جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249207   ڀيرا پڙهيو ويو

جانور ۽ انهن جا احساس


جانور ۽ انهن جا احساس

(Animals and their feelings)

 

 

اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ته جانور پنهنجي زندگيءَ کي ڪيئن محسوس ڪندا آهن، اسان کي ساڻن همدرديءَ جو رويو رکڻو پوندو، يعني کين چڱي طرح سمجهڻ لاءِ اسان کي سندن ضرورتن ۽ احساسن کي سڃاڻڻو پوندو. هتي جانورن سان همدرديءَ جي اظهار جو مثال اينا سويل (Anna Sewell) جي مشهور ناول (Black Beauty: Auto biography of a Horse) (سياهه سونهن جي راڻي: هڪ گهوڙيءَ جي آتم ڪهاڻي) مان کنيل هيٺ ڏنل حصا پڙهو. اهو ناول هڪ گهوڙيءَ جي آتم ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ جنجر (Ginger) نالي اها گهوڙي، بلئڪ بيوٽي نالي گهوڙي کي پنهنجن تجربن بابت ٻڌائي ٿي، جيڪي کيس انسانن جي وسيلي حاصل ٿيا هئا. ناول جا اهي حصا پڙهڻ کان پوءِ سوچيو ته ليکڪ ڪهڙي طرح جنجر ۽ سندس دُک درد کي پنهنجي ناول ۾ چٽيو آهي. ”اهو ماڻهو جيڪو اسان جي سار سنڀال لهندو آهي، هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن مون سان پيار ڀريا ٻه ٻول به نه ڳالهايا. انهيءَ مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته هو مون سان ڪو خراب سلوڪ ڪندو هو. اسان کي کائڻ لاءِ پورو چارو ملي وڃي ۽ سياري ۾ رهڻ لاءِ اجهو، هن اُن کان وڌيڪ اسان جي باري ۾ ٻيو ڪجهه ڪڏهن به نه سوچيو هو. ڪي رولو ڇوڪرا اڪثر اسان جي کوڙيءَ اڳيان لنگهندي، اسان کي پٿر هڻندا هئا، جنهن ڪري اسان کي ٺينگ ڏيئي ڊوڙڻو پوندو هو. مان ڪڏهن زخمي ته نه ٿيس، پر هڪ وڇيري جو چهرو ڏاڍو زخمي ٿي پيو هو. اُن کان پوءِ، اسان جي دلين ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته انساني ٻار اسان جا دشمن هوندا آهن.“

”مون کي اهو زمانو  ياد آهي جڏهن ساون چهچ ميدانن ۾ اسان کي ٺينگ ٽپا ڏيڻ جو چڱو موقعو ملندو هو ۽ هڪٻئي جي پويان ڊوڙڻ ۾ مزو ماڻيندا هئاسين، پر پوءِ جلدي انهن اسان کي سُڌارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي پڪڙڻ لاءِ ڪافي ماڻهو اچي ويا. اهو منهنجي لاءِ ڏکيو مرحلو هو. هڪ ڄڻي مون کي منهنجي نڪ کان ايڏي مضبوطيءَ سان جهليو جو منهنجو اصل ساهه ٿي منجهيو. پوءِ هن منهنجي ڳچيءَ ۾ زوري رسو ٻڌو ۽ منهنجي وات ۾ لوهي سيخ وجهي ڇڏي. هڪ ڄڻو مون کي رسي کان گهليندو هليو ۽ ٻئي پويان کان ڏنڊا واهڻ شروع ڪيا. انساني احساسن جو اهو منهنجو پهريون تجربو هو...“

”... مان جيڪا اُمنگن سان ٽمٽار هيس... هاڻي کليل هوا جي بدران ڪُڙهه ۾ روز بند رهڻ، مون لاءِ ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب کان گهٽ نه هو. مون کي ڏاڍا جک ۽ چٿر ايندي هئي ۽ مان آزاديءَ لاءِ ڪُڏندي هيس.“

حصو-1

اوهان آتم ڪهاڻيءَ جا ڪجهه حصا پڙهيا، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته همدردي ئي اهو بنيادي نُڪتو آهي، جيڪو جانورن جي احساسن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هاڻي هيٺ ڏنل حالتون ۽ واقعا پڙهو ۽ جتي خال ڀريو، اُتي اوهان پنهنجن احساسن جي باري ۾ لکو، جيڪي اوهان جي خيال ۾ هڪ جانور محسوس ڪندو هوندو.

  • ڪنهن ڪتي کي سخت سياري جي رات ۾ گرم ڪمري ۾ رهڻ لاءِ جڳهه ڏني وڃي ته هو محسوس ڪندو ته.....
  • ڪنهن ٿڪل ڍڳي يا گهوڙي کي رڳو انهيءَ ڪري اوچتو چهبڪ هنيا وڃن ته هو گهڻي بار واري گاڏيءَ کي تيزيءَ سان ڇڪي ته هو محسوس ڪندو ته.....
  • ڪنهن گابي کي جيڪڏهن سندس ماءَ کان جدا ڪيو وڃي ته هو محسوس ڪندو ته.....

حصو- 2:

اوهان پنهنجي تصور جو دائرو ٿورو وڌيڪ وڌايو ۽ پنهنجي پسند جي جانور لاءِ سوچيو ته اوهين اُهو جانور آهيو. هن ڪاغذ جي ٻئي پاسي انهيءَ جانور جي نُڪته نظر کان ڪهاڻي لکو، جنهن جو آڌار هجي هي موضوع: ”منهنجون ٽي خواهشون“، پنهنجي ڪهاڻيءَ کي ڪو موضوع ڏيو ۽ پوءِ ٻئي ڪاغذ تي هن ئي ڪهاڻي متعلق هڪ تصوير ٺاهيو، اُن کان پوءِ پنهنجي ڪهاڻي ۽ تصوير پنهنجي ڪلاس جي ٻين شاگردن کي ڏيکاريو.