اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)

ڪتاب جو نالو اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)
ليکڪ الطاف حسين وڌو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-031-9
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (443) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     10841   ڀيرا پڙهيو ويو

پيش لفظ


سائين الطاف حسين وڌي صاحب سان منهنجي ملاقات 1989ع ۾ MBA  ۾ داخلا دوران سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز هاڻوڪي آءِ بي اي  ۾ ٿي. شروعاتي ڪلاس جي ڏينهن ۾ ئي ڪلاس جي ٻين سڀني ساٿين سان واسطا ۽ تعلقات هئا، پر الطاف حسين سان دوستي ۽ تعلقات ائين ٿي ويا ڄڻ اسان گھڻي عرصي کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئاسون.

اسان جي هن پوري ڪلاس ۾ الطاف ۽ مان شروعاتي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندا هئاسين. الطاف حسين تمام گھڻو محنتي، باقاعدي ڪلاس ۾ ايندو هو ۽ شام جو پنهنجا نوٽس پڻ ٺاهيندو هو. مان جيئن ته بئنڪ ۾ نوڪري ڪندو هئس ۽ تمام گھڻين مصروفيتن جي ڪري الطاف جيتري محنت ته نه ڪري سگهيس، پر مون الطاف جا نوٽس ۽ محنت استعمال ڪئي ۽ نتيجي ۾ الطاف جي پوري ڪلاس ۾ ٽين پوزيشن آئي ۽ مان به بهترين رزلٽ سان پاس ٿيس.

الطاف سان دوستي، محبت ۽ پيار جو سلسلو جيڪو شاگرديءَ جي زماني کان هلندو آيو، اڄ ڏينهن تائين ائين ئي قائم آهي، پر هاڻي اسان جا جوان ٻار به هڪ ٻئي جا دوست آهن. الطاف حسين جي ڪٽنب جو تعلق چاڪياڻي ڳوٺ سان آهي، سندس والد صاحب مسٽر احمد خان وڏو نالي وارو آفيسر، گورنمينٽ آف سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو، جيڪو پڻ ڪتابن جو تخليق ڪار هو، هن جو هڪ ڪتاب ’سلسله نور‘ ڇپجي چڪو آهي ۽ پڻ ڪجھ لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن. سندس ٻيو ڀاءُ مسٽر شفقت حسين وڌو به سنڌ گورنمينٽ ۾ سپريٽنڊنٽ انجنيئر ايريگيشن آهي، جيڪو پڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليق ڪار آهي، جنهن جو سنڌي ادب ۾ هڪڙو معتبر نالو سمجھيو وڃي ٿو. هو ليکڪ کان علاوه مشهور چترڪار به آهي، هن جا ڪجھ مشهور ڪتاب هي آهن: ’آبشار‘، ’ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي‘؟، ’ ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ‘، خليل جبران جي شاعريءَ جو ترجمو، ’ڳولها‘ (ناول) شيخ اياز جي شاعري جو انگريزيءَ ۾ ترجمو، ناول ۽ تازو سندس تصويرن جو ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه هنن جو ننڍو ڀاءُ جاويد حسين پڻ نصابي ڪتابن، گرهن جي کوجنا ۽ سائنسي تحقيق جو سنڌي ليکڪ آهي. ثابت ٿيو ته هنن جي خاندان ۾ ادب دوست ۽ تخليق ڪار رهيا آهن.

اسان جڏهن پنهنجي MBA  مڪمل ڪئي سون، تڏهن کان وٺي الطاف وقت بوقت دوستن سان اظهار ڪندو رهيو ته هو اڪائونٽنگ (حسابداري)  ۽ مئنجمينٽ بابت لکڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري جو ان موضوع تي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪو به ڪتاب لکجي نه سگھيو آهي.

 مون کي ياد آهي گذريل ڪافي عرصي کان وٺي الطاف هن ڪتاب تي ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ وقفي وقفي سان مون وٽ مختلف باب کڻي ايندو رهيو ۽ مون سان انهن جي باري ۾ تفصيل سان مشورا ڪندو رهيو. مان ڪڏهن ڪڏهن ان جو اهو ڪم ڏسي ۽ ٻڌي ٿڪجي پوندو هئس، پر مون محسوس ڪيو ته الطاف جو لگن/ اُتساھ ڪڏهن به نه گھٽيو ۽ وقت سان گڏوگڏ اهو اُتساھ وڌندو ئي رهيو ۽ بالآخر هن ڪم ڪري ڏيکاريو.

هن دنيا تي جڏهن کان وٺي ماڻهن سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو ته رب تعاليٰ انسان کي
بي تحاشا علم پنهنجي خزانن مان عطا ڪيو، جيڪو مختلف الهامي ڪتابن جي صورت ۾ نبين تي نازل ٿيو ۽ الله جي ولين کي ان علم جي موروثيت ملي، سو هڪ عالم جو درجو الله جي اڳيان تمام نزديڪيءَ وارو آهي. ان لاءِ ته الله پاڪ لکڻ وارن جو قسم کڻي سندن مان وڌايو آهي ۽ نبي پڻ الله جا ڪامل پيغمبر استاد جي صورت ۾ ماڻهن کي علم جو فيض ڏيندا رهيا. عرصي کان ايئن علم ۽ ادب جي کيتر ۾ جاکوڙيندڙ ڏاها علم جي لاءِ جهنگ جھر، مڪتبن ۽ ڪتب خانن ۾ تحقيقون ڪندا رهيا ۽ علم هڪ سيني مان ٻئي سيني ۾ منتقل ڪندا رهيا. صدين کان تهذيبون ايئن ترقي ڪنديون  رهيون  آهن ۽ جن قومن علم ادب جي واڳ نه ورتي، اُهي قومون انتشار ۽ بدنظميءَ جو سبب بڻيون ۽ بالآخر اهڙين قومن زوال ڏٺو. جڏهن ته موجوده ترقي يافته قومن ۾ به مسلسل علمي، تحقيقي بالادستي برقرار رکڻ انهن جي زندگيءَ جو اهم جز آهي، جيڪو جيڪڏهن ڪٿي به متاثر ٿيندو ته ٻيون قومون ان تي حاوي ٿي وينديون.

صدين کان اهڙي تاريخ پاڻ کي ورجائيندي ٿي رهي ۽ ان جو مثال ڪڏهن روم جي بالادستي ته وري ڪڏهن فارس، مسلم رياست، چين، آمريڪا، برطانيه، روس، جرمني ۽ اٽلي وغيره جي بالادستيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي.

اوائلي دور کان اهو مشهور آهي ته هڪ ڀيري اسڪندريه ويجھو هڪ همراھ سمنڊ ڪناري هٿ آيو، جنهن کي ان وقت جي بادشاھ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. جڏهن بادشاھ ان کان پڇيو ته ”هو ڪير آهي ۽ هن جي سرزمين تي ڪيئن ۽ ڪهڙي مقصد جي لاءِ پهتو آهي؟“ ته هن کي بادشاهه جي زبان سمجھ ۾ نه پئي آئي، تنهن ڪري بادشاھ حڪم ڏنو ته هن کي پهريان هتي جي زبان سيکاري وڃي ۽ بعد ۾ پيش ڪيو وڃي. پوءِ جڏهن ان کي پيش ڪيو ويو ته ان ٻڌايو ته هو هندوستان کان مرچ مصالحا سامونڊي رستي کڻي هتي وڪرو ڪرڻ ايندا آهن ۽ ٻيڙي تباھ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هن کي قدرت بچايو ۽ هو ڪناري تي هنن کي مليو. تنهن تي بادشاھ پڇيس ته توهان هتي سامونڊي رستي ڪيئن پهچندا آهيو ۽ وري واپس ڪيئن ويندا آهيو؟ ان تي هُن وراڻيو ته اسان وٽ هوا جو رخ اونهاري ۾ اولھ ڏکڻ هوندو آهي ۽ سياري ۾ اتر اوڀر ٿيندو آهي ۽ اهڙي نموني جا وهڪرا سمنڊن ۾ پيدا ٿيندا آهن، تنهن ڪري هو موسمن جي ڪٿ موجب سفر ڪندا آهن ۽ واپسي به ان طريقي سان ٿيندي آهي. بادشاھ کيس جس ڏنو ۽ آزاد ڪيو ۽ چيو ته ”تو رومين کي تمام وڏو علم فراهم ڪيو آهي“.

ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته زبان جي اهميت ڇا آهي ۽ دنيا جي تهذيبن ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج اڄ جوڪونه آهي، پر اهو تڏهن کان وٺي هلي پيو، جڏهن کان انسان شعوري طور تي هڪ ٻئي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مناسب صلاحيتون استعمال ڪري ڪارونهوار ۾ جُنبي ويا. ان کيتر ۾ ڪن وڃي آمريڪا ڳوليو ته ڪن وڃي هندستان دريافت ڪيو ۽ اتي پنهنجون بيٺڪون ٺاهيون. اسان جي سماجي ڀڃ ڊاھ ۾ انهن سڀني شين جو جوڳو هٿ آهي. اهڙيءَ طرح چوڏھن سو سال اڳ نبي ڪريم ﷺ جنگي قيدين کي اهو فرمايو ته توهان اسان جي ماڻهن کي پڙهايو ته ان جي بدلي ۾ اوهان کي آزاد ڪيو ويندو ۽ ساڳئي نموني فرمايائون ته علم حاصل ڪريو ڄمڻ کان مرڻ تائين ۽ وري چيائون ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي چاهي چين وڃڻو پوي ته وڃو ۽ پڻ علم جي راھ ۾ مرڻ کي شهادت جو درجو ڏنائون.

ان ڳالھ مان اسان اهو سمجھي سگھون ٿا ته تهذيبون ڪڏهن بابل جي سرزمين تي رهيون ته ڪڏهن وري مصر، ڪڏهن فارس ته وري ڪڏهن روم ۽ پڻ سنڌ ۽ هند به تهذيبن جا گهوارا رهيا. هتان جو وڻج واپار ڏيساور ملڪن سان هلندو هيو، جيڪو دريائن، سامونڊي ۽ زميني رستن سان هو ۽ سنڌ جا مشهور بندرگاھ ۽ ڪي ذاتيون پاتيون ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته هت وڻج واپار جو پراڻو ماڳ رهيو آهي، جنهن ۾ موهن جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺٽي وغيره جون تهذيبون هڪ شاندار مثال پيش ڪن ٿيون.

اڄ اسان ان ورثي کي وري حاصل ڪري سگھون ٿا. جڏهن اهڙا علم جيڪي اسان جي ترقيءَ جو سبب بڻجن ٿا تن تي اسان عبور حاصل ڪريون ۽ صنعتي ۽ زراعتي انقلاب آڻي هن خطي کي روشن بڻايون. هن کيتر ۾ اڪائونٽنگ (حسابداري)  جو علم صحيح فيصلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. اڄڪلھ جي مروج اڪائونٽنگ (حسابداري)  جو سرشتو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاروبار جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪري سگھي ٿو ۽ اصولن کي ترتيب ڏئي ماهر اڪائونٽنٽ صحيح رڪارڊ رکي ۽ درست فيصلا ڪرائڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿا. هن وقت اڪائونٽنگ (حسابداري) جون مختلف شاخون آهن، جن جون صلاحيتون ڪاروبار ڪندڙن، سرمايه ڪاري ڪندڙن ۽ گورنمينٽ ۽ فلاحي ادارن کي هلائڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿيون.

منهنجي علم مطابق اسان جي سنڌي زبان ۾ اڳ ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب موجود نه آهي، جيڪو شاگردن جي لاءِ پوسٽ گريجوئيشن تائين پنهنجي مادري زبان ۾ اڪائونٽنگ (حسابداري)  جي فني بنيادن تي ڪتابي صورت ۾ لکيل هجي، تنهن ڪري الطاف حسين محسوس ڪيو ته جيڪا سنڌ تنهن وقت ڏورانهن ڏيهن سان پنهنجو ڪاروبار ڪندي هئي، سا اڄ به پنهنجي وڃايل ورثي کي عام سمجھ مطابق پنهنجي مادري زبان ۾ پروڙي ۽ مروج ڪرڻ سکي. ڇاڪاڻ جو دنيا جون ترقي يافته قومون هن علم کي لاڳو ڪري بهترين حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي ڪاروبار ۾ هن علم کي ڪتب آڻي رهيون آهن. تنهن ڪري هي ڪتاب ان مقصد کي مد نظر رکي پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو ويو آهي ته جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري زبان ۾ هن علم کي پڙهي سگھن ۽ هن علم کي اڳتي وڌائي سگھن. اهڙيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب هڪ بنيادي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اميد اٿم ته نوجوان ٽهي، استاد ۽ هن کيتر ۾ جاکوڙيندڙ سڀ، هن علم مان لاڀ وٺي ان کي سنڌي زبان ۾ وڌيڪ بهتر بڻائيندا.

            ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏهن دنيا جون طاقتور قومون تباھ ٿي چڪيون هيون ته ان وقت جپان، آمريڪا ۽ انگلينڊ وغيره ڪاروبار جي دنيا ۾ ماهر ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ جٽجي ويا ۽ انهن ڪاروبار ڦهلائڻ لاءِ وڌ کان وڌ MBAs تعليم يافته ڪري صنعتن جي کيتر ۾ آندا ته جيئن هو بهترين مئنيجر ٿي ڪري ڪاروباري صلاحيتون قومي خدمت لاءِ ڪم آڻين. هن کيتر ۾ اسان جو وڃايل اثاثو وري حاصل ڪري اسان قومن جي صف ۾ تڏهن ترقي ڪري سگھون ٿا، جڏهن عالمي علم پنهنجي ٻوليءَ ۾ سهڻي نموني سان سکي، ان کي ڪارگر بڻائي سگھون.

مان يقين سان چوان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بهترين علمي اضافو هوندو. هن ڪتاب جي تخليق ۾ الطاف جي محنت، لگن ۽ جستجو انتها تائين شامل رهي آهي. اڄڪلھ اسان جي پاڪستان جي معاشي مارڪيٽ ۾ ۽ انهن شاگردن ۾ جيڪي بزنس ۽ ڪامرس جي تعليم حاصل ڪن پيا، انهن سڀني لاءِ هن ڪتاب جو هجڻ لاڀائتو ٿيندو.

            آخر ۾ مان پنهنجي دل جي سچائي ۽ گهراين سان الطاف حسين ۽ سندس خاندان کي هن ڪتاب جي تخليق جي موقعي تي ڀرپور مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ يقيناً هي ڪتاب اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪ بهترين اضافو هوندو.

           

اختر حسين خواجه

هيوسٽن، آمريڪا

Manager Business Development US Insurance Funding

DIB, MBA

Ex-Vice President, MCB

PICIC Commercial Bank, NIB, Soneri Bank, First Micro Finance Bank