………………

33800.00

 

Capital Statement

Less Dividends………………………………

 6,300.00

 

Retained earnings  March 2011 ………..

Rs.27500.00

 

 

                جڏهن حاصل آمدني کي مالڪاڻا حق رکندڙن ۾ ورهايو ويندو ته اهڙي ورهاست کي فانڊڻي Dividend چيو ويندو آهي. مهيني اندر آزاد ٽيڪسي هلڻ جي ڪري خاص تبديليون ته ڪونه اينديون.

 

 

 

مکيه لفظ ۽ وضاحت

Elaboration of Keywords

 

 

جمع / ڏيڻ وارن

Debit

جمع / ڏيڻ وارن مان مراد انهن فردن جي آهي جن کي مال وڪرو ڪري ڏنل ته هجي ليڪن انهن اڃا تائين رقم واپس نه ڪئي هجي.

واصل / وٺڻ وارن

Credit

واصل / وٺڻ وارن مان مراد انهن فردن سان آهي جن کان تاجر مال ته خريد ڪيو پر اڃا تائين ان کي رقم جي ادائيگي نه ڪئي هجي.

پوتاميل

Balance Sheet

ڪاروبار لاءِ پوتاميل (Balance Sheet) ٺاهيو ويو. ٻنهي ۾ صافي آمدني / نقصان ڏيکاريل هوندو آهي.

حقيقي کاتا

Real Accounts

حقيقي کاتن مان مراد ان کاتن سان آهي جي ظاهر ڪن ته تاجر جا اثاثه (Assets) ۽ واجبات Liabilities ڪهڙيون آهن.

اڻ ورهايل آمدني جا گوشوارا

Retained Earning Statement

اڻ ورهايل آمدني جي گوشوارنStatement  Retained Earnings ۾ آيل تبديلين کي ظاهر ڪيو ويندو آهي.

تعارفي کاتو

Nominal Account

هن کاتي ۾ اهڙي ڏيتي ليتي کي شامل ڪيو ويندو آهي جنهن جو تعلق آمدني، خرچ، نفعو ۽ نقصان هوندو آهي.

 

اڻ ورهايل آمدني جا گوشوارا

Statement  Retained Earnings

ڪارپوريٽ ڪاروبار جي مالڪاڻي حقن جي اڻ ورهايل آمدني جي گوشوارنStatement  Retained Earnings ۾ آيل تبديلين کي ظاهر ڪيو ويندو آهي.

فانڊڻي

Dividend

جڏهن حاصل آمدني کي مالڪاڻا حق رکندڙن ۾ ورهايو ويندو ته اهڙي ورهاست کي فانڊڻي Dividend چيو ويندو آهي.

 

 

بحث جي لاءِ سوال

  1. پراپرٽي ٽئڪس جي مقصد خاطرهڪ زمين جي ٽڪري جي ڪٿيل قيمت 46000 روپيه آهي، جيڪا ڪاروبار لاءِ 76000 هزار ۾ حاصل ڪئي وئي. ٻڌايو ته زمين جي ڪهڙي قيمت درج ڪرڻ گھرجي؟
  2. ڇهن سالن بعد زمين جي قيمت جو ڪاٿو 190000 ڪيو ويو. جڏهن ته ڪاروبار کي ان زمين جي قيمت جي پيشڪش 600000 ٿئي ٿي. ڇا زمين جي قيمت پهرين لکڻ کپي يا ان ۾ پيشڪش ٿيل واڌ رڪارڊ درج ڪئي وڃي؟
  3. فرض ڪريو ته زمين جو وڪرو 320000 ۾ ٿئي ٿو. (1) ان سان مالڪاڻا حق ڪيترا وڌندا؟ (2) خريد ڪندڙ زمين جي ڪيتري رقم پنهنجي رڪارڊ ۾ درج ڪندو؟
  4. ڪنهن ڪاروبار جي اثاثن جي ڪل ماليت 200000 آهي، ته ان جي مالڪاڻي حقن جي قيمت ڪيتري ٿيندي ۽ مالڪاڻي حقن جا ڪهڙا ٻه قسم آهن؟
  5. هڪ ڪاروبار جي اثاثن جي قيمت 360000، لهڻيدارن جا حق 46000 آهن ته ان جي مالڪاڻي حقن جي قيمت ڇا ٿيندي؟
  6. هڪ انٽرپرائز جي اثاثن جي قيمت 986000 روپيه ۽ 86000 جا مالڪاڻا حق آهن، ته ان تي جملي واجبات ڪيتريون هونديون؟
  7. ڪنهن ڪاروبار جي واجبات 76000 روپيه ۽ مالڪاڻا حق ”سرمايو“ 125000 آهي، ته ان جي اثاثن جي قيمت ڪيتري ٿيندي؟
  8. هيٺ ڏنل ڪاروباري ڏيتين ليتين جي اڪائونٽنگ مساوات تي ڪيئن اثر انداز ٿيندي؟

(الف) ڪاروبار ۾ نقد سيڙپ

(ب)             قرض تي سامان خريد ڪرڻ

(ت) ڏنل خدمتن جي عيوض نقد رقم موصول ٿيڻ

(ج) ڪاروبار ۾ سهولتن جي استعمال جي ادائگي

  1. هڪ خالي ٿيل ڪپڙي جي ٿانهن جي ٿهي 110000 جي قيمت تي خريد ڪئي وئي، جڏهن ته 19000Rs. جي ادائگي رهتو ٿي، جيڪا 140000Rs. جي نقد عيوض وڪرو ڪئي وئي. ٻڌايو ته وڪري ڪندڙ تي ڪهڙو اثر پوندو؟ (1) اثاثن تي (2) واجبات تي (3) مالڪاڻن حقن / موڙي تي
  2. جيڪڏهن 80000 روپين جي نقد ادائگي ڪئي وڃي ۽ 26000Rs. روپين جي ادائگي رهتو ٿئي ته ان جوڪهڙو اثر پوندو؟ (1) اثاثن تي (2) واجبات تي (3) مالڪاڻن حقن / موڙي تي
  3. ڪنهن خدمتون ڏيندڙ انٽرپرائز جي خدمتن جي وهنوار جو تت هيٺينءَ ريت آهي ته ان جو:
  • اوڌر تي خدمتن جو وڪرو 49000 ۽ نقد 9000Rs.
  • اوڌر تي خرچن جي وهنوار 12000 نقد 16000Rs.

ٻڌايو ته انٽرپرائز جي خدمتن جي قيمت ڪيتري ٿيندي؟

            (الف) حاصلات Revenue   (ب) خرچ Expenses ۽  (ت) صافي آمدني Net Income

  1. جيڪڏهن ڪنهن خاص انٽرپرائز جا خرچ حاصلات کان ڪنهن مهيني ۾ وڌي وڃن ته اهڙي حاصلات کان وڌندڙ خرچن کي ڇا سڏبو؟
  2. اڪيلي فرد جي ڪاروبار جي ڏنل ٽن وڏي مالياتي گوشوارن جا عنوان ٻڌايو جيڪي هن باب ۾ ڏنل آهن ۽ هر هڪ ۾ ڏنل معلومات جي نوعيت کي مختصراً بيان ڪريو؟
  3. هڪ انٽر پرائز جي ڪنهن خاص شيءِ جي مالياتي هلندڙ معلومات جا انگ اکر جيڪي ڏنل هجن: (1) آمدني جي گوشوارن ۽ رکيل آمدني جي گوشوارن ۾، ٻنهي هنڌن تي ڏنل هجن (2) ٻئي پوتاميل ۽ رکيل آمدني جي گوشوارن جي بيانن ۾ ٻنهي هنڌن تي ڏنل هجن.
  4. جيڪڏهن جملي اثاثا 15000 روپيه ڪنهن خاص مدت ۾ گھٽيا هجن ۽ مالڪاڻا حق / موڙي ساڳئي وقت ۾25000 وڌيا هجن ته ٻڌايو ان عرصي دوران ڪيتريون واجبات وڌيون يا گھٽيون؟
  5. فرد واحد جي ڪاروبار جي جنوري واري آمدني جي بيان مان خبر پئي ته صافي آمدني 36000 روپيه رهي. جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران مالڪ 13000 روپيه پنهنجي ذاتي واهپي لاءِ ڪاروبار مان ڪڍرايا. ڇا اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ساڳئي مهيني ۾ مالڪ 6000 روپين جو صافي نقصان ڪيو؟ بحث ڪريو.
  6. سال جي شروعات واري عرصي دوران شاھ مردان ڊسٽريبيوٽر جا مالڪاڻا حق 500000 روپيه هئا. سال جي پڄاڻي تي ڪمپنيءَ وٽ 400000 رپين جا اثاثا، جملي واجبات 25000 روپيا هئا، ٻڌايو ته: (1) صافي نقصان يا نفعو ڪيترو ٿيندو؟ فرض ڪريو ته جيڪڏهن ڪا به وڌيڪ سيڙپ ڪاري نه ٿيل هجي ۽ پڻ ذاتي خرچ لاءِ پئسا به نه ڪڍرايل هجن. (2) ساڳئي عرصي دوران صافي آمدني يا نقصان ڪيترو ٿيندو، جيڪڏهن ذاتي خرچ لاءِ 15000 روپيه ڪڍرايا وڃن.

مشق

Exercise

  1. سي زوم ڪارپوريشنCZoom Corp. خدمتن واري ڪاروباري مدي دوران هيٺيون ڏيتيون ليتيون مڪمل ڪيون.
  • واجبات تي رسد جي خريداري.
  • عام واهپي واري خرچن جي ادائگي.
  • واجبات تي خريد ڪيل ناقص رسد واپس ڪئي وئي.
  • گراهڪن کان خدمتن جي عيوض فيس ورتي وئي.
  • نقد رقم موصول جيڪا خرچن جي مد ۾ غلطي سان زياده ادائگي ڪئي وئي هئي.
  • کاتن ۾گراهڪن کان نقد رقم وصول ٿيل
  • اسٽاڪ هولڊرس کي رقم جي فانڊڻي جي ادائگي
  • جاري ٿيل زياده موڙي واري اسٽاڪ جي بدلي نقد رقم حاصل ڪرڻ.
  • لهڻيدارن کي ادائگي.

مٿي ڏنل ڏيتين ليتين جي صورت کي روزنامچي ۾ رکو ۽ اثاثا، قرض ۽ مالڪاڻا حق جهڙي صورت ۾ وڌن يا گھٽجن، تن کي + ۽ - ۾ انهن جي واڌ ۽ گھٽتائي کي ظاهر ڪيو.

  1. هيٺ ڏنل مالياتي انگن اکرن جي تت جيڪي شبانه انٽرپرائز جي ڪاروبار مان ورتل آهن، تن کي مساوات ۾ برابر ڪيو ۽ هر ڏيتي ليتي کي کي + ۽ - ۾ انهن جي واڌ ۽ گھٽتائي کي ظاهر ڪيو.

 

 

 

Cash+

Supplies+

Land

=

Liabilities

+

Capital

Bal.

75,000

7500

 25000

 

7500

 

100,000

(1)

 

+8000

 

+8000

 

 

(2)

- 25,000

 

+25,000

 

 

 

(3)

+ 5,600

 

 

 

 

+ 5,600

(4)

- 8050

 

 

 

 

- 8050

(5)

 

- 500

 

 

 

-500

(6)

-3500

 

 

 

 

 

-3500

(7)

-8500

 

 

 

-8500

 

 

Bal.

35,550

15000

50,000

 

7000

 

93550

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هيٺين ڏيتين ليتين جي وضاحت ڪريو.

  • مهيني اندر صافي نقد رقم جي گھٽتائي.
  • مهيني اندر صافي مالڪاڻن حقن ۾ اضافو.
  • مهيني ۾ صافي آمدني جو ڪيترو وڌاءُ ٿيو؟
  • ڪاروبار ۾ ڪيتري صافي آمدني جو ڪيترو حصو روڪيو ويو؟
  1. پوتاميل مان ورتل انگن اکرن جو تت جنهن ۾ مالڪاڻي حقن جو خلاصو ڏنل آهي، اهو چار مختلف فرد واحد ڪاروبارن A,B,C ۽ D سان تعلق رکي ٿو جنهن جا شروعاتي ۽ سال جي آخر ۾ انگ اکر هيٺيان آهن.

 

Total

Assets

Total

Liabilities

Beginning of the year…….

Rs. 95,000

Rs. 40,000

End of the Year……………...

     110,000

       35,000

مٿي ڏنل انگن، اکرن ۽ وڌيڪ معلومات ذريعي هيٺ تي ڪجھ ڏيتيون ليتيون بيان ڪيل آهن، جن جي ذريعي صافي نفعو يا نقصان هر هڪ جو بيان ڪري ۽ پهريائين سالياني انهن جي مالڪاڻي حقن (موڙي) ۾ واڌ يا گھٽتائي ڏسيو؟

Company

A:

The owner had made no additional investments in the business and no withdrawals from the business.

سيڙپڪار ڪا به وڌيڪ سيڙپڪاري ڪاروبار ۾ نه ڪئي ۽ نه ئي ڪو پئسو پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ ڪڍيائين.

Company

B:

The owner had made no additional investments in the business but had withdrawn Rs. 18,000.

سيڙپڪار ڪا به وڌيڪ سيڙپڪاري ڪاروبار ۾ نه ڪئي پر پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ Rs. 18000 ڪڍرايائين.

Company

C:

The owner had made an additional investment of Rs. 25,000 but had made no withdrawals.

سيڙپڪار وڌيڪ Rs. 25000 سيڙپڪاري ڪاروبار ۾ ڪئي ۽ ڪو پئسو پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ نه ڪڍيائين.

Company

D:

The owner had made an additional investment of Rs. 18,000 and had withdrawn Rs. 12,000

سيڙپڪار وڌيڪ Rs. 18000 سيڙپڪاري ڪاروبار ۾ ڪئي ۽ ڪئي پر پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ Rs. 12000 ڪڍرايائين.

 

  1. فاطمه جي فرد واحد اندروني سجاوٽInterior Decoration) ) جي ڪاروبار سان لاڳاپيل مالياتي معلومات جيڪا هلندڙ سال جي مئي ۽ جون مهيني سان تعلق رکي ٿي، سا هيٺ ڏنل آهي.

 

 

May 31,2014

June 30,2014

Accounts Payable………

واجبات / کڻت

Rs. 500

Rs. 650

Accounts Receivable……

اوڌر

7,500

7,500

Fatima’s Capital …………

فاطمه جا مالڪاڻا حق

?

?

Cash………………………

نقد رقم

3,500

3,250

Supplies…………………

رسد

750

875

  • 31 مئي ۽ 30 جون هلندڙ سال لاءِ اندروني سجاوٽ واري ڪاروبار جو پوتاميل ٺاهيو.
  • جيڪڏهن ڪا به وڌيڪ سيڙپڪاري نه ڪئي وئي ۽ ڪا به رقم ذاتي مقصد لاءِ نه ڪڍرائي وئي ته پوءِ صافي آمدني جون مهيني لاءِ ڪيتري ٿيندي.
  • جيڪڏهن ڪا به وڌيڪ سيڙپڪاري نه ڪئي وئي ۽ 1500 مهيني دوران رقم ذاتي مقصد لاءِ نه ڪڍرائي وئي ته پوءِ صافي آمدني جون مهيني لاءِ ڪيتري ٿيندي.

مشق

Exercise

  1. هلندڙ سال پهرين جولاءِ تي غلام سرور فرد واحد جي حيثيت سان “Big Reality” جي نالي سان هڪ ڪاروبار کوليو جنهن جون ڏيتيون ليتيون هلندڙ مهيني ۾ هيٺينءَ ريت ڏيکاريل آهن.
  • ڪاروبار هلائڻ لاءِ هن هڪ بئنڪ اڪائونٽ کولرايو، جنهن ۾ 350000 جمع ڪرايا.
  • قرض تي 36000 رسد جي خريداري ڪئي وئي، جنهن ۾ اسٽيشنري، ٺپا، پينيون وغيره شامل هئا.
  • آفيس ۽ اڪيوپمينٽ جي مهيني جي مسواڙ 16250 ادا ڪئي وئي.
  • لهڻيدارن کي 17000 ادا ڪيا ويا.
  • وڪري تي 78850نقد ڪميشن حاصل ڪئي وئي.
  • هلندر مهيني ۾ گاڏين جي مسواڙ جا خرچ 3600 ۽ گڏيل خرچ Rs. 1770 ادا ڪيا ويا.
  • ذاتي استعمال لاءِ 2800 ڪڍرايا ويا.
  • آفيس جون پگھارون 7500 ادا ڪيون ويون.

هدايتون: مٿين ڏيتين ليتين کي پڙهو ۽ ان جي پاڇين کي هيٺ ڏنل ٽيبل جي کانن ۾ رکي ٻڌايو؟

Assets

 

Liabilities

 

Capital

Cash+

Supplies+

=

Accounts Payable

+

G. Sarwar’s Capital

           

مٿي ڏنل مساوات ۾ گھٽتائي ۽ وڌاءُ ظاهر ڪيو ۽ مالياتي گوشوارا ۽ مالڪاڻي حقن جا گوشوارا 31 جولاءِ لاءِ ٺاهيو.

  1. هيٺ ڏنل رقمن کي اثاثن ۽ قرضن جي طور تي نصرپور هٿ جي هنر جي فرد واحد جي ڪاروبار ۾ 30 جون هلندڙ سال جي پڄاڻي جا انگ اکر ڏنل آهن، جنهن ۾ مشتاق ميمڻ جي ذاتي موڙي 225,025 پهرين جولاءِ تي ظاهر ٿيل آهي ۽ هن ذاتي خرچن لاءِ Rs. 17,000 روپيا ساليانا ڪڍرايا.

 

Cash…………………

نقد رقم

Rs. 8,250

Accounts receivable…

اوڌر

10,250

Supplies………………

رسد

1900000

Prepaid insurance……

اڳواٽ ادا ٿيل بيمو

1700

Accounts Payable……

کڻت

12,250

Salaries Payable………

واجب الادا پگھارون

6000

Sales……………………

وڪرو

1780,750

Salaries  expense…………

پگھارن جا خرچ

27,500

Rent expense……………

مسواڙ جا خرچ

9,000

Taxes expense…………

محصول جا خرچ

8,900

Advertising expense……

اشتهار جا خرچ

6,200

Utilities expense…………

عام واهپي وارا خرچ

3,750

Insurance expense………

بيمه جا خرچ

2,650

Supplies expense…………

رسد جا خرچ

3600

Miscellaneous expense…

گڏيل خرچ

2925

هدايتون:       

  • هلندڙ سال جي آخر 30 جون تي آمدني جا گوشواراIncome Statement ٺاهيو.
  • هلندڙ سال 30 جون تي موڙي جا گوشواراCapital Statement ٺاهيو.
  • هلندڙ سال 30 جون تي پوتاميلBalance Sheet ٺاهيو.