جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249205   ڀيرا پڙهيو ويو

بدلجندڙ وقت سان خيال به بدلجن ٿا


(Changing Times, Changing Minds)

 

 

تاريخ شاهد آهي ته انسان جانور کي رڳو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ اسان اهو سمجهڻ ۾ اڪثر ناڪام رهيا آهيون ته جانورن جا به احساس ٿيندا آهن ۽ اُهي به ڊپ، ڏُک ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن.

حصو-1:

جيڪڏهن قديم زماني ۾ به اخبارون هجن ها ته اُن وقت اسان کي هيٺين قسمن جون سُرخيون ڏسڻ لاءِ ملن ها:

مُک سُرخيون پڙهو ۽ اندازو ڪريو ته انهن واقعن سبب انسان ڪهڙن جانورن کي گهٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هوندو:

  • غارن ۾ رهندڙ ماڻهن هاڻي هڏن جي بدران پٿرن مان اوزار ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا. لڳ ڀڳ 70،000 سال قبل مسيح.
  • گاڏي بنان گهوڙي جي روڊ تي هلي. لڳ ڀڳ سنه 1903ع.
  • اڇي ويولسو ۽ نرم مصنوعي ڪپڙو ۽ ريشمي ڪپڙي جهڙو چمڪندڙ. لڳ ڀڳ سن 1960ع.
  • فئشني پوشاڪ لاءِ لينن ڪپڙو پهرين پسند. لڳ ڀڳ 400 سال قبل مسيح.
  • هاڻي گهرن ۾ پيٽرول جا ڏيئا ٻرندا، نه ڪي وهيل مڇيءَ جي چرٻي. لڳ سڳ سن 1860ع.
  • ڪمپيوٽر جي ماڊلن جي پٺيان محققن جي ڊوڙ. لڳ ڀڳ سن 1980ع.
  • هاڻي جهنگ جي سير ۾ بندوق جي جاءِ ڪئمرا ورتي. لڳ ڀڳ سن 1980ع.

حصو- 2

جانورن لاءِ پيار ۽ محبت وڌڻ جي باوجود انسان طرفان پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ انهن جو استعمال جاري آهي. هيٺ ڄاڻايل جانورن جي استعمال کي پڙهو ۽ انهن سان دوستي رکندي اهو ٻڌايو ته منجهانئن هرهڪ جو نعم البدل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ ڪاغذ تي لکو.

  • ڪلاس ۾ ڏيڏرن جي چيرڦاڙ.
  • جهنگلي جانورن جهڙوڪ: رڇ، باندر ۽ نانگ کي ڦاسائي، انهن جو تماشو ڪرڻ.
  • جانورن کي ماري کائڻ لاءِ پالڻ.
  • کنڀ، اُنَ ۽ چمڙي حاصل ڪرڻ لاءِ جانورن کي مارڻ.