جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249195   ڀيرا پڙهيو ويو

رحم دل شهري


(Compassionate Citizen)

 

ڪنهن به قوم جي عظمت ۽ اخلاقي ترقي انهيءَ ڳالهه مان پرکي سگهجي ٿي ته اُها جانورن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿي. مهاتما گانڌي:

استادن ڏانهن خط

محترم استاد

اسين اهڙي دنيا  ۾ رهون ٿا، جيڪا قدرتي سونهن سان ڀري پئي آهي، جنهن قدرتي دنيا سان اسان جو قريبي تعلق آهي، جانور به انهيءَ دنيا جو حصو آهن، پر جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورائينداسين ته اسان کي سُڌ پوندي ته انسان جانورن کي رڳو استعمال جي شيءِ سمجهيو آهي. هن ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو آهي ته جانورن ۾ به نه رڳو ساهه هوندو آهي، پر احساس به هوندا آهن. اڄ اسين ڊاڪٽر جين گُڊآل (Dr. Jan Goodall) جهڙن فطرت پسندن جا ٿورائتا آهيون جو هاڻي سمجهڻ لڳا آهيون ته جانورن جون صلاحيتون اسان جي سوچ کان به مٿي آهن ۽ اُهي به اسان وانگر اتساهه، تڪليف ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن.

اڄ جي نوجوان نسل ۾ جانورن لاءِ همدرديءَ جو احساس جاڳائڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته انهيءَ سان سندن اندر ۾، سموري انسان ذات سان گڏ، سڀني جانورن لاءِ همدردي پيدا ٿيندي ۽ هو تشدد پسنديءَ کان پاسو ڪندا. انهيءَ ڪري اهو بيحد ضروري آهي ته اوهان جا شاگرد اهو سمجهڻ سکي وٺن ته هِن ڌرتيءَ تي اسين جن جانورن سان گڏ رهون ٿا، اُهي ڪيترن ئي حوالن کان اسان کان بلڪل جدا نه آهن. ”رحم دل شهري“ (ڪمپئشينٽ سٽيزن): هيءُ پروگرام ڏيهان ڏيهه سطح تي قبول ٿيل انساني سکيا جي پروگرام جو نئون پاڪستاني نالو آهي. هن پروگرام کي اهڙي طرح جوڙيو ويو آهي جو انهيءَ مان اوهان جي شاگردن ۾ جانورن لاءِ قربت پيدا ٿيندي. هن پروگرام جو روح يا اصل مقصد بعض سرگرمين يا اعمالن جو ورجاءُ ڪرڻ آهي، جنهن سان اسان جا شاگرد، پنهنجي ذهني ۽ تحريري صلاحيتن کان ڪم وٺي، جانورن جي احساسن، جذبن ۽ انهن جي حيران ڪندڙ صلاحيتن ۽ اهليتن کي ظاهر ڪري سگهندا، بلڪ گڏوگڏ هو اهو به ڏسندا ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ انسان ۽ جانور جي باهمي تعلقات ۾ ڪهڙيون تبديليون پيدا ٿيون آهن ۽ اهڙا متبادل طريقا ڪهڙا آهن، جن جي وسيلي جانورن جي بهتريءَ کي نظر ۾ رکندي کين اڃا به لاڀائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن پروگرام جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، اسان جي شاگردن ۾ پنهنجي دنيا جي جانورن کي بهتر طريقي سان سمجهڻ جي اهليت پيدا ٿيندي ۽ منجهن جانورن کي به پاڻ جهڙي مخلوق سمجهي ساڻن عزت ۽ همدردي جو ورتاءُ ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيندو. اسان کي خبر آهي ته اسان جي اسڪول ۽ اسان جي ڀرواري اسڪول جا ٻيا اُستاد به هن پروگرام ۾ پنهنجن شاگردن کي انهن سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿ افزائي ڪرڻ چاهيندا. اسين چاهيون ٿا ته اوهان اسان جي تعليمي شين جي ڪِٽ جي انهن سان حصيداري ڪريو يا انهن جو اسان سان رابطو ڪرايو ته اُهي پاڻ اسان کان حاصل ڪن.

”رحمدل شهري“ اسڪولن ۾ استادن کي مُفت ڏنو پيو وڃي. جيتوڻيڪ هي سمورو مواد ڪاپي رائيٽ جي قانوني دائري هيٺ اچي ٿو، پر پوءِ به اوهان انهيءَ جو ڪوبه حصو يا مڪمل مواد جو نقل پنهنجن ساٿين کي ڏيئي سگهو ٿا. انهيءَ سان گڏوگڏ، مهرباني ڪري وقت ڪڍي شامل جوابي خط ڀريو ۽ اسان ڏانهن واپس موڪليو. اسين اوهانجن پيشيورانه راين ۽ صلاحن جو آڌرڀاءُ توڙي قدر ڪنداسين.

”رحمدل شهري“ هڪ وڊيو فلم به تيار ڪئي آهي، جيڪا اوهان جي شاگردن جو ڌيان ڇڪائيندي، ڇو ته منجهس عجيب جانورن، ڪارٽونن، گفتگو ۽ مزاح جي دلپسند موضوعن جا منظر آهن. ”رحم دل شهري پروگرام“ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ دستياب آهي، اهو پروگرام پوسٽرن ۽ وڊيو فلمن جي شڪل ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ انهيءَ وڊيو جي ڪاپي ناهي ۽ اوهان اُها حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري هيٺ ڄاڻايل پتي تي اي- ميل يا خط لکو.

اسان کي اميد آهي ته هن پروگرام جو استعمال ڪرڻ سان اوهان پنهنجن شاگردن ۾ اهو احساس جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ته جانور زندگيءَ جو اهڙو ئي تجربو ڪندا آهن، جهڙو اسان. اهڙي طرح اوهان پاڪستان توڙي هن دنيا کي اسان سڀني جي رهڻ لاءِ هڪ بهترين ۽ سڀاڳو هنڌ ٺاهڻ ۾ انهن جي مدد ڪندا.

مهرباني

  • رحم دل شهري (Compassionate Citizen)

تعارف (Introduction)

”رحم دل شهري“ هڪ مفت تعليمي پروگرام آهي، جيڪو اوهان جي شاگردن ۾ سڀني ساهوارن لاءِ عزت ۽ رحم جا جذبا جاڳائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي.

  • پروگرام جو هدف (Target Audiences)

هي پروگرام خاص طور تي ٽئين ۽ اُن کان مٿين ڪلاسن جي شاگردن جي استعمال لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪي زبان، فنون، سائنس، سماجي اڀياس ۽ انساني سکيا جا موضوع نصابي طور پڙهن ٿا.

  • پروگرام جا مقصد (Programme Objects)

”رحمدل شهري“ پروگرام، هيٺ ڏيکاريل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي:

(1) شاگردن جي عقل ۽ فهم ۾ اهو واڌارو ٿئي ته جانورن ۾ زندهه رهڻ جي خواهش ۽ احساس هوندو آهي، تنهنڪري انهن سان عزت ۽ رحم سان پيش اچڻ گهرجي.

(2) شاگردن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جانور به اڪثر اها ئي ضرورت ۽ احساس محسوس ڪندا آهن، جيڪي انسان محسوس ڪندا آهن.

(3) شاگردن ۾ جانورن جي عجيب خوبين ۽ لياقتن کي ساراهڻ ۾ دلچسپي وڌي.

شاگردن کي اهو سمجهائڻ ۾ مدد ملي ته ڪيئن اڳي جي ڀيٽ ۾ جانورن جي استعمال ۾ تبديلي اچي ويئي آهي، جنهن ۾ وڌندڙ ڄاڻ فني ترقيءَ جو وڏو حصو آهي.

  • پروگرام جا جُزا (Programme Components)

(1) شاگردن لاءِ چار اهڙا عملي چارٽ تيار ڪيا وڃن، جن جون نقل ٺاهي سگهجن ۽ اُهي ورڪ شيٽن جي طور تي استعمال ٿي سگهن.

(2) ”پڙهڻ لاءِ مواد جي يونٽ“ (A Reading Unit) ۾ جانورن جون چار حقيقي ڪهاڻيون شامل هونديون.

(3) استاد جي رهبر (گائيڊ) ۾ هيٺيون مواد شامل هوندو.

مقصدن جو تفصيل

  • هر عمل جو تعارف ۽ ان جي پيشڪش ۽ هر سرگرميءَ ۾ نموني طور جواب.
  • اڳ ۾ ڪيل ڪم جو جائزو ۽ پروگرام کي وسيع ڪرڻ لاءِ عملي صلاحون.

(4) ڀتين تي لڳائڻ لاءِ اهڙيون رنگين تصويرون جيڪي محرڪ جو ڪم ڏين.

(5) اوهان جي صلاحن لاءِ هڪ جوابي ڪارڊ.

مهرباني ڪري اهو ڪارڊ ڀري ضرور موڪليو ته جيئن آئندي به پروگرامن جو تفصيل اوهان کي مفت موڪلي سگهجي.