اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)

ڪتاب جو نالو اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)
ليکڪ الطاف حسين وڌو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-031-9
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (409) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     5023   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مختلف علمن سان لاڳاپيل مضمونن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ آڻي، ان کي هر شعبي  ۾ شاهوڪار ڪرڻ جي مقصد  سان خالص سائنس، سوشل سائنس توڙي ٻين ڪيترن ئي حوالن سان ڪتاب ڇپجندا رهيا آهن. ان مان ٻه ڪارج سَر ٿيندا آهن، هڪ ته سنڌي ٻوليءَ ۾انهن علمن سان لاڳاپيل  اصطلاحن (Terminology) جا متبادل ڏيڻ ۽ ٻيو ته پڙهندڙن کي ڪنهن خاص مضمون کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهو مهيا ڪري ڏيڻ. پهريون ڪارج  سر ڪرڻ جي ڏس  ۾  ماهرن  کي ڪن ڏکيائين  کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته ڇا هر اصطلاح  لاءِ نئون لفظ گهڙجي، ڇا نئين لفظ  سان اصل انگريزي لفظ به ڏجي يا سماج  ۾ مروج ٿي ويل اصطلاحن ۽ لفظن کي جيئن جو تيئن قبول ڪجي؟ مثال طور صوفو (Sofa)، ڪوچ (couch)، بس (Bus)  يا لاري (Lory)، ڪلارڪ (Clerck)، ماستر (Master)، مشين (Machine) سنڌي لفظ بنجي چڪا آهن. جڏهن ته ڪمپيوٽر (Computer)، بجيٽ (Account)، چيڪ (Cheque)، بئنڪ (Bank)، اڪائونٽ (Account) وغيره عام مروج  آهن ۽ هر ڪو سمجهي ٿو، انهن جا متبادل گهڙجن يا نه؟ اردوءَ ۾ انهن مان ڪن کي قبول ڪن ٿا ته ڪن جا ڏکيا ڏکيا عربي متبادل کنيا اٿن. اسان جي ٻوليءَ مان هڪڙا ڌاريا لفظ ڪڍي ٻيا ڏکيا وجهڻ  سان ڪهڙو فرق پوندو، ٻولي ڪيتري شاهوڪار ٿيندي؟

انهن سمورين ڳالهين ۽ مسئلن جي هوندي به هن ڪتاب ۽ اهڙن ٻين ڪتابن ۾ اڳ مروج يا نون گهڙيل سنڌي ۽ انگريزي  اصطلاحن کي گڏي ڏنو وڃي  ٿو ته جيئن عام پڙهندڙن، استادن ۽ شاگردن کي پنهنجي مضمون سمجهڻ ۾ سولائي به ٿئي ته اهو موقعو به ڏجي ته هو نئون لفظ ڄاڻي سگهي ۽ ان جي استعمال جي به ڪوشش ڪري.

هي ڪتاب حسابداريءَ يا اڪائونٽنگ جي مضمون جي هڪ ماهر محترم الطاف حسين وڌي جو تيار  ڪيل آهي، جيڪو گهڻن ئي ماهرن جي هٿن مان نڪري اوهان تائين پهتو آهي.  ٻوليءَ جي سوڌ سنوار به ڪئي وئي آهي، اميد ته پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

 

3 مارچ، 2015ع                                                                    ڊاڪٽر فهميده حسين

حيدرآباد، سنڌ                                                                                  چيئرپرسن