اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)

ڪتاب جو نالو اڪائونٽنگ جا اصول (حسابداري)
ليکڪ الطاف حسين وڌو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-031-9
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (409) PDF  E-Pub
انگ اکر

11 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     5026   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٽيون


ڏيتي ليتي جي نوعيت ۽ بنيادي کاته نويسي جا ڪتاب

Nature of Transactions and Elementary  Bookkeeping  Books

 

 

 

ڏيتي ليتي جي نوعيت

Nature of Transaction

            تجارتي ڏيتي ليتي کي جڏهن داخلا ڪجي ته ان لاءِ ضروري آهي. ته ان جي نوعيت جي باري ۾ معلوم هئڻ گهرجي ته ڏيتي ليتي يا سودو ڪهڙي نوعيت جو آهي. ڪنهن به سودي جي نوعيت ڄاڻڻ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

 
   

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هاڻي اچو ته ڏسون شخصي کاتو ۽ غير شخصي کاتو ڇا کي چئجي ٿو؟

1.                شخصي کاته

Personal Accounts

            اهڙي ڏيتي ليتي يا سودو جنهن جو تعلق هڪ شخص سان هجي ۽ ان ئي شخص تي ان جو اثر پوي ته ان کي شخصي کاته چونداسين. مثلاً گلزار 500 روپيه وصول ڪيا. هن سودي جا ٻه پهلو آهن.

  • گلزار (جنهن 500 روپيه وصول ڪيا).
  • 500 روپيا (جيڪي ڪنهن تاجر ڏنا.)

            گلزار هڪ شخص آهي. لهذا جڏهن اسان انهيءَ ڏيتي ليتي کي داخل ڪنداسين ته گلزار جي نالي 500 روپيه ڏنل (Debit) ڪنداسين ۽ نقد کاتي (Cash Account) ۾ 500 روپيه ورتل (Credit) ڪنداسين. ڇالاءِ ته واپاري جي طرف کان 500 روپيه گلزار ڏانهن ويا. مثال نمبر (2) ۾ سمجهو ته وري 700 روپيه گلزار ڪنهن واپاري کي ڏنا. هن مثال ۾ گلزار ڏيڻ وارو آهي ۽ تاجر کي روپيه ملي رهيا آهن. تڏهن داخلائون بلڪل مختلف ٿينديون. هن ۾ گلزار کي (Credit) ڪنداسين ۽ تاجر وٽ نقد کاته ۾ ڏنل (Debit) ڪنداسين. مٿين مثالن مان خبر پئي ته ڏيڻ واري. کي (Debit) Dr ڪنداسين ۽ وٺڻ واري (Credit)  Crڪنداسين.

وٺڻ وارو / جمع

يعني

Debit the Receiver

And

ڏيڻ وارو / واصل

يعني

Credit the Giver

 

روزنامچي ۾ شخصي کاتن جون داخلائون انهيءَ اصول جي بنياد تي ڪنداسين.

2.                غير شخصي کاته

Impersonal Accounts

            هر اهو سودو جنهن جو ڪنهن شخص سان سڌو (Direct) تعلق نه هجي، يا اهڙا سودا جن جو ڪنهن شخص تي اثر نه پوي ته   انهن کي اسان غير شخصي کاته چونداسين. مثلاً 300 روپيه مزدوري ادا ڪئي وئي. پهريون پاسو ته مزدوري (Wage) ٿيندي ۽ ٻيو پاسو 300 رپيا. ان سودي مان خبر پوي ٿي ته هن سودي جو اثر ڪنهن شخص تي سڌي طرح نه ٿو پوي.

            غير شخصي کاتن کي وڌيڪ ٻن کاتن ۾ ورهايو ويو آهي.

i.                     

تعارفي کاته

Nominal Account

ii.                   

حقيقي کاته

Real Account

            هاڻي اچو ته هن جي ٿوري وضاحت ڪندا هلون.

i.                     

تعارفي کاته

Nominal Account

            هن کاتي ۾ اهڙي ڏيتي ليتي کي شامل ڪيو ويندو آهي جنهن جو تعلق آمدني، خرچ، نفعو ۽ نقصان هوندو آهي.

1.       

نفعو ۽ آمدني

Profit and Gains

            هن ۾ ڪميشن وصولي، وياج وصولي، فيس وغيره شامل ڪري ڪري سگهجن ٿيون.

2.       

نقصان ۽ خرچ

Losses and Expenses

            خرچ ۾ مزدوري، پگهار ڪرايو، بيمه جي قسط پاڻي، بجلي سفر جو خرچ وغيره شامل ٿي وڃن ٿا.

ii.                   

حقيقي کاته

Real Account

            حقيقي کاتن مان مراد ان کاتن سان آهي جي ظاهر ڪن ته تاجر جا اثاثه (Assets) ۽ واجبات Liabilities ڪهڙيون آهن.

  1. اثاثاAssets

            نقد Cash، فرنيچر، زمين، عمارت، مشنري، ساز و سامان اوزار Equipments، ساک Good Will، قابل وصـــول اوڌر Bill Receivable، اوڌرAccounts Receivable  يـــا تحريري وعدو Notes Receivable  سرمايه ڪاري Investment  وغيره.

  1. واجبات Liabilities

            واجب الادا هنڊي Bills Payable، کڻت Accounts Payable  ، قرض Loans ۽ واجب ادا قرض Outstanding Loans، گروي جي، واجب الادا ادائگي Mortgage Payable  وغيره.

 

 

ڏيتي ليتي کي داخل ڪرڻ جا اصول

Rules Regarding the Recording Transaction

            مٿئين بحث مان خبر پئي ته ڪهڙي ڏيتي ليتي يا سودو ڪهڙي نوعيت جو آهي ۽ ان کي ڪنهن جي هيٺان داخلا ڪجي. هاڻي اچو ته ڏسون ته سودي کي داخلا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا بنيادي اصول آهن ۽ انهن کي ڪئين استعمال ڪجي.

  1. شخصي کاتن جي داخلا:-

            شخصي کاتن کي هن اصول تحت داخل ڪيو ويندو آهي، ته جو شخص ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ وارو آهي. ان جو نالو ڏيڻ واري پاسي (Debit) Dr ۾ لکنداسين. ان جي برخلاف جو شخص ڪنهن شيءِ جي ڏيڻ وارو آهي ان کي (Credit) Cr  ۾ لکنداسين.

Debit the Receiver

And

Credit the Giver

  1. تعارفي کاتن جون داخلائون.

            تجارتي خرچ ۽ نقصان، آمدني ۽ فائدا متعارف کاته ۾ شامل ڪندا آهيون ۽ ان جون داخلائون هيٺين اصولن تي ڪندا آهيون.

            تمام خرچ ۽ نقصان وٺندڙ پاسي / جمع debit  ڏانهن رکجن.

All the Losses & expenses should be debited

تمام آمدني، فائدا ڏيندڙ پاسي / واصل credit  ڏانهن رکجن.

All the income, & profit gains should be credited

  1. حقيقي کاتن جي داخلا

            جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته حقيقي کاتا تاجر جي اثاثن ۽ واجبات متعلق هوندا آهن. ان قسم جي ڏيتي ليتي کي هيٺين اصولن تي ڪري سگهجي ٿو.

            تاجر کي جو ڪجهه وصول ٿيندو آهي ان کي ڏنل / جمعDebit  چوندا آهن ۽ جو ڪجهه ڏيندو آهي ان کي ورتل/ واصل Credit چوندا آهيون. تنهن ڪري جيڪا شيءِ وٺجي ان کي ڏنل / جمع Debit ڪجي ۽ جيڪا شيءِ ٻاهر وڃي ان کي وٺڻ وارو / واصل Credit ڪجي.

 

What comes in should be debited & what goes out should be credited

جيڪا شيءِ وڃي ان کي ڪريڊٽ ڪجي ۽ جيڪا شيءِ اچي ان کي ڊيبٽ ڪجي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

روزنامچه

General Journal

 

            روزنامچي مان مراد اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڏيتي ليتي کي محفوظ بنايو ويندو آهي. هي اهو شروعاتي ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ شروعاتي ڏيتي ليتي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ان ڏيتي ليتيءَ جي نوعيت ڪهڙي آهي ۽ ان جو تعلق ڪنهن سان آهي. روزنامچه متعلق پيٽن اينڊ ڊڪسن لکي ٿو.

            ”روزنامچه واپار متعلق لڳاتار موقعن جي ٿيڻ جي داخلا مهيا ڪري ٿو. هي هڪڙي معاشري جي ڊائري جو ماهرانا طريقو پڻ آهي. اهڙي طرح سان روزنامچه ڏيتي ليتي جو ريڪارڊ آهي. “

            روزنامچه ۾ سودي متعلق جيڪي داخلا ڪئي ويندي آهي، تنهن ۾ هيٺين شين جو ڌيان رکيو وڃي مثلاً سودو ڪهڙي ڏينهن ٿيو؟ ڇا وصول ٿيو؟ ڇا ڏنوسين؟ ان سودي جي قدر ۽ قيمت ڇا هئي ۽ ڪنهن کي ڏنوسين ورتوسين وغيره. توهان کي معلوم آهي ته هر سودي جا ٻه پهلو ٿيندا آهن. ساڳئي ريت ان ٿيل سودي کي Dr ۽ Cr ۾ جدا جدا سٽن ۾ داخلائون ڪيون وينديون آهن.

            سودي کي داخلا ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي اهو هيٺين اصولن تي ٻڌل هوندو آهي.

  • شروعات ۾ مٿان روزنامچه لکجي.
  • پهرين ڪالم ۾ مٿان مٿان ننڍن اکرن ۾ سال لکجي ۽ اهو ٻيهر ڪٿي نه لکجي جيستائين سال تبديل ٿئي.
  • پهرين ڪالم ۾ سودي ٿيڻ جو مهينو پهرين سٽ تي لکجي ۽ ٻيهر تيستائين نه لکجي جيستائين صفحو تبديل نه ٿئي. يا وري ٻي مهيني جي شروعات نه ٿئي.
  • ٻئي ڪالم جي هر انهي پهرين سٽ تي جڏهن نئون سودو ٿئي ته سودي جي تاريخ لکي ويندي آهي. اها هر سودي لاءِ دهرائي سگهجي ٿي، ته جيئن خبر پوي ته سودو ڪهڙي تاريخ تي ٿيو.
  • کاتي جو سرنامو Title of Account جنهن کي اسان Dr ڪنداسين اهو تفصيل ۾ بلڪل کاٻي پاسي تي شروعات ۾ رکبو ۽ جنهن رقم کي Dr ڪنداسين اها به کاٻي پاسي واري Dr ڪالم ۾ رکنداسين.
  • Cr کاتي جو سرنامون اسان هيٺين ٻي سٽ تي 2/1 انچ جو مفاصلو ڇڏي لکنداسين ۽ رقم کي Cr واري ڪالم ۾ رکنداسين.
  • سودي جي وضاحت Expenditure کي هيٺين سٽ تي لکنداسين ۽ ان لاءِ پڻ اڌ انچ وڌيڪ ڇڏينداسين. جيئن ته وضاحت لاءِ اهو ضروري نه آهي ته ان کي هڪ سٽ تي لکي پورو ڪجي، پر پوءِ به مختصر لکجي ته بهتر آهي. مختصراً لکڻ وقت ان شيءِ جو خيال رکجي ته ڪا ضروري شيءِ ڪٽي نه ڇڏجي.
  • جڏهن سودو عام روزنامچي ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ته ان وقت حواله واري کاتي ۾ ڪجهه به داخل نه ڪيو ويندو آهي. ان کان بعد ۾ ٿيل سودن کي جدا جدا کاتن Ledger ۾ Dr ۽ Cr واري اصولن تحت رکيو ويندو آهي. ان وقت ئي جدا کاتن جا نمبر حواله کاتي ۾ داخل ڪيا ويندا آهن.

            گهڻا ڪتاب رکندڙ هر سودي جي داخلا ڪندي هڪ سٽ ڇڏيندا آهن. اهو ضروري نه آهي، پر ان مان هڪ اهو فائدو ٿيندو ته هڪ سودو ٻئي سودي کان ٿورو پر ڀرو ٿي پوندو آهي.

i. شماره نمبر 

Serial No

            هن ڪالم ۾ سودي جو نمبر لکيو ويندو آهي. مثلاً پهرين سودي کان بعد ۾ ٻيو سودو ٿيو ته ان لاءِ نمبر وجهداسين. 2. هن مان اهو فائدو ٿيندو ته ووچر Voucher  تي اسان اهو ئي نمبر وجهندا آهيون. ڇاڪاڻ ته ووچر ۾ سودي متعلق سڀ تفصيل موجود هوندي آهي. رسيد بل يا معاهده ان ووچر سان گڏ لڳندو. اهڙي طرح سان ووچر کي ڏسڻ شرط ئي ڏيتي ليتي متعلق سڀ تفصيلات معلوم ٿي وينديون آهن.

ii. تاريخ وارو ڪالم

Date  column

            تاريخ واري ڪالم ۾ جنهن ڏينهن / تاريخ تي سودو طئي ٿي ٿو. تاريخ سان گڏ، مهيني ۽ سال جو به ذڪر ٿيل هوندو آهي.

iii. تفصيلات

Particulars

            هي ڪالم روزنامچي ۾ تمام اهميت جو حاصل ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ڪالم مان سودي جي نوعيت جي خبر پوي ٿئي ۽ اهو پڻ ظاهر ٿيندو آهي. واپاري ڇا حاصل ڪيائين ۽ ان لاءِ ڇا ڏنائين. هن ڪالم ۾ داخل ڪرڻ وقت تمام گهڻو احتياط ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته شروعات واري غلطي ٻين کاتن کي پڻ متاثر ڪندي. ڏيتي ليتي کي داخل ڪرڻ کان بعد سودي جي وضاحت مختصراً ڪئي ويندي آهي.

iv. حوالو

Post Reference – Folio

            ڏيتي ليتي روزنامچه مان بهي کاته Ledger  ۾ داخل ڪئي ويندي آهي. ته جيئن هر کاتي جي تفصيل سان معلومات حاصل ڪري سگهجي. هن ڪالم ۾ ان صفحي جو نمبر داخل ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح سان حوالي لاءِ بهي کاتي جو هر صفحو کولڻو نه پوندو پر حوالو ان جي نشاندهي ڪندو آهي.

v. رقم

Amount

                      رقم واري کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. 1. ڏنل رقم Debit Amount  2. ورتل رقم Credit Amount  رقم کي ٻن جڳهن تي ان لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي، ته جيئن خبر پئي ته جيتري رقم جي ڪا شيءِ خريد ٿي اوتري رقم / شيءِ ويندي آهي. اهڙي طرح آيل رقم واري شيءِ کي Dr ڪندا آهيون ۽ جيڪا شيءِ اسان وٽان وڃي. ان کي Cr ڪندا آهيون. اهڙي طرح ڏنل ۽ ورتل شين جون رقمون پاڻ ۾ برابر هڪجيتريون داخلائون ٿيل هونديون آهن. هتي اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ڏيتي ليتي جا ٻئي پاسا پاڻ ۾ برابر هجڻ گهرجن.

vi داخلا

Posting

            اهڙو عمل جنهن ۾ عام روزنامچه مان داخلا کي بهي کاتي ۾ رکجي، تنهن کي داخلاPosting  چئجي اهڙي طرح هر اها رقم جيڪا Dr ٿيل هوندي ان کي Dr ڪنداسين ۽ Cr ٿيل رقم کي Cr ڪنداسين. ترتيب وار پهريائين Dr جي داخلا مڪمل ڪجي، تنهن بعد Cr کي مڪمل ڪجي. ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح سان غلط پاسي داخلا جو امڪان گهٽائي سگهجي ٿو. هيٺ ڪجهه تفصيل ڏجي ٿو.

  1. ان کاتي جو بهي کاتو کوليو جنهن ۾ توهان کي داخلا ڪرڻي آهي ۽ جنهن جو ذڪر زونامچه ۾ ٿيل هجي.
  2. مليل ڪالمن ۾ کاتن جي تاريخ ۽ رقم لکو، جيڪڏهن ڪا شيءِ Dr ٿيل هجي ته ان کي Dr واري پاسي رکو ۽ Cr کي Cr واري پاسي رکو. تاريخ، مهينو ۽ سال لکڻ لاءِ ساڳيو طريقو استعمال ٿيندو. جيئن روزنامچه ۾ پڙهي آيا آهيون.
  3. حوالي واري ڪالم ۾ عام روزنامچه جو صفحو نمبر لکندا. جيئن توهان کي خبر پوي ته ڪهڙي صفحي تي داخلا Posting ٿيل آهي.
  4. عام روزنامچي جي حوالي واري ڪالم ۾ بهي کاتي جو نمبر داخل ڪري ڇڏيندا. اهڙي طرح ٻه مقصد پورا ٿيندا. هڪ ته ڪنهن به ڏيتي ليتي جي داخلا ڪئي ويندي آهي ۽ ٻيو ته هن مان عام روزنامچه General Journal ۽ بهي کاته Ledger جي ٻنهي طرفن جو حوالو به اچي وڃي ٿو.

Purchase Day Book

Jan-2013

Date

Supplier

Description

Details

Total

Gent’s Model

Ladeies  Model

Crates and Packing

2013

Jan-1

Sohrab cycle works ltd

2-Gents Roadmaster313 at Rs. 7100……..

14200

 

 

 

 

 

 

 

2 Ladies’ Roadmaster-315 at Rs. 8300……..

16600

 

 

 

 

 

 

 

Less 20% trade discount

30800

6160

 

 

 

 

 

 

 

2 Crates

24640

2500

 

27140

 

11360

 

13280

 

2500

16

lazer cycle ltd

3 Gent’s mountain cycle model 2013

21300

 

 

 

 

 

Jibran

2-Ladies mountain cycle model 2013

16600

 

 

 

 

 

 

 

Less 15% trade discount

37900

5685

 

 

 

 

 

 

 

2 Pakings

32215

3000

 

35215

 

14110

 

18105

 

3000

27

JJs Manu. Co.

2 Gent Racing       models 002

at Rs. 25000……..

50000

 

 

 

 

 

 

Less 15% Trade Discount

7500

 

 

 

 

 

 

 

1 Crate at 1000

42500

1000

 

43500

 

42500

 

 

 

1000

 

 

 

 

Rs.105855

RS.67970

Rs.31385

Rs.6500

 

 

Muhammad Bukhsh

Purchase Day Book

Jan-2013

Date

Supplier

Description

Invoice

No.

Details

Total

Cloth

Blanket

Shawals

Sundries

Special Items

2013

Dec-1

Hadi Bux

40 Pairs Blanket at 2500 Per pair.

230

100000

 

 

 

 

 

 

 

 

 

3 (3x12=36)Dozen Woolen Shawls at 1500 each.

54000

154000

 

100000

54000

 

 

20

Nazeer

500 Meter White Cloths 430 Per meter

520

215000

 

 

 

 

 

 

 

 

400 Shawls at 900 each

360000

 

 

 

 

 

 

 

 

10 Bad sheets 800

8000

583000

215000

 

360000

8000

 

29

Hayat Sons

Showcase & Fitting

600

60000

60000

 

 

 

 

60000

 

 

 

 

 

Rs. 797000

Rs.215000

Rs.100000

Rs. 414000

Rs.8000

Rs60000

Muhammad Bukhsh

Sales Day Book


Date

Customer

Description

Invoice

No.

Details

Total

Cloth

Velvet

Sundries

2013

Dec-1

Shareef

200 meter white cloth at 400 per meter.

4

 

 

 

 

 

80000

 

 

 

 

 

 

 

100 meter best green cloth at 450 per meter.

45000

 

 

 

 

 

 

 

 

125000

 

 

 

 

 

 

Less 10% trade discount

12500

112500

112500

 

 

18

Irfan

100 meter velvet at 600 per meter.

 

5

60000

 

 

 

 

 

 

Less 5% trade discount

3000

 

 

 

 

 

 

 

300 meter white cloth at 430 per meter.

57000

 

 

 

 

129000

 

 

Trimmings

8000

194000

129000

57000

8000

24

Nader

300 meter velvet at 600 per meter.

 

 

6

180000

 

 

 

 

 

 

Less 5% trade discount

9000

 

 

 

 

 

 

150 meter white cloth at 400 per meter.

171000

60000

 

 

 

 

 

 

Less 10% trade discount

6000

 

 

 

 

 

 

 

54000

 

 

 

 

 

 

12 dozen Buttons at 12 p per dozen

144

225144

54000

171000

144

 

 

 

 

 

Rs. 531644

Rs. 295500

Rs. 228000

Rs. 8144

Muhammad Bukhsh

Purchase Return and Allowance Book

Date

Supplier

Description

Debit Note No

Details

Total

Cloth

Balankets

Shawals

Sunadaries

2013

Jan-1

Habib

Overcharged goods supplied  feb.5

7

Their credit note 8

 

1200

 

 

 

 

 

 

1200

27

Hadi

30 meter white cloth returned at  400 per meter

 

12000

 

12000

 

 

 

 

13200

12000

 

 

 

Rs.1200

Muhammad Bukhsh

Jan-2013 Sales  Return and Allowance Book

Date

supplier

Description

Invoice

No

details

Total

Cloth

Velet

Sunadaries

2013

Jan-1

Habib

26 meters green Cloth, invoice Dec-1 inferior at 450 per meter

 

 

9

 

Their credit note 10

 

 

11700

 

 

 

 

 

 

 

Less 10% trade discount

 

1170

10530

10530

 

 

23

Hadi

20 meter velvet at 600 per meter

12000

 

 

 

 

 

 

Less 20% trade discount

 

2400

9600

 

9600

 

 

 

 

 

 Rs.20130

Rs.10530

Rs. 9600

 

بهي کاته

Ledger

 

            روزنامچه ٺاهڻ بعد اسان سڀني کاتن کي عليحده ڪري رکنداسين. جيئن هر کاتي جي باري ۾ تفصيلي معلومات حاصل ڪري سگهجي. ايئن ڪرڻ لاءِ هڪ عليحده ڪتاب تيار ڪيو ويندو آهي. جنهن کي اسان بهي کاته Ledger چوندا آهيون. هي ڪاروباري لحاظ کان سڀ کان اهم ۽ مڪمل ڪتاب هوندو آهي. اهڙا کاتا روزنامچي ۽ امدادي / معاون ڪتاب جي مدد سان تيار ڪيا ويندا آهن.

شخصي يا ذاتي بهي کاته

Personal Accounts

            شخصي يا ذاتي بهي کاته بنيادي کاتن جا ڪتاب هوندا آهن. جن مان آساني ۽ جلديءَ سان اسان اها معلومات ڳولهي سگهون ٿا ته ڪنهن خاص ماڻهوءَ کان گهڻي فروخت / ۽ خريداري ڪئي ويئي آهي. نه صرف اهو پر اهو به ڄاڻي سگهجي ٿو ته اهو ماڻهو ڪيتري عرصي تائين ڪاروبار سان منسلڪ رهندو ۽ اهو به ڄاڻي سگهبو ته اهو ڪاروباري لحاظ کان ڏيندڙ آهي يا وٺندڙ. ان کي اسان هنن لفظن ۾ به چئي سگهون ٿا ته ڪنهن خاص خريدار وقفي وقفي سان ڪيتري خريداري ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان اهو ڄاڻڻ چاهيندا هجون ته ان سان ڪيئن ڪاروبار کي وڌايون ۽ ان عيوض ۾ اهو ماڻهو اسان کي ڇا ڏيندو. ڇالاءِ ته اسان کي به ان وڪرو ٿيل مال جي پئسن مان پنهنجي مال فراهم ڪرڻ واري کي به پئسا ڏيڻا آهن. تنهن ڪري اهڙي کاتي جا ٻئي پاسا مڪمل لکيا وڃن جن سان خريدار ۽ وڪرو ڪندڙ متاثر ٿيندا هجن. بهي کاته ڏيتي ليتي کي مختصرًا لکڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن ڪري هتي اهو هاڻي ضروري ٿيندو ته بهي کاتي کي مختصرًا بيان ڪجي ۽ ان جي پهلوئن تي روشني وجهجي. بهي کاتي ٺاحن جو هيٺيون طريقو آهي.

Javed & Co.

Dr

Cr

Date

Details

Amount

Date

Details

Amount

           

          مٿئين خاڪي ۾ هيٺيون ڳالهيون نوٽ ڪرڻ گهرجن.

  • کاتي جو نالو Name of Accountهن ۾ ڪنهن به ماڻهو وغيره جو نالو ٿي سگهي ٿو هن مثال ۾ جاويد خريدار به ٿي سگهي ٿو ته مال فراهم ڪرڻ وارو به.
  • ٻه اڀيون لڪيرون جيڪي صفحي جي بلڪل وچ ۾ آيل هونديون آهن. سي کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهائن ٿيون. کاٻي واري پاسي کي Debit يا Debtor Side  وٺندڙ طرف ۽ ساڄي پاسي کي Cr يا ڏيندڙ طرف Creditor Side ظاهر ڪنداسين. هاڻي جڏهن ٻنهي خانن کي ڏسنداسين ته اهي وري هر هڪ ٽن خانن ۾ ورهايل هوندا آهن. مثلاً (1) تاريخ Date (2) Details  (3) رقم Amount  عام طرح سان هڪ جدا صفحو به بهي کاتي طور استعمال ٿي سگهي ٿو. بهي کاتو عام طرح سان ٻڌل ڪتاب Bound Book ۽ جدا ورقن وارو ڪتاب Loose Leap Book  ٿيندو آهي.
  • بهي کاتي ۾ داخلا ڪرڻ کان بعد ٻنهي طرفن جي ڀيٽا ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح سان وڏي رقم کي ننڍي رقم مان ڪٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اگر پاڇي (Balance) Cr واري پاسي ڏانهن بچي ته ڏيڻ واري پاسي Cr ڏانهن To Balance C/D لکي ٻنهي طرفن جو جملو برابر ڪجي ۽ جيڪڏهن ڏيڻ واري پاسي کان رقم وٺڻ واري پاسي کان وڌي وڃي ته پوءِ وٺڻ واري پاسي کي Dr واري پاسي By Balance C/D لکي ڪري پاڇي واري رقم کي برابر ڪجي. جيڪڏهن ڏيڻ ۽ وٺڻ هڪ صفحي کان وڌي وڃي ته ٻئي صفحي ڏيڻ Cr واري طرف کان To Total Carried Over لکي ڪري ان صفحي تي داخل ڪيل جملو لکجي ۽ ٻئي صفحي تي To Total C/D لکي آخري رقم جملي Total واري خاني ۾ لکي ڇڏجي ۽ باقي ڏيتي ليتي لکي آخري ٽوٽل ڪڍجي. اهڙي طرح سان ٻئي پاسا مڪمل ڪجن.

غير شخصي کاتو

Impersonal Accounts ledger

           اسان کي خبر آهي ته کاته ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا. شخصي کاتو ڪنهن شخص سان وابسطه هوندو آهي، جنهن سان ڪاروبار ڪيو ويندو هجي ۽ ان جي ابتڙ غير شخصي کاته ۾ ڪنهن خاص ماڻهو سان سڌو واسطو نه ٿو پوي. پهرين مثال ۾ جاويد ڪاروبار کي شيون فراهم / ڪري ٿو يا واپرائي ٿو. ان ڪري ان کي شخصي يا ذاتي رخ ڏنو پيو وڃي. ان جي ابتڙ شين جي مالڪي به ڄاڻائڻي آهي. مثلاً جاويد اسان کي 100 روپيه جون شيون فراهم ڪيون اهو سندس شخصي کاتو هيو پر ان تجارت ۾ 100 روپيه شين جي مالڪي آئي، اهڙي طرح خريداري هڪ غير شخصي کاتو آهي.     Javed & Co.                                               

Dr

Cr

Date

Details

P.R.J

Fo

Amount

Date

Details

P. J

Fo

Amount

 

 

 

 

2013

Jan-1

 By Goods

2

1000.00

Javed & Co.

Dr

Cr

Date

Details

P.R.J

Fo

Amount

Date

Details

P. J

Fo

Amount

2013

Jan-1

To Return or Allowances

3

1100.00

2013

Jan-1

 By Goods

2

1000.00

Javed & Co.

Dr

Cr

Date

Details

P.R.J

Fo

Amount

Date

Details

P. J

Fo

Amount

2013

Jan-1

To Goods

2

1100.00

2013

Jan-1

To Return or Allowances

3

1100.00

Javed & Co.

Dr

Cr

Date

Details

P.R.J

Fo

Amount

Date

Details

P. J

Fo

Amount

2013

`Jan-1

To Goods

2

1100.00

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مکيه لفظ ۽ وضاحت

Elaboration of Keywords

 

جمع / ڏيڻ وارن

Debit

جمع / ڏيڻ وارن مان مراد انهن فردن جي آهي، جن کي مال وڪرو ڪري ڏنل ته هجي، ليڪن انهن اڃا تائين رقم واپس نه ڪئي هجي.

واصل / وٺڻ وارن

Credit

واصل مان مراد انهن فردن سان آهي، جن کان تاجر مال ته خريد ڪيو، پر اڃا تائين ان کي رقم جي ادائيگي نه ڪئي هجي.

پوتاميل

Balance Sheet

ڪاروبار لاءِ پوتاميل (Balance Sheet) ٺاهيو ويو. ٻنهي ۾ صافي آمدني / نقصان ڏيکاريل هوندو آهي.

شخصي کاته

Personal Account

اهڙي ڏيتي ليتي يا سودو، جنهن جو تعلق هڪ شخص سان هجي ۽ ان ئي شخص تي ان جو اثر پوي ته ان کي شخصي کاته چونداسين.

غير شخصي کاته

Impersonal  Account

هر اهو سودو جنهن جو ڪنهن شخص سان سڌو (Direct) تعلق ته هجي يا اهڙا سودا جن جو ڪنهن شخص تي اثر نه پوي ته   انهن کي اسان غير شخصي کاتا چونداسين

حقيقي کاتا

Real Accounts

حقيقي کاتن مان مراد ان کاتن سان آهي جي ظاهر ڪن ته تاجر جا اثاثه (Assets) ۽ واجبات Liabilities ڪهڙيون آهن.

تعارفي کاته

Nominal Account

هن کاتي ۾ اهڙي ڏيتي ليتي کي شامل ڪيو ويندو آهي جنهن جو تعلق آمدني، خرچ، نفعو ۽ نقصان هوندو آهي.

 

روزنامچه

General Journal

اهو شروعاتي ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ شروعاتي ڏيتي ليتي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو

بهي کاته

Ledger

بهي کاته بنيادي کاتن جا ڪتاب هوندا آهن جن مان آساني ۽ جلدي سان اسان اها معلومات ڳولهي سگهون ٿا

 

بحث جي لاءِ سوال

  1. کاته نويسي ڇاکي چئجي ٿو؟
  2. ٻٽي پاسي واري داخلا نظام Double Entry System جي وضاحت ڪريو ۽ اهو ٻڌايو ته ٻٽي پاسي داخلا جي نظام ۾ ڪهڙا فائدا آهن؟
  3. داخلائن جا ڪيترا طريقا آهن؟ بيان ڪريو.
  4. ٻٽي پاسي واري داخلائن جي سرشتيDouble Entry System جا فائدا ۽ نقصان بيان ڪريو؟
  5. روزنامچو General Jouranl ڇا آهي؟
  6. بهي کاتو Ledger ڇاکي چئجي ٿو؟
  7. سرميل Trial Balance ٺاهڻ ڇو ضروري آهي؟