درد انگيز سفر نامه ”جعفري“

ڪتاب جو نالو درد انگيز سفر نامه ”جعفري“
ليکڪ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“
سنڌيڪار / ترتيب صفدر حسين ميرزا ”سيفي“
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-011-1
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (791) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     71111   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي دؤر کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا تمام دلچسپ ۽ اهم هجڻ باوجود اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. اڌ کان مٿي قلمي ماخذ مسودن جي صورتن ۾ لائبريرين جي ڪٻٽن جي زينت بڻيا پيا آهن. خصوصًا ٽالپورن جي دؤر تي سرڪاري سطح تي ڪوبه تحقيقي ڪم منظرعام تي نه آيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ ”ٽالپور دؤر“ هڪ اهم باب آهي. ٽالپور حاڪمن ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي حڪومت سنڀالي ۽ ڪلهوڙن کي هالاڻيءَ واري جنگ ۾ شڪست ڏئي، 1783ع ۾ باقاعده حڪومت جو بنياد رکيائون. ٽالپور حڪمرانن عالمن، فاضلن، شاعرن، ڪاتبن ۽ فنون لطيفه جي ماهرن جي قدرداني ڪئي. مذهبي پرچار جو ادب پيدا ٿيو. عوام لاءِ هي هڪ آسودو ۽ خوشحاليءَ وارو دؤر هو.

ٽالپور حڪمرانن کان انگريزن ويساهه گهاتي ڪري، سنڌ تي قبضو ڪيو. مياڻي ۽ دُٻي جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپور سميت ڪيترن ئي ٽالپر اميرن ۽ شهزادن کي قيد ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو. ميرمحمد حسن علي خان ٽالپور، ميرمحمد حسين علي خان ٽالپور ۽ مير يارمحمد خان ٽالپور ’بهرور‘ کان سواءِ باقي سڀ ٽالپور امير نظربنديءَ واري عالم ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. انهيءَ نظربنديءَ واري عرصي ۾ جيڪو ڏک، درد ۽ مصيبتون ٽالپور اميرن سَٺيون، تن کي سنڌ جي آخري حڪمران ميرمحمد نصير خان هڪ مثنويءَ ۾ قلمبند ڪيو هو. انهيءَ فارسي مثنويءَ جو منظوم ۽ ساڳئي وزن بحر ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو راقم الحروف جي بزرگ مرحوم ميرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي ڪيو هو. اهي ٻئي تاريخي دستاويز سنڌ جي تاريخ خصوصًا ٽالپور دؤر جا اهم دستاويز آهن، جن کي تاريخ جي طالب علمن لاءِ هتي محفوظ ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي تاريخ جا طالب علم، محقق ۽ تاريخدان ان مان مستفيض ٿي سگهن. ڪم جي اهميت کي مدنظر رکندي، راقم الحروف هي ڪم تمام خبرداريءَ سان ڪيو آهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڀُل چُڪ رهجي وئي هجي ته ان لاءِ اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان.

آءٌ ٿورائتو آهيان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين، سيڪريٽري تاج جويي، ڊائريڪٽر پبليڪيشن امين لغاريءَ ۽ خان محمد جروار جو، جن ذاتي دلچسپي وٺي، هن ڪتاب جي اشاعت کي ممڪن بڻايو.

 

صفدر حسين ميرزا