اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)

ڪتاب جو نالو اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)
ليکڪ الطاف حسين وڌو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-031-9
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (408) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     5019   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون


اڪائونٽنگ/ حساب داري جو تعارف

An Introduction to Accounting

 

اڪائونٽنگ/ حساب داري  جو تعارف

An Introduction to Accounting

حساب داري ۽ کاته نويسيءَ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. لڳ ڀڳ BC. 3600 سڀ کان پراڻي تهذيب بائبلونه ۾ پگھارن کي مٽي جي ٽڪلين تي لکيو ويندو هو اهڙي ريت قديم تهذيبن ۾ به مختلف قسمن جي ڪاروبارن جو رڪارڊ رکيو ويندو هو. وري ڪافي قدر رڪارڊ رکڻ جون ثابتيون اوائلي مصر ۽ يونان جي رهواسين وٽان به ملن ٿيون. يارهين صدي جي شروعات ۾ انگلينڊ جي فاتح بادشاھ وليم جي حڪم تي سلطنت جي مالياتي وسيلن جو باضابطه رڪارڊ رکايو ويو. تنهن وقت به حڪومتي کاته نويسي رکڻ لاءِ اڪائونٽنگ / حساب داري  جو استعمال ڪيو ويندو هو پر بعد ۾ هڪ ننڍي کان ننڍي اداري لاءِ اڪائونٽنگ / حساب داري  کي اٽليءَ جي شهر گينوئا Genoa ۾ 1340ع  ۾ مروج ڪرايو ويو. اهڙو نظام ٻٽي پاسي واري داخـــلا جــو ســرشــتــوDouble Entry System  رائج ٿيو جنهن جو اصل مقصد هر ڏيتي ليتي (Transaction) کي ٻن پاسن واري طريقي سان لکڻ آهي. جنهن جي ڪري رڪارڊ برابر ٿيو وڃي. هن نظام ۾ صرف ڪنهن هڪ جو حق ظاهر نه ڪيو ويندو آهي پر جملي حق ٻنهي پاسن ۾ داخلا ڪري ظاهر ڪيا ويندا آهن. هن اڪائونٽنگ / حساب داري  جي نظام جو بنياد ويٽيڪن Vatican جي واپارين رکيو ۽ اهڙي نظام جي بنيادي وضاحت پهرين دفعو اٽليءَ ۾1494ع  ۾ ڇپائي وئي.

 صنعتي انقلاب

Industrial Revolution

            وچ 18 کان 19 صدي تائين انگلينڊ ۾ صنعتي انقلاب آيو، جنهن جي واڌ ويجھ پڻ اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾اهم ڪردار ادو ڪيو جنهن معاشي ۽ سماجي تبديليون آنديون. ان سرشتي تحت هٿ جي هنر واري طريقي کي فئڪٽري ۽ مارڪيٽ ۾ رکڻ جوڳين شين سان تبديل ڪيو ويو. هڪجھڙي پيداواري شين کي مارڪيٽ ۾آڻڻ ۽ وڪري ڪرڻ لاءِ انهن جي قيمتن جو تعين ڪري پيداواري  لاڳاپيل قيمت جي اڪائونٽنگ / حساب داري  جو بنياد وڌو ويو. جنهن تحت قيمت جي داخلا، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۽ وڌيڪ مهارتن جو استعمال ڪيو ويو.

            صنعتي انقلاب اچڻ کان بعد ۾ جڏهن صنعتن وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ان لاءِ وڏي پيماني تي ناڻو ۽ تمام وڏين فئڪٽرين جي ضرورت محسوس ٿي جيڪا ڪارپوريٽ Corporate  نظام جو بنياد بڻي. اهڙو نظام پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ 1845ع ۾ رائج ٿيو. جنهن پهرين جنگ عظيم کان بعد ۾ آمريڪا طرف رخ ڪيو ۽ ان بعد اها آمريڪا دنيا جي صنعتي قومن ۾ اول ترين وڏي قوم بڻجي اڀري ۽ بعد ۾ جاپان، جرمني، فرانس، چائنا، روس وغيره اهڙي صف ۾ شامل ٿي ويا. ان نظام جي ڄاڻ حصص رکندڙ Shareholders حصا Shares خريد ڪرڻ لاءِ ضروري سمجھندا آهن ته جيئن هو ڄاڻي سگھن ته اهڙي اداري جي هن وقت ڇا ڪاروباري حيثيت آهي ۽ ان جي مستقبل ۾ واڌ ويجھ متوقع آهي يا نه؟ حصا  جيئن جيئن ادارا تمام وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻ لڳن ٿا ته انهن ۾ عام ماڻهن جي دلچسپي وڌندي وڃي ٿي ۽ بالآخر انهن جي معاشي حالتن بابت ڄاڻ رکڻ لاءِ اڪائونٽنٽس جي به وڌيڪ ضرورت محسوس ٿئي ٿي. حصن جي خريدارن ۽ لهڻيدارن ۽ ٽئڪس ”محصول“ متعلق ڄاڻ رکندڙن کي به اداري مطلق ڄاڻ جي وڌيڪ ضرورت محسوس ٿئي ٿي. عام ملازم، يونين ۽ گراهڪن کي به ڄاڻ رکڻ ان لاءِ ضروري سمجھي وڃي ٿي ته هو ڄاڻي سگھن ته ادارو مستحڪم آهي يا نه اهڙي ريت اڪائونٽنگ / حساب داري  جو دائرو وڌندو ويجھندو رهي ٿو.

عوامي اڪائونٽنگ / حساب داري

Public Accounting

جيئن جيئن ڪارپوريشن وڌندي ته ان ڳالھ جي به وڌيڪ ضرورت محسوس ٿيندي ته جيڪي ملازم مالياتي ادارا هلائي رهيا آهن سي پنهنجيون ذميواريون سٺي نموني نڀائي سرانجام ڏئي رهيا آهن يا نه؟ تنهن سماجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ آزاد آڊٽ جو هئڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. اهڙي آڊٽ جون ذميواريون جيڪي ڪنهن نظام جي صحيح هئڻ جي تصديق ڪن پيون سي پڻ اڪائونٽس شعبي جي واڌ ويجھ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

  انڪم ٽيڪس ”آمدني جي محصول“

Income Tax

            آمدنيءَ جي محصول جي قانون لاڳو ٿيڻ جي ڪري عام ماڻهو، وڏين ڪارپوريشن يا شراڪت داري ن کي پنهنجي آمدني ۽ روانگين جو مربوط رڪارڊ رکڻو پوي ٿو. ان لاءِ ته هو پنهنجا صحيح گوشوارا جمع ڪرائي سگھن. هاڻي قانون اهڙي قسم جا ٺاهيا پيا وڃن جو عام جڙتو گھوٻيون پڻ آسان ناهن رهيون ان لاءِ رڪارڊ جو صحيح رکڻ عام طور تي پنهنجي ئي فائدي ۾ رهندو آهي. ان لاءِ ته حڪومت جي متعلقه محڪمن سان يا ڪورٽ ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ بهتر طريقي سان حاصل ڪري سگھجي.

  حڪومتي دٻاءُ

Government’s: Influence

            سالها سال حڪومت مختلف طريقن سان پنهنجو اثر معاشي ۽ سماجي سطحن تي وجھندي رهي ٿي. ان لاءِ حڪومت مختلف قسمن جا قانون ٺاهيندي رهندي آهي. جنهن لاءِ بهتر اڪائونٽنگ / حساب داري  جو نظام هڪ اهڙو ته بنياد فراهم ڪري ٿو جو ان مان ورتل انگن اکرن تي هو منظوم پاليسيون ٺاهي سگھي ٿي. مثلاً عام طور تي خيراتي ادارن کي ڏنل خيرات جي رقم جيڪا انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ لاڳو ٿيندڙ ٽيڪس واري رقم Taxable Income ۾ گھٽتائي جو باعث بڻجي ٿي. جنهن کي معاشي ابتري جي قيمت Inflation Rate  کي گھٽائڻ جو هڪ اهم جز سمجھيو وڃي ٿو.

اڪائونٽنگ جون لا محدود خدمتون

Unlimited Services of Accounting

            سماج جي ڪنهن به شعبي جي ڏنل خدمتن جي رسد ۽ ان متعلق اقتصادي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ اڪائونٽنگ / حساب داري  لا محدود خدمتون سر انجام ڏئي سگھي ٿي. جيڪڏهن مالياتي، ماحولياتي تبديليون اڻٽر هجن ته ان لاءِ اڪائونٽنگ / حساب داري  جي نظرين ۽ عملي لفظن ۾تبديلين تحت اڪائونٽنگ / حساب داري  پنهنجون خدمتون ڏئي سگھي ٿي. ڊگھي مدت لاءِ پهريائين تبديلي جو نه سوچڻ تمام گھڻو جوکي جو باعث بڻجي سگھي ٿو. تنهن هوندي به هيٺيون ٻه شاخون اهڙيون آهن جن تي توجھ ڏيڻ تمام ضروري ٿيو پوي.

 

1.      عالمي اڪائونٽنگ / حساب داري

International Accounting

2.      سماجي معاشي اڪائونٽنگ / حساب داري

Social Economic Accounting

 

1. عالمي اڪائونٽنگ/ حساب داري

International Accounting

            جيئن ته اسان کي ٻاهرئين ملڪن سان وڻج واپار ڪرڻو پوي ٿو. ان لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي اڪائونٽنگ / حساب داري  جا طريقڪار مروج آهن اهي لاڳو ڪيا وڃن جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ قابل قبول هجن.

2. سماجي معاشي اڪائونٽنگ / حساب داري

Social Economic Accounting

            سماجي معاشي اڪائونٽنگ / حساب داري  جو سهارو ڪنهن به سماج تي پيل جملي ادارن جي قائم ٿيڻ سان پيل اثر ۽ انگ اکرن جي ترسيل جو نالو آهي. سماج ۾ ان جو ڪارڻ عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي سان لڳايو وڃي ٿو ۽ حڪومت سماجي تنظيمن جي ڪارڪردگي بابت گهري نظر رکندي آهي. اهڙيون تنظيمون بغير معاوضي جي ڪم ڪنديون آهن. وڏا وڏا ادارا پڻ پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواريون پوري طرح سان نڀائيندا آهن. مثلاً ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڻي يا هوا جي گدلاڻ گھٽائڻ ۽ ماحولياتي قدرتي نظام کي تحفظ ڏيڻ، پيدوار ٿيل شين جي ڪوالٽي وڌائڻ ۽ روزگار جي طور طريقن کي بهتر بنائڻ ۽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ راند روند وغيره شامل آهن.

اڪائونٽنگ حساب داري  جا بنيادي اصول ۽ عمل

Accounting Principles

            اڪائونٽنگ حساب داري  کي بنيادي طور تي ڪاروباري زبان Language of Business ۾ متعارف ڪرايو ويندو آهي. جيئن جيئن معاشري ۾ تيزي سان تبديلي ايندي ٿي وڃي تيئن تيئن ان زبان کي سميٽڻ ۾ وڌيڪ دقتون پيش اچن ٿيون مثلاً ان جي داخلا ڪرڻ، بيان ڪرڻ Reporting ۽ معاشي انگن اکرن جي وضاحت ڪرڻ جيڪا عام ماڻهو، ڪاروبارن، حڪومت ۽ ٻين ادارن لاءِ قابل اعتماد هجي جيئن ان لاءِ تمام گھٽ قومي معاشي ذريعن جو بهترين استعمال ڪري عام ترسيل ڪرڻ لاءِ هڪ مڃيل اعتبار جوڳي انگن اکرن جي ڄاڻ تي بهترين فيصلاوٺي سگھجن. ان لاءِ اڪائونٽنگ / حساب داري  کي هيٺين ريت بيان ڪيو وڃي ٿو ته:-

” اهڙو عمل جيڪو معاشي انگن اکرن کي ڳولھي، سڃاڻي، ماپي ۽ ٻڌائي جنهن جي بنياد تي ان علم کي استعمال ڪندڙ ڪنهن ٻڌايل صحيح نموني تحت استعمال ڪري سگھن. “

            اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏهن هڪ اڪائونٽنٽ کي پنهنجي معاشري جو بهترين ڄاڻونگر به هجڻ گھرجي. موجوده دور ۾ هن شعبي ۾ تمام وسيع ترقي ٿي چڪي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي. هيٺ ڏنل خاڪي مان اڪائونٽنگ / حساب داري  جي نظام کي سمجھي سگھجي ٿو.

 

 

درج ڪرڻ، درجيبندي ڪرڻ ۽ سهيڙڻ     معاشي واقعن کي چونڊڻ (ڏيتيون ليتيون)

 

اڪائونٽنگ حساب داري  جي معلومات جون خصوصيتون

Properties of Accounting Information

            اڪائونٽنگ حساب داري  جي معلومات بنيادي طور تي ڏيتي ليتي جي ناڻي جي انگن اکرن تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن کي رقمن جي لحاظ کان لکيو ويندو آهي. جيترو گھڻو رڪارڊ رکيو ويندو ايترو ئي فيصلن وٺڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي. رڪارڊ ٿيل انگن اکرن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان مان تت وٺجن ٿا ۽ اهڙي طرح سان سٺي ڄاڻ ڏيندڙ رپورٽون ۽ تحقيقون تيار ڪري سگھجن ٿيون. بنيادي طور تي اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾ ڪاروبار جي ڏيتي ليتي واري انگن اکرن کي خام مال جي حيثيت حاصل آهي جنهن جي بنياد تي پيداوار ۽ ان جا مختلف تت، ڇيد ۽ رپورٽون تيار ٿين ٿيون.

اڪائونٽنگ حساب داري  جو اندروني ۽ بيروني استعمال

Internal & External Usage of Accounting

            اداري جي ساک جانچڻ لاءِ اندروني ۽ بيروني سيڙپ ڪارن کي اڪائونٽنگ / حساب داري  جي بروقت درست معلومات فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ سيڙپ ڪاري تي موٽ ۽ نقصان جي انديشي بابت فيصلا پڻ شامل ٿين ٿا.

اندروني استعمال ڪندڙ

Internal Users

            اڪائونٽنگ/ حساب داري  جي معلومات کي اندروني طرح سان ڪو به ادارو استعمال ڪري بهترين نتيجا حاصل ڪري سگھي ٿو. مثلا مختلف شعبن جا مينيجر فنانس، مينجر مينيجمينٽ، مارڪيٽنگ ۽ افرادي وسيلا Human Resources وغيره، اڪائونٽنگ / حساب داري  کي استعمال ڪري اداري جي هاڻوڪي صورتحال ۽ مستقبل ۾ ان جي واڌاري لاءِ بهترين فيصلا ڪري سگھجن ٿا.

ڇا ڪمپني ملازمن جون پگهارون وڌائي سگهي ٿي؟

 

بيروني استعمال ڪندڙ

External Users

      اڪائونٽنگ/ حساب داري  جي معلومات کي بيروني طرح سان ڪو به ادارو استعمال ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪري سگھي ٿو. مثلاً سيڙپڪارن جو ڪنهن به اداري جي لاءِ سوچڻ، سمجھڻ ۽ اداري ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ساڳئي ترتيب سان لهڻيدار پڻ ڪنهن به اداري جي مالياتي مناسبت ڏسي ڪري ان اداري ۾ قرض ڏيڻ جي حامي ڀريندا آهن.

 

فرض ڪريو ته جيڪڏهن ڪو ادارو مالياتي بدحالي جو شڪار آهي ته قرض ڏيندڙ ان اداري جي بحالي جو نه سوچيندا پر اهو سوچي ڪري قرض ڏيندا ته ڇا اهو ادارو قرض واپس ڪرڻ جو اهل به آهي يا نه؟ تنهن ڪري جملي سيڙپڪار ان اداري جي پيداواري ساک ڏسي ڪري سيڙپڪاري ڪندا آهن يا وري قرض ڏيندا آهن. ان بنياد تي اڪائونٽنگ / حساب داري جي مالياتي گوشوارن جي هاڻوڪي صورتحال ۽ مستقبل ۾ اداري جي واڌ ويجھ لاءِ پڻ ٻاهريان سيڙپڪار بهترين فيصلا وٺي سگھن ٿا.

مکيه اڪائونٽنگ / حساب داري جا شعبا

Specialized Accounting Fields

            هن ويهين صدي ۾ جتي ٻين شعبن ۾ تمام گھڻي ترقي ٿي چڪي آهي اتي اڪائونٽنگ / حساب داري  جي شعبي ۾ به تمام وسيع ترقي ٿي چڪي آهي.

مالياتي اڪائونٽنگ / حساب داري

Financial Accounting

            مالياتي اڪائونٽنگ / حساب داري  هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ مالياتي ڏيتي ليتي کي ڪنهن اداري لاءِ رڪارڊ ڪري ان لاءِ وقتائتيون مختلف رپورٽون تيار ڪجن ٿيون. اهڙيون رپورٽون عام مقصد کان وٺي خاص مقصدن لاءِ ڪم آنديون وڃن ٿيون. اهڙي معلومات مالڪ، مينيجر، لهڻيدار، حڪومتي ايجنسيون ۽ عام ماڻهو استعمال ڪري سگھي ٿو. هي اڪائونٽنگ / حساب داري  جي سڀني طئه ٿيل اصولن تي ٻڌل هوندي آهي. ڪارپوريٽ ادارا به هن اڪائونٽنگ / حساب داري   کي پنهنجي ڪتب آڻن ٿا. جنهن جي ڪري هن شعبي ۾ تمام وسيع ترقي ٿي چڪي آهي.

آڊيٽنگ

Auditing

            هن اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾ ادارن جي ڪارڪردگي جو آزادنه جائزو ورتو ويندو آهي. هن ۾اڪائونٽنٽ ان ڳالھ جو جائزو وٺندا آهن ته اداري جي بڻايل رپورٽون صحيح ۽ درست حالت ۾ سهيڙيل آهن ۽ انهن تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو. ان ۾ اداري جي پاران ڪنهن ٻاهرين فرم کان آڊٽ ڪرائي سگھجي ٿي ۽ ادارا پنهنجي اندر به اهڙا نظام ترتيب ڏين ٿا جنهن ۾ اندروني آڊٽ(Internal Audit)  سڏيو وڃي ٿو ۽ ان لاڳيتي حساب داري لاءِ به اسٽاف مقرر ڪيو ويندو آهي.

قيمت جي اڪائونٽنگ / حساب داري

Cost Accounting

            هي حساب داري جو اهڙو نظام آهي جيڪو ڪنهن ڪمپني يا ڪاروبار جي لاڳتن جو تعين ۽ ضابطي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان لاڳتي حساب داري جا طريقا خصوصاً لاڳتن جي ترتيب ۽ انهن جي داخلا لاڳت شماري ۽ انهن لاڳتن جي تجزيي ۽  ضابطي سان تعلق رکندا آهن جيڪي ڪاروباري سرگرمين سان لاڳاپيل هوندا آهن. بنيادي طور تي جيڪو پيداواري عمل تي لاڳت اچي ٿي ۽ شيون ٺاهي تيار ڪيون وڃن ٿيون، ان تي به توجھ ڏنو وڃي ٿو، پر خصوصاً ان جي ورهاست تي جيڪي قيمت لاڳو ٿئي ٿي، ان تي توجھ مرڪوز رکيو وڃي ٿي. ان کان علاوه هن جي مقصدن ۾ اهو به شامل آهي ته ڪهڙي طرح قيمت کي ڪٺي ڪري ۽ پوءِ ان جي انگن اکرن جي تشريح ڪئي وڃي، جيڪا اصل ۽ متوقع هجي جيڪا انتظاميه حاليه هلندڙ پيداواري عمل ۽ مستقبل جي رٿابندي لاءِ استعمال ڪري سگھي.

انتظاميه اڪائونٽنگ / حساب داري

Management Accounting

            هن اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾ تاريخي ۽ ڪٺا ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي روزمره جي هلندڙ عمل ۾ استعمال ڪري ۽ اڳتي جي رٿا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي. هي اداري اندر جيڪي روزمره جا مسئلا مينيجمينٽ کي درپيش اچن ٿا ان جو به مينيجرن کي حل تلاش ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي.

ٽيڪس اڪائونٽنگ / حساب داري

Tax Accounting

            ٽيڪس اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾ ٽيڪس جي وصولي لاءِ طريقيڪار ۽ ان جي نتيجي ۾ اڀرندڙ نتيجا، انهن تحت مختلف لاح عمل تيار ڪرڻ هن ۾ ٽيڪس Tax جي مد ۾ قانون کان واقفڪاري هئڻ لازم آهي، جنهن تحت ملازمتون ڏيندڙ ۽ گراهڪن کي انتظاميه قانون تحت يا ڪورٽ جي فيصلن کان آگاھ رکي ٿي.

اڪائونٽنگ حساب داري  جا نظام

Accounting System

            اڪائونٽنگ حساب داري  نظام هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ مالياتي اکرن کي ڊزائن ۽ طريقن کي لاڳو ڪيو ويندو آهي. ان نظام ۾ اڪائونٽنٽ مختلف نگراني Check and Balance مرتب ڪندا آهن ته جيئن ڪاروبار جي اثاثن جي نگراني ڪئي وڃي. انتظاميه کي اثرائتي ۽ معصر معلومات فراهم ڪري سگھجي.

بجيٽ اڪائونٽنگ / حساب داري

Budgetary Accounting

            هي هڪ مالياتي روانگيءَ لاءِ رٿا بندي آهي، جيڪا ڪنهن خاص مدت لاءِ تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ هلندڙ منصوبنPlans  جو جائزو پهريان کان طئه ٿيل منصوبي سان ڀيٽ ڪيو ويندو آهي. بجيٽ جا مختلف قسم هوندا آهن. جن ۾ سالياني بجيٽ، پنج سالا بجيٽ ۽ زيرو بجيٽنگ جا تصور موجود آهن.

عالمي اڪائونٽنگ / حساب داري

International Accounting

            هي اڪائونٽنگ / حساب داري  گھڻ قوميائي تنظيمن جي عالمي ڪاروبار جي خصوصي مسئلن کي حل ڪري ٿي. هن اڪائونٽنگ / حساب داري  جي حصن کي ڄاڻونگر ڪسٽم، ٽئڪس محصول، قانون جي معلومات رکندا آهن ۽ انهن کي عالمي قانون تي به عبور حاصل هوندو آهي.

غير منافعي بخش اڪائونٽنگ / حساب داري

Non Profit Accounting

            هي اڪائونٽنگ / حساب داري  جنهن ۾ مختلف ڏيتيون ليتيون پيش اينديون آهن، سا حڪومتي ادارن ۽ سماجي تنظيمون جيڪي نفعي بخش نه هونديون آهن تن ۾ استعمال ٿيندي آهي.

اصول ۽ عمل

Principle & Practices

            هر سائنس جي علم وانگر اڪائونٽنگ / حساب داري  ۾ به تجربي ۽ تبديلي لاءِ تحقيق هلندي رهندي آهي. قابل ڄاڻو پنهنجي ڏاهپ جون صلاحيتون ان مقصد لاءِ ڏيندا رهندا آهن ته جيئن انهن جا گراهڪ مختلف مسئلن کي منهن ڏيئي سگھن. ان ڏس ۾ مالياتي اڪائونٽس جا معيار Financial Accounts Standard وقت به وقت جرنل ڪندي رهي ٿي، جنهن ۾ مسلسل اهڙن بڻايل اصولن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. جنهن مان ملازم ۽ اڪائونٽنٽ لاڀ حاصل ڪري سگھن.

            هن ڪتاب جو بنيادي طور تي هي مقصد آهي ته کاته نويسي ۽ اڪائونٽنگ / حساب داري  جي اصولن جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن کي سمجھڻ ۽ ان جو حل تلاش  ڪرڻ وغيره.

ڪاروباري حيثيت جو تصور

Business Entity Concept

            ڪاروباري حيثيت جي تصور جو دارومدار معاشري ۾ اهڙن ڪاروباري ادارن تي منحصر ڪري ٿو جنهن ۾ اڪائونٽنگ / حساب داري  جو اطلاق ٿيندو هجي. اهڙن معاشي ادارن ۾ ڪاروباري ادارا شامل ٿي وڃن ٿا جيڪي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل هجن يا وري حڪومت جا ادارا جيڪي ڳوٺن، تحصيلن، ضلعن ۽ رياستن ۾ قائم ٿيل هجن جن ۾ اسڪول،  غير منافعي بخش سماجي تنظيمون ۽ عام ماڻهن جي گھرن جي ڪاروبار وغيره تي مشتمل هجن. ان ڪاوبار جي معاشي معلومات پهريائين داخل ڪئي وڃي. پوءِ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان بعد ان جو تت ڪڍيو وڃي ۽ پوءِ وقتائتي رپورٽون تيار ڪيون وڃن. اهڙي طرح هر يونٽ تي ان جي مڪمل طور  ضابطو  تي لاڳو ڪري سگھجي ٿي. اهڙو ڪاروبار عموماً اڪيلي مالڪ جو ڪاروبار Sole Proprietorship شراڪت داري  Partnership ۽ ڪمپني Corporate Company، اڪيلي مالڪاڻه حقن Sole Proprietorship تي مشتمل هوندو آهي. جنهن جو مالڪ ڪو به ماڻهو هوندو آهي. شراڪت داري  ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شراڪت دارن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪو ڪنهن معاهدي تحت وجود ۾ ايندي آهي جڏهن ڪارپوريشن حڪومتي قانون تحت هڪ جدا گانه حيثيت سان قائم ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ مالڪاڻه حق شيئر رکندڙن ۾ ورهايل هوندا آهن.

            مختصراً ڪاروبار حيثيت جي تصور کي ائين به سمجھي سگھي ٿو ته ڪاروباري يونٽ پنهنجي آزادانه حيثيت رکي ٿو. جيڪا سيڙپ ڪار جي حيثيت کان الڳ هوندي آهي. ايئن کڻي ڄاڻجي ته ڪاروبار ۾ مالڪاڻه حق لهڻيدارن جا حق ۽ جملي ڪاروباري اثاثه شامل ٿين ٿا. تنهن ڪري نفعو يا نقصان به ڪاروبار جو لکيو ويندو نه ڪي عام ماڻهوءَ جو ڇا ڪاڻ ته ٻنهي جو تصور الڳ آهن. مالڪ صرف ايترو ئي ان ڪاروبار تي تي حق رکي ٿو، جيترو هن ان ۾ سيڙپ ڪئي هجي ۽ پڻ پنهنجون خدمتون ڏنائين باقي لهڻيدار به پنهنجو حق ان ڪاروبار ۾ رکن ٿا.

کاته نويسي ۽ اڪائونٽنگ / حساب داري

Book Keeping and Accounting

            عام طور تي کاته نويسي ۽ اڪائونٽنگ / حساب داري  ٻه جدا جدا موضوع آهن.انهن ۾ تفاوت هيٺين ريت آهي.

کاته نويسي

Book Keeping

            کاته نويسي ۾ ڪاورباري انگن اکرن کي هڪ خاص طريقي سان رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو جيڪو تمام ننڍي پيماني تي مشتمل هوندو آهي ۽ اهڙا سڀ رڪارڊ هڪ کاته نويس )بوڪ ڪيپر( رکي سگھي ٿو. اهڙو رڪارڊ ڪلاريڪل هوندو آهي. جيڪو عموماً ڪنهن ڪلڪيوليٽر/ڪمپيوٽر وغيره سان رکي سگھجي ٿو.

اڪائونٽنگ حساب داري

Accounting

            اڪائونٽنگ حساب داري  بنيادي طور تي رڪارڊ جو نظام ترتيب ڏئي رڪارڊ ٿيل انگن اکرن جي بنياد تي رپورٽ تيار ڪرڻ ۽ انهن رپورٽس جي تشريح ڪرڻ، اڪائونٽنٽ اڪثر ڪري بوڪ ڪيپر جي رڪارڊ جو پڻ جائزو وٺندا آهن، تنهن ڪري جيتري وڏي تنظيم يا ادارو هوندو اوترو ئي اختياري ۽ ذميواري سان اڪائونٽنٽ پنهنجا فرض نڀائيندا. تنهن ڪري اڪائونٽنٽ کي مٿاهين ڄاڻ خيالات جي گھرائي ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي اهليت هجڻ گھرجي.

ڪاروباري ڏيتي ليتي

Business Transactions

            ڪاروباري ڏيتي ليتي اهڙي واقعي يا حالت جي هئڻ کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي داخلا ڪيو وڃي مثلاً ٽيليفون جو ماهوار بل Rs. 600، خريداري Rs.57500، زمين يا بلڊنگ جي خريداري اهڙين مختلف ڏيتين ليتين کي ڪاروباري ڏيتي ليتي چئجي.

قيمتن جا اصول

Cost Principles

            جائدادون يا خدمتون جيڪي هڪ ڪاروبار خريد ڪري ٿو تن کي قيمتن جي اصولن  Cost Principals تحت داخلا ڪئي ويندي آهي. جنهن جو مقصد آهي پئسي جو رڪارڊ قيمتن جي قدر هيٺ لکڻ مثلاً هڪ بلڊنگ Rs. 150000 جي قيمت ۾ خريد ڪئي ويئي اهو قيمت خريدار جي رڪارڊ ۾ اڪائونٽنگ / حساب داري  جي  اصول تحت داخلا ڪئي ويندي. جيڪو وڪرو ڪندڙ Rs. 170000 تي وڪرو ڪرڻ پئي چاهي ۽ خريدار Rs. 130000 کان مٿي ڏيڻ نه پئي چاهيو جڏهن ته پراپرٽي جي قيمت Rs. 125000 ڪاٿو ڪئي ويئي هئي. جڏهن ته پراپرٽي ٽيڪس ۽ ويمي سان ان جي قــيمت Rs. 130000 هئي. هڪ ڏينهن بعد خريد ٿيل بلڊنگ جي قيمت لاءِ وڌيڪ Rs. 175000 جي لاءِ آفر وصول ٿي چڪي، پر انهن ٻنهي قيمتن جو رڪارڊ تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ اها ئي قيمت لکي ويندي جنهن تي سودو طئي ٿو ۽ خريداري مڪمل ٿي چڪي، جيڪڏهن جائداد جون قيمتون وڌنديون گھٽنديون رهن ۽ انهن کي صرف خيالن ۽ مفروضن تي ۽ آڇن جي بنياد تي رڪارڊ ڪيو هجي ته پوءِ اڪائونٽنگ / حساب داري بي معنيٰ ۽ غير تسلي بخش ٿي پوندي ۽ ان جو ڪو به فائدو حاصل ٿي نه سگھندو.

 

بحث لاءِ سوال

  1. اهڙن عام فردن ۽ ادارن جا نالا ٻڌايو جيڪي اڪائونٽنگ / حساب داري جي معلومات استعمال ڪن ٿا؟
  2. اڪائونٽنگ حساب داري جي تصور ۽ ان جي بنيادي لفظن جو استعمال عام ونهوار ۾  ڪيتري قدر ڪار آمد ٿي سگھي ٿو؟
  3. پبلڪ اڪائونٽنگ / حساب داري ۽ عام اڪائونٽنگ ۾ فرق بيان ڪريو؟
  4. ڪجھ خاص اڪائونٽنگ جي شعبن جي تفصيل بيان ڪريو؟
  5. کاته نويسي ۽ اڪائونٽنگ / حساب داري ۾ فرق بيان ڪريو؟
  6. ڪاروباري حيثيت جو جدا گانه تصور ۽ قيمت جا اصول بيان ڪريو؟

مکيه لفظ ۽ وضاحت

Elaboration of Keywords

 

 

بائبلونه

Biblona

عراق جو هڪ قديم تاريخي شهر بابل.

ويٽيڪن

Vatican

اٽليءَ جو قديم شهر ۽ الڳ ننڍي رياست

صنعتي انقلاب

Industrial revolution

وچ 18 صدي کان 19 تائين انگلينڊ ۾ صنعتي انقلاب آيو.جنهن معاشي ۽ سماجي تبديليون آنديون. ان سرشتي تحت هٿ جي هنر واري طريقي کي فئڪٽري ۽ مارڪيٽ ۾ رکڻ جوڳين شين سان تبديل ڪيو ويو.

ڪاروباري حيثيت جو جداگانه تصور

Business Entity  Concept

ڪاروبار حيثيت جي تصور کي ائين به سمجھي سگھي ٿو ته ڪاروباري يونٽ پنهنجي آزادانه حيثيت رکي ٿو. جيڪا سيڙپ ڪار جي حيثيت کان جداگانه هوندي آهي

ڪاروباري ڏيتي ليتي

Business Transaction

ڪاروباري ڏيتي ليتي اهڙي واقعي يا حالت جي هئڻ کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي داخلا ڪئي وڃي

کاته نويسي

Bookkeeping

کاته نويسي ۾ ڪاوربار انگن اکرن کي هڪ خاص طريقي سان رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو جيڪو رڪارڊ تمام ننڍي پيماني تي مشتمل هوندو آهي ۽ اهڙو سڀ رڪارڊ هڪ بوڪ ڪيپر رکي سگھي ٿو.

اڪائونٽنگ حساب داري

Accounting

اڪائونٽنگ حساب داري  بنيادي طور تي رڪارڊ جو نظام ترتيب ڏئي رڪارڊ ٿيل انگن اکرن جي بنياد تي تيار ڪرڻ ۽ انهن رپورٽس جي تشريح ڪرڻ