درد انگيز سفر نامه ”جعفري“

ڪتاب جو نالو درد انگيز سفر نامه ”جعفري“
ليکڪ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“
سنڌيڪار / ترتيب صفدر حسين ميرزا ”سيفي“
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-011-1
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (792) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     71119   ڀيرا پڙهيو ويو

درد انگيز سفرنامهءِ ”جعفري“ (حصه دوم)


بنامِ خداي کزو نقش بست درون دو عالم هر آنچه که هست
خدا جو وٺان نام جنهن چٽ چٽيا جهانن ٻنهي ۾ جي ڏسجن پيا
پس از حمدِ يزدانِ جانِ آفرين کنم نعتِ پيغمبر پاکِ دين
پٺيان حمد حق جي جو جان آفرين ڪريان نعت پيغمبر پاڪ دين
برو بر وصيش هزاران سلام و هم بر به آلِ محمد تمام
مٿس ۽ وصي تي سندس سو سلام صلواتون مٿي آل ان جي تمام
کنون باز گويم همه حالِ خويش بيان سازم اکنون ز احوالِ خويش
وري ٿو ڪريان هاڻ هت پنهنجو حال ڪريان هن حقيقت ڀريل ٿو مقال
ازين پيش گفتم يکي داستان نمودم در او مختصر هم بيان
لکيم هڪڙو هن کان اڳي داستان جنهين ۾ ڏنو مختصر مون بيان
به سَاسور بوديم برگشته روز دِگر گُون شده مهر گِيتي فروز
رهيوسون نه ساسور ۾ بخت زور ڏٺوسون ڦريل سج جو سارو ئي شور
بَـسي ظلم ديديم آن جايگاه برنج اندرون مردمِ بيگناه
سٺاسون گهڻا ظلم ان جاءِ تي رهياسون بنا ڏوهه، سورن بلي
به سَاسور بوديم سالِ تمام گرفتار در رنج هر صبح و شام
رهياسون به ساسور ۾ سارو سال سٺاسون صبح و شام رنج ۽ وبال
از آنجاي در ظلم و جور و جفاي بگشتيم زين ”کلکته“ رهگراي
اتان ظلم سان، ساڻ جور ۽ جفا وياسون وري ڪلڪتي ڏانهن هليا
ز ”ساسور“ اول به ”پُونا“ شديم دو روز و دو شب نيز آنجا بديم
اول پوني آياسون ساسور کان ٻه راتيون ٻه ڏينهن ات ڪيوسين مڪان
وهم مير رستم ابا پورِ خويش بپورِ برادر که بد پاک کيش
اتي مير رستم به پٽ پنهنجي سان پٽس ساڻ ڀاڻس به هو بي گمان
نظربند کرده به ”پونا“ ز درد جهان گشت در چشمِ ما لاجورد
نظر بند ٿي پوني پهتا اچي اسان لاءِ نئين سر ويو ماتم مچي
پي آنکه هم پيش ازين همچنان ببرده ز ما مير شهداد خان
انهي کان اڳي پڻ اسان جي وچان وٺي ويا هئا مير شهداد خان
که نيکو خصال است هم نيک خو که نبود کسي ديگري مِثل او
اهو نيڪ دل آهي نيڪو خصال ڏٺوسون نه ٻيو مرد ان جي مثال
بروز نخستين نموده جدا ز مَـا نيک خوي پسنديده را
ڪيئون ڏينهن پهرين اسان کان جدا چڱي چال وارو، سو وا حسرتا
مَرا نورِچشم است آن باوفا که پوري برادر بود مر مرا
سندم نورچشم ۽ سو هو باوفا اهو ڀائيٽو مون سندو باصفا
بود يوسفم آن خِجسته شِعار ز مهرش منم نيز يعقوب وار
سو هو منهنجو يوسف خجسته شعار ٿيس قرب ان جي ۾ يعقوب وار
بسَورت درون است آن نيکنام بَبِينم مَر او را بروزي کدام
رهيو آهي سورت ۾ سو نيڪ نام ڏسي ان کي، ٿيندس ڪڏهن شاد ڪام؟
خداوند او را رساند بمن که بِينم مر او را درين انجمن
اهو مونکي موٽي ملائي خدا ڏسان هن ڪچهريءَ ۾ ان کي سدا
بباشيم زين بعد با هم مدام بحقِ محمد عليه السلام
وري شال گڏجي گذاريون مدام بحق محمد عليه السلام
ز ”پُونا“ بمنزل بمنزل روان رسيده به ”پنويلي“ از دردِ جان
ڪري منزلون پوءِ پوني ڪنان رسياسون بندر تي سهي درد جان
سه روز دگر بود آنجا مقام گرفتار از غم بهر صبح و شام
ڪيوسون اتي ڏينهن پڻ ٽي مڪان ڏٺاسون صبح شام غم جا نشان
بروز چهارم بغم بيشمار بگشتيم ما بر بتيله سوار
اتان ڏينهن چوٿين کڻي غم جو بار ٿيا سون وري منجهه بتيلي سوار
و بر آگبوت ”تناسر“ بنام سواره بگشتيم ناکام کام
تناسر جي نالي، جو هو آگبوٽ ڦٽيل دل سان ان تي چڙهياسون پو ڇوٽ
بيامد گورنر همان روز نيز که مردي نکو هست صاحب تميز
گورنر انهي ڏينهن ات آيو هو چڱو مڙس ۽ نيڪ عاقل اهو
بپرسيد بسيار از رنج راه خداوند دارد او را در پناه
گهڻوئي پڇيئين حال ۽ رنج راهه ڏئي شال رب کيس پنهنجي پناهه
که ”سَر جَارج آرتهر“ بُود نام اُو هميشه جهان باد بر کامِ او
جو سرجارج آرٿر هئو خوش نهاد هميشه پڄي ان جي دل جي مراد
ايامي که بوديم در پيشِ او ز راهِ بزرگي مرا نام جو
رهياسون جو عرصو انهي جي اڳيان سندم سار لهندو هو احسان سان
بيامد به نزديک ما چند بار بخشنودي ما نه از بهر کار
اسان وٽ سو ايندو هو پيو باربار ڪرڻ خوش اسانکي نه ٻي هيس ڪار
بخلق زبان دَاشتي شادمان هميکرد پُرسش بروز و شَبان
مٺي گفتگو سان رکيئين شادمان پڇئين حال احوال راتو ڏيهنان
سخن مختصر مان ازان جايگاه سُوي کلکته برگرفتيم راه
اسين پوءِ مطلب ته، ان جاءِ کان ٿياسون سڀئي ڪلڪتي ڏانهن روان
بدرياي سيلان و از موجِ اُو چه سَازم بيان اورا در گفتگو
سمنڊ جي انهي جوش ۽ موج جو ڪريان هت بيان ڪهڙو انهيءَ سندو
که هر موج او بود چون اَهرمن بمثلِ جهنم کشاده دهن
هئي لهر هر هڪ مثل اهرمن ٿي دوزخ مثل ڦاڙيو ان دهن
بکشتي درون هم بظلم و جفا قصوري نکردند از ظلمها
سٺاسون به ٻيڙي ۾ ظلم ۽ جفا ڪيائون ٿي تن ۾ نه گهٽائي ڪا
ملازم که بودند همراه ما به تنگ آمد از ظلم و جورو جفا
اسان ساڻ گڏ جيڪي نوڪر هئا نهايت سي ظلمن کان ٿي تنگ پيا
به ناحق بقيد و به بند گران به زنجير بر بست مثلِ سگان
ڳري قيد جو ڪيائون ناحق وبال زنجيرن ٻڌائون، ڪتن جي مثال
بجز صبر چاره نه بوده دگر خدا هست اندر جهان دادگر
سوا صبر جي ٻيو نه رستو ڪو هو خدا دادگر آهي جڳ ۾ وڏو
دو هفته چو کشتي به پيمود راه بيامد شتابان بوقت پگاه
ٻه هفتا سمنڊ ۾ ئي ٻيڙي هلي پرهه جو ڪناري تي ٻيڙي جهلي
دورن شهر ”کلکته“ آمد ز راه بدادند لَنگر دران جايگاه
اچي ڪلڪتي شهر ۾ سا، رسي ڪناري بندر جي سان بيٺي لڳي
چُو ديدم من آن شهر را آنچنان دلم گشت چون نيم بِسمل تپان
ڏٺوسون جڏهن شهر اهڙو وري ويئي اڌ مئل دل، غمن ۾ ڳري
چو آن عزتِ خويش آمد بياد بگفتم خداوند مرگم دهاد
اڳوڻي ٿي عزت جڏهن آئي ياد چيم موت جلدي ڏي رب العباد
که زينسان نمي آمدم من اَسير ملاقات کردم شدم دستگير
ته هن پر نه آئون ٿيان ها اسير ملاقات مون ڪئي ٿيس دستگير
گرفته نه هرگز کسي مَر مَرا بپاي خود اندر شدم در بلا
گرفتار مونکي به ڪنهن ڪيو ڪڏهن بلا ۾ هٿان پنهنجي ڦاٿس تڏهن
به بوديم آن شب به کشتي درون سر صبح کردند ز آنجا برون
رهياسون سڄي رات ٻيڙي اندر صبح جو اسان کي ڪڍيائون ٻاهر
به ”دَمدَم“ بدادند جاي قيام نموديم آن جايگاه ما مقام
اسان کي ڏنئون شهر ڊَم ڊَم ۾ جاءِ اسان جي رهڻ جي بني ات سراءِ
نشستيم آنجا دل پُر غَمان بيادِ خداي زمين و زمان
رهياسون اتي دل ڀريل ساڻ غم خدا ياد ڪيوسون گهريونسون ڪرم
سه گاري کرايه بگشته عطا پي رفتن و بهر خوردن هوا
ٿيون گاڏيون ٽي اسان کي عطا ته ٻاهر گهمون، کائون تازي هوا
کُهن بود او نيز رفته ز کار نه بد لائق مردم نامدار
سي بيڪار گاڏيون پراڻيون هيون نه لائق چڱن جي چڙهڻ جون هيون
مگر از پي قيديان بد مگو نيامد درآنجا دگر گفتگو
مگر قيدين لاءِ، بڇڙيون نه سي انهن جي نه ڪر ڳالهه ٻي ڪا هتي
اگرچه نه بد لائق شان ما به لاَچار بر آن بوقت مسا
نه توڻي اسان جي هيون شان جون تڏهن ڀي اهي شام اينديون هيون
ز بهرِ هَوا خوردن و رفعِ غم همي گشت کرديم باصد الم
هوا کائڻ ۽ پنهنجي ٽارڻ لئي غم چڙهياسون ٿي تن ۾ بصد غم الم
گورنر ز بهرِ ملاقات خواند ز ”کلکته“ شد در اچانک بِماند
گورنر ملاقات لئي هو سڏيو اچي ڪلڪتي کان اچانڪ گڏيو
که ”ايدورد لارد ايلنبرو“ بگويند نامي مر آن نام جو
گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو سونالي بنالي پڇڻ هو لڳو
برفتيم ما نيز آن جايگاه ملاقات شد اندران بارگاه
اسين سڀ وياسون انهي جائگاهه ڪئي سون ملاقات منجهه بارگاهه
بپرسيد بِسيار از رنجِ راه ز ”ساسور“ و از ”پوني“ آنجايگاه
پڇئين راهه رستي جي سڌ ۽ خبر گذر ٿي جا ساسور، پوني اندر
درآن جاي ديگر نشد گفتگو که مشفق نبود و نه بد نيکخو
اتي ٻي اسان سان نه ٿي گفتگو جو مشفق نه هو ۽ نه بد نيڪ خو
بعزت نمودن قَصوري نکرد که بس بود دانا و مردي خرد
ڪيائين نه عزت رکڻ ۾ قصور هَو هَو مرد داناءُ و عاقل ضرور
ز بعدِ ملاقات زان جايگاه سوي ”دمدمه“ بر گرفتيم راه
پڄاڻان ملاقات نڪتاسون سڀ وري موٽي ڊَم ڊَم ۾ پهتاسون سڀ
و هم باز در ”کلکته“ نامور ملاقات بنمود بارِ دگر
وري ڪلڪتي ۾ انهي نامور اسان سان ملاقات ڪئي پڻ ٻيهر
که زان شب شبِ بود بس شادمان پي عشرت و عيش شان در جهان
هئي رات تن لئي خوشي جي اها گهڻا عيش عشرت انهي پي ڪيا
که بازي آتش درآن جايگاه بطرفِ جنوبي آن بارگاه
جلايائون دارون ڀي ان جاءِ تي اسان جي جڳهه جي ڏکڻ طرف ڏي
برفتيم در جاي آن نامور چو گرديد از آمدن ما خبر
وياسون هلي، وٽ انهي نامور جڏهن پيس اسان جي اچڻ جي خبر
پي پيشوائي بيامد به پيش مرا برد آنگاهه همراه خويش
اچي ٿيو ڀري پير ات پيشواءِ ڏنئين پاڻ سان مونکي گڏ خاص جاءِ
ز تعظيم و تَکريم از بس فُزون هَمي کرد آن لاَرد ذو فنون
گهڻي ان، ات عزت ۽ تعظيم ڪئي چوان ڪهڙي صاحب جي ڏاهپ چئي
اگر چه بِما کرد بس ظُلمهاي وليکن که او بود با عقل وراي
ڪيئين ظلم توڻي اسان ساڻ جام مگر عقل ڏاهپ ۾ هو ڀڙ تمام
خردمند بسيار از حد فزون بياراسته اندرون و برون
بلاشڪ خردمند بيحد سو هو اندر توڻي ٻاهر هو اجرو اڇو
نَظيرش نبوده بعقل و خرد ز دَانائيش هرچه گويم سزد
نه مٽ عقل ڏاهپ ۾ ان جو ڪو هو ڪجي ذڪر جو، چئجي ٿورو به سو
نه عقل و خرد استخوان بود و پوست نه بد عيب جز آنکه بد ظلمِ دوست
نه عقل و خرد ٿو رکي هڏي ۽ گوشت نه برعيب جز آنکه بدظلمِ دوست
چو بازيء آتش بآخر رسيد پس آنگاهه از آنجا هر کس چميد
ختم جڏ خوشيءَ جا ڌماڪا ٿيا اتان پوءِ سڀئي لڏندا لمندا هليا
گذشته برين بر سه ماه تمام ببردند گاري به هنگام شام
انهي ريت ٽي ماهه ٿي ويا گذر تڏهن شام جو آئي گاڏي ٻيهر
ز من اَرجمندان درآن ماه هم ببردند کردند از بس ستم
انهي ماهه ۾ مون کان پيارو پٽم ڪيائون جدا هي ٿيو ڏاڍو ستم
جدائي بود سخت اندر جهان بپيش کهان و بپيش مهان
جدائي ڏکي ٿي لڳي منجهه جهان ننڍن کي وڏن کي لڳي مثل ڪان
خصوصاً جدائي ز اولادِ خويش که بس جانگداز است از مرگ بيش
خصوصاً وڇوڙو، جو اولاد جو گهڻو موت کان سخت تر سو ٿيو
نديده چنين ظلم اندر جهان يکي قيد ديگر جدائي چنان
جهان ۾ ڏٺوسون نه اهڙو ستم جو هڪ قيد ٻيو هيئن جدائي جو غم
کسانيکه هَستند صاحب خرد شناساي کاري نکو کار و بد
جهان ۾ جي عاقل ۽ ڏاها هجن چڱائي مٺائي پروڙي سگهن
که در دست لارد چه آمد ازين ز ملک و ز مال و ز تاج و نگين
انهيءَ حال ۾ مرد ڪندا سي ڇا؟ مڏي ملڪ، يا هئي ڀلي تاج ڪا
که از من جدا کرد اولاد هم فزون داد بر من ستم بر ستم
جدا ڪيائون اولاد کان، ڏيئي غم اهو هو مٿم ٿيو ستم تي ستم
هر آنچه که بد بردني پيشتر ببردند از ما همه سربسر
هو جيڪي به کسڻو کسيئون بيشتر اسان کان ته سڀ ڪجهه کسيئون سربسر
ز تاج و ز تخت و ز گنج و کلاه ببردند او را که چندان بماه
کسيئون تاج ۽ تخت گنج و ڪلاهه هو جيڪي به سو سڀ ڪيائون تباهه
به بتواند اورا نمودن شمار اگر بر شمارو يکي از هزار
ڪري ڪين سگهبو انهيءَ جو شمار ڪبو، ٿيندو ته به هڪ منجهان هڪ هزار
بکي هست کپتان بر ما تمام ميخي فاربس گاردن هَست نام
اسان تي رهي جو ڪه ڪپتان ٿو چون فاربس گارڊن نالي سو
بسي هست از عاقلان هوشيار وهم با تميز است در وقت کار
اهو ڏاڍو عاقل ۽ ٿيو هوشيار ڪري پوري ڏاهپ سان ٿو ڪم ۽ ڪار
بود مردِ دانا و هم باخرد که هم باقياس است آن نيک مرد
سو هو ڄاڻندڙ ڏک جو ۽ باخرد وڏو قياس وارو سو ئي نيڪ مرد
چنين گفت کپتان رَوزي بما دو گاري و يک پگي گشته عطا
ڪئي مهر ڪپتان هڪ ڏينهن اها ٻه گاڏيون گهمڻ لاءِ ڪيائين عطا
بمعه اسپ ده، خوب خوش راهوار ابا مبلغ خرچ شان ماهوار
سٺا ڏهه ڏنائين وري راهوار ڏنائين سڄو خرچ پڻ ماهوار
ازان پنج از بهر آن گاريها دگر پنج بهر سواري شما
هئا پنج گاڏين جي لئي تن منجهان ٻيا پنج سواري لئي ها بي گمان
براي هوا خوردن آيد بکار بگرديد بر آن ستوران سوار
سي کائڻ هوا لاءِ آيا ٿي ڪم چڙهيءَ لاءِ آيا ٿي ڪم دمبدم
به ميران ديگر هَمي روبرو نشان داد هم داد آن نيکخو
انهي ٻين ميرن جي لئي روبرو سي نالي بنالي ڪيا نيڪ خو
يکي اسپ بدلنگ بهرم گذاشت که طاقت سواري من او نداشت
مٽائي ڏنئين هڪڙو گهوڙو وري لڳي جنهن کي منهنجي سواري ڳري
مرا گفته بد لارد اسپ سياه نه اين اسپ آن بود اي نيکخواه
ڏنو لارڊ، ڪارو هو گهوڙو مونکي مليو ڪين پهريائين سو هو مونکي
وهم بهرِ فرزند اسپِ دگر نگهداشت کپتان نيکو سَيَر
وري منهنجي پٽ لاءِ گهوڙو ٻيو چڱي مڙس ڪپتان مقرر ڪيو
همان اسپ ازبسکه بوده شرير نه اندر خور هر امير و وزير
اهو گهوڙو بلڪل هو ڏاڍو شرير نه لائق هو، لئي ڪنهن امير ۽ وزير
ازين پيشتر اسپهاي چنان نه گاهي نموديم در زير ران
نه اڳ اهڙا گهوڙا ڪڏهن ڀي اسان سواري لئي آندا ها ڪم شوق سان
يکي گاري و نيز اسپِ دوتا بَراي من آن مرد کرده رِها
ٻه گهوڙا ۽ گاڏي، فقط منهنجي لا انهي مرد عاقل ڇڏي ها ڏنا
نمانند مِيرانِ ديگر بِمَن سپرده نداده دران انجمن
نه ميرن ٻين جيئن اهي منهنجي لا ٿيائي هئا انجمن ۾ عطا
براي من آن گاري و اسپها به بي اِطلاعم نموده رِها
ٻئي گهوڙا گاڏي، ڪنهين واٽ تي ڦٽا ڪيا بنا ڄاڻ جي مون اتي
نيامد به پيشم نه پيغام کرد بَراي گرفتن من آن نيکِ مرد
نه ڪي پاڻ آيو نه آيس پيام وٺڻ واٽ تي منهنجي لئي نيڪنام
مَرا چون که او خود نه بسپرده بود گِـرفتن مرا هم نمي داشت سود
نه خود کي ڪيئين منهنجي حوالي ذرو نه ڪو فائدو آهي ان ۾ رهيو
بدينسان گرفتن نَديدم رَوا که او نيز نه سپرده بوده مرا
وٺڻ سي انهي پر، نه ڄاتم روا جو ان پڻ نه سونپيو هو مونکي بجا
بغير از سُپردن گرفتن سزاي نَداند نِکو مردم اي نيکراي
حوالي ٿيڻ ري وٺڻ کي رواءِ نه ڄاڻي ٿو چڱ مڙسي ڪو نيڪراءِ
گِـرفتن نکردم دَرين رَه قبول بغير از سُپردن دلم بد مَـلول
وٺڻ سو اتي ڀي ڪيو مون قبول حوالي ٿيڻ ڌاران دل ٿي ملول
دَران روز آورد هم زين ها چنين کرد پيغام آنگاه مرا
انهي ڏينهن زينون به مون کي ڏنئين وري ان سان پيغام هن پر مڪئين
کسي را فرستي، که دو زين نو بگيرد، رساند به نزديک تو
ته ڪو شخص موڪل، ٻه زينون نيون رسائي اچي توکي، سي رک به تون
يکي را نمودم هماندم رَوان روان رفت بگرفت اندر زمان
انهي وقت هڪ شخص مون موڪليو کڻي آيو زينون سگهوئي اهو
که از چرم بودند اين زين ها که لارد نمودند بر ما عطا
هيون چم جون زينون اهي ٻئي صفا ڪيون سي هيون لارڊ مونکي عطا
چنين گفت کپتان نيکو سَيَر بدينسان پس از چند روزِ دِگر
چيو مونکي ڪپتان نيڪو سير ڏينهن ٿورڙن بعد هو ههڙي پر
که آن خرچ گاري و اسپان نيز گورنر نه بدهد ازان يک پشيز
ته سڀ خرچ گاڏي ۽ گهوڙن جي ڪاڻ گورنر نه ڪا ڏيندو پائي به هاڻ
نمائيد آن خرچِ خود را تمام چو ميران شُنيدند زو اين کلام
ڪجو خرچ پنهنجو اوهين سڀ تمام ٻڌو ان کان ميرن جڏهن اي ڪلام
جَوابش بگفتند نبوده رَوا که بيخرچ گيريم ما گاريها
ڏنائون وراڻي ته ناهي روا بنا خرچ گاڏي رکون هاڻ ڪا
نداريم طاقت که اين خرچ نيز شَـوَد از من اي مردِ عقلِ تميز
اسان ۾ نه طاقت انهي خرچ جي ڪري سمجهه پنهنجي تون ڏس ڪا وڏي
و قدري که داديد اي مردِ کار کفايت نمي سازد او ماهوار
اسان کي ٿا جيڪي ڏيو خرچ ڪاڻ نه پورائو ٿي سگهندو تنهن مان ڪو هاڻ
ازان بعد کپتانِ صاحبِ تميز بيامد به پيشم خود آنگاه نيز
تنهان پوءِ ڪپتان صاحب ڪرم ڀري آيو جلدي اسان وٽ قدم
چنين گفت با من مرد نيک راي که دادن به بس نيست هر گز رواي
اچي لفظ هي هن چڱي مڙس چيا ته گاڏي ڇڏڻ مور ناهي روا
جوابش بگفتم که اي پيرِ خرد خردمند دانا دل و نيک مرد
چيومانس اي عاقل ۽ پير مرد خرد مند داناءُ همه گير مرد
که هرگز ندادي تو گاري بمن نه بسپرده اندرين اَنجمن
نه گاڏي ڏني مونکي تو پاڻ مور نه تو انجمن ۾ هئي سونپي ضرور
به بي اطلاعم تو بگذاشتي نه زين کار آگه مرا ساختي
بنا ڄاڻ منهنجي ڇڏي تو ڏنو نه احوال مونکي به تو ڪو ڏنو
نه بگرفته بودم ازين پيشتر در اين وقت کردي مَرا چون خبر
نه مون ورتو هو ان کان اڳ ڪنهن به پر انهي وقت ۾ ڪيئن ڪئي تو خبر
سزاوار نبود که تا دِيگران بِتَو باز دادند من اين زمان
مناسب به ائين، جو ٻين پڻ جڏهن ڏنو توکي موٽائي، آءٌ ڏيان تڏهن
چُرا گِيرم اي مردِ نيکو سَـيَـر کرا داده بودي تو بر کن خبر
وٺان ڇا جي لئي، چئو تون نيڪو سير ڏنو ڪنهن کي تو هو، ٻڌائج خبر
نه بسپرده بودي تو در دستِ من نه از کَس شُنيده بدم اين سخن
نه هٿ منهنجي ۾ ڪيو، حوالي تو هو نه ڪنهن مرد کان، مون ڪو گفتو ٻڌو
که اسپانِ گاري براي شما ز سرکارِ کلکته گشته عطا
ته گاڏي سو سامان ڪارڻ توهان مليو ڪلڪتي جي هو سرڪار کان
بدينسان بدادم بمردم جواب نه بِينم در اين ره گرفتن صواب
انهن کي ڏنو مون انهي پر جواب وٺڻ ان طرح سان نه ڄاڻان صواب
بچيزي که نسپرده باشد بِمَن چسان من بگيرم در اين انجمن
ٿيل شيءَ نه منهنجي حوالي ۾ جا وٺان انجمن هن ۾ ڪيئن مان اها
بگيرم اگر اُو بگويد مرا ز سرکار گاري نه گشته عطا
وٺان، جي چوي مونکي خود هو صفا ته سرڪار کان گاڏي هي ٿي عطا
چگويم جوابي مَر اُو را دِگر دِگر اينکه تنگ آمدم پيشتر
وراڻي ڏيان ان کي ٻي ڪهڙي پر وري ٻيو ٿيس تنگ آءٌ بيشتر
که ده روزه خرچ نبود ازان شود خرچ گاري ازو آن چسان
ڏهاڪو ڏينهن جو نه هو خرچ، مان ڪريان خرچ گاڏيءَ جو پورو ڪٿان
که درماها کم هست خرچ است بيش چسان ما نمائيم گذاران خويش
ٿيو خرچ واڌو ۽ ٿورو پگهار گذر ڪيئن اسان جو ٿئي سازگار
قياس نداريد در هيچ کار که داديد باما چنين ماهوار
ڪنهين ڳالهه جو ڪو ڪرين ٿو قياس ڏيو ڇا ٿا تنخواهه، ڪر ڪا تپاس
بوقتي که از ما بگرديد هور بغاوت ببردند هيزده کرور
جڏهن ڪِيَوَ اسان کان کسي راڄ توڙ کڻي ويا تڏهن، هئا به ارڙهن ڪروڙ
وهم ملک و ناموس ما سربسر ببرديد در دوستي بيخبر
سندئون ملڪ ناموس سڀ سربسر کسيو دوستي ۾، رکي بي خبر
نبوديم آگاه ز چندين دغا که ناگه نمائيد بر ما جفا
پروڙي نه هئي ڪا اسان ايءَ وفا ته خود اوچتوئي ڪندؤ ڪا جفا
چه باغِ وفا را که ما کاشتيم ثمر آنچه او داد برداشتيم
وفا جو، جو هو باغ پوکيو اسان ڏنو، ان جو ڦل، سوئي ڀوڳيو اسان
هم آنگاه بَـدر رفت آن يادگار سوي خانه خويش آن مرد کار
سڻي منهنجي ساري اها ئي پچار هليو پنهنجي گهر ڏي ويو مرد ڪار
فرستاد پيغامِ ديگر چنين نباشد صلاح و صواب اندرين
نياپو وري موڪليئين ههڙي باب ته هن ۾ نه ڪائي صلاح ۽ صواب
که بَـدنامي هست در خاص و عام که واپس گِـرفتند گاري تمام
اها آهي بدنامي منجهه خاص و عام وٺڻ گاڏي واپس سراسر تمام
بدينسان بَدادم جواب چُنين که بَدنامي ما نَباشد درين
وراڻي ڪيم ان جي هنپر ادا ته ان ۾ اسان جي نه بدنامي ڪا
اگر هست بدنامي از بهرِ ما وهم نيست نيکي براي شُما
اسان لئي جي بدنامي ٿيندي اها ته نيڪي اوهان لئي به ٿيندي نه ڪا
بگويند مردم چنين خاص و عام بداد و گرفتند واپس تمام
ائين چوندا ماڻهو سڀئي خاص و عام ته ڏيئي کسيائون وري سا تمام
که اين هست درپيش صاحب خرد کسي کو شَنَاسد ز نيکو ز بد
انهي عقل واري اڳيان هي پڌر چڱائي مٺائي جي جنهن کي خبر
کسي کو که چيزي نمايد عطا گِـرفتن ازو باز نبود روا
ته ڪا شيءَ ڪري پهرين ڪنهن کي عطا وري پوءِ کسڻ اصل ناهي روا
غم گاري و اسپ باشد چه چيز که داريم غمهاي بسيار نيز
نه غم گاڏي گهوڙي جو ڪا آهي چيز انهيءَ کان گهڻا غم رهيا منجهه تميز
ز ملک و ز مال و ز تاج و ز گنج هم از عزت رفته داريم رنج
سندو ملڪ ۽ مال ۽ تاج، گنج ۽ عزت ويل جو، وڏو آهي رنج
ازين زندگي مرگ باشد نيکو در اين کار نبود دگر گفتگو
ٿيو موت هن زندگي کان ڀلو نه ان ڳالهه ۾ ٻي کپي گفتگو
ازين بعد ”منشي محمد“ بنام که مردي نِکو هست پاکيزه کام
۽ منشي محمد سو هو جنهن جو نام جو لائق چڱو مڙس ٿيو نيڪنام
فُرستاد تا زين اسپان نيز بگاري ببردند آن جمله چيز
مڪئين تنهنکي، پوءِ جو روانو ٿيو وٺي زين سامان گاڏي ويو
پس از چند روزي بيامد خبر که آمد درينجاي لاردِ دگر
پئي وقت ٿوري کانپوءِ هي خبر ته ٻيو لارڊ آهه ٿيو مقرر هينئر
بگرديد موقوف لارد که بود نه آيد از اين طول گفتارِ سود
اڳيون لارڊ جوهو، سو موقوف ٿيو ڪبو فڪر ان ڳالهه جو ڪونه ٻيو
بجايش برو صاحبِ نامور نِشت آنکه آيد گورنر دگر
سندس جاءِ تي صاحب نامور رهيو، جيسين آيو گورنر دگر
که سر هينري هاردنگ، نامِ اوست دليري تمام است مردي نکوست
سو سر هينري لارڊ هارڊنگ هو دلير ۽ چڱو مڙس آهي اهو
هَمهء مردمِ شهر از خاص و عام نمايند تعريف او لاکلام
سڀئي آدمي شهر جا خاص و عام گهڻي ان جي تعريف ڪن ٿا تمام
که عادل بود نيز هم ظلم دوست ندارد پي آنکه مردي نکوست
جو عادل تمام آهي ۽ مرد نيڪ نه ٿو ظلم ۽ زور کي ڏئي سو ٽيڪ
شُنيديم تَوصِيفش از حد تمام زهر گونه از مردمِ خاص و عام
گهڻي ان جي ساراهه ٻڌي مون تمام ڪئي هر طرف کان ٿي جا خاص و عام
بگشتيم شادان که باشد نکو که آمد چنين نامور نيکخو
سڀئي خوش ٿياسون جو صاحب نڪو اچي ههڙو سهڙيو هتي نيڪخو
نمايد تميزي بهر کاروبار که نيکو نهاد است آن مرد کار
تفاوت پروڙي سندو ڪاروبار ۽ دل جو اڇو آهي سو ڪامگار
بيامد چو از راهِ در ”کلکته“ نهادند در شهر بار و بنه
جڏهن آيو سو مرد منجهه ڪلڪتا رکي پنهنجو سامان کوڙيئين بنا
بگرديد مشغول در کاروبار بدرگه بمردم همين داد بار
اچي ٿيو سو مشغول منجهه ڪاروبار رکيائين ملاقات ماڻهن جي ڪار
اگرچه بدرگاه آن نامور گذشته هر آنچه بما سر بسر
اگرچه اڳيان ان وڏي نامور اسان سان ٿيو جيڪي هو سربسر
ز ظلم و ستمهاي جور و جفا که کردند در دوستي ناسزا
سڀئي ظلم زوري ستم ۽ جفا ڪيائون جي منجهه دوستي ناسزا
بگفتيم مرد است نيکو نهاد ز نيکي نمايد بما نيز ياد
اسان کان ٻڌا مرد نيڪو نهاد اسان کي ڪندو هو به نيڪي سان ياد
ز گرديدني مهرِ گيتي فَروز بدين نيز بگذشت بِسيار روز
چڙهيو ۽ لٿو، مهر گيتي فروز گذر ڳچ ٿيا، ڳالهه هن کي به روز
چُو دِيدِيم لارد نخود کرد ياد نپرسيد از ظلم بيداد و داد
ڏٺو سون جڏهن لارڊ، ڪيو ڪين ياد پڇيائين اسان کان نه بيداد داد
نِـوشتيم پس نامهءِ را بدو جواب دِگرگُون فُرستاد اُو
لکي سين تڏهن ان ڏي هڪڙي چٺي اسان ان جي ورندي عجائب ڏٺي
سَوالي يکي و جوابي دِگر شُنيديم چون گفتگو سربسر
سوال آهي هڪڙو ته ٻيو ٿيو جواب ٻڌي سون جڏهن ڳالهه سڀ با صواب
نِـوشتيم بارِ دگر اين چنين که خوبي نيايد گر از تو يقين
وري خط لکيو سُونس پوءِ ههڙي پر مناسب جي ڄاڻو ته اي نامور
بسُوي ولايت از اين جايگاه ز درياي خشکي به پيموده راه
ته موڪل ولايت اسان کي هتان سمنڊ ياڪ خشڪي جي رستي مٿان
به لندن رَسانِـيم خود را روان شِتَـابان بکردار باد وزان
اسان کي ڏي، لنڊن روانو ڪري سگهو واءُ جيئن پر پکين جا ڀري
بشاه و وزير و بامراء تمام بامناي دولت بخواص و عوام
ته وٽ شاهه، وزرا ۽ امراءِ تمام امينن اڳيان توڻي وٽ خاص و عام
نمائيم احوالِ خود را بيان بما آنچه بگذشت در اين زمان
ڪريون پنهنجو احوال سارو بيان اسان تي گذر جيڪي ٿيو سڀ عيان
نموديم چون نامهءِ را بدو فُرستاد پس باز آن نام جو
جڏهن خط انهي ڏي مڪوسون اسان سو واپس مڪائين وري سيگهه سان
چُون نگرفت نامه ازان بعد نيز ز بهرِ ملاقات مردي تميز
تينهان پوءِ به ٻيو خط هٽايئين وري ملاقات لئي پوءِ سڏايئين وري
طلب از براي ملاقات کرد برفتيم زانجا بکردار گرد
اسان کي سڏايئين ملاقات ڪاڻ وياسون سڀيئي وٽس سيگهه ساڻ
بشهري اَچانک بَجَاي قَديم که بُـد لارد سابق در آنجا مقيم
اچانڪ شهر ۾ جا هئي جاءِ قديم اڳيون لارڊ، جنهن جاءِ ۾ هو مقيم
رَسِـيديم چُون بر درِ بارگاه پس از چندهاي درآن جايگاه
رسياسون جڏهن در تي درٻار جي ذري بعد وياسون اندر سڀ لنگهي
بَـدِيدَم مر آن مردِ کپتان را ميخي فاربس گاردن نيک را
ڏٺو مرد ڪپتان کي مون اتي اڳئين فاربس گارڊن مرد کي
که هست اُو مقرر بَـر مَـا تمام بخدمت گذاري بهر صبح و شام
اسان لئي مقرر جو آهي تمام ڪري پوري خدمت صبح توڻي شام
بَـرفتيم زان پس درآن بارگاه گورنر نبوده دَران جايگاه
تنهان پوءِ وياسون اندر بارگاهه مگر هو گورنر نه ان جائگاهه
چه قَدري نِـشَستِـيم آمد برون بپرسيد بسيار آن ذوفنون
گهڙي کن پڄاڻان سو نڪتو ٻهر پڇئين حال احوال ٿي باخبر
بَـپُرسيد بِسيار زان بعد گفت که احوال خود را ببايد نوشت
وٺي حال احوال ان پوءِ چيو لکڻ گهرجي احوال توکي سڄو
رسانيد آن را بنزديک من جوابش بدادم درآن انجمن
وهاريو مونکي، ڀر ۾ صاحب سندي چيا ان کي ان وقت مون لفظ هي
نوشته فريسم بنزديک تو همهءِ خواهش خويش را اندرو
توهان ڏانهن لکي موڪلينداسون حال ارادن ۽ نت خواهشن جي مقال
نَبَـايد که چون نَامهءِ پيشتر که اُورا نخواندي ز سر تا بسر
مناسب نه جو خط اڳئين جي مثل پڙهڻ کانسواءِ ڏيڻ انهيءَ کي اڇل
بخوانده تو آن نامه اي سرفراز هَمِيدون فُرستاده ام بر تو باز
اسانجو اڳيون خط، پڙهڻ کانسوا اسان ڏي تو موٽايو هو بي خطا
چنين گفت لارد درآن انجمن که از دستِ کپتان نيامد بمن
اسان کي چيو لارڊ ات ههڙي پر نه ڪپتان خط جي ڏني مون خبر
جَوابش بگفتم که اي باوفا براندم در اول چو کپتان را
ڏنم ان کي ورندي ته اي باوفا ڏنو خط مون ڪپتان کي برملا
چو پَس داد کپتان مَر آن نامه را به پيشت فُرستادم اي باوفا
ڏنو مونکي ڪپتان خط موٽي سو وري ان ڏي مون موڪليو هو اهو
بگفتا فريسيد نامهءِ دگر جَوابش فريسم همين سربسر
چيائين ته خط موڪليو ڪو ٻيو وراڻي انهي جي به ڏيندس سگهو
دِگر گُفت آن لارد باوفا به دَمدَم کنم نيکوي با شُما
ٻيو هيئن چيو لارڊ هو باوفا ته ”ڊَم ڊَم“ ۾ سک آن کي ڏيندس جهجها
اَزَان پس بگشتيم زآنجا رَوان به دَمدَم درون نيم باسوز و جان
تنهان پوءِ روانا ٿياسون اتان گزاريون ٿا ”ڊَم ڊَم“ ۾ سان سوز جان
ملاقات گُشته بماهِ صيام بجان و دِلم بود غم را مقام
ملاقات انجي ٿي روزن ڏينهن اسان جا هئا غم سان ڀرپور من
نِـوشتيم نامه برآن نامور رسانديم در نامه اُو را خبر
لکيو سون به خط طرف ان نامور لکي سون انهي خط ۾ ساري خبر
اگر از تو نيکي نيايد رَوا به لندن بُـده نيز رخصت مرا
پڄي جي نه نيڪي توهان کان به ڪا ته لنڊن پڄائج اسان کي ڀلا
که شاه و اميراند آن جايگاه وَ هَم مردمِ خوب نيکو نگاه
جو ات بادشاهه آهي امراءَ به ات چڱي ڌيان وارا ۽ وزراءِ به ات
مگر حقِ ما را رسد باز پس که جز حق نداريم ديگر هوس
ملي حق اسانجو اسان کي وري نه سڌ ڪا به دل ۾ اٿئون ٻي ذري
جَوابي نِـوشته نيامد از اُو ز مردم شُنيديم پس گفتگو
لکي ان وراڻي نه ڪا ڀي مڪي اسان ڳالهه ماڻهن کان، پر هيئن ٻڌي
زباني ز کپتان و از نوکرش که اُو هست منشي همين بر درش
ٿي ڪپتان ۽ انجي نوڪر چيو جو منشي ٿي قائم ٿي ان وٽ رهيو
که رفتن بسوي ولايت رَوا نه کردند هر دو کسي از شها
نه صاحب وڃڻ ڪيو ولايت روا نه ڪنهن کي به آن مان اها ٿي عطا
نباشد دِگر ظلم زين بيشتر که بر ما نمودند سر تا بسر
نه ان کان زياده ڪو ٻيو ظلم هو سو سر تي اسان جي ڪيو ٿي ويو
گرفتار هستيم در فکرها بدينسان نه بدهد کسي را خدا
غمن ۾ گرفتار آهيون ٿيا نه غم اهڙا ڪنهن کي به شل ڏي خدا
ندانيم تا چُون شَوَد بعد ازين بحکم خداي زمان و زمين
خبر ناهي ٿيندو انهيءَ بعد ڇا ڪندو ڇا زمين ۽ زمن جو خدا
وَ هَم ماهِ شوال بگذشت نِـيز ز نيکي نَدِيديم ما يک پشيز
گذر ماهه شوال پڻ ٿي ويو ڏٺوسون نه نيڪي سندو ڪو ذرو
نِهاديم ما کارِ خود بَر قَضَا چِه سَازد خدا و نبيءِ خدا
رکياسون سڀئي ڪم قضا تي کڻي چڱي جا خدا ۽ نبي کي وڻي
وَ هَم شاهِ مشکل کشا مرتضيٰ وَ اولادِ امجاد خيرالورا
۽ پڻ شاهه مشڪل ڪشا مرتضيٰ ۽ اولاد امجاد خير الوريٰ
بکن ”جعفري“ شکر هر دم مُدام بآلِ محمد عليه السلام
پيو شڪر ڪر ”جعفري“ تون مدام به آلِ محمد عليه السلام