جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249212   ڀيرا پڙهيو ويو

سرگرميون


سرگرمي 1. (Activity One)

جانورن جي عجيب دنيا

هن سرگرميءَ کي ترتيب ڏيڻ جو مقصد آهي ته شاگردن کي اهو ساراهڻ ۾ مدد ملي سگهي ته جانور ڪيترا نرالا ۽ گڻائتا هوندا آهن. انهيءَ لاءِ سندن بعض عجيب خوبين ۽ صلاحيتن جو تعارف ڪرايو ويندو، جيڪي هر قسم جي جانورن ۾ هونديون آهن. پهرئين حصي ۾ شاگرد ڪجهه سچيون پر نراليون حقيقتون ڏسندا، جن ۾ جانور غير معمولي ساهواري طور چٽيل هوندا. جانورن جي خصوصيتن ۽ خاصيتن کي ڌيان ۾ رکي، ٻي ٽوليءَ جي راين سان اتفاق ڪندي يا اختلاف رکندي، ٻئي حصي ۾ شاگردن کي اها مدد ملندي ته جانورن جون ڪافي عادتون ۽ دلچسپيون اسان جهڙيون آهن. آخر ۾ ٽئين حصي ۾ شاگرد پنهنجي لاءِ اهو تصور ڪندا ته هو هڪ مخصوص قسم جا جانور آهن ۽ ايڊيٽر کي هڪ جوش ڀريو خط لکندا ته سندن گهر کي خطرو آهي.

هن سرگرميءَ جي شروعات شاگردن کان هي سوال پڇي ڪريو ته سندن نظر ۾ ڪهڙو جانور غير عام ۽ معمولي  آهي ۽ ائين سمجهڻ لاءِ ڪهڙو سبب آهي؟ سندن جواب ۾ اهي جانور جهڙوڪ ٻلهڻ، وهيل مڇي، هاٿي، ڪتا وغيره شامل ٿي سگهن ٿا، جن کي عام طور تي پسند ڪيو ويندو آهي. شاگردن کي اهو سمجهايو ته هن سرگرميءَ ۾ انهن مان ڪن جانورن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندا. پوءِ کين ٻڌايو ته کين اها به خبر پوندي ته پنهنجي پنهنجي نرالي انداز سان ڪيئن سڀئي جانور اصل استعمال نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. پوءِ سرگرميءَ جون ورڪ شيٽون شاگردن ۾ ورهايو.

جواب:

حصو 2

اها ڳالهه ڌيان ۾ رکو ته سمورا بيان/ جواب صحيح يعني هاڪاري آهن. هرهڪ بيان/ جواب جي ڇنڊڇاڻ ڪري وٺو ته جيئن اُهي شاگردن جن بيانن/ جوابن ۾ ”خبر ناهي“ لکيو آهي، تن کي سمجهائي سگهجي ۽ انهن بيانن/ جوابن تي بحث ٿي سگهي ٿو، اُهي پوري طرح سمجهيا ئي نه هجن. بحث کي زور وٺائڻ لاءِ هيٺيان واقعا استعمال ڪريو.

  • بعض هرڻن جا اهڙا ڪئين واقعا آهن جي ٻين نابينا جانورن لاءِ ”اک“ جو ڪم ڏين ٿا.
  • هاٿين جي باري ۾ مشهور آهي ته هو پنهنجي مئل هاٿيءَ جي تيستائين حفاظت ڪندا رهندا آهن، جيستائين ٻيا هاٿي سندس آخري ديدار ڪري نه وٺن.

هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ ۽ منهن سان ڇهي آڌر ڀاءُ ڪرڻ آمريڪا جي تربيت يافته چراگاهي ڪتن جي خاص عادت آهي.

پکين جا بعض نسل مٽي ۽ ٻوٽن جي مدد سان پنهنجن ڀڳل هڏين جي جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن.

حصو 3

شاگردن جي انفرادي تجربن ۽ صلاحيتن مطابق سندن جواب مختلف هوندا. اوهين چاهيو ته ڪجهه اخبارن جا نالا تجويز ڪري سگهو ٿا، جن ڏانهن شاگرد خط لکي سگهن. خط لکڻ ۾ شاگردن جي انفرادي طورر تي مدد ڪريو.

  • پوئواريءَ جون سرگرميون (Follow-up Activities)
  1. شاگردن ۾ اهو اُتساهه پيدا ڪريو ته هو پنهنجي پسند جي جانورن جا پنج عجيب واقعا ٻڌائين ۽ ڪلاس جي ٻين شاگردن سان گڏجي بحث ڪن. جيڪڏهن هو چاهين ته انهيءَ جانور بابت پرولي به تيار ڪري سگهن ٿا، جيئن سرگرمي 1 جي حصي 2 ۾ ٻڌايل آهي، ته شاگردن جو امتحان وٺو ته کين انهيءَ جانور بابت، صحيح ۽ غلط ٻنهي بيانن/ جوابن سان گڏ، ڪهڙي خبر آهي.
  2. شاگردن کي ٻڌايو ته هو ڪنهن جانور کي پنهنجو مداحي خط لکن ته هو سندس هڪ صلاحيت يا خوبيءَ کي ساراهين ٿا ۽ اُهو خط ڪلاس ۾ پڙهي ٻڌائين.
  3. شاگردن کي هڪ تصوير ٺاهڻ ۾ مدد ڪريو، جنهن ۾ هن سرگرميءَ ۾ ٻڌايل ڪنهن هڪ عجيب خوبيءَ جو چٽ چٽيل هجي.

کين اهو به ٻڌايو ته انهيءَ تصوير جي هيٺان انهيءَ خوبيءَ جي باري ۾ لکن ۽ پوءِ پنهنجين ٺاهيل تصويرن کي نوٽيس بورڊ تي لڳائين.

(2) سرگرمي 2. (Activity Two)

جانور ۽ انهن جا احساس

هن سرگرميءَ کي ترتيب ڏيڻ جو مقصد آهي ته ٻارن جي عقل ۽ فهم ۾ اضافو ٿئي ته جيئن هو اهو احساس ڪري سگهن ته جانورن ۾ به اسان جهڙيون ڪئين هڪجهڙيون ڳالهيون آهن ۽ هو به اسان جهڙا ساهوارا آهن ۽ احساس رکن ٿا، جن سان عزت ۽ رحم سان پيش اچڻ گهرجي، چاهي اسان کان ڪيترائي ننڍا يا اوپرا ڇو نه لڳندا هجن. جانورن کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ سندن احساسن ۽ ضرورتن کي سامهون رکي، هن سرگرميءَ جي شروعات اينا سِويل (Anna Sewell) جي 1877ع ۾ لکيل ڪلاسيڪي ناول (Black Beauty: The Autobiography of a horse) (سياهه سونهارو: هڪ گهوڙي جي آتم ڪهاڻي) سان ڪريو، جنهن جو هڪ حصو شاگردن کي پڙهڻ لاءِ ڏنو ويندو. هن حصي ۾ ”جنجر“ نالي هڪ گهوڙي، انسانن سان ملندڙ جُلندڙ پهرئين اڻ وڻندڙ تجربي جي ڪهاڻي ”بلئڪ بيوٽي“ نالي گهوڙي کي ٻڌائي ٿي. هڪ جانور جي نڪته نظر کان لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو احساس ڏياريو ويو آهي ته جانور به محبت، ڏک ۽ مايوسيءَ جي تجربن مان گذرن ٿا.

حصي 1 مان وري شاگردن کي چيو وڃي ته هو تصور ڪن ۽ مختلف پس منظر رکندڙ ٽن جانورن جا احساس نوٽ ڪن. حصي 2 ۾ شاگرد مختصر ڪهاڻي لکندا، جيڪا سندن پسند جي ڪنهن جانور جي نگاهه ۾ ”جيڪڏهن منهنجون ٽي خواهشون“ جي عنوان سان لکي ويندي. شاگرد پنهنجين ڪهاڻين ۾ تصويرون به ٺاهي سگهن ٿا.

اوهان انهيءَ سرگرميءَ جو تعارف، شاگردن کي بحث ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏيئي به ڪري سگهو ٿا، جيڪو انهيءَ جانور ساٿيءَ جي احساسن تي مرڪوز  هوندو، جنهن کي هو سڃاڻندا هجن، جهڙوڪ ڪو ڪتو، ٻلي ۽ ڍڳي. کانئن پڇو ته جيڪڏهن ڪنهن جانور کي پنهنجو احساس ڏيکارڻو هوندو آهي ته هو ڪهڙو اشارو ڪندو آهي، جيئن ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي ڪندا آهن؟ جنهن جانور جي باري ۾ خبر هجي، اُن بابت بحث کان پوءِ شاگردن کي ٻڌايو ته  ٿي سگهي ٿو ته ٻيا جانور به، جن جي باري ۾ کين خبر ناهي، جهڙوڪ ننڍڙي ڪوئي کان وٺي وڏي وهيل مڇي تائين، ساڳئي تجربي مان گذرندا هجن، پوءِ انهن ۾ سرگرميءَ جي ورڪ شيٽ ورهايو.

حصو-1

جواب مختلف ٿي سگهن ٿا. جوابن جا نمونا هي ٿي سگهن ٿا: (1) خوش، (2) مطمئن، ٿورائتو (3) پريشان، ڦاٿل (4) اڪيلو، ڊنل، گهٻرايل، ڏکويل.

حصو- 2

شاگردن جي انفرادي تجربن ۽ صلاحيتن مطابق جواب به مختلف هوندا. پڪ ڪريو ته شاگردن ڪهڙي جانور جي نڪته نظر کان آتم ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ پنهنجون ”ٽي ڪهاڻيون“ لکيون آهن.

  • پوئواريءَ جون سرگرميون (Follow-up Activities)
  1. شاگردن کي ٻڌايو ته ”بلئڪ بيوٽي“ (سياهه سونهارو) مان کنيل حصي تي غور ڪن ۽ بحث ڪن. کين صلاح ڏيو ته پنهنجي طرفان ڪهاڻي اڳتي وڌائين ۽ ڪهاڻي پوري ڪري ڪلاس کي ٻڌائين.
  2. شاگردن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي گهر ۾ پاليل جانور يا پنهنجي دوست يا رشتيدار جي گهرو جانور تي نظر رکن ۽ ان بابت هڪ مشاهداتي ڪتاب جوڙين. انهيءَ لاءِ هو پنهنجي پاڙي جي ڪنهن ڪتي يا ٻليءَ تي به نظر رکي سگهن ٿا. انهن جانورن تي ڪافي ڏينهن تائين نظر رکڻ کانپوءِ ڏسن ته سندن رهڻي ڪهڻي ۽ روزاني اُٿ ويهه جي ڪمن ۾ ڪو رنڊڪ ته نٿو وجهي. شاگردن کي گهرجي ته هو اهو به ڏسن ته سندن وهنوار ۾ ڪو فرق ته نٿو اچي. اهو فرق جدا جدا وقتن تي جڏهن کين پارڪ ۾ گهمائڻ وٺي وڃجي ۽ کائڻ لاءِ وڌيڪ کاڌو ڏنو وڃي ته اوهان محسوس ڪري سگهو ٿا ته هو پنهنجا احساس ڪيئن ظاهر ڪن ٿا.
  3. هر شاگرد جي همٿ افزائي ڪريو ته هو لائبرريءَ مان ڪتاب وٺي، ڪنهن جانور جي نسل تي تحقيق ڪري يا بنان روڪ جي سندن فطري رهڻي ڪهڻي جو مشاهدو ڪري. شاگرد انهيءَ جانور جي چونڊ ڪري سگهن ٿا، جنهن کي سرگرميءَ جي حصي 2 ۾ لکڻ لاءِ چونڊيو ويو هو، يا ٻيو ڪو به جانور ٿي سگهي ٿو. شاگردن کي صلاح ڏيو ته سندن تحقيقي ڪم جانور جي جسماني خصوصيتن جي بدران سماجي روين ۽ ضرورتن بابت هئڻ گهرجي. پوءِ کين چئو ته هو پنهنجي تحقيقي ڪم جي رپورٽ ڪلاس کي پڙهي ٻڌائين.
  4. جانورن ۽ سندن احساسن تي ادبي نظر وجهڻ لاءِ، شاگردن کي ٻڌايو ته هو چار سچيون ڪهاڻيون پڙهن، جيڪي کين ”جانور ۽ انهن جا احساس ii پڙهڻ لاءِ مواد جو يونٽ (ائنيمل اينڊ ديئر فيلنگس ii اي ريڊنگ يونٽ) ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون، ۽ پوءِ لکڻ جي ڪم جي تياري ڪن.

(3) سرگرمي 3 (Activity Three)

بدلجندڙ وقت سان خيال به بدلجن ٿا.

ٽين سرگرمي انهيءَ ڳالهه تي مرڪوز آهي ته هاڻي ڪيئن رحم دل ماڻهن محسوس ڪيو آهي ته اسان جانورن کي قديم زماني کان ئي پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آهي. کين اها خبر ناهي ته جانور به پنهنجو ڏک ۽ خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسان وانگر ئي پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندا آهن. حصي 1 ۾ شاگردن کي مزاح سان ڀرپور تاريخي عنوان وارو هڪ ٽائيم ٽيبل ملندو، جيڪو کين اُهو چوڻ لاءِ همٿائيندو ته ڪيئن وقت سان گڏ نون تجربن اسان کي پنهنجي فائدي لاءِ آهستي آهستي جانورن جي استعمال جي خاتمي بابت ٻڌايو آهي. حصي 2 ۾ اُهي مختلف طريقا ڏيکاريا ويا آهن، جن ۾ اڄ به جانورن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته هو جانورن جي استعمال جي خاتمي لاءِ پنهنجي طور تي سوچين، جيڪو لاڳيتي نون طريقن جي استعمال ڪرڻ سان ٿيندو.

اوهان هن سرگرميءَ جي شروعات رضاڪارن کي اهو چئي ڪري سگهو ٿا ته هو اهو ٻڌائين ته اُهي ڪهڙا ڪم آهن، جيڪي قديم زماني ۾ جانورن کان ورتا ويندا هئا ۽ اڄ به ورتا وڃن ٿا. پوءِ کين اهو ٻڌايو ته انهن مان ڪيترن ئي ڪمن جي ضرورت اڄ نه رهي آهي. پوءِ شاگردن کي اهو ٻڌايو ته هو اِن باري ۾ سوچين ته ائين ڇو آهي ۽ پوءِ سرگرميءَ جي ورڪ شيٽ کين ڏيئي ڇڏيو.

جواب

حصو-1

  • جوابن ۾ لفظ هوبهو ساڳيا نه هوندا. جوابن جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا.
  • سال قبل مسيح ابتدائي دور جي ماڻهو پنهنجي ضرورت جون شيون پٿر مان ٺاهڻ شروع ڪيون، اُن کان اڳ هو انهن شين لاءِ هڏا استعمال ڪندو هو.
  • سال قبل مسيح قديم مصرين ۽ ٻين تهذيبن جي ماڻهن جانورن جي کلن بدران ململ/ سوٽي ڪپڙي جو استعمال ڪيو.
  • 1860ع ۾ ڏيئا ٻارڻ لاءِ ماڻهن وهيل مڇي ۽ ٻين جانورن جي چرٻي يا سڻڀ بدران پيٽرول جو استعمال شروع ڪيو.
  • 1903ع ۾ موٽر گاڏين جي گهڻي انداز ۾ تيار ٿيڻ سان، آهستي آهستي جانورن کان گاڏيون ڇڪڻ جو ڪم وٺڻ گهٽجي ويو.
  • 1960ع ۾ مصنوعي ڌاڳي جي ٺهڻ سان نرم ۽ وڻندڙ ريشمي ڪپڙي جون پوشاڪون ممڪن ٿي سگهيون.
  • 1980ع ۾ ڪمپيوٽر جي مختلف قسمن جي وجود ۾ اچڻ سان ماڊلنگ ۽ تحقيقي ڪمن ۾ سهوليت پيدا ٿي ۽ جانورن جي ڪمن ۾ گهٽتائي آئي.
  • 1990ع ۾ جديد فوٽوگرافيءَ جي مشينن جي استعمال سان جانورن کي تنگ ڪرڻ، ڇيڙڻ ۽ ماحوليات کي گدلو ڪرڻ بنان، سندن فلمون ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهيون.

حصو 2

جواب مختلف ٿي سگهن ٿا. جوابن جا نمونا هيٺ ڏنل آهن.

(1) تجربن لاءِ ڏيڏرن يا ٻين جانورن جي پلاسٽڪ يا ڪمپيوٽر ماڊلن جو استعمال

(2) فقط اهڙن سرڪسن ۾ وڃڻ جتي  ماڻهو ڪم ڪندا هجن ۽ تفريح لاءِ فلمون ڏسڻ.

(3) جانورن جي گوشت واپرائڻ بدران سويابين يا ٻين ڀاڄين مان نڪتل پروٽين مان نوان کاڌا ٺاهڻ يا روايتي اضافي  پروٽين وارن ٻوٽن مان کاڌا تيار ڪرڻ جهڙوڪ مصالحيدار ڀاڄيون وغيره.

(4) جانورن کي نقصان پهچائڻ بدران مصنوعي اُن، کلن ۽ کنڀن مان ڪپڙو تيار ڪرڻ.

پوئواريءَ جون سرگرميون (Follow-up Activities)

  1. شاگردن کي ٻڌايو ته هو انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪن ته جنهن جانور تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، انسان انهيءَ جو استعمال ڪهڙي طريقي سان ڪيو آهي. هو انهن طريقن ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهن ٿا، جنهن سان انهيءَ جانور جو غير ضروري استعمال ختم ڪري سگهجي. هو ماڻهن کي ڪهڙي طرح سمجهائيندا ته هو جانورن جي بدران انهيءَ تبديليءَ تي عمل ڪن.
  2. ڀاڄين جو استعمال گوشت کائڻ جو نعم البدل آهي. شاگردن کي ٻڌايو ته هو ڀاڄيون تيار ڪرڻ جا طريقا ۽ پروٽين، وٽامن، ڪئلشيم ۽ معدنيات پيدا ڪندڙ ٻوٽن بابت معلومات حاصل ڪن.
  3. گروهي بحث جو انتظام ڪريو ۽ انهن ممڪنه طريقن تي بحث ڪريو، جيڪي اڃا به جانورن تي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تصور ڪري سگهجي.

(4) سرگرمي- 4 (Activity Four)

انساني احساسن کي جاڳايو

هن آخري سرگرميءَ ۾ شاگردن سان پنجن صورتحالن جو تعارف ڪرايو وڃي. هن سرگرميءَ ۾ کين اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته جانورن جي ضرورتن ۽ احساسن بابت جيڪا کين ڄاڻ آهي، انهيءَ تي عمل ڪري ڏيکارين. شاگردن کي ٻڌايو  وڃي ته هو ”سونهري اصول“ (Golden Rule) تي عمل ڪن، جيڪو سموري دنيا جي اڪثر ثقافتن جو بنيادي تصور آهي ۽ جنهن جو تعلق انسان توڙي جانور جي باهمي رشتي سان آهي.

اوهان هن سرگرميءَ جي شروعات ”سونهري اصول“ کي بورڊ تي لکي ڪري سگهو ٿا. اهو ”سونهري اصول“ آهي: ”ٻئي لاءِ اُهو ئي ڪريو، جيڪو اوهين چاهيو ٿا ته ٻيا به اوهان لاءِ ڪن.“ پوءِ انهيءَ ”سونهري اصول“  کي شاگردن سان گڏ دهرايو. شاگردن کي ٻڌايو ته هو مثال ڏيئي ٻڌائين ته اهو اصول انسان ۽ جانورن جي باهمي رشتي تي ڪهڙي طرح لاڳو ٿئي ٿو. پوءِ کانئن پڇو ته انسان انهيءَ ”سونهريءَ اصول“ مطابق جانورن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي ۽ انهيءَ اصول تي عمل ڪرڻ ۾ اُهي ڪهڙي طرح ناڪام ويا آهن. رضاڪارن کان هاڪاري توڙي ناڪاري جواب حاصل ڪريو ۽ انهن ۾ سرگرميءَ جي ورڪ شيٽ ورهايو.

جواب

جواب مختلف ٿي سگهن. جوابن جا نمونا هيٺ ڏنا ويا آهن.

  1. هن سرگرميءَ ۾ شاگردن کي ٻڌايو ته ڪيئن ”سونهري اصول“ جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. مثال طور رڇ بيڪار بنجي ويو آهي ۽ سندس نسل ختم ٿيندو پيو وڃي. سندس بنيادي ضرورتن جهڙوڪ ورزش ۽ سج جي گرميءَ کان بچاءَ وغيره جو خيال نٿو ڪيو وڃي. اوهان اهو ڪري سگهو ٿا ته اوهان جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي اُن جو احوال چڙيا گهر جي عملدارن کي ٻڌايو. جيڪڏهن اوهان کي کانئن ڪو اطمينان جوڳو جواب نٿو ملي ته پوءِ اخبارن کي خط لکو.
  2. هن سرگرميءَ ۾ ٻڌايو ته ڪيئن ”سونهري اصول“ جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي. مثال طور ڪنهن شخص زخمي پکي ڏسڻ جي باوجود سندس مدد لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ايتري قدر جو هن کيس رستي تان کڻي ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچائڻ جي تڪليف به نه ورتي. انهيءَ لاءِ اوهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو پکي جانورن جي اسپتال وٺي وڃڻ لاءِ چئو يا پنهنجي مقامي جانورن جي بچاءَ واري مرڪز جي ڪارڪن کي فون ڪري مدد لاءِ گهرايو ۽ علاج ٿيڻ تائين سندس خيال رکو.
  3. هن سرگرميءَ ۾ شاگردن کي ٻڌايو ته ڪيئن ”سونهري اصول“ جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. مثال طور ڪنهن ڪتي جي بنيادي ضرورت جهڙوڪ کاڌي، پاڻي، ورزش ۽ رفاقت جو خيال سندس مالڪ طرفان نٿو رکيو وڃي. انهيءَ لاءِ اوهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ ڪتي جي مالڪ کي چئو ته اوهان پنهنجي ڪتي کي سارو ڏينهن کاڌو ۽ پاڻي ڇو نٿا ڏيو. جيڪڏهن اوهان جي چوڻ سان مٿس ڪوبه اثر نٿو ٿئي ته مقامي جانورن جي تحفظ ۽ بچاءَ واري اداري يا جانورن سان ظالماڻي رويئي خلاف جماعت (Society for the Prevention of cruelity against Animals SPCA) سان رابطو ڪريو ۽ انهيءَ صورتحال بابت سموريون ڳالهيون کين ٻڌايو، جن جي باري ۾ اوهان کي خبر آهي.
  4. هن سرگرميءَ ۾ شاگردن کي ٻڌايو ته ڪيئن ”سونهري اصول“ جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. مثال طور ڪنهن ڪڇونءَ کي سندس قدرتي گهر مان ڪڍيو ويو آهي. کيس نه رڳو بي گهر ڪيو ويو آهي، پر پنهنجن ساٿين کان به الڳ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سندس زندگيءَ کي خطرو ٿي پيو آهي. انهيءَ لاءِ اوهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ جنهن ماڻهو ڪڇونءَ کي پڪڙيو آهي، کيس چئو ته هو احتياط سان کيس سندس اصلوڪي گهر ۾ ڇڏي اچي.
  5. هن سرگرميءَ ۾ شاگردن کي ٻڌايو ته ڪيئن ”سونهري اصول“ جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي. مثال طور ڪڪڙِ جي چوزي کي بي درديءَ سان پڪڙڻ ڪري کيس نه رڳو ايذاءُ رسي ٿو، پر گهرو زخم به رسي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ اوهان ڇا ڪري سگهو ٿا؟ اوهان انهيءَ شخص کي چئو ته هو انهيءَ چوزي کي پڪڙي کڻي وڃڻ ۾ انسانيت جو طريقو اختيار ڪري. هو جيڪڏهن ائين نه مڃي ته مقامي جانورن جي تحفظ ۽ بچاءَ واري اداري سان رابطي ۾ اچڻ گهرجي.

پوئواريءَ جون سرگرميون (Follow-up Activities)

  1. هڪ ”ابلاغي نگهباني“ (A Media Watch) جي اهتمام ڪرڻ ۾ شاگردن جي مدد ڪريو ته جيئن هو ٽي. وي ريڊيو ۽ اخبارن ۾ متعلقه واقعن جي باري ۾ رپورٽ تيار ڪري سگهن. کين ٻڌايو ته هنن جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اُن بابت هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن مقرر هنڌ تي ٻين شاگردن کي ٻڌائين.
  2. شاگردن کي صلاح ڏيو ته هو جانورن کي ايذائڻ جي رپورٽن بابت بااثرماڻهن ڏانهن خط لکڻ جو اهتمام ڪن. کين اهڙن بااثر ماڻهن جي فهرست جنهن ۾ سرڪاري عملدار، سياستدان ۽ ڪامورا اچي وڃن، ٺاهڻ ۾ مدد ڪريو ته جيئن جانورن جي ضرورتن خاطر کين خط لکي سگهجن. شاگردن کي جيڪڏهن سندن خطن جا جواب نه ملن ته کين چئو ته انهيءَ لاءِ هڪ جوابي رپورٽ تيار ڪن.
  3. شاگردن کي ٻڌايو ته هو تحقيقي ڪم ۽ خطن جو پوسٽر تيار ڪن، جنهن ۾ جانور پاليندڙ ماڻهن کي سمجهائين ته جانورن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي، انهن تيار ٿيل پوسٽرن کي نوٽيس بورڊ تي لڳايو.
  • اضافي سرگرميون
  1. مقامي چڙيا گهر يا جانورن جي پارڪ ڏسڻ لاءِ هڪ ”چڙيا گهر چڪاس جي بيروني معائني“ (A Zoo Checking Field Trip) جو اهتمام ڪريو ته جيئن شاگرد جانورن جي رهڻ لاءِ ماحول ۽ سندن جسماني حالتن جو مشاهدو ڪن ته ڇا هو اُتي پريشانيءَ وچان چڪر ڏين ٿا، لوهي لوڙهن کي چڪ پائين ٿا يا مٿن ٿيندڙ ظلم تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿا؟

شاگردن کي انهيءَ ڳالهه لاءِ همٿايو ته هو چڙيا گهر جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪو اُپاءُ وٺن ۽ اُهي جيڪي سڌارا آڻين، انهن جي فهرست تيار ڪن.

  1. پنهنجي اسڪول ”رحم دل شهري“ پاران ”رحم دل ماڻهن جي ميلي“ (Compassion Expo) لاءِ اجتماع جي اهتمام ڪرڻ ۾ ڪلاس جي مدد ڪريو. انهيءَ مقصد لاءِ ڪلاس جو سمورو وقت وقف ڪريو، جنهن ۾ جانورن جي سار سنڀال لهڻ ۽ سندن ورتاءَ بابت خاڪا پيش ڪيا وڃن ۽ معلوماتي مرڪز، وڊيو ۽ مقامي جانورن جي تحفظ ۽ بچاءَ واري اداري مان مهمان مقررن جو انتظام ڪيو وڃي. پوءِ اسڪول جي سموري عملي کي پنهنجي ”ميلي“ (Expo) ۾ حصو وٺڻ لاءِ دعوت ڏيو.
  2. شاگردن کي انهن جانورن جي نسلن بابت هڪ تحقيقي مضمون لکڻ لاءِ چيو وڃي، جيڪو هنن گذريل پروگرام ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو. کين ٻڌايو ته هو جانورن جي خوبين ۽ عادتن جي باري ۾ واقفيت به انهيءَ ۾ شامل ڪن. نه رڳو اهو، پر اهو به ٻڌائين ته جانورن کي ايذائڻ يا نقصان رسائڻ ته ٺهيو پر کين مارڻو نه آهي ۽ سندن اها ڪهڙي خوبي آهي، جنهن مطابق هو اسان کي اهو ٻڌائين ٿا ته منجهن اسان وانگر ساهه ۽ احساس هوندا آهن.