جانورن جون ڪهاڻيون

ڪتاب جو نالو جانورن جون ڪهاڻيون
ليکڪ ولي رام ولڀ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     249196   ڀيرا پڙهيو ويو

جانورن جي عجيب دنيا


حصو-1: جانورن جون ڪجهه عجيب ڳالهيون

  (Amazing Animal Facts)

جانورن جي صلاحيتن ۽ عادتن جي باري ۾ اوهان جيترو وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا، اوترو ئي اوهان کي اندازو ٿيندو ته اُهي سچ پچ ڪيڏا نه عجيب ۽ پيچيدا آهن. اسين اوهان کي انهن جي باري ۾ ڪجهه اهڙيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون ٿا، جيڪي ڄاڻي اوهان سچ پچ حيران ٿي ويندا.

                ٻلهڻ (Dolfin) جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته جڏهن جهاز ٻُڏي ويندو آهي ته اُهي مسافرن کي ٻُڏڻ کان بچائڻ لاءِ اُتي پهچي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اُهي کين هزارين ڪلوميٽر پري تائين ترڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.

  • مشڪي ڍڳن ۽ ڍڳين (Musk Oxen and Cows) کي جڏهن ڪنهن خطري يا خراب موسم جو مقابلو ڪرڻو هوندو آهي ته اُهي پنهنجن گابن جي بچاءَ لاءِ گهيرو ٺاهي بيهي رهنديون آهن.
  • هاٿين جي باري ۾ مشهور آهي ته کين مصوريءَ جي فن سان ڏاڍو لڳاءَ هوندو آهي. اُهي پنهنجي سونڊ سان تصويرون ٺاهڻ، ايستائين جو ٽاريون جهلي تصويرون ٺاهيندا آهن.
  • لنگور (Orangutans) برسات کان بچڻ لاءِ وڻن ۾ ٺهيل پنهنجي ”گهر“ جي مٿان ڇپر ٺاهيندا آهن ۽ وڏن پنن کي ڇٽيءَ وانگر استعمال ڪندا آهن.
  • بلبل جهڙو بلئڪ پول وار بُلر پکي ڪئناڊا کان ڏکڻ آمريڪا تائين اُڏامي سگهندو آهي ۽ پوءِ واپس پنهنجي آکيري ۾ اچي ويندو آهي. هو پنهنجي آکيري جو هنڌ ڪڏهن به نه وساريندو آهي.
  • نر ايمپرر پينگوئن اُتر قطب جي ائنٽارڪٽڪ جي زوردار لاڳيتي ٿڌ ۾ پنهنجي ماديءَ جي بيضن جي، لاڳيتو ٻن مهينن تائين نه رڳو حفاظت ڪندو آهي، پر بنا کاڌي پيتي مٿن آرو به ڪندو آهي.
  • بجلي مڇي ۽ ايلس مڇي (Electric Fish and eels) هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ بجليءَ جي اشارن جو استعمال ڪنديون آهن.

حصو-2: جانورن جي ذهني پرک (Animal I.Q Test)

اچو ته ڏسون ته اوهان کي جانورن جي باري ۾ ڪيتري خبر آهي. هيٺ ڏنل جملا پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته جملو صحيح آهي ته ”صحيح“ واري خاني ۾ نشان هڻو، جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته غلط آهي ته ”غلط“ واري خاني ۾، ۽ جيڪڏهن اوهان کي انهيءَ جي باري ۾ ڪا خبر ڪانهي ته ”خبر ناهي“ واري خاني ۾ نشان هڻو:

  • وهيل مڇيءَ جي پيغام پهچائڻ جي صلاحيت ايتري گهڻي هوندي آهي جو جيڪڏهن ڪا وهيل اُتر قطب جي ائنٽارڪٽڪ ۾ هوندي ته هزارين ڪلوميٽر پري آمريڪا جي رياست الاسڪا ۾ رهندڙ وهيل جو آواز به ٻڌي سگهي ٿي.
  • فرانس جي ڏاکڻئي حصي ۾ رهندڙ ڪانوَن جي ٻولي، اترئين حصي ۾ رهندڙ ڪانون کان الڳ ٿئي ٿي.
  • جيڪڏهن ڪو هنج پکي (Goose)، چاهي اهو نر هجي يا مادي، زخمي ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي وڳر سان هلي نه سگهندو آهي ته ٻيا هنج سندس پاسي کان تيستائين نه هٽندا آهن، جيستائين اُهو چاق نه ٿيندو يا مرندو ناهي.
  • هرڻن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اُهي اهڙن هرڻن جا سونهان ٿي هلندا آهن، جيڪي اکين کان نابين هوندا آهن.
  • هاٿي ٻين هاٿين جي موت جو سوڳ ڪندا آهن ۽ ڏک وچان روئندا به آهن.
  • ماڪوڙيون پنهنجي ڇهڻ جي حواس سان هڪٻئي کي ڇهنديون آهن، ڄڻ هٿ ملائينديون هجن. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ذات سان سڃاڻپ جو اظهار ڪنديون آهن.
  • پاڻ ۾ لڙائيءَ کان پوءِ چمپينزي باندر (Chimpanzees) هارايل نر يا ماديءَ کي آٿت ڏيڻ لاءِ کيس ڀاڪر پائيندا آهن، ڄڻ سندس همٿ وڌائيندا هجن.
  • ڪي پکي پنهنجن زخمن ۽ ڀڳل هڏين کي جوڙڻ لاءِ مٽي ۽ ٻوٽن جي پنن ۽ پاڙن جو استعمال ڪندا آهن.
  • اهڙا سوين مثال سامهون آيا آهن، جو ڪتن انساني ٻارن کي خطري کان بچائڻ لاءِ، انهن جي حفاظت ڪئي آهي.

حصو- 3: جانورن جو منصوبو (Animal Project)

جيتوڻيڪ اسان کي جانورن جي ٻولي پوري طرح سمجهڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو، پر پوءِ به اهو ضرور چونداسين ته اهي سوچين ٿا ۽ محسوس ڪن ٿا. ڪنهن هڪ جانور جو مثال کڻو ۽ سندس قدرتي رهائش جو جائزو وٺو. پوءِ ان ڪاغذ کي اُٿلايو ۽ اُنهيءَ جانور جي نگاهه کان ”ايڊيٽر ڏانهن هڪ خط“ لکو ته کيس پنهنجي گهر جي بچاءَ جي سلسلي ۾ ڪهڙو خطرو آهي.