درد انگيز سفر نامه ”جعفري“

ڪتاب جو نالو درد انگيز سفر نامه ”جعفري“
ليکڪ مير محمد نصير خان ٽالپور ”جعفري“
سنڌيڪار / ترتيب صفدر حسين ميرزا ”سيفي“
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-011-1
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (791) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     71115   ڀيرا پڙهيو ويو

درد انگيز سفرنامهءِ ”جعفري“ (حصه اول)


بَنامِ خدائي که جَان آفريد اَزُو گُشت سختي و نَرمي پَديد
خدا جو وٺان نام جنهن خلقي جان ٿي ان کان ئي سختي ۽ نرمي عيان
فِرستاد و از لطفِ پيغمبران که گُمره نگرديد تا اِنس و جان
مڪو سڀ نبين کي ان لطف سان ته گمراه ٿئي ڪو نه ڪو انس و جان
محمد اَزان جُملگي بَرگذيد که چُون اُو بعالم نَشد کس پَديد
محمد ڪيئين هر انبيا کئون ڀلو نه ان جهڙو ڪو خلق ۾ ٻيو ٿيو
محمد نبي و رسولِ خدا شفيعِ الامم، رهبر و پيشوا
محمد نبي و رسول خدا شفيع الامم رهبر ۽ پيشوا
وَصيش علي مرتضيٰ شاه دين که باشد اميرِ هَمه مومنين
وصي ان جو حضرت علي مرتضيٰ امير آهي سڀ مومنن جو سدا
هَمه آل آن شاهه با عِز و شَان امام اَند بَر جمله اِنس و جان
انهي شاهه جي آل ذي احتشام ٿيا انس ۽ جان جا سڀ امام
هَزاران دُرود از جَهان آفرين بُوَد برهمه آلِ آن شاهه دين
هزارين درود ۽ هزارين سلام هجن آل تي تان سدائين مدام
کُنُون بَاز گردم سُوي داستان زِ حالِ غمِ خود نُمَـايم بيان
لکان هاڻي پنهنجو ٿو هت داستان ڪريان غم ڀريو حال پنهنجو بيان
اگرچه بُوَد سَر گذشت اين بَسي که جُز مَن نداند مَر اُو را کسي
اها سر گذشت آهي توڻي وڏي نه مون ري ٿو ڄاڻي ڪو ٻيو واقعي
زِ گَرديد نُه چرخ ناپائدار بَديدم بَسي سختي روزگار
فلڪ بي بقا جي ڪا گردش بڻي مٿم جنهن کان آئي هئي سختي گهڻي
ز دستِ کسانيکه اَز دستِ خويش پيءِ راحتِ خويش کَرديم پيش
هٿان تن جي جن کي هٿن پنهنجي ساڻ رکيو سون اڳيان پنهنجي راحت جي ڪاڻ
که بَـاشند پَيش بَدِيها سِـپَر بَبَاشِيم مَـا شَاد هَم بي خطر
ته دشمن کان بنجن اسان لئي سپر رهون شاد ٿي ساڻ سک بي خطر
که بَاشد بَسي سَايه شانِ کَلان بَبَاشِيم اَيمَن زِ شرِ جهان
جو پاڇو انهن جو ڊگهيرو هجي سلامت رهون ڏک پريرو هجي
به بَرعکس شُد آنچه اُميد بُود زِيان شُد پَديدار بر جاي سُود
مگر سو ته ابتڙ اميدن جي ٿيو عوض فائدي جي ئي ڇيهو رسيو
بَجاي شکر صَبر آمد پَديد چُنين دوستي کس نَديد و شُنيد
عوض کنڊ جي ايريو مليو سر بسر ڏٺي نيءَ ٻڌي اهڙي سنگت مگر
دَرختِ وَفا را که کِشتَم چُو جَان هَمه بَار اُو نقصِ آمد زِيان
رکيو وڻ وفا جو هو مون چاهه سان ٿيو ڦل ڇيهي جو پيدا انهيءُ مان
بَجَاي عَسَل سرکه دَر کام شُد بشُد عزت و نَام بَدنام شُد
پيو سرڪو چٽڻو سو ماکي بدل ٿيو نانءَ بد، پهتو عزت خلل
چُنِين گُفت دَاناي پَيشِين نِـيز مَر اِين بَـيت خوش را بَراي تَميز
چڱي اهڙي داناءُ چئي آهي چيز سٺو بيت سو آهي ڪارڻ تميز
وَفا کِشتَم و جَور بَرداشِتَم ثَمر دَاد تُخم که مَن کاشِتَم
وفا پوکي مون درد جو پاتو ڦل جو پوکيو مون ٻج تنهن اهو لاتو ڦل
خَزانه که مي بُود هَشتَاد سال نَوَدند آن جُملگي پَـائمال
خزانو اسان جو، اسي سال جو ڪيائون سمورو ئي پامال سو
هَمه ملک و دولت بَبَرباد شُد دلِ شَاد زِين دَردِ نَاشاد شُد
سڄو ملڪ دولت ويل برباد ٿي انهيءَ کان ئي دل شاد، ناشاد ٿي
زِ بَعدِ جَفا و سِتم بِيکَران زِ مُلکَم کَشِيدَند اِين سُو رَوان
پڄاڻان جفا ۽ ستم بيڪران وطن کان ڪيئون مون کي ٻاهر روان
نُخُستِين چُو دَر ”بمبئي“ آمديم يَکي ماه آن جَايِگه دَم زَدِيم
رسياسون اول بمبئيءَ ۾ جڏهن اتي هڪ مهينو رهياسون تڏهن
نِـشتن نَدادَند آنجاي هَم رَوانه بگشتيم با دَرد و غَم
رهڻ ات ڏنائون زياده نه دم روانا ٿياسون کڻي دل جو غم
سواره بِگشتيم هَنگام شَام بکشتي که باشد ”بتيله“ بنام
چڙهياسون پوءِ ٻيڙيءَ ۾ سڀ وقت شام بتيلو سو جنهن جو چيائون ٿي نام
شبِ تيره و موج دَرياي شور مبيناد کس اين چنين شب بکور
هئي رات اونده، هو دريا ۾ شور ڏسي شل نه ڪو رات اهڙي ڪٺور
بهر موج گشته قيامت پَديد بخواب اندرون کس چنين شب نديد
ٿي هر موج سان ٿي قيامت پڌر نه شب اهڙي سپني ۾ آئي نظر
نه کشتي که بل بود جاي عَذاب نه بد خُوردني و نه بد جاي خواب
بتليون نه هو، پر هو هڪڙو عذاب نه کاڌي جو هو ساءُ، نه هئي جاءِ خواب
همان شب که ميبود چون اَهرمن چنين گفت ”مير محمد“ بمن
اها رات هئي مثل ڄڻ اهرمن پڇيو مير محمد اتي منهنجي ڪن
بداينسان کجا ميبرند اين چنين بگفتم که خوفي نباشد درين
ته ڪيڏانهن وڃن ٿا وٺيو اهڙي پر چيو مانس، ڀائو! نه ڪو خوف ڪر
”حسين علي“ بدهمان شب بخواب بزانوي من تا که شُد آفتاب
حسينِ علي ننڊ ڪئي ساري رات صبح تائين گوڏي مٿان ڇپچپات
همه شب بياد خداي مجيد ببودم تا صبح صادق دميد
اسان ياد حق کي سڄي رات ڪيو انهيءَ حال ۾ صبح صادق به ٿيو
پس از يک دو ساعت بخشکي ز آب رَسيديم با رنجها و عذاب
ڇڏيوسون پوءِ ٿورن ڪلاڪن ۾ آب سڪي تي رسياسون سهي سڀ عذاب
بشهري که ”پنويليش“ بود نام نموديم يک روز آنجا قيام
انهيءَ شهر ڏي، جنهنجو پونو هو نام رسڻ بعد هڪ ڏينهن ٿيو ات قيام
از آنجاي منزل بمنزل روان به ”پونه“ رسيديم با سوز جان
اتان منزلون منزلن جي پٺيان ڪري پوني پهتاسون ڏک سوز سان
دو روز و دو شب بودم آنجايگاه بروز سويم بر گرفتيم راه
ڪيوسين اتي ٻن ڏينهن تئين قيام ڇڏيو سون اهو ڀي ٽئين ڏينهن گام
بيامد يکي کوه در بين راه سر کوه سوده بِخورشيد و ماه
هو رستي ۾ هڪ اهڙو اوچو جبل مٿو جنهنجو سج چنڊ سان هم بغل
بدين کوه تا قلعهء کوهسار کس از ما پياده، کس از ما سوار
جبل تي چڙهياسين پوءِ قلعه جي پار اسان مان ڪي پيادا هليا، ڪي سوار
بصد محنت و رنج تا تيغ کوه رَسيديم اَز جان گشته ستوه
گهڻين مشڪلاتن سان جهاڳي جبل لٿاسون مري ۽ جهري ٿي ٿڪل
بگشتيم زان جَايگه رهگراي سُوي شهرِ ”ساسور“ محنت سراي
ٿياسون اتان پوءِ سڀ رهه گراءِ طرف شهر ساسور، محنت سراءِ
به ”ساسور“ هستيم نَاشاد کَام بطوريکه ”زين العبا“ بُد بشام
۽ ساسور ۾ آهيون ناشاد ڪام جنهين طرح زين العبا منجهه شام
به تن دردناک و بدل مستمند گرفتار ناحق بقيد و بَبَند
بدن دردناڪ ۽ دليون مستمند گرفتار ناحق اندر قيد و بند
نه آرام در شب نه راحت بروز هَمهء روز در غَم همهء شب بسوز
نه سک جي هئي شب ۽ نه راحت جو روز سڄو ڏينهن ڏک ۾، سڄي رات سوز
شب و روز نالان بسوزِ فراق ز دل طاقت جُملگي گشت طاق
شب و روز دانهون ۽ سوز و فراق سموري وئي دل جي ٿي طاقت ئي طاق
نَمي بود گر کشتن خود گناه فگندم همين خويشتن را بچاه
هجي خودڪشي جي نه ها ڪو گناهه ٽپي کوهه ۾ پاڻ ٿيون ها تباهه
نه مرگ است در کف که خود را رِها نمايم، از اين بند و قيد و بلا
نه هو موت هٿ ۾ اسان جي ڀلا جو لاهيون مٿان پنهنجي قيد ۽ بلا
به پيش خداوند عقل و هنر که مرگ است زين زندگي خوبتر
ڏنو جنهنکي ڏاتار عقل و هنر مرڻ هن جيئڻ کان هيس خوبتر
بزد در فِـراقم چو آتشکده دَرُوني تَنم شعله آتش زده
اندر منهنجي ٿي شعلا آتش ٻريا وڇوڙي کان آتش ڪده جيئن دريا
ز خونِ دلم ديدهء پُر خون شده ز هرسو روان خون چو جيحون شده
منجهان دل جي رت، اک به پر خون ٿي اچي جاري هر هنڌ جيحون ٿي
چگويم ز دردِ دلِ غمزده نه آتش که بل بود آتشکده
چوان ڪهڙو دل درد واريءَ جو حال نه هئي باهه، پر کوري جو هو مثال
ز شبهاي جمعه چگويم خبر ز سکرات مرگ اند، بس تلخ تر
جمعي رات جي آءٌ ڪريان ڇا خبر جا سڪرات جهڙي هئي تلخ تر
بسوزم هَمهء شب بسان کباب دو ديده بود همچو دو جوي آب
پچان رات ساري، پچي جيئن ڪباب وهن ٻئي اکيون، ڄڻڪ نهرون پر آب
شبِ جمعه از مرگ باشد گران چو ماهي که بي آب باشد طَپان
جمعرات ڄڻ موت بارگران مثل ماهي بي آب تڙڦان طپان
چنين ظلمهاي که بَرما رسيد بگيتي کسي هم نديد و شنيد
اسان تي اچي ظلم جي ها رسيا نه ڪنهن هوندا جڳ ۾ ٻڌا نيءَ ڏٺا
اگر بر سرِ کوه گشتي فرود دلِ کوه گشتي زبون همچو دود
جبل جي مٿان اهڙا ڏک جي پون ته دونهان ٿي ختم ٿي وڃن
بدردِ جدائي شدم مستمند همي سوخت جانم به مثل سپند
وڇوڙي جي سورن ۾ ٿيس دردمند جليم دل ٺڪر ۾ جلي جيئن سپند
همه سبزه و باغ پيش نگاهه بنزدم بود همچو دود سياه
سڀئي باغ بستان، منهنجي نظر هئا دونهي جا ڄڻ ته ڪارا ڪڪر
ز افلاک هر گونه ديدم ستم شب و روز هَستم بدرد و الم
فلڪ کان ڏٺم، هر طرح جا ستم شب و روز ڀوڳيان ٿو درد ۽ الم
يکي غم نَباشد که دارم بسي که هرگز نديده مَـر او را کسي
نه هڪ غم، مگر غم هزارين ٿيا نه هوندا ڏٺا ڪنهن، نه اهڙا ٻڌا
دلم هست نالان ز سوزِ فِـراق شد از باز غم طاقتم جملهء طاق
ڪري دل ٿي دانهون پسيو هي فراق ڏکن کان سندم دل جي طاقت ٿي طاق
نهم ماه رمضان بد از قيد و بند بلب روزه و دل ز غمها سپند
رکيو سون ٿي منجهه قيد رمضان ۾ چپن روزو، دل درد جي ٿان ۾
بدين نوع بگذشت ماهِ صيام پديدار شد ماه هنگام شام
گذر ٿيو انهي ريت ماههِ صيام وري آيو هو ماهه ڄڻ جنگ شام
شبِ عيد ميبود اندر جهان هَمهء مردمان با دلِ شادمان
جهان ۾ رسي عيد جي رات هئي سڀن کي خوشي موج جي تات هئي
مگر ما که در زيرِ بارِ فراق ز غم طاقت صبر را کرد طاق
مگر دل اسان جي تي بار فراق ڏکن صبر جي ساري طاقت ڪئي طاق
ز دردِ جدائي دلم سوخته ز سر تا به پا آتش افروخته
جدائيءَ جي غم کان سڙي دل سندم ٿي پيرن کا سر تائين آتش لڳم
ز بيعزتي خويشتن دَر جهان همين مرگ خواهم بروز و شبان
سبب پنهنجي بي عزتي جي ڪنان گهريم موت ٿي رب کان راتو ڏينهان
چگويم هم از عيدِ روزِ سعيد پس از ليل چون صبحِ صادق دميد
سڳورو ٿيو، ڏينهن جو، عيد جو ڪريان ذڪر ڪهڙو انهي جو سڄو
نه صبحي که چون صبحِ محشر عيان نه روزي که چون دوزخِ جاودان
ٿيو صبح محشر جو ڄڻ صبح هو ٿيو ڏينهن، ڄڻ ڏينهن دوزخ سندو
هَمهء مردمان شادمان دل سپند همه در وطن ما بقيد و ببند
خوشي ۾ به ماڻهو سڀيئي هئا اهي ها وطن ۾، اسين قيد پيا
اگر شرح وارش نويسم تمام ببايد نوشتن مر اورا دوام
لکان جي مفصل اهو سارو حال ته لکڻو پوي مون کي سالن جا سال
مگر لطفِ پروردگارِ جهان که آخر کند رحم بر بندگان
مگر لطف پنهنجي سان رب ڪريم ڪري رحم ٻانهن تي پنهنجو رحيم
که اميدوارم بلطفِ خدا بحقِ محمد نبي الورا
رکون آس، رب جي ڪرم جي سدا محابي محمد نبي الورى
کند رحم بر ما ز فضل عميم رِهاند ز قيد و ز بند عظيم
اسان تي ڪندو رحم پنهنجو رحيم ڇڏائيندو هن قيد مان سو ڪريم
بحق نبي و علي شهريار بحقِ امامانِ هشت و چهار
محابي نبي ۽ علي مرتضيٰ ۽ ٻارهن امامن جي صدقي سدا
بکن ”جعفري“ شکر صبح و مسا که موليٰ علي هست مشکل ڪشا
ڪجئين ”جعفري“ صبر صبح و مسا جو حضرت علي آهي مشڪل ڪشا
که آسان کند مشکلِ ما تمام سخن که ختم کردم بر اين والسلام
ڪندو حل مشڪل اسان جا تمام ڪريان ختم هت ڳالهه ٿو والسلام