ڪتاب جو نالو | اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري) |
---|---|
ليکڪ | الطاف حسين وڌو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-031-9 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (442) PDF E-Pub |
انگ اکر | 11 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 10839 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان حيدرآباد موٽندي، جڏهن MBA جي آخري پرچي جي اڃا ٿڪاوٽ نه لٿي هئي ته محمد طارق قريشي ۽ مون گلستان سجاد کان سوچڻ شروع ڪيو ته اسان جي قوم جا اسان تي اڻ ڳڻيا احسان آهن، جو مادرِ علمين مان پڙهي فارغ ٿي وياسين، سوچيوسين ته ان قوم کي اسان پنهنجي پڙهائيءَ مان ڪهڙو لاڀ ڏنو؟ سو ان فيصلي تي پهتاسين ته ڪنهن به صورت ۾ قوم کي ڪجهه نه ڪجھ ڏيون. طئه ٿيو ته اڪائونٽنگ يا حسابداري هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو اسان جي قوم لاءِ تمام لاڀائتو ٿي سگھي ٿو. ڇو ته اڄ جون ترقي يافته قومون دنيا جا بهترين مئنيجر پيدا ڪري ٻين قومن تي ڇانئجي ويون آهن، ان ڏس ۾ هڪ ادنيٰ قدم کڻجي. اسان ٻنهي دوستن طئه ڪيو ته اڪائونٽنگ جهڙي مضمون کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ روشناس ڪرائجي.
محمد طارق قريشيءَ مون کي بنيادي ڪتاب فراهم ڪيا ۽ ان ڏس ۾ پهريون قدم کڻڻدي ”بوڪ ڪيپنگ“ يعني کاتي نويسي تي لکڻ شروع ڪيو. جڏهن هن موضوع تي لکڻ شروع ڪيم ته لفظن جي اڻاٺ محسوس ٿي. جاکوڙ تي پتو پيو ته اسان جي سنڌ سٻاجھيءَ ۾ اهو علم ڪنهن حد تائين پنهنجي زبان ۾ مروج آهي ۽ اهو عام واپاري پنهنجي وهنوار ۾ ڪتب به آڻي ٿو، پر اهي لفظ ڪنهن ڪتاب ۾ يا سنڌي لغت ۾ به ڪافي مونجھارن سان ڏنل آهن. تنهن ڪري مون پنهنجن پراڻن استادن مرحوم مامي استاد غلام مصطفيٰ، استاد ڌڻي بخش ۽ استاد علي مراد کان ڪافي معلومات ورتي. مرحوم استاد علي مراد ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ اسان جي علائقي ۾ ٽي اسڪول قائم ٿيل هئا، جن ۾ پرائمري مين اسڪول شهدادڪوٽ، پرائمري اسڪول چاڪياڻي ۽ پرائمري اسڪول سنجر ڀٽي شامل آهن، جتي استادن وٽ هڪ ڪاٺ جي پيتي موجود هوندي هئي، سا وڃي کوليان جيڪڏهن ان ۾ ”ڏيهي ڪتاب“ جي نالي سان ڪو ڪتاب ملي ته ان مان معاونت ملندي. مان مذڪوره اسڪولن ۾ ويس، جتان پتو پيو ته آخر ۾ سنجر ڀٽي اسڪول ۾ ڳولا ڪرڻي پوندي. آءٌ پنهنجي ننڍپڻ جي ساٿي ۽ سوٽ امداد حسين، جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو پڻ رهيو آهي، جي مدد سان ان وقت جي هيڊ ماستر هزار خان ڀٽيءَ سان مليس، جنهن محترم اسان جي معاونت ڪئي ۽ ڪتاب منهنجي حوالي ڪيائين. ان ڪتاب مان مون کي اڪائونٽنگ (حسابداري) جي حوالي سان ڪافي فني لفظ مليا، جيڪي هونئن ملڻ مشڪل هئا. منهنجن دوستن اخترحسين خواجه ۽ محمد طارق قريشي، جيڪي هينئر اعليٰ عهدن تي فائز آهن، مون سان هر موڙ تي همت ڏيارڻ لاءِ شاملِ حال رهيا. تنهن بعد ذاتي زندگيءَ جي مصروفتين منهنجو لکيل ڪم ڪنهن ويرانين ۾ اُڇلي ڇڏيو ۽ آخرڪار انجنيئر خليل احمد پهريون لکڻيون فيئر ڪرايون، تنهن بعد به مواد نه ڇپائڻ جي ڪري گھڻي وقت کان منهنجو ڪم صرف فائلن تائين محدود رهيو.
نيٺ منهنجي بيحد پياري ڀاءُ جاويد حسين منهنجو ڪم ڏسي، مون کي همت ڏياري ۽ سمورو مواد سليم سومري صاحب کي ڏياري موڪليائين. ان صاحب مڙسي ڪري لکڻين کي ڪجھ سهيڙيو، پر سندس ذاتي مصروفتين جي ڪري ۽ منهنجي ڏورانهين هنڌ تي نوڪري هئڻ سبب وري به ڪم ۾ ايتري جان پئجي نه سگھي. نيٺ محمد خان سومري سان جاويد حسين معرفت ملاقات ٿي ۽ هو پنهنجون بي لوث خدمتون ڏيندي مون سان گڏ بيحد محنت ڪري هن مواد کي سهيڙڻ ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ توڙ نڀايائين. محمد خان سومرو هڪ نهايت محنتي ۽ جفا ڪش ماڻهو آهي. هن نه صرف هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، پر هو هر قدم تي منهنجو ساٿي رهيو ۽ ڪافي قيمتي مشورا پڻ ڏيندو رهيو. اميد اٿم ته هو به زندگي ۾ پنهنجيءَ محنت کي وڌيڪ ڪارگر بڻائي هڪ سٺو درجو ماڻيندو.
آءٌ انهن سڀني دوستن جو بيحد مشڪور آهيان جن منهنجو ساٿ ڏنو، چاهي انهن جو نالو هتي ڄاڻايل آهي يا نه، پر سندن خدمتون ضرور ياد رهنديون، ان کانسواءِ انهن ٻين دوستن ۽ استادن جو، جن ۾ اڪائونٽنگ ۾ منهنجو استاد پروفيسر محمد اعجاز صاحب، ڀاڻيجي سائره، عبدالرحيم ميمڻ ، زاهد ميمڻ، خان محمد مهر، محمد وقاص ۽ جن مون کي هن ڪم ۾ همٿايو ۽ سهڪار ڪيو تن سڀني جو مان نهايت ٿورائتو آهيان.
هن ڪتاب جو ذڪر اختر حسين خواجه ۽ بدر عباسي صاحب جن سان ڪيم، جيڪي هن وقت اردو سائنس بورڊ ۾ اھم ذميواريون سنڀالي رهيا آهن، تن منهنجي ڪم کي مانُ ڏيندي، تاج جويي (سيڪريٽري سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ) سان تذڪرو ڪيو. جڏهن پهريون دفعو تاج جويي صاحب سان منهنجي ۽ اختر حسين خواجه جي ملاقات ٿي ته سندس بيحد شفيقاڻي رويي مون کي متاثر ڪيو ۽ هن اهو مواد خالد آزاد (پبليڪيشن آفيسر) کي ڏيکاريو ۽ بعد ۾ محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين (چيئرپرسن سنڌي ٻولي اٿارٽي) منهنجي ڪم جو قدر ڪندي، ان جي ڇپائيءَ جي لاءِ مواد موڪلڻ جو چيو. پهرين ملاقات دوران جڏهن ڊاڪٽر پروفيسر فهميده حسين صاحبه خواهش ظاهر ڪئي ته هن ڪتاب جي اڪائونٽنگ (حسابداري) جي اصطلاحن ۽ فني شين کي سنڌيءَ ۾ لکجي ۽ ترتيب يعني ساڄي کان کاٻي واري رکجي. محترمه جو خيال تمام اهميت جوڳو هو، پر فني طور ممڪن نه هو جو اڪائونٽنگ (حسابداري) هڪ معيار هيٺ عالمي سطح تي خاص ڪري برٽش ۽ آمريڪا وغيره ۾ جيئن مروج آهي، تيئن ئي رکڻو پوندو. پر جيڪڏهن فني طور سنڌ ۾ موجود اڪائونٽنگ جا ڄاڻو يا پروفيسر متفق ٿي ڪري ڪنهن خاص نظام جو بنياد وجھن، جيڪو وقت جي حڪومت به منظور ڪري ته پوءِ ان کي سرڪاري ادارن ۾ رائج ڪري سگھجي ٿو. بهرحال ڊاڪٽر فهميده صاحبه جي راءِ غور طلب آهي ۽ ان تي تحقيق ٿيڻ کپي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ماڻهو پنهنجي خطي ۾ صحيح ڪاروباري فيصلن لاءِ اڪائونٽنگ (حسابداري) کي پنهنجيءَ زبان ۽ ان جي ترتيب ۾ به استعمال ڪري سگھن. منهنجو تعاون اهڙن ادارن سان مرڻ گھڙيءَ تائين ڀرپور رهندو، جيڪي علمي ادبي کيتر ۾ ڏاھپ جي ورڇ ڪرڻ ۾ پاڻ پتوڙين ٿا.
هن ڪتاب مان سنڌي شاگرد، جيڪي ڪاروباري دنيا ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪن پيا، يا اسان جا استاد، جاکوڙيندڙ ۽ هر عام ۽ خاص سرڪاري ملازم يا ڪاروباري شخص خوب فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا.
جيئن ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڊگري سطح جي پڙهائيءَ جو نصابي ڪتاب موجود نه آهي، ان ڪري استاد ۽ شاگرد هن ڪتاب کي حوالي طور استعمال ڪري سگھن ٿا. هي ڪتاب اڪائونٽنگ (حسابداري) جي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ وک آهي ۽ ان ۾ گھڻو ڪجھ وڌائي سگھجي ٿو، تنهن ڪري هن ڪاوش کي بنيادي ڪاوش طور ڏٺو وڃي، ڇوجو هن ڏس ۾ اڃا ڪافي محنت جي ضرورت آهي، بلڪ ايئن کڻي چئجي ته هيءَ هڪ شروعات آهي، جڏهن ته اڪائونٽنگ (حسابداري) جو مضمون تمام وسيع آهي، ان ڪري محنت جو عمل جاري رهڻ گھرجي.
اڄ جي دنيا جي ترقيءَ جو راز انهن ملڪن وٽ آهي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهن ۽ لکن ٿا، ڇاڪاڻ ته شعوري طور انسان خواب، سوچ، سمجھ ۽ اظهار جهڙا عمل پنهنجي مادري زبان ۾ آسانيءَ سان سمجھي، سکي ۽ عملي طور اختيار ڪري سگھي ٿو. انگريزي ۽ چيني وغيره زبانون ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته پهريان انهن ٻولين کي علم ۾ آندو وڃي ۽ پوءِ ان ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي وئي. تنهن ڪري ڪا به زبان ڄمندي ڄام نه هوندي آهي، پر ان ۾ ڪاوشون ۽ ڪوششون ڪري ان جي بقاءَ لاءِ سوچيو ويندو آهي، پر افسوس جو اسان جي تعليمي ڪاميابي صرف صحيح انگريزي ڳالهائڻ ۽ لکڻ کي سمجھيو وڃي ٿو. جيڪا پڻ اسان جي زبان وانگر هڪ زبان آهي. انگريزي سکڻ ۾ عيب ڪونهي، انگريزي سکجي، ان سان اسان پنهنجي شعوري سگھ وڌائي سگھون ٿا ۽ انگريزيءَ ذريعي مليل ڄاڻ کي اسان سنڌيءَ ۾ آسانيءَ سان اٿلائي سگھون ٿا.
دنيا جي ترقي ۽ تنزلي جي تاريخ جا ڄاڻايل سبب ٻڌائين ٿا ته جيڪي ملڪ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندي، ماڻهن جي بهتريءَ جا فيصلا ڪري اڳتي وڌن ٿا، اهي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري ترقيون ڪن ٿا. جڏهن اهو جذبو گهٽجي وڃي ٿو ته سندن اها حيثيت نه ٿي رهي. برطانيه لاءِ مشهور هوندو هو ته سج سندن سلطنت ۾ اُڀري ۽ لهي ٿو. اهي انڊيا ۾ پڻ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نالي سان ڪاروبار ڪرڻ آيا هئا ۽ هن پوري خطي تي قابض ٿي ويا. اڄ اها سلطنت هڪ سپر پاور ته آهي، پر هڪ ننڍو ملڪ آهي. جڏهن ته اڄ چين دنيا ۾ اڀري آيو آهي. اڳي قومن تي فوجي حساب سان قبضو ڪيو ويندو هو. اڄ جي دور ۾ معاشيات ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حساب سان سلطنتون اڻ سڌيءَ طور تي قبضي ۾ آنديون وڃن ٿيون. هن وقت چين جا ماڻهو دنيا جي هر سٺي شيءِ واپرائڻ ۽ اپنائڻ چاهن ٿا ۽ دنيا سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي هلن ٿا، پر هنن وٽ بنيادي طور پنهنجي زبان سکڻ اهم عمل آهي. اهڙيءَ طرح سان دنيا ۾ ڪٿي به وينداسون اسان کي ان ملڪ جي زبان ۾ پڙهايو ويندو، نه ڪي ڪنهن اوپري زبان ۾. ان ڪري اسان کي به گھرجي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميڊيڪل (طب)، انجنيئرنگ، ڪاروبار، معاشيات ۽ سماجي علمن بابت گھڻي کان گھڻو مواد آڻيون ته جيئن عام ماڻهو به انهن علمن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھي ۽ ان جو ڄاڻو ٿي پنهنجي خطي جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي.
سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ جنت جهڙو هڪ ٽڪرو آهي، اسان کي افرادي وسيلن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙن ادارن جي پڻ ضرورت آهي، جيڪي اسان جي قدرتي وسيلن کي ڪارگر بنائي خطي ۾ اسان لاءِ افرادي وسيلا پيدا ڪري اسان کي خوشحاليءَ ڏانهن وٺي وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪائونٽنگ (حسابداري) جو علم بهترين صلاحيت ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ گھڻي کان گھڻا تربيت يافته ماڻهو، ايم ڪام، ايم بي اي، اي سي ايم اي ۽ سي اي وغيره جي تعليم ڏانهن رجحان رکن. هن قسم جي علمن سکڻ سان هو باعمل ۽ باصلاحيت فرد بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.
آخر ۾ آءٌ بيحد ٿورائتو آهيان پنهنجي استاد رٽائرڊ پروفيسر محترم فيروزالدين-اي-ڪريم قاضي، اڳوڻي ڊائريڪٽر آءِ بي ايس، چيئرمين ڪامرس ڊپارٽمينٽ ۽ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو، جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي معاونت ڪئي. انهن سڄڻن جي صلاح سان منهنجي هيءَ ڪاوش استاد اڪبر علي ڪيريي ايسوسئيٽ پروفيسر آف ڪامرس، گورنمينٽ سچل پوسٽ گرئيجوئيٽ ڪامرس ڪاليج هيرآباد، حيدرآباد وٽ پهتي، جنهن صاحب هن ڪتاب جو فني جائزو ورتو ۽ پنهنجي قيمتي راءِ کان نوازيو. سڀني سڄاڻ دوستن کي گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪي غلطيون وغيره محسوس ڪن ته پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاھ ڪن، ته جيئن اصلاح به ٿيندي رهي ۽ اڳتي لاءِ انهن غلطين کي سڌاري سگھجي، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان ۾ اهڙن فني ڪتابن جي تمام گهڻي کوٽ آهي ۽ هي منهنجي پهرين ڪاوش آهي، جيڪا توهان جي سامهون رکي اٿم.
آءٌ انهن سڀني ليکڪن جو ٿورائتو آهيان، جن جي لکڻين مان مون گھڻو لاڀ حاصل ڪيو ۽ گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ تمام گھڻو مواد سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري انگن، اکرن يا ڪنهن به قسم جي غلطيءَ کان آگاھ ڪندا ته جيئن مستقبل ۾ اهڙين غلطين جو ازالو ڪري سگھجي.
آءٌ پنهنجي اداري جي انهن آفيسرن جو دل جي گهرائين سان مشڪور آهيان، جن مون کي همٿايو ۽ هن ڪم کي عوام اڳيان آڻڻ ۾ معاونت ڪئي. مان بيحد مشڪور آهيان پنهنجي والدين جو، جن پنهنجي زندگيءَ جي املهه حصي جون خوشيون ۽ وسيلا ڏئي مون کي هن منزل تائين پهچايو ۽ مون کي ان قابل بڻايو، جو هن ڪتاب لکڻ جي سعادت حاصل ٿي. آءٌ بيحد ٿورائتو آهيان پنهنجي هر ان محسن جو جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ مون کي ٿورو ڪي گھڻو ڏنو، انهن ۾ منهنجن مرحوم چاچن محمد اسحاق ۽ پروفيسر محمد ابراهيم ۽ منهنجن ڀائرن ڊاڪٽر غلام حسين، شفقت حسين، جاويد حسين ۽ محسن خاص مرحوم الله وسايو ڀٽي، اڳوڻو چيف انجنيئر ايريگيشن سنڌ، جن زندگيءَ ۾ مون کي تمام گھڻو سهارو ڏنو، تن لاءِ دعاگو آهيان، بيشڪ ڀٽي صاحب جي شفيق رويي ۽ محبت منهنجي بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ وارو بڻايو. آءٌ ٻين ڀائرن جن ۾ ڊاڪٽر عبدالوهاب، ڊاڪٽر عبدالستار ۽ عنايت حسين ۽ دوستن جو به مشڪور آهيان. الله سائين منهنجي والدين ۽ مرحوم استادن جا درجا بلند فرمائي، جن منهنجي بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ خيز بڻايو. دعاگو آهيان ته مرحومين کي رب پاڪ جنت نصيب فرمائي (آمين) ۽ باقي سڀني جا درجات به بلند فرمائي.
مان بيحد ٿورائتو آهيان، پنهنجي شريڪ حيات جو ۽ جملي ٻارن جو، جن منهنجي هن ڪم دوران هر وقت ساٿ ڏنو.
الطاف حسين وڌو