ڪتاب جو نالو | درد انگيز سفر نامه ”جعفري“ |
---|---|
ليکڪ | مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“ |
سنڌيڪار / ترتيب | صفدر حسين ميرزا ”سيفي“ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-011-1 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (811) PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 72743 ڀيرا پڙهيو ويو |
ميرزاگل حسن بيگ ’احسن ڪربلائي‘ ابن ميرزا دوست محمد بيگ پهرين مارچ 1897ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو گل حسن رکيو ويو ۽ سجع هي آهي.
”زباغ مصطفيٰ يڪ گل حسن است“
ميرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ اک کولي. سندس بزرگ وڏا عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب هئا. ميرزا صاحب جو والد ميرزا دوست محمد بيگ پنهنجي دور جو بلند پايه جو علام، فاضل ۽ شاعر هو ۽ مير عبدالحسين خان ٽالپور ’سانگي‘ ۽ غلام محمد شاهه ’گدا‘ جو خاص ساٿاري ۽ همعصر هو. سانگي پنهنجي هڪ شعر ۾ لکي ٿو ته:
اجها دوست ۽ حيدريءَ جي جواني
اسان ۽ گدا سا وساري عزيزو
ميرزا گل حسن بيگ ابتدا ۾ قرآن شريف ۽ فارسي تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1918ع کان ميونسپالٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. علمي ۽ ادبي ماحول سبب ميرزا صاحب 1914ع ۾ هڪ نعت چئي جا پنهنجي والد کي ڏيکاريائين. سندس والد اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اهو چيائين ته، ”پٽ! شاگرديءَ جي دؤر ۾ شاعري کان پهرين پنهنجي تعليم طرف ڌيان ڪر ۽ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ڀلي پيو شاعري ڪجان“ والد جي نصيحت کي قبولي احسن ڪربلائي ڪجهه وقت لاءِ شاعريءَ کان پري ٿي ويو، پر 1926ع کان شعروشاعريءَ شروع ڪيائين. نوجوانيءَ کان ئي ميرزا صاحب پنهنجي بزرگن جي ناياب مرثين کانسواءِ، سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي (سنڌي مرثيه گوئي جي باني)، آخوند بچل باري، آخوند محمد عالم ۽ مير حسن علي خان ٽالپور جا مرثيا پڻ پڙهڻ شروع ڪيائين. سندس وقت گهڻو ڪري محاورن ۽ اصطلاحن جي تحقيق ۾ صرف ٿيندو هو. فارسي زبان ۾ کيس خاص دسترس حاصل هئي. ميرزا صاحب پنهنجي خود نوشته سوانح ۾ لکي ٿو ته ”مون پهرين حافظ حيات شاهه کان اصلاح ورتي، ان کانپوءِ ميرزا قربان علي بيگ ڪربلائي ۽ ميرزا مدد علي بيگ مدد کان شعروشاعريءَ جي رهبري ورتم.“
ميرزا گل حسن فطري شاعر هو، سندس ڪلام جا ٻه مڪمل ديوان اڻڇپيل سندس فرزند محترم ميرزا نجم الحسن بيگ وٽ موجود آهن، سندس ڪلام غزلن، نظمن، مرثين، سلامن، قصيدن ۽ رباعين تي مشتمل آهي. ميرزا قربان علي بيگ ڪربلائي جي وفات کانپوءِ ميرزا صاحب شاعريءَ ۾ اصلاح پنهنجي ڀاءُ ميرزا علي بخش بيگ ڪوثر کان ڪرائيندو هو ۽ آخري وقت ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل سان گڏ گذاريندو هو. هي ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ ۽ ”بزم خليل“ جو سرگرم رڪن هو.
ميرزا صاحب 1925ع کان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪيترائي مذهبي ۽ تاريخي مضمون، سوانح حيات، آکاڻيون، افسانه ۽ تحقيقي مقالا اردو ۽ سنڌيءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن جي علمي ادبي شوق ۽ ادبي ڪارنامن تي لکيل تحقيقي مقالا آهن. ان کانسواءِ ميرزا صاحب وڏو خوشخط هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي جا اکر تمام سهڻا هئس، کيس ستن ئي خطن تي مهارت حاصل هئي. ڪيترن ئي نامور شاعرن پنهنجا ديوان ۽ بياض ميرزا صاحب کان لکرايا. سندس خوشخطيءَ تي کيس بمبئي جي گورنر امتيازي سرٽيفڪيٽ ڏنو، جيڪو هن وقت سندس اولاد وٽ موجود آهي.
ميرزا گل حسن بيگ کي سير ۽ سياحت جو نهايت گهڻو شوق هو. پهرين 1921ع ۽ ٻيو فعو 1927ع ۾ هزهائنيس حاجي مير نور محمد خان ٽالپور سان گڏجي ڪربلا معليٰ جي زيارتن تي ويو. 1934ع ۾ طبيعت جي خراب هئڻ سبب ڊاڪٽر چمنداس جي چوڻ موجب هوا بدلائڻ لاءِ شمله ۽ ڌرمپور ويو، جتان موٽندي پنجاب جو سير ڪيائين ۽ لاهور ۾ علامه اقبال سان مليو. سنڌ ۾ جڏهن به ڪو عالم، فاضل ۽ اديب ايندو هو، تنهن کي ميرزا صاحب ٽنڊي مير نور محمد ۾ موجود ٽالپورن جو ڪتب خانو، ميرزا قليچ جو ڪتب خانو ۽ ٽنڊي آغا جي ميرزائن جا ڪتب خانا ڏيکاريندو هو. پروفيسر هرومل سدارنگاڻي جڏهن پنهنجي پي ايڇ ڊي جو مقالو ”پرشن پوئٽس آف سنڌ“ لکي رهيو هو، تڏهن ميرزا احسن ڪربلائي وٽ آيو ۽ رهنمائي جي گذارش ڪيائين. ميرزا صاحب حڪدم کيس ڇپيل ڪتابن کانسواءِ قلمي ناياب مسودن جي ڀري ٻڌي ڏني. پروفيسر سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ميرزا گل حسن جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي کيس ميرزا صاحب ڏنا هئا.
ميرزا گل حسن بيگ 1918ع کان 1953ع تائين حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۾ ملازمت ڪري آڪٽراءِ انسپيڪٽر جي عهدي تي رٽائر ٿيو ۽ پويان حياتيءَ جا باقي ڏينهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ رائٽر ٿي ڪم ڪيائين، ڇو جو کيس واندو هجڻ زهر لڳندو هو. سيد الشهداءِ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهداءِ ڪربلا جي مجلسن ۾ مرثيه خواني ڪندو هو. جوانيءَ کان مجلسن ۾ خطابت ۽ تحت اللفظ مرثيه پڻ پڙهندو هو. ميرزا صاحب ٻه شاديون ڪيون، پهرين شادي پنهنجي عزيزن مان ڪيائين، جنهن 1935ع ۾ وفات ڪئي، ان کانپوءِ ٻي شادي 1937ع ۾ ڪيائين، کيس ست فرزند هئا. 1955ع ۾ سندس وڏي فرزند ميرزا تجمل حسن عين جواني ۾ وفات ڪئي، جنهن تان کيس تمام وڏو صدمو رسيو، جلد ئي 8 آگسٽ 1961ع تي سندس ڀاءُ ميرزا علي بخش بيگ ”ڪوثر“ وفات ڪئي، ان کانپوءِ ميرزا صاحب صدمو برداشت نه ڪندي بيمار ٿي پيو ۽ آخر 68 سالن جي عمر ۾ 28 اپريل 1962ع تي وفات ڪيائين. سندس وفات تي سنڌ توڙي هند جي نامور اديبن ۽ شاعرن تعزيت نامه ۽ قطعه تاريخون چيون، جيڪي اڄ به سندس فرزند ميرزا نجم الحسن بيگ وٽ محفوظ آهن. هتي آءٌ ميرزا عباس علي بيگ (راقم الحروف جي ڏاڏي) جي چيل ناياب قطعه تاريخ جا چند شعر پيش ڪري رهيو آهيان.
ميرزا احسن بلاشڪ عاشق آل عبا
مرثيه گو مرثيه خوانِ شهيد ڪربلا
معدن زيب و سخا و سايهء لطف خدا
رفت ازدارالفنا احسن سوي دارالبقا
”فيض يزدان اوج نظم“ و ”کاخ عزت بيکران“
1962 1381هه
زد رقم ’عباس‘ سال رحلتش وا حسرتا.
سنڌ جو نامور اديب، محقق ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ رشتي ۾ ميرزا گل حسن احسن ڪربلائي جو ڀاڻيجو ٿئي.
خادم علم
صفدر حسين ميرزا ”سيفي“