جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     252742   ڀيرا پڙهيو ويو

جانور ۽ اُنهن جا احساس II- پڙهڻ لاءِ مواد جو يونٽ


 

شاگردن لاءِ: اهي چار ڪهاڻيون آهن، جيڪي ٻڌائين ٿيون ته جانور ڇا ٿا سوچين ۽ محسوس ڪن. ڪئين ڀيرا ائين ٿيو آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هوندو، ڪئين ڀيرا پنهنجن وڇڙيل عزيزن لاءِ رُنو به هوندو، ماڻهن سان جهيڙا به ڪيا هوندا ۽ کل ڀوڳ ۾ ٽهڪ به ڏنا هوندا، ته ڇا اهڙا موقعا جانورن جي زندگيءَ ۾ نه آيا هوندا؟

اهي چارئي ڪهاڻيون پڙهو ۽ سوچيو ته جانورن جا احساس ڪهڙا هوندا. ڇا ڪڏهن اوهان به ساڳي طرح محسوس ڪيو آهي؟ هر ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ لکي ٻڌايو ته جانورن انهن ڪهاڻين ۾ ڇا محسوس ڪيو هوندو. انهيءَ کانپوءِ، پنهنجي اُستاد جي مدد سان پنهنجي وقت جي ڪنهن واقعي کي لکڻ جي ڪوشش ڪريو، جڏهن اوهان به ساڳي طرح جانورن وانگر محسوس ڪيو هجي ۽  پوءِ اوهان اُن وقت ڇا ڪيو هو، اُهو به لکو.

اُستادن لاءِ: انهن چئني ڪهاڻين مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جانور ڪهڙي طرح انسانن وانگر احساسن کي محسوس ڪندا آهن ۽ انهن جا ردعمل به انسانن جهڙا هوندا آهن. شاگردن کي ٻڌايو ته اُهي ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاهي، پنهنجي ڪلاسن ۾ اهي ڪهاڻيون پڙهن ۽ پوءِ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪن ته انهن ڪهاڻين جي جانورن ڪهڙي طرح پنهنجا ردِ عمل ظاهر ڪيا، جيئن ڪهاڻين ۾ ٻڌايو ويو آهي. پوءِ شاگردن کان پڇو ته ڇا هنن ڪڏهن اهڙن احساسن کي محسوس ڪيو آهي. انهيءَ وقت انهن ڇا محسوس ڪيو هو ۽ سندن ردِعمل ڪهڙا هئا. شاگردن کي ٻڌايو ته هو هر ڪهاڻيءَ تي هڪ کان ٽن تائين پنهنجون يادگيريون لکن، جڏهن هنن پڻ ساڳي طرح جو تجربو ڪيو هو، جهڙي طرح انهن جانورن انهن ڪهاڻين ۾ ڪيو آهي. کين ٻڌايو ته هو انهن مان پنهنجي دلپسند يا دلچسپ يادگيري چونڊين ۽ اُن بابت ڪجهه جملا جوڙين. کانئن پڇو ته انهيءَ يادگيريءَ ۾ ڇا انهن جو ورتاءُ انهيءَ جانور يا جانورن جهڙو هو. شاگردن جي لکيل ڪهاڻين کي گڏ ڪري ڪلاس جو هڪ عجيب ڪتاب ترتيب ڏيو. ٿي سگهي ٿو ته شاگردن جي هڪ يادگار واقعي کان وڌيڪ لکڻ لاءِ حوصله افزائي ٿئي.

”رحم دل شهري“ Compassionate Citizen  جو هي سلسلو واحد تحريري سرگرمي يا واسطيدار پڙهندڙ گروهه سان لاڳاپيل اسپرنگ بورڊ جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان اهو هڪ مڪمل يونٽ جي طور تي بنائڻ چاهيو ٿا ته شاگردن کي اهو چئي سرگرمي شروع ڪرايو ته اهي جانورن جي باري ۾ پڙهندا ۽ سکندا. انهيءَ سرگرميءَ کان پوءِ، شاگردن کي بُڪ رپورٽ لکڻ لاءِ، ڪتابن جي ڏسڻيءَ مان ڪتاب چونڊڻ لاءِ چئو، جيڪا هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهي. کين چئو ته هو زباني ٻڌائين ته ڪتاب جو موضوع ڇا آهي ۽ پوءِ اُن مان ننڍو ٽڪرو کڻن، جنهن ۾ ڪنهن جانور پنهنجا احساس ظاهر ڪيا هجن. شاگردن کي ٻڌايو ته هو اهو وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌائين. ٿي سگهي ٿو ته شاگرد پنهنجا يادگار واقعا انهيءَ انداز ۾ پڙهي ٻڌائڻ چاهين.

(1) جانور زندگيءَ جا محافظ آهن. (Animals Save Lives)

اونداهي رات جي خطري مان ڪتن جي لوڌ انساني ٻار کي بچايو.

(مانٽگومري جرنل (ميري لينڊ، يو ايس اي) 31 مئي 1996ع تان ورتل)

پريس ٽرسٽ آف انڊيا مطابق، اها ڪلڪتي شهر جي 1996ع جي هڪ سياري جي رات هئي. رولو ۽ بکايل ڪتن جي هڪ لوڌ گند ڪچري جي هڪ ڍڳ ڀرسان کاڌي جي تلاش ڪري رهي هئي ته انهن هڪ ننڍي ٻار کي اُتي ويٺل ڏٺو. انهن ٻار کي سنگهيو، جيڪو سيءَ سبب روئي رهيو هو. انهن کاڌو تلاش ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ لاوارث ٻار جي ڀرسان ويهي رهيا. ٻار لاءِ ڪچري جي ڍڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيا گهڻا خطرا هئا ۽ کيس کاڌو کارائڻ ۽ گرم رکڻ وارو ڪوبه نه هو. رات تمام ڊگهي هئي. بکايل، پيشاب ۾ پسيل ۽ ڪمزور ٻار ڪچري جي ڍڳ تي سمهي نه سگهيو. ڪتا ساري رات اُتيئي ويٺا رهيا. صبح جو جڏهن هڪ عورت اُتان لانگهائو ٿي ته هن ٻار کي ڏٺو. هن اهو کڻڻ چاهيو ته ڪتن ڪو اعتراض نه ڪيو، جو انهن اهو سوچيو ته اُها عورت ٻار کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي کڻي ويندي. عورت ٻار کي پوليس ٿاڻي تي وٺي ويئي. ڪتا به گڏ ويا ۽ ٿاڻي جي دروازي تي بيٺا رهيا. ٻار جا ماءُ پيءُ نه مليا، انهيءَ ڪري کيس مدر ٽيريسا جي لاوارث ٻارن جي مرڪز ۾ پهچايو ويو.

ڪتن جون اهڙيون ڪئين ڪهاڻيون اوهان کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ملنديون. رڳو ڪتا ئي ڇو، ٻلهڻ، ڪڪڙ ايتري قدر جو ڪئنگرو به انسانن جي مدد ڪري پنهنجو نالو تاريخ ۾ درج ڪرائي چڪا آهن.

جانور ۽ انهن جا احساس II پڙهڻ لاءِ موادَ جو يونٽ

اچو ته جانورن سان ڳالهيون ڪريون!

(Talk to the Animals)

(جين ڪريگهيڊ جارج جي ڪتاب ائنيملس هُو هيوَ وَن اوَر هارٽس (اُهي جانور جن اسان جون دليون کٽيون) تان ورتل، نيويارڪ هارپر ڪالنس، 1994ع)

ڪوڪو نالي هڪ مادي بن مانَس (Gorilla) آمريڪي اشاراتي زبان سکي ورتي ۽ پنهنجي انساني ڪٽنب کي بن مانسن ۽ سندن احساسن جي باري ۾ سيکاريو.

ڪوڪو سوين لفظن جا اشارا سکي ورتا هئا. جڏهن پهريون ڀيرو هن کاڌي جو اظهار اشارن جي مدد سان ڪيو ته سندس سار سنڀال ڪندڙ فرينسن پئٽرسن کيس کاڌو آڻي ڏنو. هوءَ ايترو ته خوش ٿي جو هڪ بالٽي پنهنجي مٿي تي اونڌي رکي چرين وانگر ڦيريون پائڻ لڳي.

شروعات ۾ ڪوڪو انهن شين سان واسطو رکندڙ لفظ جلدي سکي ٿي ورتا، جيڪي کيس پسند هئا، پر انهن لفظن کي سکڻ ۾ ڪافي وقت ٿي لڳايائين، جيڪي کيس ناپسند هئا، جيئن ته بيضا کيس ناپسند هئا. تنهنڪري انهيءَ لفظ جي اشاري سکڻ ۾ کيس ٻه مهينا لڳي ويا، پر جيئن ته کيس ٻير پسند هئا، تنهنڪري اهو سکڻ ۾ کيس منٽ به مشڪل سان لڳو.

ڪوڪو کي مذاق ڪرڻ به خوب ايندو هو. هڪ ڀيري جڏهن کانئس اڇي ٽاول واري رنگ جي باري ۾ هر هر پڇيو ويو ته هن بيزاريءَ وچان ڳاڙهي رنگ جو اشارو ڏنو.(جڏهن کانئس ٻيهر پڇيو ويو ته به هن ڳاڙهي رنگ ڏانهن اشارو ڪيو، پر پوءِ شرارت وچان ٽاول مان ڳاڙهي رنگ جو هڪ ڌاڳو ڪڍي ٻڌايائين ته هي ڳاڙهو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ۽ پوءِ ڏاڍي زور سان کلڻ لڳي.

ڪوڪو کي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسڻ پسند هو. هوءَ پنهنجي ڪمري کي ڏاڍي ڌيان سان صاف ڪندي هئي ۽ پاڻ سان گڏ رهندڙ ٻين جانورن سان کيڏندي هئي. جڏهن سندس ساٿارڻ ٻلي مري ويئي ته کيس ڏاڍو ڏک رسيو. سندس ڏک دور ڪرڻ لاءِ ٻليءَ جو هڪ پونگڙو آندو ويو، جنهن جو هوءَ ڏاڍي لاڏ ۽ پيار سان خيال رکندي هئي.

ڪوڪو کي جيڪي ماڻهو پسند نه ايندا هئا، هو انهن جي باري ۾ پنهنجو اظهار بي ڌڙڪ ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن کيس ڪو ماڻهو پسند نه ايندو هو ته هوءَ کيس ”گندو ڪاڪوس“  (Rotten Toilet) چئي سڏيندي هئي. سندس هڪ ننڍي ڄمار وارو مائيڪ نالي بن مانس دوست هو. جڏهن هوءَ سندس شرارت سبب کانئس ناراض ٿيندي هئي ته کيس ”مائيڪ نٽ“ (بيوقوف مائيڪ) چوندي هئي. سندس هڪ اُستاد ’ران ڪوهن‘ جڏهن کيس سندس شرارت تي سزا ڏني ته ڪاوڙ ۾ کيس ”اسٽوپڊ ڊيول ڊيول هيڊ“ (احمق شيطان) چيو هئائين.

ڪجهه عرصي کان پوءِ فرينسن پئٽرسن محسوس ڪيو ته ڪوڪو ۽ مائيڪ جهڙن بن مانسن جي رهائش اُتي هئڻ گهرجي، جتي هو فطري طور تي رهڻ پسند ڪن، تنهنڪري اهي سڀ ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهڻ لاءِ هليا ويا، جتي ڪوڪو ۽ مائيڪ لاءِ ميويدار وڻ ۽ کيڏڻ لاءِ وڏا ۽ کليل ميدان هئا.

ڪوڪو پنهنجي ۽ پنهنجي سموري نسل جي باري ۾ اشاراتي زبان ۾ اهو ٻڌايو ته ”بن مانس نفيس جانور آهي.“

ڇا اوهان کي اها به خبر آهي؟

  • پکي مختلف پيغامن جهڙوڪ بُک، برسات، خطري ۽ مدد لاءِ جدا جدا آواز ڪڍندا آهن، ڪوئل جي ڪوڪ ته خاص طور تي برسات جي اچڻ جو پيغام آهي.
  • هڪ ئي هنڌ رهندڙ ڪُٻڙيون ٻُلهڻون ساڳيو گيت ڳائينديون آهن، جنهن لاءِ ننڍين ننڍين وسندين ۾ ماڻهو پنهنجون پنهنجون جدا ڪهاڻيون ٻڌائيندا آهن.
  • بجلي مڇيون پنهنجا اشارا ٻين مڇين کي موڪلينديون آهن، پر کين پنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي.

جانور ۽ انهن جا احساس- II پڙهڻ لاءِ مواد جو يونٽ

  1. جانورن کي به ڏک ٿيندو آهي، جڏهن سندن ڪو مري ويندو آهي! (Animals are sad when others Die!)

دامِني نالي هڪ هاٿِڻ ڪئين سالن تائين تڪليفن ڀريا ڏينهن گذاريا هئا. سندس ماءُ پيءُ ڪير هئا ۽ ڪٿي پيدا ٿيا هئا، انهيءَ بابت ڪنهن کي به خبر نه هئي. جڏهن سندس ڄمار 72 ورهيه ٿي ته کيس انهن ماڻهن جي قبضي مان ڇڏايو ويو، جيڪي کيس غيرقانوني طور شهر ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. لکنؤ  جي پرنس آف ويلس چڙيا گهر ۾ پنجن مهينن تائين رهڻ کانپوءِ، سندس دوستي ’چمپا ڪلي‘ نالي هاٿِڻ سان ٿي، جنهن کي به چڙيا گهر ۾ رهڻ لاءِ آندو ويو هو.

(ايسوسيئيٽيڊ پريس لکنؤ، ڀارت تان ورتل 16، مئي 1999ع)

چمپاڪليءَ کي نئين دهليءَ کان 500 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ مفاصلي کان، دوڌا نيشنل پارڪ کان هتي آندو ويو هو. چمپاڪليءَ کي مجبور ڪري مٿس سياحن جي سواري ڪرائي ويندي هئي. جڏهن پارڪ جي عملدارن ڏٺو ته چمپاڪلي ماءُ بنجڻ واري آهي ته اُنهن کيس چڙيا گهر ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. چڙيا گهر جي ڪارڪنن کي اها خبر نه هئي ته ماءُ بنجڻ واري هن هاٿِڻ جي سار سنڀال ڪيئن ڪئي وڃي. پر اُتي دامني جا هئي، جنهن چمپاڪليءَ کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي طور قبول ڪري ورتو. ٻئي ڄڻيون گهاٽيون سهيليون بنجي ويون. هو ٻئي هميشه گڏ رهنديون هيون، هڪٻئي سان هوريان هوريان ڳالهيون ڪنديون هيون ۽ هڪٻئي کي پيار سان سڏينديون هيون.

هاٿي ڏاڍا ملڻسار ٿيندا آهن، اهي هڪٻئي سان ڳانڍاپو قائم ڪري وٺندا آهن ۽ تمام گهاٽي دوستي رکندا آهن. هاٿي هڪٻئي جو خيال به ڪندا آهن ۽ ٻئي هاٿيءَ جي ٻچڙن جي سار سنڀال ڪندا آهن. جڏهن ننڍا يا بيمار هاٿي خطري ۾ هوندا آهن ته ٻيا هاٿي پاڻ ۾ گڏجي انهن جي مدد ڪندا آهن. جڏهن ڪو هاٿي مري ويندو آهي ته ٻيا هاٿي سندس ڪٽنب جي هاٿين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا آهن. اُهي مري ويل هاٿيءَ جي هڏن کي ڇهندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي طرح هو پنهنجي مري ويل ساٿيءَ کي ياد ڪندا آهن.

چمپاڪليءَ ۽ دامنيءَ جو رشتو سڳين ڀينرن جهڙو ٿي ويو هو. جڏهن علاج ۾ ڪنهن گهٽتائيءَ جي ڪري چمپاڪلي ۽ سندس ٻچڙي جو موت ٿي ويو ته دامنيءَ جي اکين مان لڙڪن جا جهرڻا وهي نڪتا هئا. هن کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي پاڻ کي هر ڪنهن ڳالهه کان الڳ ڪري ڇڏيو هئائين. 24 ڏينهن چڙيا گهر جي ڪارڪنن ۽ جانورن جي ڊاڪٽرن سندس جان بچائڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ورتي، پر هو بچي نه سگهي. چڙيا گهر جي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته چمپاڪليءَ جي موت سبب سندس دل ٽٽي پئي هئي ۽ هاڻي سندس زندگيءَ ۾ جيئڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڏُک جي انهيءَ گهڙيءَ ۾ دامنيءَ کي آٿت ڏيڻ لاءِ ٻيا هاٿي هجن ها ته اُهي سندس دلجوئي ڪري کيس موت جي منهن کان بچائي وٺن ها.

  • ڇا اوهان کي اها به خبر آهي؟
  • چاچي گگي نالي هڪ ٻُڍي چمپنزي کي پنهنجو ڪو اولاد ڪونه هو. هن ٻه يتيم چمپنزي ٻچڙا گود ورتا هئا، جن جا ماءُ پيءُ مارجي ويا هئا. (دي گريٽ ايپ پروجيڪٽ. پائولا ڪيويلري اينڊ پيٽر سنگر، ايڊيشن، 1993ع) (باندرن لاءِ هڪ عظيم منصوبو).
  • هاٿي اڪثر پنهنجن مرڻينگ رشتيدارن کي هيٺ ڪرڻ کان بچائي ۽ کاڌو کارائي سندن حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن ڪو هاٿي مري ويندو آهي ته اُهي سندس سوڳ ڪندا آهن ۽ بعض دفعا کيس دفن به ڪندا آهن. (وين ايليفنٽس ويپ: دي اِموشنل لائيف آف اينيملس“ (جڏهن هاٿي روئندا آهن: جانورن جي جذباتي زندگي) جيفري موسيف مئسن اينڊ سوسن مڪ ڪارٿي، 1995ع)
  • هنج پکي پنهنجي جوڙي سان زندگي ڀر ساٿ نباهيندا آهن، جيڪڏهن منجهانئن ڪو مارجي ويندو آهي ته هو سوڳ ڪندا آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته هنج پنهنجن نابينا ساٿين کي کاڌو کارائيندا آهن. (دي سولس آف اينيملس (جانورن جا روح)، گيري ڪو ولسڪي، 1991ع).

جانور ۽  اُنهن جا احساس II پڙهڻ لاءِ مواد جو يونٽ

  1. جانور به هيرو آهن (Animals are Heroes!)

نيو فائونڊلينڊ جي ”ٽينگ“ نالي هڪ ڪتي زوردار طوفان ۾ ٻڏندڙ جهاز جي 92 مسافرن کي بچايو

(ٽِم جونس جي ڪتاب ”ڊاگ هيروز“ (ڪُتا هيرو  آهن) تان ورتل، اهو ڪتاب سِيٽل: ايپيسينٽر پريس طرفان 1995ع ۾ شايع ٿيو هو).

اُها ڊسمبر 1919ع جي هڪ برفاني طوفان جي رات هئي. ايٿي نالي هڪ جهاز ڪئناڊا جي نيوفائونڊلينڊ جي ڪناري ڀرسان ٽڪرين سان ٽڪرائجي ويو ۽ سمنڊ جي لهرن کيس ٽڪرين وچ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. جهاز ۾ 92 مسافر موجود هئا. جهاز جي عملي ڪناري تي بيٺل ماڻهن ڏانهن رسو اُڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. هڪ مسافر همٿ ڪري رسي سان گڏ سمنڊ ۾ ٽپي پيو ته جيئن هو تري ڪناري تي پهچي وڃي ۽ مدد حاصل ڪري سگهي، پر سمنڊ جي لهرن کيس ڳڙڪائي ڇڏيو.

مايوسي ۽ افراتفريءَ جي عالم ۾ جهاز جي ڪئپٽن جي نظر ”ٽينگ“ تي پئي، جيڪو جهاز تي رهيل هو، ڪئپٽن کي اُميد جو هڪ ڪرڻو نظر آيو. هُن رسو ٽينگ کي ڏنو. ٽينگ سمجهي ويو ته کيس ڇا ڪرڻو آهي. هُن رسي کي پنهنجي ڏندن ۾ سوگهو جهلي، سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. سمنڊ جون مٿي کڄندڙ غضبناڪ لهرون ۽ تيز طوفاني هوا کيس ڪناري تائين وڃڻ کان روڪي رهيون هيون. پاڻي سندس اکين ۽ ڪنن ۾ پئجي رهيو هو. پر ٽينگ همٿ نه هاري. هو پنهنجي سموري طاقت سان ڪناري تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. نيٺ سندس محنت رنگ لاتو ۽ هو رسي سان گڏ ڪناري تي پهچي ويو. اُتي بيٺل ماڻهن کيس ڪناري تائين ڇڪي ورتو. انهن سندس ڏندن مان رسي ٻاهر ڪڍي ورتي ۽ اُها ڪنهن مضبوط شيءِ سان ٻڌي ڇڏي ۽ پوءِ انهيءَ رسيءَ جي مدد سان اُنهن ٻڏندڙ جهاز جي مسافرن کي بچائي ورتو. ايٿي ۾ سوار ٿيل سمورا 92 مسافر بچي ويا. تاريخ اسان کي اهو نٿي ٻڌائي ته ڪناري تي پهچڻ کانپوءِ ٽينگ ڇا محسوس ڪيو، پر اسان تصور ڪري سگهون ٿا ته جڏهن انهيءَ جوشيلي ڪُتي محفوظ مسافرن کي ڪناري تي اچي خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کي ڀاڪر وجهي ملندي ڏٺو هوندو ته سندس دل ۾ پڻ اطمينان جي لهر اُڀري هوندي. مشهور انشورنس ڪمپني لائڊس آف لنڊن، ٽينگ کي سندس بهادريءَ جي مڃتا طور هڪ ميڊل ڏنو، جيڪو ٽينگ به فخر سان سموري زندگي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي رکيو.

  • ڇا اوهان کي اها به خبر آهي؟
  • هڪ ڪتي ۽ بدڪ هڪ ڀيري هڪ ماءُ کي سندس ٻڏندڙ ٻار جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ڪئي. ”ريئل ائنيمل هيروز“، سچا پچا جانور هيرو). پال ڊريُو اسٽيونس جو 1989ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب).
  • جهنگلي جيوت جو مشاهدو ڪندڙ هڪ شخص هڪ ڀيري ڏٺو ته گينڊي جو هڪ ٻچڙو گپ ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هڪ هاٿي لڳاتار کيس ٻاهر ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مزي جي ڳالهه اها هئي ته ٻچڙي جي ماءُ ڪنهن غلط فهمي سبب هاٿيءَ تي حملو ڪري رهي هئي. (وين ايليفنٽس ويپ: دي اِموشنل لائيف آف ائنيملس)، جڏهن هاٿي روئندا آهن: جانورن جي جذباتي زندگي، جيفري مؤسيف مئسن اينڊ سوسن مڪ ڪارٿي جو 1995ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب.