درد انگيز سفر نامه ”جعفري“

ڪتاب جو نالو درد انگيز سفر نامه ”جعفري“
ليکڪ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“
سنڌيڪار / ترتيب صفدر حسين ميرزا ”سيفي“
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-011-1
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (791) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     71113   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


مثنوي دردانگيز سفرنامه ’جعفري‘ دراصل فارسيءَ ۾ لکيل منظوم تاريخ آهي، جيڪا سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم دور يعني ٽالپورن جي دور ۾ ٿيندڙ ڪن اهم واقعن تي روشني وجهي ٿي.اها فارسيءَ ۾ هُجڻ ڪري عام سنڌي پڙهندڙ جي پهچ کان پري هئي، جنهن کي سنڌ جي نامياري شاعر ۽ محقق سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي خواندن کي سنڌ جي تاريخ جي انهيءَ رخ کان آگاهه ڪرڻ جو فرض نباهيو ۽ جس آهي صفدر حسين ميرزا کي، جنهن پنهنجي بزرگن جي ڪيل هن پورهيي کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ نه صرف ان کي سهڻي نموني سهيڙي پيش ڪيو آهي، پر ان جو مختصر تعارف به چڱيءَ ريت پيش ڪيو آهي.

صفدر حسين ميرزا اول سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا پراجيڪٽ ۾ ۽ هاڻ ڊڪشنري بورڊ ۾ تحقيق جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ آءٌ بجاطور تي اهو چئي ٿي سگهان ته هو صحيح معنى ۾ هڪ اسڪالر آهي ۽ انهن ٻنهي پراجيڪٽن ۾ سڀني رسرچرن کان وڌيڪ لائق فائق آهي ۽ پنهنجي خانداني روايت موجب علم جي ميراث سان گڏ اعلى اخلاق جو مالڪ آهي. منهنجي دعا آهي ته الله سائين کيس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت جي ميدان ۾ ڪاميابيون عطا فرمائي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران هن ڪتاب جي اشاعت سان ڪيئي ڪارج سَـر ٿي سگهن ٿا، سنڌ جي هڪ دور جي واقعن جو احوال، قديم سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو مثال ۽ سنڌيءَ ۾ اُن جي ترجمي ذريعي هڪ بنهه نئين موضوع جو خيال. اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي هيءُ ڪتاب ضرور پسند ايندو.

 

 

ڊاڪٽر فھميده حسين

 10 جنوري 2014