ڪتاب جو نالو | اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري) |
---|---|
ليکڪ | الطاف حسين وڌو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-031-9 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (443) PDF E-Pub |
انگ اکر | 11 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 10843 ڀيرا پڙهيو ويو |
کاته نويسي جو تعارف
An Introduction to Book Keeping
کاته نويسي |
Book Keeping |
کاته نويسي Book Keeping انهي طريقي کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ کاتن جي ڪتابن ۾ ڏيتي ليتي Transaction کي رقم يا رقم جي قيمت ۾ داخل ڪيو يا لکيو وڃي. ڏيتي ليتيءَ ۾ خريداري، وڪرو ۽ ادائگي اچي وڃي ٿي. کاتي جو هڪ ئي ڪتاب آهي، جدا کاتو. ان ڪري جو ڏيتي ليتي پهريائين معاون ڪتابن ۾ لکي ويندي آهي ۽ ان کي بعد ۾ مختصر ڪري جدا کاتن ۾ رکيو ويندو آهي.
هاڻي اسان ڪيئن سمجهون ته رقم ۽ رقم جي قيمت جي ڏيتي ليتي ۽ فرق ڪيئن آهي. مثلاً جيڪڏهن 5 روپيه ڪنهن کي ڏهاڙي ڏجي ته اهڙي ڏيتي ليتي کي رقم چئبو پر مان جيڪڏهن 100 روپيه جون شيون مسٽر انور کان اڌار وٺان ٿو ته اهڙي ڏيتي ليتي کي پيسي جي قيمت هيٺ لکيو ويندو. هاڻي مٿئين مثال مان خبر پئي ته 100 روپئي جون شيون اوڌر تي کنيون ويون، هاڻي سوال پئدا ٿئي ٿو ته اوڌر ڇو کڻجي. تقريباً سڀئي ڪاروبار اوڌر جي بنياد تي هلن پيا. جهڙي طرح مسٽر انور، جنهن شيون فراهم ڪيون ۽ ايندڙ تاريخ تي رقم وصول ڪرڻ تي آماده ٿيو. پر هڪ ڪرياني جي دڪان تي ڳالهه مختلف ٿيندي آهي. اتي دخل تي ڳالهه مختلف ٿيندي آهي. دخل تي پئسا نقد وصول ڪيا ويندا آهن. اهڙي ريت ڏيتي ليتي کي داخل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ان لاءِ جو ننڍي کان ننڍي ڪاروبار هلائڻ لاءِ مالڪ کي روزمره جي بلڪل درست خبر هجڻ گهرجي ته ڪيترو مال خريد ڪيو ۽ ڪيترو وڪرو. ان لاءِ هن کي ڪيتري رقم ڏيڻي پئي ۽ ڪيتري وصول ٿي وغيره.
هاڻي اوهان محسوس ڪري سگهو ٿا ته وڏي ڪاروبار لاءِ اگر بروقت نه لکيو ويو ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ صاف ڳالهه آهي ته واپاري منجهي پوندو. هاڻي ڏيتي ليتي کي داخل ان ڪري ڪيو ويندو آهي، ته ان جو ڇيد ۽ چڪاس ڪجي. اهو اهڙي ته صحيح انداز ۾ ڪجي جو اهو طريقو پڻ ٻين ڪاروبارن لاءِ قابل استعمال ۽ مستقل رهنمائي مهيا ڪري. جنهن مان مراد ٻٽي داخلا ڪرڻ وارو حساب رکڻ اهي. ڇاڪاڻ ته ڪابه ڏيتي ليتي ٻن ڌرين کي ملوث ڪري ٿي سو ان جو رڪارڊ به ٻٽي پاسن واري داخلا ۾ ڪيو وڃي. ان مان اهو هرگز ملطب نه ورتو وڃي ته اهڙي ڏيتي ليتي کي ٻه دفعا لکيو وڃي.
مثال طور: مون انور کان 100 روپيه جون شيون اوڌر تي ورتيون آهن ته ان جو پهريون حصو اهو ٿيو ته منهنجي ڪاروبار کي شيون وصول ٿيون، جنهن لاءِ جوابدار اسٽور ڪيپر يا ڪو ٻيو هوندو ۽ ان جو ٻيو حصو اهو ٿيو ته انور جنهن شيون فراهم ڪيون سو اوڌر ڏيندڙ ٿيو ۽ ان کي 100 روپيه وصول ڪرڻ جو حق حاصل هوندو. پوءِ ڇا اها به ڳالهه ساڳي ٿئي ته توهان 100 روپيه جون شيون اوڌاريون ورتيون ۽ ان جي قيمت توهان انور کي اتي ئي ادا ڪري ڇڏي ۽ توهان اوڌر نه کنئي. ان لاءِ اسان رقم ڏئي خريداري ڪنداسين پر هاڻي انور جي بدران منهنجو بينڪر يا ڪيشئر Cashier منهنجي اوڌر ڏيندڙ ٿيندا. ان ڪري هنن جو 100 روپيه جو حق مون تي واجب ٿيندو. هاڻي ڪيئن هڪ ڪيشئر يا بينڪر اوهان لاءِ قرض ڏيندڙ ٿيا. ڇاڪاڻ ته ڪيشئر ته اوهان جو پگهادار آهي. جيڪو پگهار وصول ڪري ٿو. هاڻي ان ڳالهه کي سمجهو ته جڏهن اوهان ڪاروبار شروع ڪيو ته اوهان ان جي ذميواري تي جهجهي رقم رکي ڇڏي، جنهن لاءِ هو اوهان جي اڳيان جوابدار، ذميوار يا قرضي آهن. سو جيڪڏهن هو ڪجهه رقم اوهان لاءِ ڏئي ڇڏين ته اهڙي ادائيگي جي ڪري هنن جو قرض گهٽبو ويندو، ڇاڪاڻ ته اهي اوهان جا قرضي يا لهڻيدار آهن. انهن قرضخواهن يا لهڻيدارن جي حيثيت قرض وٺندڙن جي ابتڙ ٿي وڃي ٿي.
ان ڪري ٻٽي پاسي واري داخلا Double Entry System جو اصل فائدو هر ڏيتي ليتي (Transaction) کي ٻن پاسن واري طريقي سان لکڻ جي ڪري رڪارڊ برابر ٿيو وڃي. هن ۾ صرف ڪنهن هڪ جو حق ظاهر نه ڪيو ويندو، پر جملي حق ظاهر ڪيا ويندا آهن. عام طور تي اهڙي نظام مان هيٺيان مروج فائدا آهن.
1) توهان جو اسٽور ڪيپر 100 روپين جي شين لاءِ ذميوار رهندو.
2) ڪنهن به شخص مثلاً انور يا ڪنهن بينڪر جا اوهان تي 100 روپيه جا حق هوندا ته عموماً ڪاروبار ۾ انهن ٻنهي حقيقتن جي ضرورت پوندي آهي.
اهڙي ريت اسان کي وڪري لاءِ به اسان ساڳئي ڏيتي ليتي استعمال ڪنداسين. مثلاً پهرين حصي ۾ اسٽور ڪيپر 100 روپين جون شيون وڪرو ڪري ڇڏيون ٻيو ته جنهن اهي شيون ورتيون اهو اوهان جو قرضدار ٿيو، ڇاڪاڻ ته اوهان ان کي شيون فراهم ڪيون. ان ٻن پاسن واري نظام جي ڪري اوهان خريد ٿيل ۽ وڪرو ڪيل شين جو نفعو ۽ نقصان آساني سان معلوم ڪري سگهندا. ساڳئي طرح سان توهان اهو به معلوم ڪري سگهندا ته توهان تي ماڻهن جي اوڌر جا حق (Liabilities) ڪيترا آهن؟ ۽ توهان جا قرض وٺندڙن ڏانهن ڪيترا حق آهن. تنهن ڪري اوهان ڪنهن به خاص تاريخ تي پنهنجي ڪاروبار جي مڪمل صورتحال ٻڌائي سگهندا. ڇو جو انهن ماڻهن جو اوهان سان مڪمل واسطو آهي. اها ڄاڻ قرض ڏيندڙ ان لاءِ به ضرور رکندا آهن ته جيڪڏهن انهن جي قرض جو رقمون قرض کڻندڙن جي رقمن کان وڌي وڃن ته پوءِ هن جي گدام ۾ رکيل شيون وڪرو ڪرڻ چاهين ته ڪري سگھن ٿا ته جيئن هو رقم موجود ڪري سگهي. ان کي ڏيوالو چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته هو مقرر تاريخ تي قرض جي ادائيگي نه ٿو ڪري سگهي.
مٿئين بحث مان اسان کي صرف معلوم ٿيو ته ڏيتي ليتي جو انداراج ضروري آهي. انهن کي (Subsidiary Books) معاون ڪتابن ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. اهي معاون ڪتاب ڪهڙا آهن ۽ کاتي جي ڪتابن کان علاوه ڇو رکيا ويندا آهن. اهڙن معاون ڪتابن کي اسان روزنــــــــامچه Journal Generalچئون ٿا، ڇو ته ان ۾ روزانو داخلائون ڪيون وينديون آهن. انهيءَ ڪري ان ۾ گهڻي کان گهڻا کاتا داخل ٿيل هوندا آهن ۽ هر هڪ جي وضاحت ٿيل هوندي آهي. هن ۾ سڀ داخلائون هڪ کاتي سان لاڳاپيل نه هونديون آهن. فرض ڪريو ته توهان ڪاروبار جي خريداري وارو طرف کڻو. توهان ڏسندا ته تمام گهڻيون رقمون وضاحت سان داخل ٿيل هونديون آهن. مثلاً انهن شين جي فراهم ڪندڙ جو نالو، معيار ايڪو (Unit)، مقدار (Quantity) ۽ رقم في اسم (Item) ٽوٽل رقم ادا ڪرڻي وغيره پر جيستائين ٻن پاسن واري نظام جو تعلق خريداري واري ڏيتي ليتي سان آهي ته اهي پهريائين خريد ٿيل شيون، جنهن لاءِ اسٽور ڪيپر ذميوار آهي وٺڻ وارو کاتي (Debit) ۾ رکيون وينديون ۽ پوءِ ڏيڻ واري کاتي Credit ۾ شيون فراهم ڪندڙن کي رکيو ويندو. اهڙي طرح هڪ کاتو شين لاءِ کولينداسين ته ٻيو وري شيون فراهم ڪندڙن لاءِ کولينداسين. اهڙن ڪتابن جو ڪم صرف اسان کي بروقت مواد فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن ان کي اسان جدا کاتي ۾ داخلا ڪري سگهون. انهي ڪري اهڙن ڪتاب کي اسان شروعاتي داخلا جا ڪتاب به چئون ٿا. هاڻي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ڪابه ڏيتي ليتي، اسان سڌي جدا کاتي ۾ داخل نه ڪريون جيستائين اها معاون ڪتابن ۾ چڙهيل نه هجي.
مقصد |
Objectives |
انسان کي جڏهن اهو محسوس ٿيو ته هو پنهنجي ياداشت کي ڪهڙي ريت محفوظ رکي سگهي ٿو ته جيئن هو گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ججهي ۽ مڪمل معلومات وٺي سگهي، ته هن پنهنجي ياداشت کي قلمبند ڪيو. کاته نويسيءَ جا مقصد انهي اصولن تي قائم آهن. مثلاً:-
فائدا ۽ نقصان |
Advantage & Disadvantages |
هر شيءِ جا ٻه رخ هوندا آهن. هڪڙو روشن ته ٻيو اونداهون رخ ساڳئي طرح کاته نويسيءَ جا فائدا به آهن ته نقصان به.
فائدا |
Advantages |
کاته نويسي جا نقصان |
Disadvantage of Book Keeping |
داخلا ڪرڻ جا طريقا |
Methods of Recording |
کاته نويسي جي وصف، مقصد ۽ فائدا ڄاڻڻ کان پوءِ ذهن ۾ هي سوال ٿو اڀري ته تجارتي معاملات ڪهڙي طريقي سان داخلا ڪجن؟ ان کي داخلا ڪرڻ جا به طريقا استعمال ٿيندا آهن، جيڪي هيٺ آهن:-
i. هڪ داخلا ڪرڻ جو طريقو |
Single Entry System |
جيئن ته هن داخلا ڪرڻ جي نظام جي نالي مان ظاهر آهي، ته هر سودي کي هڪ دفعو داخلا ڪئي ويندي آهي. ڇالاءِ ته هر سودي جا ٻه پهلو ٿيندا آهن. هن نظام ۾ ان جي ٻن پهلوئن کي داخل نه ڪري، پر صرف ان جي هڪ پهلو کي داخل ڪيو وڃي ٿو. يعني اهڙي نظام ۾ ڏيتي ليتي جي داخلا نا مڪمل ڪئي وڃي ٿي، ۽ جڏهن داخلا نا مڪمل هجي ته پوءِ کـــــاته نـــــــــــــــويــــســــــــي Book Keeping جو اصل مطلب ”زياده کان زياده مڪمل معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي“ جو پورو ٿيڻ نا ممڪن ٿيو پوي.
هي طريقو دراصل پراڻو آهي. اڄ به هن کاته نويسيءَ جو ڪن ڪاروبارن ۾ استعمال جاري آهي. اهو ان ڪري جو اهي ڪاروبار تمام ننڍي قسم جا هوندا آهن، تن لاءِ حساب رکڻ ايترو ضروري نه آهي. جيترو وڏي ڪاروبار لاءِ ضروري هوندو آهي. هاڻي گهڻائي ادارا هن طريقي کي استعمال ڪونه ڪندا آهن.
ii. ٻٽي داخلا ڪرڻ جو طريقو |
Double Entry System |
جيئن ته اڄڪلهه اڪثريت ڪاروباري ادارن ۾ ٻٽي داخلا ڪرڻ جو طريقو استعمال ٿي رهيو آهي. اهڙو نظام ان تمام مقصدن کي پورو ڪري ٿو، جيڪو هڪ سٺي کاته نويسي ۾ هئڻ گهرجي.
هن طريقي کاته نويسي ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها آهي، ته هي ننڍي کان ننڍي ڪاروبار کان وڏي کان وڏي ڪاروبار جون ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي. هي طريقو عام فهم، آسان ۽ مڪمل آهي. اڳتي هلي اسان کاته نويسي جو علم پڙهڻ شروع ڪنداسين اهڙي ئي نظام تي ٻڌل هوندو.
بنيادي ڪاروباري اصطلاح |
Elementary Commercial Terminology |
کاته نويسي ۾ جيڪي بنيادي ڪارباري اصطلاح ڪم اچن ٿا، انهن کي هيٺ ڄاڻايو وڃي ٿو.
i ڏيتي ليتي |
Transaction |
ڏيتي ليتي يا سودي مان مطلب تجارت ۾ ٿيندڙ هر ان معاهدي سان آهي. جيڪو ٻن فردن يا ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿئي. مثلاً جاويد 500 روپيه جو فرنيچر گلزار کان خريد ڪيو. جاويد ۽ گلزار جي وچ ۾ جيڪي معاهدو ٿيو، اها هڪ ڏيتي ليتي هئي، سودو هيو جنهن ۾ جاويد کي فرنيچر ملندو ۽ ان جي عيوض گلزار 500 روپيه وصول ڪندو.
ii نقد ڏيتي ليتي |
Cash-Transaction |
نقد ڏيتي ليتي مان مراد هي آهي، ته شيءِ وٺڻ وقت ان جي قيمت ادا ڪري ڇڏجي.
iii اڌار ڏيتي ليتي |
Credit-Transaction |
اڌار واري سودي يا ڏيتي ليتي مان مراد آهي، ته ڪا ئي شيءِ خريد ڪري ۽ وصول به ڪئي سين. ليڪن ان جي ادائيگي وصول وقت نه ڪئي سين ۽ اها ادائيگي بعد ۾ ڪندا سين. پوءِ اها اڌار هجي يا اڌار لاءِ تحريري واعدا اهڙي سودي کي اسان اڌار ڏيتي-ليتي چونداسين.
iv مالڪاڻه حق ”سرمايو“ |
Capital |
مالڪاڻا حق مان مراد آهي، اها رقم جيڪا تاجر تجارت ۾ لڳائي هجي ٻين لفظن ۾ اثاثن جي مجموعي قيمت مان واجبات ڪٽ ڪبا ته بعد ۾ جا رقم بچندي سا تاجر جو مالڪاڻه حق چوائيندي.
v رقم ڪڍڻ / برداشتا |
Drawings (withdrawals) |
برداشته/ رقم ڪڍڻ مان مراد آهي اها رقم جا تاجر پنهنجي نجي اخراجات جي لاءِ سال دوران ڪاروبار لاءِ صاف کنئي هجي.
vi روزنامچه |
General Journal |
روزنامچه مان مراد ان ڪتاب سان آهي، جنهن ۾ ڏيتي ليتي کي سڀ کان پهريائين داخلا ڪئي ويندي آهي. هن روزنامچه کي ”داخلا ڪرڻ جو پهريون ڪتاب“ پڻ چيو ويندو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏيتي ليتي جي ٻنهي پهلوئن کي داخل ڪيو ويندو آهي. اهڙي نموني سان اسين اهو ڪتاب تيار ڪنداسين. اهو اوهان اڳتي هلي تفصيلي پڙهنداسين.
vii بهي کاته |
Ledger Account |
بهي کاتي مان مراد ان ڪتاب سان آهي. جنهن ۾ ڏيتي ليتي جو حساب عليحده عليحده ۽ با ترتيبي ڪيو ويندو آهي. هي بهي کاتو روزنامچن جي مدد سان تيار ڪيو ويندو آهي. داخل ڪرڻ وقت صفحي کي ٻن برابر حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. کاٻي پاسي کي ڏيڻ وارو پــــــــــاســـــــو (Debit Side) ۽ ساڄي پاسي کي وٺڻ وارو پاسو ((Credit Side چونداسين. ڏيڻ واري پاسي ۾ (To) ۽ وٺڻ واري پاسي ۾ (By) لکنداسين.
viii سرميل |
Trial Balance |
اسان پهريائين روزنامچه ٺاهينداسين بعد ۾ بهي کاتو تيار ڪنداسين ۽ ان بعد سرميل تيار ڪنداسين. هن فهرست کي تيار ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اهو معلوم ڪري سگھجي ته داخل ڪيل شيون درست آهن يا نه، اهو تڏهن برابر معلوم ٿيندو جڏهن ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن ٻنهي طرفن جو جملو برابر هجي. اگر جملي ۾ تفاوت اچي ته پوءِ ظاهر ٿيندو ته اسان ڪٿي داخلا ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. يا بقايه / جملو (Balance) لکڻ ۾ غلطي ڪئي آهي.
ix ڏيڻ وارا / جمع |
Debtors |
جمع / ڏيڻ وارن مان مراد انهن فردن جي آهي، جن کي مال وڪرو ڪري ڏنل ته هجي، ليڪن انهن اڃا تائين رقم واپس نه ڪئي هجي.
x وٺڻ وارا / واصل |
Creditors |
واصل / وٺڻ وارن مان مراد انهن فردن سان آهي جن کان تاجر مال ته خريد ڪيو پر اڃا تائين ان کي رقم جي ادائيگي نه ڪئي هجي.
xi. خريد- خريد کاتو |
Purchase-Purchase Account |
خريد مان مراد، ان مال سان آهي، جو تاجر نقد خريد ڪيو هجي يا وري اوڌر تي ته خريد ڪيل مال کي جنهن کاتي ۾ داخلا ڪئي ويندي آهي، ان کي خريد کاتو (Purchase Account) چوندا آهن.
xii. وڪرو- وڪري جو کاتو |
Sale-sale Account |
وڪري مان مراد ان مال سان آهي جو تاجر نقد يا اوڌر تي وڪرو ڪري ڇڏيو هجي ان وڪري ڪيل مال کي جنهن کاتي ۾ داخلا ڪئي ويندي آهي، ان کي وڪرو کاتو چوندا آهن.
xiii. واجبات |
Liabilities |
واجبات مان مراد اها مجموعي رقم آهي، جو تاجر تي واجب هجي. يعني هن کي ادا ڪرڻي هجي يا ڏيڻي هجي. مثلاً: بينڪ جو قرض وغيره.
xiv. اثاثا يا جائداد |
Assets |
اثاثن مان مراد اهڙيون سڀ شيون جيڪي تاجر جي ملڪيت هجن. يعني هن کي ان جي استعمال ۽ وڪڻڻ جو پورو اختيار حاصل هجي. مثلاً رقم، فرنيچر، زمين، جڳهه، مشينري، اڳوٽ ادا ٿيل بيمه وغيره.
xv. وڪروٿيل شين جو ملھ |
Cost of Goods Sold |
وڪرو ٿيل شين جي قيمت مان مراد وڪرو ٿيل شيون جيڪي اصلي قيمت تي وڪاميل هجن. قيمت ٻن شين مان ملندي يا ٺهندي آهي.
وصول ٿيل شين جي قيمت مدي دوران تڏهن وڌي ويندي آهي، جڏهن مال پهريائين پيو هوندو آهي ۽ مخصوص مدي جي پڄاڻي تي جيڪو مال بچندو آهي تنهن جي ڪري گهٽجي ويندو آهي. ان مان اسان کي وڪرو ٿيل شين جي قيمت جي خبر پوندي آهي.
xvi.وڪري تي جملي نفعو |
Gross Profit on Sale |
جڏهن وڪري ٿيل شين جو اگهه جملي وڪري مان ڪٽ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪوبه خرچ ڪاروبار دوران ٿيل نه هجي ته ان جي جملي تفاوت کي نفعو چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته خرچ هميشه ٿيندو رهي ٿو. تنهن ڪري صافي نفعي (Net Income) ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. تنهن ڪري وڪري مان مليل رقم ۽ وڪرو ٿيل شين جي قيمت ۾ جيڪو تفاوت ٿيندو آهي. ان کي اسان وڪري تي جملي نفعو چونداسين ان مان اڃا ٿيندڙ خرچ ڪٽ ڪبا ته اسان کي صافي نفعو ملندو.
xvii . هلندڙ خرچ |
Operating Expenses |
ڪاروبار جي ڪمن ۾ شيون ۽ خدمتون ڪم اچي وينديون آهن. مثلاً ڊاڪٽر جون خدمتون هن جي وهنوار دوران ڪم اچن ٿيون. ڪنهن کي اگر شيون ڏجن ٿيون ته ان لاءِ پنو، سوتلي يا خريداري جون ٿيلهيون. وغيره استعمال ۾ اچن ٿيون. دفتري سامان دفتر جي لکپڙهه لاءِ ڪم اچي ٿو . اهڙي طرح بلڊنگ جي به گاٺ ٿيندي رهي ٿي. وڏن ڪاروبارن ۾ ته گهڻن قسمن جا خرچ ٿين ٿا، پر عام ڪريانه دڪان ۾ جيڪي خرچ ٿين ٿا. تن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو وڃي ٿو. مثلاً وڪري جا خرچ لاءِ Selling Expense يا ٻيا عام خرچ General Expenses وغيره.
وڪري جا خرچ |
Selling Expenses |
اهڙا خرچ جيڪي سڌا ۽ سڄا شين جي وڪري ڪري پيدا ٿين تن کي اسان وڪري جا خرچ چونداسين. انهن ۾ وڪري ڪندڙ عملي جي پگهارن جا خرچ، اسٽور ۾ ڪتب آندل سامان ۽ اشتهار ڇپائي ڪرڻ تي خرچ وغيره شامل ٿين ٿا.
عام خرچ |
General Expenses |
اهڙا خرچ جيڪي ڪاروبار جي عام هلت جي پئدا ٿين تن کي اسان عام خرچ چونداسين. انهن ۾ آفيس جي عملي جون پگهارون Office Salaries ۽ آفيس لاءِ استعمال ٿيل سامان اچي وڃن ٿا.
xvii. ڪاروبار جي هلت مان صافي نفعو |
Net Income from Operation |
وڪري مان جملي نفعي ۽ هلندڙ خرچن جي تفاوت کي به (Income Statement) ۾ صافي بچت طور ڏيکاريو آهي. ان کي ڪاروبار جي هلت مان صافي نفعو چونداسين
xviii. اڪيلي ماڻهو جو ڪاروبار |
Sole Proprietorship |
اڪيلي ماڻهو جي ڪاروبار مان مراد ان ڪاروبار سان آهي، جنهن ۾ هڪ اڪيلو ماڻهو پيسو سيڙائيندو آهي پوءِ هو نفعو ۽ نقصان به خود کڻندو آهي. هن جا اختيار وسيع آهن پر ذميداريون به لامحدود آهن. هن قسم جي ڪاروباري تي ڪابه پابندي نه هوندي آهي. سواءِ ان ڪاروبار جي جيڪو حڪومت ناجائز قرار ڏنو هجي.
مثلاً: نشي آور شين جو ڪاروبار وغيره. اسان جي ملڪ ۾ اڪيلي ماڻهو جو ڪاروبار گهڻي کان گهڻو مقبول آهي.
xix. شراڪتي ڪاروبار |
Partnership |
شراڪتي ڪاروبار مان مراد ان ڪاروبار سان آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ۽ زياده کان زياده ويهه ماڻهو شريڪ ٿي سگھن ٿا. انهن جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿيل هجي، جنهن جي بنياد تي هو ڪاروبار مان حاصل ٿيندڙ نفعي ۾ پنهنجي حصي آهر حقدار هجن. اهڙي ڪاروبار کي يا ته سڀئي گڏجي هلائيندا آهن، يا انهن مان ڪو هڪڙو فرد ٻين جي پاران ڪاروبار هلائيندو آهي.
اگر شراڪتي ڪاروبار بينڪاري آهي ته پوءِ شراڪتي قانون تحت (Partnership Act) شريڪ فردن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻه ۽ وڌ کان وڌ ڏهه 10 هوندو آهي.
هن ڪاروبار جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته ڪنهن شريڪ جو اتفاقاً هليو وڃڻ دماغي خلل، موت يا ڏيواله هجڻ جي صورت ۾ ڪاروبار ازخود ختم ٿيو وڃي. هن ڪاروبار ۾ نون شريڪ ٿيندڙن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. نابالغ کي ڪاروبار ۾ شريڪ ته ڪري ٿو، سگهجي پر اهو ڪاروبار طرفان ڪو معاهدو وغيره نٿو ڪري سگهي.
xx. نجي ڪمپني |
Private Company |
نجي ڪاروبار مان مراد اهڙي ڪاروبار جي آهي. جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه حصيدار (Share Holders) ۽ زياده کان زياده پنجاهه حصيدار هجن. هي ڪاروبار رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيءَ جي جاري ڪيل سند جي بعد وجود ۾ ايندو آهي. ڪمپني جي پنهنجي مهر ٿيندي آهي جنهن مهر تحت مصنوعي انسان(Artificial Person) جي طرز طور ڪم ڪندي آهي. سرمايو مخصوص حصيدار فراهم ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته حصن جي اجراء پيش نامي تحت نه ٿيندي آهي تنهن ڪري حصا منتقل نه ٿا ڪري سگهجن، ليڪن ڪوئي حصيدار وڃڻ چاهي ته وڃي سگهي ٿو. ان جي وڃڻ سان ڪمپني جي زندگي متاثر نه ٿيندي آهي.
xxi. عوامي ڪمپني |
Public company |
عوامي ڪمپني مان مراد اها ڪمپني آهي جنهن جو سرمايو عوام کي پيش نامه (Prospectus) تحت جاري ڪري فراهم ڪيو ويندو آهي. هي ڪاروبار به نجي ڪمپني وانگر رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني جي آفيس مان جاري شده سند جي بعد قائم ڪيو ويندو آهي. هن جا حصا منتقل ڪري سگهجن ٿا. هن ڪاروبار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ست حصيدار ۽ زياده کان زياده بيشمار ٿي سگهن ٿا. هي ڪاروبار پڻ ڪنهن جي موت يا ڏيوالي جي ڪري متاثر نه ٿيندو آهي.
مکيه لفظ ۽ وضاحت
Elaboration of Keywords
کاته نويسي |
Book Keeping |
اهڙو طريقو جنهن ۾ کاتن جي ڪتابن ۾ ڏيتي ليتي ((Transaction کي رقم يا رقم جي قيمت ۾ داخلا ڪيو يا لکيو وڃي |
جمع/ ڏيڻ وارا |
Debit / Debtors |
جمع / ڏيڻ وارن مان مراد انهن فردن جي آهي جن کي مال وڪرو ڪري ڏنل ته هجي، ليڪن انهن اڃا تائين رقم واپس نه ڪئي هجي |
واصل/ وٺڻ وارا |
Credit /Creditors |
واصل / وٺڻ وارن مان مراد انهن فردن سان آهي، جن کان تاجر مال ته خريد ڪيو، پر اڃا تائين ان کي رقم جي ادائيگي نه ڪئي هجي |
هڪ دفعو داخلا ڪرڻ جو نظام |
Single Entry System |
هن داخلا ڪرڻ جي نظام ۾هر سودي کي هڪ دفعو داخلا ڪئي ويندي آهي. |
ٻٽي پاسي واري داخلا جو نظام |
Double Entry System |
هر ڏيتي ليتي (Transaction) جي داخلا ٻٽي پاسن واري طريقي سان لکڻ جي ڪري رڪارڊ برابر ٿيو وڃي. |
ڏيتي ليتي |
Transaction |
ڏيتي ليتي يا سودي مان مطلب تجارت ۾ ٿيندڙ هر ان معاهدي سان آهي. جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ فردن يا ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿئي. |
روزنامچه |
General Journal |
روزنامچه کي ”داخلا ڪرڻ جو پهريون ڪتاب“ به پڻ چيو ويندو آهي جنهن ۾ ڏيتي ليتي جي ٻنهي پهلوئن کي سڀ کان پهريائين داخلا ڪئي ويندي آهي |
بهي کاته |
Ledger Account |
بهي کاتي ۾ ڏيتي ليتي جو حساب عليحده عليحده ۽ با ترتيبي داخل ڪيو ويندو آهي. بهي کاتو روزنامچن جي مدد سان تيار ڪيو ويندو آهي |
سرميل |
Trail Balance |
اسان پهريائين روزنامچه ٺاهينداسين بعد ۾ بهي کاتو تيار ڪنداسين ۽ ان بعد سرميل تيار ڪنداسين. هن فهرست کي تيار ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته اهو معلوم ڪري سگھجي ته داخلا ڪيل شيون درست آهن يا نه، اهو تڏهن برابر معلوم ٿيندو جڏهن ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن ٻنهي طرفن جو جملو برابر هجي. |
بحث جي لاءِ سوال