ڪتاب جو نالو | درد انگيز سفر نامه ”جعفري“ |
---|---|
ليکڪ | مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“ |
سنڌيڪار / ترتيب | صفدر حسين ميرزا ”سيفي“ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-011-1 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (810) PDF E-Pub |
انگ اکر | 21 September 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 72740 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو آفتاب غروب ٿيندي ئي ٽالپورن جي حڪومت جو آفتاب طلوع ٿيو. فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور ڪلهوڙن کي هالاڻيءَ جي فيصله ڪن جنگ ۾ شڪست ڏئي سنڌ ۾ ٽالپورن جي حڪومت جو پائو وڌو. سنڌ تي مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان چئني ڀائرن اهڙي ته يڪجهتي ۾ حڪومت ڪئي جو مٿن ”چؤياري“ جو لقب مشهور ٿيو. انهن پهرين چئن حڪمرانن مان آخري حڪمران مير مراد علي خان ٽالپور جا ٻه پٽ (مير نور محمد خان ٽالپور ۽ مير محمد نصير خان ٽالپور) سنڌ جا بادشاهه ٿيا.
سرڪار فيض آثار مير محمد نصير خان ٽالپور المتخلص به ’جعفري‘ سنڌ جي اسلامي حڪومت جو آخري بادشاهه پنهنجي چاچي مير فتح علي خان ٽالپور جي وفات واري سال 14 محرم الحرام 1217هه/ 17 مئي 1802ع تي ڏينهن سومر حيدرآباد جي قلعي ۾ تولد ٿيو. مير نصير جي هوش سنڀالڻ کانپوءِ مير مراد علي خان جي حڪم سان شهزادي مير محمد نصير خان لاءِ ايراني اتاليق (مجتهد) مقرر ٿيا. مير صاحب جون سجعون هي آهن، جيڪي سنگِ يشب ۽ لاجورد تي اُڪريل آهن.
علي و حسين و حسن دستگير
خدا يار و ياور محمد نصير
سزد گرنهد بر ثريا سرير
کسي راکه باشد محمد نصير
مير صاحب جون چؤڪنڊيون چورس مهرون هي آهن:
مير محمد نصير، مير مراد علي جي وفات کانپوءِ حڪومت ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان سان شامل هو ۽ جڏهن مير نور محمد خان وفات ڪئي، تڏهن مير نصير خان 17 شوال 1255هه/ 24 ڊسمبر 1839ع ۾ سنڌ جي سلطنت تي مسند نشين ٿيو. مير صاحب پنهنجي وقت جو عالم، فاضل، شاعر ۽ شاهاڻي شخصيت جو مالڪ هو، نه رڳو ايترو بلڪه سياسي بصيرت کان پڻ بخوبي واقف هو.
ننڍي کنڊ جا ٽي همعصر بادشاهه مير محمد نصير خان ٽالپور، واجد علي شاهه ’اختر‘ ۽ بهادر شاهه ’ظفر‘ اقتدار جي لحاظ کان بختاور نه ٿي سگهيا. هي ٽيئي اهي بادشاهه آهن، جن جي حياتي جا پويان سال جلاوطني ۽ قيد و مصيبت ۾ گذريا ۽ انهيءَ حالت ۾ گذاري ويا يعني مير نصير خان ۽ واجد علي شاهه ڪلڪتي ۾ ۽ ظفر بادشاهه رنگون ۾ وفات ڪئي. هي ٽيئي بادشاهه همعصر هئڻ سان گڏوگڏ شاعر پڻ هئا.
مير محمد نصير خان ٽالپور ’جعفري‘ جي عهد ۾ ٽالپورن ۾ جتي ڪٿي خانداني جڳهڙا هئا، خصوصاً مير صوبدار خان ۽ مير نصير خان جي نااتفاقيءَ ٽالپورن جي بنياد کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ هر هنڌ بيقراري هئي. افغانستان ۾ انقلاب آيو، شاهه شجاع الملڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ انگريزي سفير کي به ماريو ويو. انگريزن جون اکيون سنڌ ۾ ته اڳيئي هيون سو غنيمت سمجهي ميرن سان جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيائون. مير نصير خان ٽالپور سان گڏ مير شهداد خان، مير حسين علي خان، مير رستم ۽ مکيه بلوچ سترهن هزار فوج، يارنهن توبن سان گڏ هئا. مياڻي جي جنگ ۾ ٽالپور خاندان ۾ فقط شهداداڻي، چاڪراڻي ۽ خانائي موجود هئا، باقي سڀ هن نازڪ وقت ۾ غير حاضر هئا. شهداداڻين مان به مير صوبدار خان ۽ مير ميرمحمد خان جنگ تي نه ويا، انهن سمجهيو ته خيرپور واري مير علي مراد خان وانگي فرنگي هنن کي عزت ڏيندا پر ڳالهه ان جي ابتڙ ٿي، جڏهن مير گرفتار ٿيا تڏهن چارلس نيپئر مير صوبدار خان ۽ مير مير محمد خان کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
بهرنوع جمعي جي ڏينهن 17 فيبروري 1843ع جي صبح جو 8 وڳي جنگ جو طبل وڳو ۽ جنگ شروع ٿي وئي. مياڻي جا بلوچ سپاهي جانبازي ۽ بهادريءَ سان وڙهڻ لڳا پر افسوس جو فرنگين جي مڪاريءَ سبب ٽالپور کٽيل جنگ به هارائي ويا. 18 فيبروري تي مير نصير خان ۽ ٻيا ٽالپور حڪمران چارلس نيپئر وٽ پيش پيا ۽ 19 فيبروري 1843 تي حيدرآباد جي قلعي تي انگريزن قبضو ڪري ”يونين جئڪ“ جو جهنڊو قلعي جي برج تي نصب ڪيو ۽ سڀني ٽالپور اميرن کي ڏهن نوڪرن سميت بمبئي موڪليو. حيدرآباد جا ٽالپور حڪمران سفر ڪندا نظربنديءَ واري عالم ۾ ڪلڪتي مقيم ٿيا. جتي مير نصير خان 6 ربيع الثاني 1261هه/14 اپريل 1845ع تي دل جي دؤري پوڻ سبب اوچتو وفات ڪئي. وصيت مطابق مير صاحب جو لاش ڪربلا معليٰ موڪلڻو هو پر انگريزن جي منع ڪرڻ تي في الحال اتي ئي (دمدمه) ڪلڪتي ۾ بطور امانت دفن ڪيو ويو. مدي ختم ٿيڻ بعد مير صاحب جو لاش اتان ڪربلا معليٰ موڪلڻ لاءِ پهرين بمبئي موڪليو ويو. لاش سان 20 ملازم گڏ هئا، جهڙوڪ مجتهد علامه عظامي، مرزا احمد، ياقوت حبشي، حاجي مبارڪ، ڪي سرهندي پير ۽ ٻيا هئا، جي لاش سان بمبئي تائين آيا. لاش اڃان بمبئي بندر تي هو ته مذڪوره ويهن فردن کي انگريزن اهڙي هنڌ وٺي وڃي گم ڪيو جو اڄ تائين انهن جو ڪو به پتو ناهي پيو. آخرڪار 1855ع ۾ مير نصير خان جو لاش ڪربلا معليٰ بدران حيدرآباد ۾ آڻي ميرن جي قبن واري هنڌ دفن ڪيو ويو.
مير نصير جون تصنيفون
(1) ديوان جعفري (فارسي):
فارسي ٻوليءَ ۾ ديوان مير صاحب سن 1233هه/1818ع ۾ تصنيف ڪيو. جنهن ۾ (9) نو سؤ کان وڌيڪ غزل آهن. ويجهڙائيءَ ۾ ”دانشگاهه سيستان و بلوچستان“ (ايران) مان ”ديوان جعفري“ شايع ٿيو آهي. افسوس جو اهو اڻپورو آهي. فارسي ديوان ۾ مير صاحب جا غزل پڙهڻ سان اهو ثابت ٿو ٿئي ته پاڻ فارسي زبان جي بهترين شاعرن مان هئا.
(2) ديوان قصائد جعفري (فارسي)
فارسي ٻوليءَ ۾ حضرت محمد و آل محمد عليهم السلام جي شان ۾ چيل قصيدن جو ديوان مير صاحب 1230هه/ 1815ع ۾ تصنيف ڪيو. هي ديوان اڻڇپيل آهي ۽ راقم الحروف ان کي مرتب ڪري چڪو آهي.
(3) ديوان جعفري (اردو):
نظربندي واري دؤر ۾ مير صاحب هي ديوان 1261هه/ 1845ع ۾ تصنيف ڪيو، جنهن ۾ غزل نعت، حمد، قصيده، مسدس، مثلث ۽ مربع اشعار موجود آهن. هن ديوان ۾ ڪٿي ڪٿي مير صاحب پنهنجي نظربنديءَ وارين مصيبتن ۽ تڪليفن جو ذڪر ڪيو آهي. هن ديوان کي سنڌ جي عظيم محقق، اديب، عالم ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ ’عباس‘ مرتب ڪيو آهي.
(4) مثنوي مرزا صاحبان (فارسي):
مير صاحب هي مثنوي پنجاب جي مشهور عشقيه داستان ”مرزا صاحبان“ تي چئي آهي. هيءَ مثنوي مير صاحب 1235هه/1819ع ۾ تصنيف ڪئي، جنهن ۾ ڪل (1224) ٻارنهن سؤ چوويهه بيت آهن. اها مثنوي بحر متقارب مثمن محذوف يا مقصور(فعولن فعولن فعولن فعل يا فعول) ۾ چيل آهي. مثنوي جو ديباچو فارسيءَ ۾ آخوند محمد بچل باري لکيو آهي. هي مثنوي راقم الحروف تفصيلي مقدمي سان مرتب ڪري چڪو آهي. مثنوي جي شروعات ۾ حمد، نعت، حضرت محمد و آل محمد عليهم السلام جي شان ۾ منقبت ۽ ان کانپوءِ تفصيلي قصو بيان ڪيل آهي.
(5) مثنوي مختار نامه (فارسي):
فارسي ۾ هي مثنوي مير صاحب 1240هه/ 1824ع ۾ تصنيف ڪئي، جنهن ۾ ويهه هزار پنج سؤ بيت آهن. ۽ اها مثنوي به بحر متقارب مثمن محذوف يا مقصور (فعولن فعولن فعولن فعل يا فعول) ۾ چيل آهي. هن ۾ مير اهو ڄاڻايو آهي ته حضرت مختار ثقفي ڪيئن قاتلانِ شهداءِ ڪربلا کان بدلو ورتو. ان کانسواءِ سندس سڄي زندگيءَ جو احوال پڻ بيان ڪيل آهي.
(6) مثنوي سفر نامه جعفري (فارسي):
مير صاحب هي فارسي مثنوي 1260هه/ 1844ع ۾ تصنيف ڪئي، جنهن جو تفصيلي بيان اڳتي بيان ڪيو ويندو.
مٿين تصنيفن کانسواءِ مير صاحب جو هڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ مرثيو، پنج غزل ۽ ٽي قصيدا پڻ مختلف قلمي بياضن ۾ ملن ٿا. مير صاحب جو سمورو ڪلام فصاحت و بلاغت سان لبريز آهي.
(7) مڪاتيب جعفري (فارسي):
هي مير نصير خان جي خطن جو مجموعو آهي، جيڪي مير صاحب نظربندي واري عالم (1260هه/1844ع کان 1261هه/1845ع تائين) ۾ پنهنجي ديرن (زالن) ڏي لکيا هئا. اهي خط ڏک ۽ غم ڀريا آهن، جن کي پڙهڻ سان دل چيرجو وڃي. اهي فارسي ٻوليءَ ۾ آهن. انهن خطن کي تاريخ وار هڪ هنڌ جمع ڪرائي هزهائنيس مير محمد حسن علي خان ٽالپور جلد ٻڌرائي ڇڏيو. ڪن محققن اها تصنيف ميرمحمد حسن علي خان ٽالپور ڏانهن منسوب ڪئي آهي،جيڪو سراسر غلط آهي.هي تصنيف مير نصيرخان جي آهي. مير حسن علي خان فقط هڪ هنڌ محفوظ ڪيو هو.
سنڌ جو آخري حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپور نظربندي واري دور ۾ انگريز سرڪاري آڏو هڪ بيان قلمبند ڪرايو، جيڪو تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل آهي. انهي ڪري اهو بيان هت پيش ڪجي ٿو.
”اسين سنڌ جا مير بلوچي آهيون، پر انهيءَ قبيلي سان نه آهيون، جن کي ايران ۾ ڪيچ- بلوچي چوندا آهن. ڇو ته اسان جو حسب نسب عربي آهي. اسين امير حمزه جو اولاد سڏايون ٿا، جيڪو هاشم جو پٽ هو ۽ هاشم عبدالمناف جو پٽ هو، توڻي کڻي ڪي ماڻهو چون ٿا ته امير حمزه حضرت عليءَ جو پٽ هو.
جڏهن ابن يوسف دين اسلام ۽ فوجي قوت کي فروغ ڏيڻ لاءِ حجازي لشڪر جا سنڌ طرف قدم وڌايا ۽ ان طرف وڌندي ڪيچ ۽ مڪران فتح ڪيو ويو ته اسان جا وڏا انهن مفتوح علائقن ۾ آباد ٿيا ۽ باقي لشڪر سنڌ طرف پيشقدمي جاري رکي. اتي (ڪيچ مڪران ۾) کين گهڻو اولاد ٿيو، جيڪي بلوچي سڏجڻ لڳا.
زماني گذرندي انهن مان ڪي بلوچ ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان طرف اچي آباد ٿيا ۽ ”چوٽي“ يا جبل جي چوٽي تي گهر اڏايائون. انهيءَ زماني ڌاري ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جيڪو (حضرت) عباس بن هاشم جي اولاد مان هجڻ سبب عباسي سڏبو هو، تنهن سنڌ ۾ زمينداري ڪرت اختيار ڪئي.
سنڌ انهيءَ زماني ۾ دهليءَ جي چغتائي بادشاهن (مغلن) جي هٿ هيٺ هئي. سندس اولاد (ميان شاهل محمد جا پٽ پوٽا) آهستي آهستي انهيءَ ملڪ جا مالڪ بڻجي ويا، جنهن ۾ اڳي هو فقط آبادگار هئا، اهي (ڪلهوڙا) شيعه هئا ۽ سيد ميران شاهه جونپوريءَ جا معتقد هئا.
اسان جي پڙڏاڏي مير شهداد خان ڪبير پنهنجي چاچي مير صوبدار خان ڪبير سان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي اچي ڪلهوڙن جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ سندن مريد پڻ ٿيو. جيئن ته هو (مير شهداد خان ٽالپور شهدادپور جو باني) بلوچن جو سردار هو، تنهن ڪري وڏي تعداد ۾ بلوچي سندس پويان سنڌ ۾ آيا ۽ سندس چاچو (مير صوبدار خان ڪبير) پڻ ٿوري گهڻي ڏينهن باقي بچيل بلوچن سان گڏ اچي ساڻس شريڪ ٿيو. اهو زمانو هو جڏهن ملڪ ۾ بلوچ پهريون ڀيرو آباد ٿيا.
مير صوبدار خان ڪبير سوچيو ته الله تعاليٰ جي صحيح اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ ڇڙهو رهڻ بيحد ضروري آهي، تنهن ڪري هن شادي نه ڪئي. هو پرهيزگاري ۽ سخاوت ۾ حد ڪمال تي پهتل هو. سندس وفات بعد سندس ڀائٽيو مير شهداد خان، جنهن جو تازو ذڪر ڪيل آهي، سندس جانشين ٿيو.
اڃان نادر شاهه (بادشاهه) سنڌ تي نه ڪاهيو هو ته اتي جي حڪومت دهلي سرڪار جي هڪ امير جي هٿ هيٺ هئي، پر جڏهن هو (نادر شاهه) قتل ٿي ويو ته ميان نور محمد ڪلهوڙو صوبيدار ٿيو ۽ احمد شاهه افغان بادشاهه کي خراج ڏياري موڪليائين.
هن نائب حڪمران (ميان نور محمد ڪلهوڙي) جي وفات بعد سندس پٽ ميان محمد مراد مسند تي ويٺو.
عين انهيءَ زماني ۾ مير شهداد خان ڪبير وفات ڪئي. کيس چار پٽ هئا، مير ڄام نندو، مير چاڪر ۽ مير بهرام پهرئين گهر مان ۽ مير خيرو پوئين گهر مان ٿيس. پهريون پٽ مير نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن سان گڏ، نادر شاهه جو يرغمالي ٿيو ۽ مشهد ۾ وفات ڪيائين. مير شهداد خان ڪبير جي پٽن ۾ مير بهرام خان سڀني کان وڌيڪ سمجهه ڀريو ۽ سٺو هو ۽ پيءُ جي وفات بعد اهو ئي بلوچن جو سردار ٿيو.
(سنڌ جي) نائب حڪمران (ميان) محمد مراد (ڪلهوڙي) جي ظلمن ۽ زيادتين کيس ڪلهوڙن اميرن اڳيان قابل سزا بنايو ۽ انهن بهرام خان سان سندس معزولي لاءِ اتحاد قائم ڪيو. انهن کيس قيد ڪري سندس ڀاءُ عطر خان کي تخت تي ويهاريو. جڏهن سندن پسند کين ڌوڪو ڏنو ته انهن کيس به تخت تان لاهي قيد ڪيو ۽ ڪلهوڙي (ميان نور محمد) جي ٽئين پٽ ميان غلام شاهه کي تخت تاج جو مالڪ بنايو. هن سندن اميدون پوريون ڪيون جو سڄو ملڪ پنهنجي مڪمل تابعداريءَ هيٺ آندائين ۽ حيدرآباد جو قلعو ٺهرايائين. سندس وفات بعد سندس وڏو پٽ مير محمد سرفراز سندس جانشين ٿيو.
بلوچي قبيلي جي سردار مير بهرام خان کي ٻه پٽ هئا: هڪ مير بجار خان ۽ ٻيو مير صوبدار خان (ثاني). پهرئين مير بجار خان جي غير حاضريءَ جيڪو ڪنهن خانداني تڪرار سبب حج تي ويل هو، (ميان ) محمد سرفراز سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو بهرام خان هڪ نڊر مهم جو انسان ۽ (ميان) محمد سرفراز سندس اثر رسوخ ۽ غلبي کان خائف هو.
ڪلهوڙن اميرن کي جڏهن هن واقعي جي خبر ملي ته هنن مير فتح خان سان شامل ٿي قاتل (ميان محمد سرفراز) کي قيد ڪيو ۽ (ميان) غلام شاهه (ڪلهوڙي) جي ٻئي نمبر پٽ (ميان) محمد خان کي تخت تي ويهاريو، پر هڪ ٻئي مقتدر ڪلهوڙي سردار راڄوليکي کيس (ميان محمد خان ڪلهوڙي کي) تخت تان لاهي قيد ڪيو ۽ سندس جاءِ تي معزول محمد خان جي چوٿين پٽ (ميان) غلام نبي کي بادشاهه بنايو.
ٺيڪ انهن گڙٻڙ وارين حالتن دوران مير بجار خان حج تان موٽيو. هو مسقط، گوادر، ڪيچ ۽ مڪران کان ٿيندو قلات ۾ نصير خان بروهي (واليءِ قلات) وٽ ويو ۽ کانئس پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ناحق قتل جي پلاند وٺڻ لاءِ فوجي مدد گهريائين. جنهن جڏهن انڪار ڪيو ته هو سڌو سنڌ ۾ آيو ۽ سندس آمد تي ڪيترائي بلوچ، جن ۾ (ميان) غلام نبي غير مقبول هو، جو راڄو ليکي کيس تخت تي ويهاريو هو، سي ساڻس شامل ٿي ويا. آخر لڙائي لڳي، جنهن ۾ (ميان) غلام نبي مارجي ويو.
جيتوڻيڪ (ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي) فاتح مير بجار جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي بيڏوهي مارايو هو، تاهم سندس نظر ۾ ميان محمد سرفراز کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪلهوڙو حڪمراني جي لائق نه هو. ويتر جو ننڍائپ ۾ هو (ميان محمد سرفراز ۽ مير بجار خان) گڏ کيڏيا هئا ۽ ڇتڙن جا يار هئا، تنهن ڪري اوائلي دوستيءَ جي يادين ۽ ملڪ سان محبت جي جذبي هيٺ مير بجار خان خاص اميرن کي موڪليو ته ميان محمد سرفراز کي قيدخاني مان ڪڍي شاهانه تجمل سان هاٿيءَ تي چاڙهي وٺي اچو ته جيئن تخت و تاج سندس حوالي ڪيو وڃي.
پر ڪشاده دلي جي اهڙن ارادن جي عملي صورت اختيار ڪرڻ جو وقت نڪري چڪو هو، ڇو ته (ميان) غلام نبي جي ڀاءُ (ميان) عبدالنبي ڪلهوڙي (ميان نور محمد خان جي پنجين نمبر پٽ) مير بجار خان جي ارادن کان واقف ٿيندي ئي سڀني شاهي قيدين کي ميان محمد مراد، ميان عطر خان ۽ ميان محمد سرفراز ۽ سندس پٽ ميان نور محمد سميت قيد خاني ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. اهڙي ڪٺور ويڌن بعد، مير بجار خان، بادل ناخواسته، ڀڳل دل سان عبدالنبي کي نالي ماتر تخت و تاج حوالي ڪيو، پر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون.
انهن واقعن کان ستت پوءِ، عبدالنبي، جيڪو پنهنجي عزيزن جي خون سان اڳ ئي وهنتل هو، تنهن پنهنجي ڪٺورتا ۾ هڪ وڌيڪ مظلوم جي اضافي ڪرڻ جو پهه ڪيو. هن ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ ذاتي قاصد جوڌپور جي راجا ڏانهن روانو ڪيو، جنهن اتي وڃي راجا سان معاهدو ڪيو ته جيڪڏهن هو مير بجار خان کي پورو ڪرڻ ۾ عملي طور مدد ڪندو ته عمرڪوٽ جو قلعو سندس حوالي ڪيو ويندو.
اهي شرط شروط راجا قبول ڪيا ۽ ٻارهن راجپوتن کي هن خوني ڪارروائيءَ لاءِ روانو ڪيائين. مير بجار خان جي درٻار ۾ پهچي هنن سفير جو روپ اختيار ڪيو ۽ دربان ذريعي اطلاع ڪيو ته هو پنهنجي آقا (جوڌپور جي راجا) وٽان ڪي خوشخبريون کڻي آياآهن، جيڪي هو چاهين ٿا ته کيس ذاتي طور ۽ پنهنجي منهن ٻڌائين.
مير بجار خان کي جيتوڻيڪ جيسلمير جي والي ۽ ٻين راجپوتن جي خوني ارادي کان اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو، تاهم هن سوچيو ته جيڪڏهن کين اندر اچڻ نه ڏيندس ته منهنجي سورهيائيءَ جي ساک تي حرف اچي ويندو. تنهن ڪري هن کين (ٻارهن راجپوتن کي) پاڻ وٽ اندر گهرايو. اهڙي اُٻهرائي سزا کان بچي نه سگهي، ڇو ته دائمي دوستيءَ جي پيغامن ڏيندي قاتلن کيس ماري وڌو.
عبدالنبي، هن خون بعد مير بجار خان جي پٽ مير عبدالله ۽ مير صوبدار جي پٽ مير فتح خان وٽ ويو ۽ مٿن هن معاملي ۾ پنهنجي معصوميت جو اهڙو ته اثر وهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو جو هو شاهي محل ۾ سندس مهمان ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هن دغاباز جو ارادو ته وجهه ملندي ئي پهرين فرصت ۾ کين (مير مرزي فقير سميت) قتل ڪرڻ جو هو. مير چاڪر خان جي پٽن مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان، بدمعاش جي چال کي تاڙي ورتو ۽ ٻين کي پڻ ايندڙ خطري کان خبردار ڪيائون، پر سندن مهلائتي خيرخواهي جو چتاءُ جڏهن برو لڳو ته مير فتح علي خان ۽ مير سهراب تتيءَ منجهند جو گهوڙن تي چڙهي هليا ويا ۽ مير عبدالله، مير فتح ۽ مير مرزي کي سندن قسمت تي ڇڏي ڏنائون. ٿوري عرصي ۾ سندن اڳڪٿي سچي ثابت ٿي، جو ٽئي قتل ڪيا ويا. انهيءَ خبر ملڻ تي، مير فتح علي خان ۽ (مير) سهراب خان لشڪر ڪٺو ڪيو ۽ ڪيترين سخت ويڙهين بعد آخرڪار راڪاس عبدالنبي کي ملڪ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمرانن جي خاندان جو خاتمو ٿيو. ان کان پوءِ مير فتح علي خان ۽ سهراب خان بادشاهي اقتدار حاصل ڪيو ۽ دهلي (اصل ۾ ڪابل جي) جي بادشاهه تيمور کي نذرانه ۽ خراج روانو ڪيائون، جنهن موٽ ۾ پهرين (مير فتح علي خان ) کي بادشاهي خطاب ڏنو. هن ارڙهن سال حڪومت هلائي ۽ مرڻ وقت فقط نَوَن ڏينهن جو ڄاول پٽ مير صوبدار خان پويان ڇڏيو.
مير فتح علي خان کي ٽي ڀائر هئا، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، جيڪي پنهنجي حڪمران ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ سندس خاص معتمد ۽ صلاحڪار هئا.
سندس (مير فتح علي خان جي) وفات بعد (1810ع) ڀاڻس مير غلام علي خان تخت نشين ٿيو. (ان بعد ائين ٿيو جو) محمد صادق دائودپوٽي مير سهراب خان سان غلط روش اختيار ڪئي. مير سهراب خان مير غلام علي خان کي داد رسيءَ لاءِ دانهن ڏني، جنهن سندس طرفداري ڪندي اڳرائي ڪندڙ کي ديراور جي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ سندس پيش پوڻ تي فاتح (مير غلام علي خان) ورائي کيس پنهنجي ملڪ (بهاولپور) جو بادشاهه ڪيو ۽ مٿس پندرهن هزار روپيا ساليانه خراج مقرر ڪئي ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو پنهنجي هٿ هيٺ رکيائين. دائود پوٽي (محمد صادق) کان قرآن شريف تي معاهدا لکرائي وٺڻ بعد سندس پٽ بهاول خان کي يرغمال بنائي پاڻ سان وٺي ويو، جنهن کي هن واقعي کان هڪ سال بعد مناسب سوکڙين پاکڙين سان سندس پيءُ ڏانهن موٽائي موڪليائين.
هن (مير غلام علي خان) ڏهه سال حڪومت ڪئي ۽ وفات وقت (1811ع) اڙرهن سالن جو هڪ پٽ مير محمد خان پويان ڇڏيائين.
مير مُراد علي خان ڀاءُ جي وفات بعد تخت تي ويٺو، جتوڻيڪ مير ڪرم علي خان مير مراد علي کان عمر ۾ وڏو هو تاهم هن حڪومت پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حوالي ڪئي، جيڪو سندس لاءِ دل ۾ بيحد عزت ۽ محبت رکندو هو. مير ڪرم علي خان پوءِ به اڻٽيهه سال جيئرو رهيو ۽ مرڻ وقت پنهنجي ڀاءُ (مير مراد علي خان) کي تخت ۽ تاج جو اڪيلو وارث ڇڏي ويو ۽ اهو منهنجو والد صاحب هو، جنهن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن (ٻاهرئين حاڪم) کي خراج ادا نه ڪيائين. هن سبزل (ڪوٽ) ۽ شڪارپور سميت سموري سنڌ پنهنجي حڪومت هيٺ آندي. هو سدائين پنهنجي ڀاءُ مير ڪرم علي خان جي غم ۾ رهندو هو ۽ دل وٽ جيڪو سور هن کي هميشه رهندو هو، سو انهيءَ غم جي سبب کان سمجهيو ويندو هو. وڌيڪ ست سال خوشحاليءَ جو دور هلائي پنهنجي پٽ يعني مون ۽ منهنجي ڀاءُ مير نور محمد خان کي سنڌ جي بادشاهي ۾ ڀائيوار ڪري ويو.
اسان جي تخت نشينيءَ کان جلدي پوءِ ڪرنل هينري پاٽنجر Col: Henry Pottinger اهو معاهدو جيڪو اسان جي محترم مرحوم والد صاحب (مير) مراد علي خان ۽ لارڊ وليم بينٽنڪ (William Bentinck) گورنر جنرل جي وچ ۾ ٿيو هو. سو اسان جي تصديق لاءِ پيش ڪيو. ڇاڪاڻ ته فوتي جي پٽ جي حيثيت ۾ اسان مذڪور معاهدي جي شرطن ۾ شامل ڪيا ويا هئاسين. هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته مذڪور معاهدي هيٺ اسان جي والد صاحب تجارتي مقصدن لاءِ ڪمپني (برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني) جي حڪومت جي حدن اندر رهندڙ انگريز واپارين ۽ سوداگرن کي سنڌونديءَ مان بغير محصول گذرڻ جو پروانو جاري ڪيو هو ۽ سڀني کي انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ آهي ته خاص منهنجي زور ڀرڻ تي منهنجي والد صاحب اهو پروانو جاري ڪيو هو. گورنر جنرل جي طرفان ڪرنل هينري پاٽنجر جي حيدرآباد اچڻ ۽ منهنجي والد صاحب کان انهيءَ تجويز جي منظوري حاصل ڪرڻ تي والد صاحب بلڪل تيار نه هو ۽ منهنجي مداخلت کانسواءِ هو اهڙي منظوري مورڳوئي نه ڏئي ها. سمجهڻ گهرجي ته اهو اڪيلو مثال نه هو، جنهن ۾ مون انگريز سرڪاري جي پاران پنهنجي والد صاحب تي پنهنجو اثر استعمال ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ معاهدي جي بحال ٿيڻ کان اڳ جڏهن سر اليگزينڊر بَرنس (Sir Alexander Burnes) لاهور ويندي، ڪراچيءَ مان منهنجي والد کي بار بار سنڌ جي درياهه (سنڌو ندي) مان بغير محصول، گذرڻ جي اجازت لاءِ خطن ذريعي عرض پئي ڪيو ته اها فقط منهنجي ئي ڪوشش ۽ دلچسپي هئي، جنهن سندس مرادون پوريون ڪرايون. افسوس، جو جنهن وقت مان انگريز سرڪار جي مفاد خاطر پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ دلچسپي وٺڻ ۾ اهڙو پيش پيش هئس، تنهن وقت مون اهو ڪو نه سوچيو ته اها سرڪار مون کي اهڙيءَ ريت انعام ڏيندي، جهڙيءَ ريت ان هينئر تائين ڪيو آهي، پر خير موٽي مقصد طرف اچجي.
ڪرنل هينري پاٽنجر مٿي ڄاڻايل معاهدو اسان جي تصديق ڪرڻ لاءِ موڪلڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ اسان جي والد صاحب جي تعزيت (عذرخواهي ڪرڻ) لاءِ آيو. ان بعد هو ڪڇ روانو ٿي ويو ۽ (اتان) اسان ڏنهن لارڊ آڪلنڊ (Lord Auckland) جي مهر سان هڪ خط موڪليائين.
خط ۾ لکيل هو ته گورنر جنرل جيئن ته اسان کي دوست سمجهي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته اسان انگريز سرڪاري تي مهربان آهيون، تنهنڪري لارڊ صاحب ڪڏهن به ۽ ڪنهن به بنياد يا بهاني تي، چاهي اهو ڪهڙو به هجي، اسان جي ملڪ يا حڪومت ۾ بري نظر نه وجهندو. انهيءَ خط ملڻ تي اسان کي يقيناً بيحد خوشي حاصل ٿي. اسان جي ذهن ۾ پنهنجي ملڪ جي آئنده سلامتي جي باري ۾ ذرو به شڪ شبهو باقي نه رهيو هو ۽ ان وقت نٿي ڄاتوسين ته قضا جي قلم اسان جي قسمت جي پيشانيءَ تي ڇا لکي ڇڏيو آهي!
ان بعد اسان پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي ته پنهنجي درٻار ۾ هڪ انگريز وڪيل (سفير) کي رهائڻ لاءِ دعوت ڏجي. ان مطابق اسان ڪرنل هينري پاٽنجر کي انهيءَ بابت هڪ خط لکيو. هن جواب ۾ لکيو ته جيتوڻيڪ سندس نظر ۾ سفير کي اسان جي درٻار ۾ رهائڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي، تاهم جيئن ته اسان اهڙي استدعا ڪئي هئي، تنهن ڪري هو اسان جي مرضيءَ کان لارڊ صاحب کي آگاهه ڪندو ۽ اسان جي معلومات لاءِ سندس جواب اسان کي ڏياري موڪليندو. اڃا ٿورا ڏينهن مس گذريا ته ڪرنل وري ملاقات ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. سندس انهيءَ عرض تي اسان کي بيحد خوشي ٿي ۽ اسان هڪدم پنهنجا ڪجهه امير روانا ڪيا ته کيس پنهنجي حفاظت ۾ حيدرآباد وٺي اچن، جتي اسان جي ملاقات ٿي. انهيءَ ملاقات ۾ ڪرنل انهيءَ ضرورت تي زور ڏنو ته اسان جي علائقن مان انگريز فوجن کي خشڪي ۽ آبي رستن مان گذرڻ ڏنو وڃي. جيئن هو ڪابل طرف پيشقدمي ڪري سگهن. جڏهن انگريز سرڪار جي هي استدعا عام ٿي ته سڀ امير ۽ بلوچي هڪ آواز ٿي ان جي مخالفت ڪرڻ لڳا. سندن چوڻ هو ته اهڙين ڇوٽين موٽين استدعائن کي پورو ڪندي، اسان ڪٿي پاڻ کي ڪنهن اهڙي مصيبت ۾ نه وجهي ڇڏيون جو پوءِ پاڻ کي ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوي. پر اسان پاڻ جيئن ته ٻالي ڀوليءَ مت وارا هئاسين ۽ ٻين جي باري ۾ به اهڙو گمان ٿي ڪيوسين، تنهن ڪري مون ۽ منهنجي ڀاءُ بي ڌڙڪ ڪرنل هينري پاٽنجر جو عرض قبول ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن ۽ سمجهائڻ پرجهائڻ جي ذريعي اهڙي تجويز قبول ڪرڻ تي بلوچن کي راضي ڪيوسين.
اهڙي طرح گهربل اجازت ڏني وئي، پر اسان ڪرنل پاٽنجر کي ان مشڪلات کان آگاهه ڪري ڇڏيو، جن کي منهن ڏئي اسان سندس خواهش کي پورو ڪيو هو. ان بعد ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد مان روانو ٿي ويو ۽ درياهه جي وٽ سان ڪئمپ هڻي ويٺو، جتان بمبئي بندر کان انگريز لشڪر کي سنڌ مان لنگهي ڪابل تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
اسان جي ڏنل منظوري تي اسان کي جيڏانهن ڪيڏانهن ميارن کي منهن ڏيڻو پيو. اها منظوري اسان جي ديس وارن جي مرضي جي سخت خلاف هئي، پر اسان انهيءَ اميد تي ائين ڪيو ته ڪنهن دشمن طرفان اسان جي ملڪ تي حملي ڪرڻ جي صورت ۾ اسان کي انگريزن جي مدد حاصل رهندي.
پر اسان جيڪو خيال ڪيو هو، تجربي اسان کي ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريو. جڏهن انگريزي لشڪر ٻاڙي گهوڙا پهتو ته اسان کي چيو ويو ته لشڪر لاءِ سيڌو سامان ۽ اُٺ پهچايا وڃن ۽ آگبوٽن لاءِ ٻارڻ مهيا ڪيو وڃي. مون ڪهڙي طرح ان تقاضا جي تعميل ڪئي ان تفصيل ۾ وڃڻ جي مون کي ضرورت نه آهي، جنهن نموني مون اهڙين مشڪل گهڙين ۾ انگريزن جي خدمت ڪئي، هندستان ۾ اڄ ڏينهن تائين ٻئي ڪنهن به حڪمران نه ڪئي آهي.
جڏهن انگريزي لشڪر حيدرآباد کان چوڏهن ڪوهه پري جهرڪن وٽ اچي پڙاءُ ڪيو ته تمام موجوده معاهدن جي برخلاف اسان کان لشڪر جي خرچ پکي لاءِ ايڪويهه لک روپيا جنس جي صورت ۾ وڌيڪ ٽي لک روپيا ساليانه ادا ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. اسان انهي تقاضا کي به پورو ڪيو. هندستاني حڪمرانن سان ڪيل معاهدن ۾ انگريز سرڪار جو هيءَ دستور رهيو آهي ته هو هڪ فقرو شامل ڪندا آهن ته ”پشت بپشت“ يا ”پيڙهي بپيڙهي“، پر حقيقت اها آهي ته هو معاهده جي مدت پنهنجي آساني مطابق مقرر ڪندا آهن، جنهن جو تلخ تجربو مون کي ٿي چڪو آهي.
اُن بعد هڪ نئون معاهدو دستخط ڪرڻ لاءِ مون کي موڪليو ويو، جنهن ۾ چوويهه فقرا هئا ۽ مون اهي به منظور ڪيا، پر منهنجي دستخط جي مس به اڃا نه سُڪي هئي جو ميجر جنرل سر چارلس نيپئر پنهنجي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ هڪ ٻيو معاهدو منهنجي دستخط ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن روانو ڪيائين.
جيئن ته ان معاهدي جي سخت ذلت آميز شرطن تي عمل درآمد ڪرڻ سان اسانجي زواليت جو مڪمل سامان مهيا ٿئي ها، تنهن ڪري اسان هڪ وڪيل سکر روانو ڪيو ته ميجر جنرل سان ملي معاملي جي صحيح صورتحال پيش ڪري، پر هن وڪيل کي صاف چئي ڏنو ته هو هتي ڳالهين ڪرڻ لاءِ نه آيو هو ۽ کيس ٻڌايائين ته هو فقط لارڊ ايلن (برو) (Lord Ellenbrough) جي حڪمن جي تعميل ڪري رهيو هو ۽ جيڪڏهن اسان هڪدم معاهدي کي منظور نه ڪيو ته هو بنا دير اسان جي بربادي جي باهه ٻاري ڇڏيندو. ان بعد هن درياهه پار ڪري وڃي لهوڙي (روهڙي) وٽ ڪئمپ قائم ڪئي ۽ خيرپور جي رئيس مير رستم خان کي چيائين ته هو هڪدم اهو هنڌ سندس حوالي ڪري، نه ته ٻيءَ صورت ۾ هو ٻئي ڏينهن صبح جو اُتي حملو ڪندو ۽ جيڪڏهن سپاهي امير (مير رستم) جي ذاتي گهر ۾ گهڙي پون ته هو ان لاءِ جوابدار نه ٿيندو. هو غريب بيوس ۽ معذور اهو نه سوچي سگهيو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو ۽ دڙڪي جي خوف وچان خيرپور مان ڀڄي نڪتو ۽ باجيءَ مان ٿيندو ناري پهتو ۽ اتان ڪوٽڙي ويو. هن تي صرف هن ڏوهه جو الزام لڳايو ويو ته انگريزي فوج جي ڪنهن آفيسر جو خط ٽپال مان چورايو ويو هو ۽ شڪ هو ته خيرپور جي ڪنهن بدمعاش اهو خط چورايو هو. (اڳتي هلي اهو ثابت ٿيو ته مير علي مراد اهو ڪم ڪيو هو ته جيئن مير رستم برباد ٿئي). ان تي سر چارلس مير رستم کي چيو ته چور کي پڪڙي سندس حوالي ڪري. پر مير رستم جيئن ته غيب جو علم نه ڄاڻندو هو، تنهن ڪري نامعلوم ڏوهيءَ کي هٿ ڪري نه سگهيو، جنهن تي ميجر جنرل کيس نااهل حڪمران قرار ڏنو ۽ حڪومت تان بيدخل ڪري ڇڏيو.
مير رستم خان جون ميڙيون منٿون ڪارگر نه ٿيون. ميجر جنرل کيس ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو. هڪ واحد آٿت طور کيس حيدرآباد وڃڻ لاءِ چيائين، جتي هو پاڻ اچي سندس معاملي جو فيصلو ڪري ها.
جيئن ته اسان ڏٺو ته جنرل دشمني تي سندرو ٻڌيو بيٺو آهي، تنهن ڪري اسان ميجر آئوٽرام (Major Outram) کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ميجر هڪدم خيرپور کان حيدرآباد هليو آيو ۽ اسان کي خط ذريعي اطلاع ڏنائين ته سرچارلس نيپئر جي موڪليل معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. اسان ميجر جي صلاح تي عمل ڪيو. تاريخ 9 فيبروري 1843ع تي هو اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو ۽ اسان جي طرفان تفصيلات جي وضاحت تي مطمئن ٿيڻ بعد چيائين ته انهيءَ رات هو اسان ڏانهن هڪ گورو (يورپي) موڪليندو، جنهن کي اسان هڪدم تيز رفتار اُٺ ذريعي چارلس نيپيئر ڏانهن (پيغام ڏئي) موڪليون ته جيئن وڌندڙ لشڪر جي يورش کي روڪي سگهجي. اسان کي جيئن چيو ويو تيئن اسان ڪيو، پر جن شتر سوارن کي يورپيءَ سان روانو ڪيو هئوسين، سي 11 فيبروري تي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته سر چارلس نيپئر ايندي ئي تنبو پٽرايا ۽ حيدرآباد طرف پيشقدمي شروع ڪيائين. اسان اها خبر ميجر آئوٽرام کي موڪلي، جيڪو هڪدم اسان وٽ قلعي ۾ آيو ۽ هن قسم کڻي اسان کي خاطري ڏياري ته سر چارلس جا اسان ڏانهن ڪي به دشمنيءَ وارا ارادا نه هئا. بس اسان فقط ان معاهدي تي مهر ثبت ڪريون ۽ مون ان تي مهر هڻي جڏهن سندس حوالي ڪيو ته چيائين ته هاڻي اوهان دلجاءِ ڪريو، مان هڪدم اهو معاهدو پنهنجي خط سان شامل ڪري سرچارلس ڏانهن روانو ڪريان ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته معاهدي ملڻ بعد هو هڪدم فوج کي هٽائي ويندو. ان بعد ميجر مون کي خط ڏنو، جيڪو مون معاهدي سان گڏ هڪدم هڪ شتر سوار جي ذريعي سر چارلس ڏانهن موڪلي ڏنو. 14 تاريخ شتر سوار موٽي اچي ٻڌايو ته انهيءَ خط جو به ڪو اثر ڪو نه ٿيو. مون وقت وڃائڻ کانسواءِ اها خبر آئوٽرام کي پهچرائي، پر هن وڌيڪ ڪو به توجهه نه ڏنو. ان تي سمورا بلوچ بغاوت تي آماده ٿي ويا. منهنجي خاطر هُنن پهريائين انگريزي فوج کي ڪابل تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ملڪ مان رستو ڏيڻ جي اجازت ڏني، منهنجي خاطر هنن ايڪويهه لک روپين جي بروقت امداد ۽ ٽي لک روپيا ساليانه ڏيڻ قبول ڪيا ۽ آخر ۾ جڏهن انگريزن هڪ معاهدي مٿان ٻيو ٽيون معاهدو ٽوڙيندا رهيا ته اهو منهنجي خاطر ئي هو جو هنن پرجوش هوندي به پرامن رهڻ قبول ڪيو پر جڏهن هنن ڏٺو ته باوجود اسان جي رعايتن ۽ لحاظن جي انگريز دشمني تي چڙهي بيٺا آهن ته سندن احساس ذلت جهلڻ جو نه رهيو ۽ فيصلي جي قوت تي غالب پئجي ويو سو هو هاڻي وڌيڪ وقت لاءِ منهنجي حڪمن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا.
جڏهن هُنن ٻڌو ته سر چارلس نيپئر بنان سبب حيات خان کي قيد ڪيو آهي ته هنن ميجر آئوٽرام کان ان جو بدلو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن گهڙيءَ مون کي اها خبر پئي، مون جهان خان ۽ حاجي غلام محمد کي حڪم ڪيو ته ٻارهن چونڊ هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري ميجر آئوٽرام کي سلامتي سان سندس جاءِ تي پهچائي اچن ۽ مڇريل بلوچين جي ڪنهن به حملي کان سندس جان جي حفاظت ڪن. اهڙي طرح هن کي سلامتيءَ سان پنهنجي جاءِ تي پهچايو ويو، جيتوڻيڪ جتي ڪٿي بلوچن جا ميڙ ڏٺا ويا، جيڪي پلاند ڪرڻ جي پوري ارادي سان ڦري رهيا هئا، پر جن ماڻهن کي مون ميجر جي حفاظت لاءِ چونڊيو هو، سي اهڙا هئا، جن کان هو ڊپ ڪندا هئا، آخرڪار جڏهن بلوچن ريزيڊنسي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته مون ميجر کي بروقت اطلاع ڏنو ۽ مون کي يقين آهي ته هن چڱي مڙس جي سلامتي سان نڪري وڃڻ جو پورو دارومدار منهنجي اهڙي ريت ورتل حفاظتي اپائن تي هو. فقط اهو هڪڙو مثال ئي انگريزن ڏانهن منهنجي نيڪ خواهشات ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
جڏهن 14 تاريخ شتر سوار اچي اطلاع ڪيو ته ميجر جنرل ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ حيدرآباد ڏانهن پوريءَ ريت پيشقدمي ڪري رهيو آهي ۽ دشمنيءَ جو ارادو رکي ٿو ته اٽڪل پنج يا ڇهه هزار بلوچ مقابلي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کان روانا ٿيا.
اها خبر ٻڌندي ئي سندن پويان ويس ۽ کين سمجهايم ته هنن هروڀرو کڻي پاڻ کي دشمني ۾ وڌو آهي، ڇو جو مون کي يقين ڏياريو ويو آهي ته ميجر جنرل پنهنجي حليف تي پهريائين وار نه ڪندو. مان پاڻ به لڙائي جي ارادي سان ڪو نه ويو هوس. جيڪڏهن منهنجو اهڙو ڪو ارادو هجي ها ته مان اٿندي ئي ظاهر ڪريان ها، بجاءِ انهيءَ جي جو ائين ڪرڻ لاءِ آخري گهڙي تائين انتظار ڪندو رهان.
اها صورتحال بذات خود منهنجي معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جو مون ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات جي منٿ ميڙ کان پوءِ بلوچن کي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته دشمني جي تمام علامتن کان باز رهجي. هنن چيو ته هنن کي منهنجي هر ڳالهه منظور آهي، پر جيستائين انگريزي لشڪر جي پيشقدمي جاري آهي، تيستائين ميدان نه ڇڏيندا.
آخرڪار هنن منهنجي اها ڳالهه به منظور ڪئي ته جنرل ڏانهن وڪيل موڪلي کيس هيءُ ٻڌايو وڃي ته اسان اڃان به انگريزن جا دوست آهيون.
ٽئين ڏينهن پرهه ڦٽي ويل جنرل جي لشڪر اسان تي توبون ڇوڙيون ۽ بلوچن به مايوسيءَ جي عالم ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي. اسان جي طرفان کان هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ باقي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. فقط آءٌ اڪيلو ارڙهن ماڻهن سان ميدان ۾ رهجي ويس، پر جڏهن مون ڏٺو ته سڀئي ڀڄي ويا ۽ انگريز ظلم تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن ته مان حيدرآباد موٽي ويس.
حالات جيڪو رخ اختيار ڪيو هو، تنهن مون کي بيحد رنجايو. منهنجا پنهنجا مون کي مهڻا ڏئي رهيا هئا. هو چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن شروع ۾ ئي آءٌ انگريزن کي ملڪ ۾ گهڙڻ نه ڏيان ها ته هو اڄ هن طرح ظلم جو شڪار نه ٿين ها.
جيڪڏهن منهنجي وڙهڻ جي مرضي هجي ها ته ظاهر آهي ته مان حيدرآباد ڇڏي وڃان ها، ۽ وڃي جبلن ۾ پناهگاهه ٺاهيان ها، جتان آءٌ مخالفانه ڪارروايون شروع ڪري ڏيان ها، پر جيئن ته منهنجو اهڙو ڪو ئي ارادو نه هو، تنهن ڪري ٻئي ڏينهن آءٌ رضاڪارانه طور تي انگريزن جي ڪئمپ ۾ ويس ۽ پنهنجي تلوار ميجر جنرل جي حوالي ڪندي چيم ته: ”اوهان لڙائي ڇو شروع ڪئي جڏهن ته آءٌ اوهان جي هر مرضي پوري ڪرڻ لاءِ تيار هوس.“ جنرل منهنجي تلوار مون کي واپس ڪندي ۽ مسڪرائيندي چيو، ”گهٻرايو نه. آءٌ پنجويهن ڏينهن اندر اوهان جو معاملو طي ڪندس.“ ۽ مزيد چيائين ته ”اوهان جو جيڪو لشڪر آسپاس موجود آهي، انهي کي برخواست ڪري ڇڏيو ۽ مير رستم خان کي گهرايو جو آءٌ ساڻس ملڻ چاهيان ٿو.“
جڏهن مون لشڪر کي برخواست ڪري ڇڏيو ۽ مير رستم خان اچي ويو ته هن کي، مون کي ۽ مير شهداد خان، جيڪو مون سان گڏ هو، اسان سڀني کي قيد ڪيو ويو. ان بعد سر چارلس، ميجر ريڊ (Major reed) ۽ ٻين انگريز صاحبن کي قلعي ڏسڻ جي بهاني سان اندر قلعي ۾ موڪلي ڏنو.
عقل وارو هي ڳالهه ٻڌندو ته وائڙو ٿي ويندو ۽ غم جي ڏندن سان پشيمانيءَ جي آڱر ۾ چڪ وجهندو، اسان جي اسيريءَ وقت اهڙي ئي صورتحال هئي. ڏسڻ جي بهاني هنن قلعي تي قبضو ڪيو ۽ تباهي ۽ ڦرلٽ کي انهيءَ حد تائين پهچائي ڇڏيو جو سپاهين جي بغلن مان هيرا ۽ جواهر ائين ڪري رهيا هئا، جيئن واريءَ جا ڪڻا!
انگريزن جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن مير، ميرمحمد خان قيد ڪيو ويو ۽ انهيءَ جي ٻئي ڏينهن مير صوبدار خان کي قلعي مان (گرفتار ڪري) ٻاهر آندو ويو ۽ ساڳي طرح قيد ڪيو ويو. انهيءَ کانپوءِ مير فتح علي خان ۽ مير محمد علي خان (مير صوبدار خان جا پٽ) ۽ مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان (منهنجا پنهنجا پٽ) به قلعي کان ٻاهر ڪڍي آندا ويا، جتي آءٌ هوس. خاص طور تي منهنجي پٽن کي ته اهڙي ڏتـڙيل حالت ۾ آندو ويو جو انهن کي نه پٽا ٻڌل هئا، نه تلوارون لٽڪي رهيون هيون ۽ سونن سنجن سان گهوڙا جن تي هو چڙهي آيا هئا سي به کسيا ويا ۽ جيتوڻيڪ نوجوانن اهي واپس وٺڻ لاءِ گهڻي ڳڻتي ڏيکاري، تڏهن به اهي واپس نه ڪيا ويا، سمورو سون ۽ قيمتي سامان پيتين ۾ بند ڪري بمبئي موڪليا ويا. هي ڌاڙو قريباً ارڙهن ڪروڙ روپين جي ماليت جو هو.
مصيبتن جي انتها جا تفصيل بيان ڪرڻ بيڪار آهن. اسان جا گلم غاليچا چادرون ۽ پائڻ جا ڪپڙا سڀ کڻي ويا. انگريز صاحبلوڪن اسان کي انهن ڪتابن کان به محروم ڪري ڇڏيو، جيڪي اسان وندر لاءِ پاڻ وٽ رکيا هئا، جيڪي اسان جي مقدر ۾ لکيل هو سوئي ٿيو آهي. آءٌ لارڊ ايلنبرو جي شڪايت نٿو ڪريان، نه وري چارلس نيپئر يا ٻئي ڪنهن انگريز حاڪم کان مون کي ڪا شڪايت آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي قسمت ئي اهڙي هئي. اهو منهنجي مقدر ۾ لکيل هو ته جن کي مون دوست بنايو سي ساڳيا منهنجا ويري ٿيا. سائينءَ کي ساراهه جڳائي، آءٌ هي بيان اجايو اينگهائيندو رهان، تنهن کان ائين چوڻ ڪافي آهي ته پهريائين اسان کي قيديءَ جي حيثيت ۾ بمبئي موڪليو ويو، اتان ساسور (Sasur) جتان فقط مير شهداد خان اڪيلو سورت موڪليو ويو. هڪ سال گذرڻ بعد اسان کي ڪلڪتي آندو ويو.
حيرت جي ڳالهه جو بمبئي جي گورنر کانسواءِ ٻئي ڪنهن سرڪاري ماڻهو اهو نه پڇيو آهي ته اسين ڪير آهيون ۽ اسان ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو هن انجام جا مستحق ٿيا آهيون!
خادم علم
صفدر حسين ميرزا ”سيفي“