جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249206   ڀيرا پڙهيو ويو

انساني احساسن کي جاڳايو


(Making Human Choices)

 

اسين سڀ پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديليون آڻي، انهيءَ ڳالهه کي يقيني بنائي سگهون ٿا ته جانورن سان اسان جو سلوڪ همدردي وارو ۽ پيار ڀريو هوندو. اسين ٻين کي به اهو احساس جاڳائڻ لاءِ همٿ ٻڌائي سگهون ٿا. اسين انساني رشتن ۽ هڪٻئي جي لاءِ جيڪي سونهري اصول (Golden Principle) لاڳو ڪريون ٿا، اسان کي گهرجي ته اُهي جانورن سان به لاڳو ڪريون. اهو بنيادي ”سونهري“ اصول آهي:

”اوهين جيڪي پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا، اُهو ئي ٻئي لاءِ به پسند ڪريو.“

هيٺ ڪجهه مثال ڏنا ويا آهن، جن ۾ جانورن سان اُهو سلوڪ نٿو ڪيو وڃي، جيئن مٿي ڄاڻايل ”سونهري اصول“ ۾ چيو ويو آهي. هيٺ ڏنل خال ڀري ٻڌايو ته اوهين انهيءَ مثال کي ڪهڙي طرح بدلائي ”سونهري اصول“ مطابق ٺاهي سگهو ٿا.

  1. مقامي چڙيا گهر يا سرڪس ۾ اوهان ڏسو ٿا ته هڪ رڇ بنان ڇانوَ جي، تکي اُس ۾ بي مقصد چڪر پيو کائي.

(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟

(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟

  1. اوهان ڏسو ٿا ته ماڻهن سان ڀريل روڊ جي ڀرسان هڪ پکي زخمي ٿي پيو آهي ۽ ماڻهو ڏانهس بنان ڌيان ڏيڻ جي اچن وڃن پيا.

(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟

(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟

  1. اوهان اسڪول کان ايندي يا ويندي ڏسو ٿا ته هڪ ڪتو زنجير ۾ ٻڌو پيو هو ۽ ان ڪجهه کاڌو پيتو ناهي.

(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟

(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟

  1. اوهان ڏسو ٿا ته اوهان جو ويجهو دوست درياهه تان هڪ ڪڇون کڻي آيو آهي.

(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟

(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟

  1. اوهان ڏسو ٿا ته ڪو ماڻهو ڪڪڙِ جي چوزي کي اُبتو لڙڪائي کڻي وڃي رهيو آهي.

(الف) اها ڳالهه ڪهڙي طرح ”سونهري اصول“ جي خلاف آهي؟

(ب) انهيءَ صورتحال ۾ اوهان سندس ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا؟