درد انگيز سفر نامه ”جعفري“

ڪتاب جو نالو درد انگيز سفر نامه ”جعفري“
ليکڪ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“
سنڌيڪار / ترتيب صفدر حسين ميرزا ”سيفي“
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-011-1
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (791) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     71112   ڀيرا پڙهيو ويو

مثنويءَ جو سرسري جائزو


’مثنوي‘ لفظ تثنيه يا مثنيٰ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ٻٽو يا جوڙو، پرشعر جي اصطلاح ۾ هڪ اهڙي طويل نظم کي چون ٿا، جنهن جي هر بيت جي ٻنهي مصراعن جو قافيو  هڪ جهڙو هجي. هي هڪ اهڙو مسلسل نظم آهي، جنهن جا شعر هڪ ٻئي سان اهڙي نموني ۾ ته لاڳاپو رکن ٿا جهڙي طرح ڪنهن زنجير جي هڪ ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان لاڳاپو رکي ٿي.

مثنوي هڪ اهڙي مشهور صنف آهي، جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو، مدح و تعريف سان گڏوگڏ باغ وراغ ۽ دشت و جبل جا نظارا ڏيکاريا وڃن ٿا، نوحه ۽ ماتم سان گڏ مختلف واقعن کي پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو، تنهن ڪري مثنويءَ جي صنف ۾ غزل، قصيدي، فخريه مرثيه ۽ واقعه نگاريءَ جي سمورن اصولن ۽ قاعدن جو لحاظ رکڻ نهايت ضروري آهي.

تاريخي واقعو يا ڪو قصو بيان ڪرڻ وقت اصولن جي پابندي ٻيڻي ٿيو پوي، ڇاڪاڻ ته شاعر حقيقت ۾ هڪ قسم جو مصور آهي، تنهنڪري جيسيتائين واقعه نگاري ۾ اهڙي قسم جون خصوصيتون نه ڏيکاريندو، تيسيتائين ڪنهن به واقعي جي صحيح تصوير ذهن ۾ نه ٿي اچي سگهي. مثنوي ۾ هر مصرع جي ترتيب اهڙي قسم جي هئڻ گهرجي جو شروع کان وٺي آخر تائين هر مصرع جو ٻي مصرع سان لاڳاپي وارو سلسلو بنا ڪٿي رڪجڻ جي هلندو رهي ۽ جنهن شخص جو قصو بيان ڪجي تنهن جو اهڙو ته ڪردار پيش ڪجي جو جتي به ان جو ذڪر اچي ته ڪردار ۾ ڪا به تبديلي نه ٿئي. مثنوي جو خاتمو ڪنهن اهڙي ته نصيحت واري مضمون تي ٿيڻ گهرجي جو پڙهندڙن تي ان واقعي جو اثر هميشه لاءِ باقي رهي.

مثنويءَ جي داستان لاءِ تمهيد جو هئڻ ضروري آهي ۽ ديپاچي ۾ توحيد، دعا، بندگي، نعت، مدح، سخن جي تعريف ۽ ان تصنيف ۽ تاليف جو سبب هجڻ لازمي آهي. علم عروض جي استادن جو چوڻ آهي ته مثنوي رڳو ستن وزنن ۾ لکي سگهجي ٿي ۽ انهن ستن وزنن کانسواءِ ڪنهن ٻئي وزن ۾ مثنوي لکڻ سراسر غلط آهي. مقرر ڪيل ست وزن هي آهن:

بحر هزج مسدس محذوف يا مقصور

مفاعيل مفاعيلن فعولن يا مفاعيل

 

بحر هزج مسدس اخرب مقبوض محذوف يا مقصور

مفعول مفاعلن فعولن يا مفاعيل

 

(3) بحر متقارب مثمن محذوف يا مقصور

فعولن فعولن فعولن فعل يا فعول

 

(4) بحر خفيف مسدس مخبون محذوف يا مقصور

فاعلاتن مفاعلن فعلن يا فعلان

 

(5) بحر سريع مسدس محذوف يا مقصور

مفتعلن مفتعلن فاعلن يا فاعلات

 

(6) بحررمل مسدس محذوف يا مقصور

فاعلاتن فاعلاتن فاعلن يا فاعلات.

 

(7) بحر رمل مسدس مخبون محذوف يا مقصور

فاعلاتن فعلاتن فعلن يا فعلات

سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپور المتخلص به ”جعفري“ هي مثنوي جڳ مشهور فردوسي جي شاهنامه واري مثنوي جي وزن ئي چئي آهي، جنهن جو وزن هي آهي.

بحر متقارب مثمن محذوف يا مقصور

فعولن فعولن فعولن فعل يا فعول

مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“ هي درد انگيز مثنوي نظربنديءَ واري دور جي حالاتن ۽ حادثن بابت قلمبند ڪئي آهي. 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ کانپوءِ سر چارلس نيپئر اميران سنڌ کي نظر بند ڪري ڇڏيو هو. سر چارلس نيپئر ٻين ٽالپورن سان گڏ مير محمد نصير خان ٽالپور کي نظربند ڪري ڪلڪتي ڏانهن موڪليو. حيدرآباد کان ڪلڪتي تائين سفر دوران کين جيڪي به صعوبتون ۽ تڪليفون رسيون تن جو مختصر پر جامع احوال مير صاحب پنهنجي منظوم ”درد انگريز سفر نامه جعفري“ جي نالي سان ٻن ڀاڱن جي مثنوي ۾ لکيو آهي. مثنوي جي پهرئين ڀاڱي ۾ حيدرآباد (سنڌ) کان بمبئي، پونا ۽ ساسور تائين رسڻ جو ذڪر ڪيل آهي ۽ هن ۾ ڪل اٺهتر (78) بيت آهن. مثنويءَ جي ٻئي ڀاڱي ۾ ساسور کان ڪلڪتي تائين جو سمورو درد ڀريو داستان سمايل آهي ۽ هن ڀاڱي ۾ ڪُل ٻه سؤ چار (204) بيت شامل آهن. ٻنهي ڀاڱن ۾ ڪل ٻه سؤ  ٻياسي (282)  بيت آهن. جيئن ته قلمي مثنوي ۾ پهرين ڀاڱي ۾ ڪل 78 شعر آهن، جن مان شروع وارن شعرن مان ٻه شعر ۽ ٻئي ڀاڱي جي 282 شعرن مان هڪ شعر ڪن مجبورين سبب هتي نه ڏنا ويا آهن.

آخري تاجدار سنڌ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“ مثنويءَ جي پهرئين ڀاڱي جي شروعات حمد خدا، نعت حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ۽ منقبت اهلبيت عليهم السلام سان ڪئي آهي. ان کانپوءِ لکي ٿو:

کنون باز گردم سوي داستان

وفا ڪشتم و جور برداشتم

خزاڪه مي بود هشتاد سال

همه ملڪ و دولت ببربادشد

زحال غم خود نمايم بيان

ثمر داد تخم ڪه من کاشتم

نمودند آن جملگي پائمال

دل شاد زين درد ناشاد شد

اڳتي مير صاحب لکي ٿو ته، ”اسان تي ظلم ڪرڻ کانپوءِ اسان کي جلاوطن ڪري حيدرآباد کان بمبئي ۾ آڻي هڪ مهينو رهايئون، ان کانپوءِ ”بتيلي“ نالي ٻيڙي ۾ چاڙهي پنويليش ۾ آڻي هڪ ڏينهن رهائي جلد پونا شهر ڏي وٺي ويا. پونا شهر ۾ ٻه ڏينهن رهڻ کانپوءِ ٽئين ڏينهن وري ٻيڙي ۾ چاڙهي اچي ساسور شهر ۾ رسايائون“. هتي مثنويءَ جو پهريون ڀاڱو ختم ٿئي ٿو.

 

ز بعد جفا وستم بيڪران

نخستين چودر بمبي آمديم

بشهري ڪه ”پنويليش“ بود نام

از آنجاي منزل بمنزل روان

بگشتيم زان جا يگه رهگراي

ز ملڪم ڪشيدند اين سو روان

يڪي ماه آن جائگه دم زديم

نموديم يڪ روز آ نجا قيام

به”پونه“ رسيديم با سوز جان

سوي شهر ‘ساسور‘ محنت سراي.

 

مير نصير خان مثنوي جي ٻئي ڀاڱي جي شروعات پڻ حمد خدا، نعت حضرت محمد مصطفيٰ  ﷺ ۽ منقبت اهلبيت عليهم السلام سان ڪئي آهي. ان کانپوءِ اڳتي مير صاحب لکي ٿو ته ، ”ساسور شهر پورو هڪ سال رهڻ کانپوءِ وري ڪلڪتي وٺي ويا. ساسور مان نڪرڻ کانپوءِ وري ٻيهر پونا پهتاسين، جتي ٻه ڏينهن ٻه راتيون رهياسون ۽ اتي ئي خيرپور وارو مير رستم خان ٽالپور پنهنجي پٽ سان گڏ گرفتار ٿي اچي، اسان سان گڏيو. افسوس جو پهرئين ڏينهن کان منهنجي لخت جگر مير شهداد خان ٽالپور کي سڀني ميرن کان الڳ ڪري سورت ۾ قيد ڪري رکيئون، ڇو جو مٿس ڪئپٽن اينس جي قتل جو الزام هو. پونا کانپوءِ وري ٻيڙي ۾ روانو ڪيائون ۽ لڳاتار ٻن هفتن جي سفر کانپوءِ اسين ڪلڪتي (ڊمڊم) ۾ پهتاسين، جتي اسان سان وڏو ظلم ڪيائون. انگريزن مان هڪ دوست ٿي انت وٺندو هو ته ٻيو دشمن ٿي ظلم جو نشانو بڻائيندا هئا. انهن انگريز ظالم گورنرن کي گهڻائي خط لکيم ته جي اوهان انصاف نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان کي ولايت انگلينڊ موڪليو ته پنهنجو انصاف طلب ڪريون.

 

به ”ساسور“ بوديم سال تمام

از آنجاي در ظلم وجور و جفاي

ز ساسور اول به پونا شديم

بروز نخستين نموده جدا

بسورت درون است نيڪنام

ز پونا بمنزل بمنزل روان

سه روزد گر بود آنجا مقام

بروز چهارم بغم بيشمار

وير آگبوت تناسر بنام

به ودم بدادند جاري قيام

ڪه ايدورد ايلنبرو

گرفتار در رنج هر صبح و شام

بگشتيم زين کلکته رهگراي

دو روز و دوشب نيز آنجا بديم

ز ما نيڪ خوي پسنديده را

ببينم مراو را بروزي ڪدام

رسيده به ’پنويلي‘ از درد جان

گرفتار از غم بهر صبح وشام

بگشتيم ما بربتيله سوار

سواره بگشتيم ناڪام ڪام

نمونديم آن جائگاهه ما مقام

بگويند نامي مر آن نام جو.

مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“ جي درد انگيز مثنوي جي مطالعي کانپوءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته، هي مثنوي تاريخ سنڌ خصوصًا ٽالپور دؤر بابت تمام ناياب مثنوي آهي. هن فارسي مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو اسان جي خاندان جي بزرگ، عالم ۽ مُعزز ميرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائيءَ ڪيو هو، اهو سنڌي منظوم ترجمو اصل فارسيءَ ۾ منظوم مثنوي سان گڏ هيٺ پيش ڪجي ٿو.

مير محمد نصير خان ٽالپور جعفري ”مثنوي سفر نامه جعفري“ نظربندي واري دؤر ۾ 1260هه/ 1844ع ۾ تصنيف ڪئي.

 

خادم علم

 

صفدر حسين ميرزا ”سيفي“